ڪالم / مضمون

گل گل هٻڪار

رئوف نظاماڻي صاحبَ جو شُمار سنڌُ جي اُنهن سنجيده ۽ گهڻَ ـــ پڙهين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌي اَدبَ ۽ سماجَ ڏانهن هِڪَ گهري ۽ تنقيدي نِگاههَ واري پهچَ رَکن ٿا. هُو هِڪَ ڊگهي عَرصي کان سنڌي اَدبَ سان لاڳاپيلَ مختلف موضوعن، شخصيتن ۽ ڪِتابن تي پنهنجا تنقيدي ۽ اڀياسي مضمونَ لکندو پيو اَچي، جيڪي هِنَ کان اَڳُ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن ۾ وکريا پيا هُيا، هِنَ ڪِتابَ ۾ اُنهن مڙني مضمونن مان ڪجُهه چونڊَ شامل ڪَئي وَئي آهي. هِنَ اهم ۽ سَنجيده نوعيت جي ڪِتابَ ۾ شامل مَضمونَ، موضوعن جي وِرائِٽي ۽ نظاماڻي صاحبَ جي مخصوص ڳوڙهي ۽ فڪري اندازَ سبب يقيناً وڏي اهميتَ وارا آهن.
Title Cover of book گل گل هٻڪار

ادب ـ زندگي ۽ نظريو

انهيءَ ساڳي سوال کي هن ريت به ڪري سگهجي ٿو ته ڇا زندگي نظريي جي تابع ٿي سگهي ٿي. نظريا زندگيءَ کي سمجھڻ، ان کي گذارڻ ۽ بهتر بنائڻ لاءِ ئي اچن ٿا جڏهن ته زندگي هڪ لاڳيتي حرڪت ۽ تبديليءَ جو نالو آهي، ظاهر ڳالهه آهي ته مذهب، نظريا ۽ عقيدا وقت بوقت ايندا رهن ٿا، زندگي ۾ هڪ تحريڪ پيدا ڪري، انساني تهذيب کي شاهوڪار ڪري پنهنجو ڪارج پورو ڪن ٿا ۽ تاريخ جي ڌنڌ ۾ گم ٿي وڃن ٿا.
فن، فنڪار ۽ ليکڪ لاءِ ڪمٽمنٽ ۽ نظريي جو پابند هُئڻ جو سوال ويجھي ماضيءَ جو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ سندس لاءِ اهو سوال موجود نه هو. هوُ بادشاهن جا قصيدا به لکندو هو، محبوبَ جي شانَ ۾ گيتَ به چوندو هو ۽ قدرتي نظارن جي تعريف به ڪندو هو پر هُنَ پاڻ ۽ ڪنهن ٻئي کانئس اهو سوال ڪڏهن به نه ڪيو هو ته اديب، فنڪارو ۽ ليکڪو اوهان ڪهڙي پاسي بيٺا آهيو. اهو سوال اِنهيءَ ڪري پيدا ٿيو جو بقول البرٽ ڪاميو جي ته اڄ جو اديبُ ۽ ليکڪُ هڪ اهڙي آزمائش واري صورتحال ۾ رهي ٿو جنهن جي لاءِ مشرق جا ڏاها رب سائين کان دُعا گهرندا هُئا ته هو کين اهڙي صورتحال ۾ رهڻ کان محفوظ رَکي، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اڳ آکاڙي ۾ شينهن ۽ ان جو ٿيندڙ شڪار پاڻ ۾ منهن مقابل هوندا هُئا جڏهن ته ليکڪ ۽ فنڪار ٻاهر بيهي رُڳو انهيءَ سڄي صورتحال کي ريڪارڊ ڪندو هو، جڏهين ته هاڻي اُهو ليکڪ ۽ فنڪار پاڻ آکاڙي جي اندر آهي ۽ کيس اُنهي صورتحال کي ريڪارڊ ڪرڻ سان گڏوگڏ شينهن کي به مُنهن ڏيڻو آهي.
اِنهيءَ صورتحال جي پيدا ٿيڻ جو بنيادي ڪارڻ صنعتي انقلاب ۽ اُنَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل روشن خيالي جي لهر آهي، جنهن نهايت ئي ڀرپور اندازَ ۾ مذهبي، سياسي ۽ معاشي اسٽيبلشمنٽ کي چيلينج ڪيو ۽ ماڻهن جي آڏو روايتي نظرين ۽ نظامن جا متبادل پيش ڪيا. ادب ۽ فن جي تخليق متعلق پڻ مختلف نظريا پيش ٿيا پر انهن مان ڪنهن به نظريي ۾ ايتري سگهه نه هُئي جو زندگي جي مختلف پاسن کي پاڻَ ۾ سموئي ۽ اُنهن جي نمائندگي ڪري سگهي. وڏن اديبن ۽ ليکڪن بجاءِ پاڻ کي ڪنهن هڪ نظريي جو پابند ڪرڻ جي اُنهن سڀني نظرين ۽ خيالن مان فائدو حاصل ڪيو ۽ دنيا کي لاثاني ادب ڏنو.
هِتي بحث هيٺ موضوع مان مُراد سياسي نظريا آهن، ادبي نظرين وارو بحث هاڻي شايد اديبن لاءِ ايڏو ڪار آمد نه رهيو آهي. اُنَ جو سبب جيئن مٿي ذڪر آيو ته اُها آزمائش واري صورتحال ئي آهي جنهن ۾ اڄ جو ليکڪ رهي پيو.
سنڌ ۾ نظرياتي لحاظ کان چيو وڃي ٿو ته اديب ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، هڪ اُهي جيڪي وجوديت جي نظريي تحت ادب جي تخليق تي يقين رکن ٿا ۽ ٻيا اُهي جيڪي حقيقت پسنديءَ جو پرچار ڪن ٿا، پر منهنجي خيال ۾ اِها ورهاست اڳ به غير واضح ۽ اڻ پوري هُئي ۽ هاڻي ته اڃا ٻنهي قسم جي اديبن ۾ امتياز ڪرڻ وڌيڪَ ڏکيو ٿي پيو آهي. ان جو بنيادي سبب منهنجي خيال ۾ اِهو آهي ته ٻنهي پاسن کان پنهنجي مؤقف کي واضح نموني ڪنهن به نه رکيو آهي ۽ سندن گهڻو دارومدار بس عقيدي پرستي ۽ لفاظيءَ تي رهيو آهي. اِنهيءَ ڪري اِهو بحث هاڻي اديبن جي هٿن مان نڪري سياسي جماعتن جي هٿن ۾ هليو ويو آهي ۽ اُهي پنهنجي مستقل مفادن جي ڪري اِنهيءَ ۾ هڪ ڌر بڻجي ويون آهن. ان جو نتيجو اِهو نڪتو آهي ته اديب ۽ سياسي جماعتون هڪ ٻئي جي آڏو اچي بيٺيون آهن. اِنهيءَ ڪري اديبن لاءِ اهو ضروري آهي ته هُو هڪ پاسي پنهنجي نظرياتي بحثن کي واضح ڪن ۽ هڪ اديب/ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي حيثيت جو تعين ڪن ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ اديبن/ليکڪن جي ايجنڊا کي سياسي جماعتون مقرر نه ڪن.
اڄ جو اديب جڏهن پنهنجي تخليقي عمل مان گذري ٿو ته هُو هڪ پاسي رُڳو ادب لاءِ ادب تخليق ڪرڻ واري نظريي کي رد ڪري ٿو، ٻئي پاسي پنهنجي مٿان ٿاڦجندڙ حقيقت پسندي واري نظريي کي پڻ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو.
يورپ ۾ فرينچ انقلاب کان اڳ اهڙو ادب تخليق نه پر پيدا ڪيو پئي ويو جيڪو واپاري طبقي، جيڪو ان وقت هڪ حاوي طبقي جي حيثيت ۾ هو، جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهي. اهو ادب گهڻو ڪري سطحيت تي بڌل هو ۽ مشڪل سان ڪُجهه وڏا اديب انهن لاڙن کان بچي سگهيا. انهيءَ صُورتحال جي پيش نظر ئي آسڪروائلڊ کي اهو چوڻو پيو هو ته سڀني خرابين مان وڏي ۾ وڏي خرابي سطحيت آهي. فرينچ انقلاب انهيءَ لاڙي کي ختم ڪري انهي سوچ کي جنم ڏنو ته وڏو اديب/ليکڪ اُهو آهي جيڪو سماج جو باغي آهي ۽ اُنَ جي مخالفت ڪري ٿو. اِنهيءَ سوچ جي نتيجي ۾ سماج کان لاتعلقي جا لاڙا پيدا ٿيا ۽ اِنهيءَ ڳالهه جو پرچار ٿيڻ لڳو ته ادب جي تخليق رڳو ليکڪ جي اطمينان لاءِ ئي ٿئي ٿي، اُنَ جو ٻئي ڪنهن سان ڪو به واسطو ناهي. ڪاميو جي چواڻي ته ”اُنَ دور جو فنڪار اِنهي گمان ۾ وٺجي ويو ته هُو پنهنجا قانون پاڻ تخليق ڪري ٿو ۽ اهڙي ريت نيٺ هُنَ پاڻَ کي خدا سمجھڻ شروع ڪيو. ساڳي وقت هُنَ اِهو به سوچيو ٿي ته هُو پنهنجي حقيقت پاڻ تخليق ڪري سگهي ٿو، پر پنهنجي سماجَ کان ڪٽيل هُئڻ ڪري هُنَ سواءِ رسمي ۽ مجرد شين جي ٻيو ڪُجهه به تخليق نه ٿي ڪيم، اِهي شيون اُنَ زرخيزي کان خالي هُيون جنهن کي اسان سڀئي فن ۾ ڏسندا آهيون، جيڪو ماڻهن کي ڳنڍڻ جو ڪم ڪندو آهي.“
اِنهي لاڙي جي رد ۾ حقيقت پسندي وارو نظريو پيش ڪيو ويو ته اديب ۽ فنڪار کي سماج ۾ رهندڙ ماڻهو جي حقيقي زندگي جي حالتن کي پنهنجي تخليق جو موضوع بنائڻ گهرجي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ائين ممڪن آهي، حقيقت ته رڳو اُنَ وقت ئي آڏو آڻي سگهجي ٿي جڏهن هڪ فرد جي پيدا ٿيڻ کان وٺي سندس مرڻ تائين سندس زندگي جي هر ننڍي وڏي تفصيل، سندس کائڻ، پيئڻ، اُٿڻ، ويهڻ، سمهڻ، گهمڻ ۽ ٻئي هر قسم جي وهنوار کي تحرير جي گرفت ۾ آڻجي ظاهر آهي ته اِنهي سان گڏوگڏ اُنهن ماڻهن جي حياتيءَ جو مطالعو پڻ لازمي ٿي پوندو جن سان اُنَ خاص فردَ جا سماجَ ۾ رهندي واسطا پون ٿا، ظاهر آهي ته حقيقت جي اهڙي نمائندگي اٽڪل ناممڪن آهي. اديب ۽ فنڪار لاءِ سماجي زندگي جو مشاهدو ۽ مطالعو لازمي آهي. اصل شيءِ سندس تخليقي سگهه آهي. جيڪا اِنهي سڄي عمل کي هڪ نئين معنيٰ ڏيندي آهي، پر جيڪڏهين انهن فن پارن کي رُڳو سماجي زندگي جي تحقيق جي بنياد تي تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جيئن اڳوڻي سوويت يونين ۾ گهڻن ليکڪن ڪئي هُئي ته ان جي ڪامياب ٿيڻ جا گهٽ امڪان هوندا آهن، اهڙي ريت حقيقت پسندي هڪ تضاد ۾ ورتل آهي.
ليکڪ ساڳي وقت حقيقت پسند ٿيڻ به چاهي ٿو پر هُو ٿي به نه ٿو سگهي، انهي ڪري وٽس هڪ واٽ اها بچي ٿي ته هُو حقيقتن جي چونڊ ڪري. اِهو چونڊ وارو حق ئي ليکڪ جي دائري ڪار کي متعين ڪري ٿو ۽ سندس تخليق کي دوام بخشي ٿو. پنهنجي انهيءَ حق کي استعمال ڪندي ئي ليکڪ/اديب ڪنفرمسٽ ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو. سماج ۾ موجود ڏاڍ جبر ۽ ڦرمار خلاف ۽ آزادي ۽ سونهن جي حق ۾ هٿيار کڻي ٿو. سوويت يونين ۾ جِتي اسان کي پيسترنيڪ جو مثال ملي ٿو جنهن کي پنهنجي چونڊ واري حق استعمال ڪرڻ ڪري ڏکيائيون کڻيون پيون ته اُتي اسان کي ميڪسم گورڪي ۽ شولو خوف به مختلف تخليقن ۾ اِنهي حق کي استعمال ڪندي نظر اچن ٿا. اِنهي حق جي اهميت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳايو ته لينن پنهنجي ڪِتاب ”رياست ۽ انقلاب“ ۾ اديبن/ليکڪن کي ماڳيئي هڪ ڌار طبقو ڪري پيش ڪري ٿو.
انهيءَ صُورتحال ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪنهن حڪمران کي اِهو حق ڏيئي سگهجي ٿو ته هُو اِهو قانون ٺاهي ڇڏي ته اڄ کان پوءِ حقيقت پسندي رُڳو اُهائي هوندي جيڪا اِنهيءَ قانون جي پوئواري ڪندي، جڏهن ته باقي سڀ ڪفر ۽ انڪار ۽ قابل سزا ڏوهه هوندا. ظاهر ڳالهه آهي ته اڄ جي دور ۾ اِهو حق ڪنهن به مُلڪ جي حڪمران کي نه ٿو ڏيئي سگهجي.
آڪٽوبر انقلاب کان ڪُجهه عرصو پوءِ انقلاب جي آدرشن جي اُبتڙ سوشلسٽ حقيقت پسنديءَ جو اصطلاح رائج ڪيو ويو ــ ان جو مطلب ته اُهو هو ته ليکڪ اڄ جي مسئلن جي بنياد تي اِهو ٻُڌائي ته ماڻهن کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ مستقبل جو سماج ڪهڙو هوندو. اِهو لاڙو سوويت يونين سان گڏوگڏ ٻين مُلڪن ۾ پڻ ڦهليو ۽ اُتي ليکڪ تي اِهو دٻاءُ پوڻ لڳو ته اهو اهڙو ادب پيدا ڪري جنهن ۾ اُميد پرستي هُجي، انهي لاڙي جي مڙهجڻ جو مطلب اِهو هو ته هِڪ ته حال جي حقيقت کي فنڪار مستقبل جي حقيقت تي قربان ڪري ڇڏي ۽ ٻيو ته کيس لازمي طور تي مستقبل کي اُميد ڀريو يا ٻين لفظن ۾ سوشلسٽ ڪري پيش ڪرڻو هو. جڏهن ته انهيءَ ڳالهه جي ڪا به پڪ نه هُئي ته مستقبل جي حقيقت واقعي سوشلسٽ يا جيئن اُنَ کي ليکڪ پاران پيش ڪيو پيو وڃي ايئن ئي هوندي. حقيقت پسنديءَ جي اِنهي تصور ليکڪ سان اُهو ساڳيو ڪَمُ ڪيو جيڪو ادب ادب لاءِ واري نظريي ساڻس ڪيو هو، مطلب ته ان ۾ به هُو سماج کان بلڪل ڌار بيٺو ٿي، جڏهين ته هِتي هو پنهنجو پاڻ سماجَ سان ڳنڍڻ کي نظر انداز ڪري هڪ اهڙي حقيقت جي تصوير پيش ڪري ٿو جيڪا مبهم ۽ اڻ چٽي آهي ۽ جنهن جي ٿيڻ جي ڪا ضمانت به ناهي.
حقيقت پسنديءَ جي اِنهيءَ تصور جي رد عمل ۾ گهڻن ليکڪن ماڳيئي حقيقت پسندي کي ئي رد ڪري ڇڏيو ۽ اُنهن وري مبهم ۽ مجّرد تخليقن ۾ پنهنجي لاءِ ڀڄڻ جي راهه تلاش ڪئي. ان جو ٻيو نقصان اهو ٿيو ته ليکڪ مزاحمت، جدوجهد ۽ ڦرمار خلاف ويڙهه کي به اِنهي حقيقت پسنديءَ جو حصو ڪري سمجھيو ۽ نتيجي ۾ اُنَ تان به هٿ کڻي ويو.
اهڙي ريت هڪ سچو فنڪار ۽ اديب نه ته سماج کان ڌار رهي تخليق جي عمل کي سُٺي نموني جاري رکي سگهي ٿو ۽ نه ئي هُو پاڻَ تي مڙهيل ڪنهن نظريي يا مقرر ڪيل دائري ۾ رهي تخليق ڪري سگهي ٿو، هُو ماڻهن کي ورهائڻ جي بدران ڳنڍڻ جو ڪم رُڳو ان صُورت ۾ ئي بهتر نموني ڪري سگهي ٿو جڏهن کيس حقيقت کي چونڊڻ ۽ سونهن کي پنهنجي نظر سان ڏسڻ جو حق ڏنو وڃي.
البرٽ ڪاميو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چئي ٿو ”هر فنڪار پنهنجي وقت جي جذبن ۽ احساسن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪالهه اِهو پيار هو، اڄ ٻڌي ۽ آزاديءَ جي عظيم جذبن ۽ احساسن دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، ڪالهه پيار انفرادي موت ڏانهن ڌڪيو ٿي، اڄ اجتماعي جذبا اسان کي عالمي تباهيءَ جي جوکي ۾ وجھن ٿا. اڄ به ڪالهه وانگر فن اسان جي جذبن ۽ اسان جي تڪليفن جي زندهه تصور کي موت کان بچائڻ چاهي ٿو.“ جنگ، ناانصافي، ڏاڍ، تشدد، بک ۽ ڦرمار خلاف جدوجهد ۾ پنهنجي قلم وسيلي ۽ ان ۾ جسماني طور تي شامل ٿيڻ به فنڪار جي ڪم جو هڪ لازمي حصو آهي. اڄ جي فنڪار جو ڪم ماضيءَ جي شاعرن ۽ ڳائڻن وانگر رُڳو اهو ناهي ته جنگ جي ميدان ۾ پنهنجن گيتن وسيلي بهادرن کي جوش ڏيارين پر سندن ڪم اُنَ جنگ ۾ شامل ٿيڻ آهي. اسان وٽ اهڙا کوڙَ مثالَ موجود آهن. فرينچ انقلاب، آڪٽوبر انقلاب، اسپين جي گهرو ويڙهه ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ليکڪن جي شموليت ان جا رُڳو ڪُجهه مثال آهن، ضرورت اِنهيءَ ڳالهه جي آهي ته فن کان سندس ڏسڻ جي اک نه کسي وڃي. جيئن عام طور تي چيو ويندو آهي ته سُٺي ادب جي تخليق سُٺي تنقيد کانسواءِ ممڪن ناهي ساڳي طرح هڪ بهتر سماج جي ٺهڻ لاءِ سگهاري تخليق جو هُئڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته فن پاڻ پنهنجي ليکي سماج جي هڪ تنقيد آهي جيڪا ڪنهن قدر، ڪنهن شيءِ ۽ ڪنهن ڳالهه جي نفي ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي بهتر ٿيڻ جي امڪانن ڏانهن پڻ ڌيان ڇڪائي ٿي. اِنهيءَ ڪري ڪنهن به سماجَ ۾ سُٺي تخليق جي ضمانت رُڳو ان وقت ئي ڏيئي سگهجي ٿي جڏهن تخليقڪار پنهنجي چونڊَ ڪرڻ واري حق ۾ آزاد هُجي.