لطيف ۽ قومي بيهڪ ۾ سندس ڪردار
شاهه جي ڪلامَ ۾ انهي ڪري اهي قدر نمايان ملن ٿا جيڪي قوم جي اڏاوت لاءِ سرن ۽ گاري جي حيثيت رکندا آهن. اهي ساڳيا قدر آهن جن جي تعليم ننڍي کنڊ ۽ هر دؤر جي انسان دوست دانشور ڏني هئي پر معاشي ۽ سماجي حالتن جي سازگار نه هئڻ ڪري انهن کي حاصل ڪرڻ ممڪن نه ٿيو جڏهن ته انهن ساڳين قدرن کي ان دؤر جي يورپ ۾ هڪ عملي صورت ملي رهي هئي. اهي سهپ، تنگ نظريءَ جو خاتمو، معاشي اڻ برابريءَ خلاف جنگ ۽ انسان ذات سان ڪنهن ذات، مذهب وغيره جي متڀيد کانسواءِ محبت ڪرڻ وارا قدر آهن.
لطيف انهن قدرن تي ان ڪري وڌيڪَ زور ڏنو جو اها ننڍي کنڊ جي صوفين جي هڪ روايت هئي ته هو ڪنهن وڏي ڪڪڙ وانگر ڪائنات تي آرو ڪري ويهڻ بدران انهي عمل کي اڳتي وڌائين جنهن سان سماج ۾ ماڻهپي وارن قدرن کي ترقي ملي ۽ انسان ذات ڪي وکون اڳتي کڻي. اورنگزيب جي اقتدار جي پنجاهه سالن ۾ سنڌ سميت پورو ننڍو کنڊ مذهبي ڪٽرپڻي ۾ وڪوڙجي ويو هو. داراشڪوهه ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪيو ويو جنهن ڏس ۾ به سنڌ جي خاص اهميت هئي جو هڪ ته داراشڪوهه اورنگزيب جي لشڪر کان ڀڄي سيوهڻ وٽ اچي پناهه ورتي هئي ۽ ٻيو ته کيس اتان محفوظ طريقي سان گجرات وڃڻ کانپوءِ جڏهن شهيد ڪيو ويو تڏهن هو سنڌ جي سرحدن جي ويجھو هو. شايد کيس پنهنجي عقيدي جي ڦهلاءَ ۽ بچاءَ لاءِ سنڌ ئي هڪ محفوظ اجھو نظر آيو هجي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ مخدوم بلال جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ ۽ شاهه عنايت جي پنهنجي ساٿين سميت شهادت جنهن کي انهي دؤر جو اتفاق يا هڪ اهڙي ڳالهه جيڪا حالتن جي لحاظ کان ممڪن نه هئي، پر ٿي گذري ڪري ليکيو وڃي ٿو. انهي دؤر ۾ پورچوگيزن پاران سنڌ جي سدا ملوڪ شهر ۽ ان وقت جي گادي جي هنڌ ٺٽي کي باهه ڏئي ڦريو ويو ۽ انهي تباهيءَ جو لطيف اکين ڏٺو شاهد هو.
هِتي اسان وٽ مسئلو لطيف جي پيغام کي ان وقت جي حالتن جي پس منظر ۾ سمجھڻ ۽ اهو ڏسڻ آهي ته اُهي قدر اڄ ڪيتري حد تائين اسان جي حالتن سان لاڳاپيل آهن ۽ اسان انهي مان ڪيترو لاڀُ حاصل ڪري سگهون ٿا. لطيف جي ڪلام ۽ سندس شخصيت تي گهڻو ڪم نه ٿي سگهيو آهي ۽ جي ٿيو به آهي ته اهو گهڻي ڀاڱي اهڙين قوتن پاران ڪرايو ويو آهي جيڪي ڄؤرن وانگر کيس چمٽي ويا آهن ۽ سندن ڪوشش آهي ته لطيف جي ڪلام ۽ شخصيت مان سڄو رَتُ سَتُ پي کيس بلڪل کوکلو ڪري پوءِ پنهنجي مقصدن لاءِ ڪم آڻين. انهي نموني جي پهرين وک غلام شاهه ڪلهوڙي پاران ڪئي ويئي جنهن مٿس مقبرو ٺهرائي کيس رُڳو پير بنائڻ ۽ پنهنجي سياسي ساکَ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر لطيف جي ڪلام جي عواميت ۽ ماڻهن سان ڳانڍاپي يا بقول سورلي جي ته سندس شعرن جي فطري موسيقيءَ کيس ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. انهي ڪري ئي سورلي لاءِ اهو ممڪن ٿيو ته هو لطيف کي دنيا آڏو متعارف ڪرائي. هينئر جيئن ته لطيف جي شاعريءَ کي لڪائڻ ممڪن ناهي ان ڪري اهي ماڻهو جن کي غلام شاهه ڪلهوڙي جا پوئلڳ ئي سڏي سگهجي ٿو، اها ڪوشش ڪن ٿا ته سندس ڪلام جون الهامي معنائون ڪڍيون وڃن ته جيئن هو ماڻهن بدران سندن ڪم اچي سگهي. پر جيئن پهرين چئجي چڪو آهي ته لطيف جي شاعريءَ جو مقصد، سماج کي وڌيڪَ ماڻهپي وارو ٺاهي، منجھائنس انسان لاءِ انسان جي نفرتن ۽ ڪدورتن کي ختم ڪرڻ آهي، ان ڪري هو اها معنيٰ قبول ئي نه ٿو ڪري جيڪا سندس مزاج سان نه ٿي ٺهڪي ۽ ور ور ڪري مختلف جاين تي پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو. هاڻي اهي ماڻهو اڳتي اچن جيڪي لطيف جا ساٿي آهن ۽ سندس پيش ڪيل آدرشن ۾ يقين رکن ٿا. پر مٿن به شرط آهي ته پنهنجي ذهن مطابق سمجھاڻي ڏيڻ بدران جديد تحقيق جو سهارو وٺن ۽ پنهنجو پگهر وهائي ۽ رت ولوڙي لطيف جي سمجھاڻي پيش ڪن.
انساني تاريخ جو سفر جاري آهي. ماڻهو ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي رهيو آهي. اڳتي وڌڻ جي ان سفر ۾ ماضيءَ جي خراب شين کي ڇڏڻ ۽ سٺين کي نيون معنائون پهرائي پاڻ سان گڏ وٺي هلبو آهي. لطيف ۽ سندس ڪلام اسان جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل ۽ منزل جو پتو ڏيندڙ آهي. لطيف جن قدرن کي پيش ڪيو آهي انهن کي حاصل ڪرڻ اسانجي سماجَ ۾ اڄ به هڪ آدرش آهي، انهي ڪري لطيف جو لاڳاپو اڄ به اسان سان ساڳيو آهي. انهن آدرشن جي حاصل ٿيڻ کانپوءِ به تاريخ لطيف جي انهي ڪردار کي هميشه پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکندي جيڪو هن سنڌي ماڻهن جي هڪ قوم بنجڻ واري عمل ۾ ادا ڪيو آهي ۽ عالمي پئماني تي انهن قدرن جو پرچارڪ رهيو آهي جي انسان ٿيڻ لاءِ اشد ضروري آهن.