سنڌي ادب ۽ فڪري بحران
هِتي عام طور اهو سمجھيو ويندو آهي ته اڄوڪي تيز رفتاري واري دور ۾ ليکڪ وت ايترو وقت ئي ناهي ته هو ناول جهڙو محنت طلب ۽ صبر آزما ڪم ڪري سگهي. پر مختلف ٻولين ۾ تخليق ٿيندڙ ادب ان خيال جي پٺڀرائي نٿو ڪري. ادب جي تخليق جو واسطو انسان ۽ سماج جي ترقيءَ سان لاڳاپيل آهي. غارن ۾ رهندڙ انسان جي اظهار جو پنهنجو طريقو هو ۽ چنڊَ تي پهچڻ واري انسان جي جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو پنهنجو انداز آهي.
سنڌيءَ ۾ ناول جي صنف ۾ جوڳي ترقي نه ٿي سگهي آهي، هِتي اڃا ڪهاڻي حاوي آهي. بلڪه ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته گهڻا لکيل ناول ڄڻ ته ڊگهون ڪهاڻيون آهن.
ڪنهن تحريڪ ۽ نظرئي جي ناڪاميءَ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ مايوسي ٻن طرح جي رد عمل کي جنم ڏيندي آهي. هڪ ته ان جا پوئلڳ آپگهات وسيلي پنهنجو انت آڻيندا آهن ۽ ٻيو ته اهي ان نظرئي جي حمايتن مان چڙي، ان جا سخت مخالف ٿي پوندا آهن. ان سلسلي ۾ هڪ وڏو مثال انگريز شاعر ورڊس ورٿ جو ڏنو ويندو آهي، جيڪو فرينچ انقلاب جو وڏو حامي هو، پر انقلاب جي شڪست کانپوءِ هو ان جو سخت مخالف بڻجي ويو . سويت يونين جي ٽٽڻ ۽ بظاهر سوشلزم جي ناڪاميءَ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ڄڻ هڪ نظرياتي اٿل پٿل واقع ٿي آهي. ڏسڻن وائسڻن ماڻهن ڏسندي ڏسندي پنهنجي سوچَ نه رڳو بدلائي ڇڏي، پر پنهنجي ماضيءَ سان پڻ لاتعلقيءَ جو اعلان ڪري ان کي نندڻ شروع ڪيو.
سنڌ ڪو اهڙو ٻيٽ ناهي جيڪو دنيا کان ڪٽيل هجي ۽ ان جو اوسي پاسي واقع ٿيندڙ تبديلين سان ڪو واسطو نه هجي. اهو درست آهي ته هر ملڪ جون خاص حالتون هونديون آهن. پر ابلاغ ۽ اچ وڃ جي ذريعن دنيا کي ايترو ننڍڙو بڻائي ڇڏيو آهي جو پنهنجي ڌار سُڃاڻپ رکڻ اٽڪل ناممڪن ٿي پيو آهي.
ماضيءَ ۾ نظرين ۽ عقيدن جي نسبتن ديرپا حيثيت هوندي هئي ۽ تبديلي اچڻ ۾ ورهيه لڳي ويندا هئا. پر هاڻي هڪ ته تبديلي جو عمل تيز ٿي ويو آهي ۽ ٻيو ته مختلف خيالن کي مختلف خانن ۾ فٽ ڪرڻ اٽڪل ناممڪن بڻجي ويو آهي. هڪ مونجھاري جي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ اديب ۽ ليکڪ لاءِ ماضيءَ جيان اهو جواب ڏيڻ سولو نه رهيو آهي ته هو ڪهڙي پاسي بيٺل آهي.
سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جو سفر اٽڪل هڪ صدي پراڻو آهي. گهڻن لاهن چاڙهن جي باوجود سنڌي ڪهاڻي ۽ ڪهاڻيڪار جو ڪردار هميشه بحث هيٺ رهيو آهي ته انهن جو سماجي ڪارج ۽ ڪردار ڪهڙو رهيو آهي ۽ اُهو ڇا هئڻ گهرجي؟ ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته ويهين صدي سماجي اٿل پٿل، جنگين، انقلابي ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي صدي رهي آهي. ايئن کڻي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ويهين صدي انسان جي سڀني معاشي، سماجي ۽ سياسي ڪاوشن جو نچوڙ هو. جنهن ۾ هُنَ اهڙيون ڪيئي منزلون ماڻيون، جنهن جا هن ماضيءَ ۾ رُڳو خوابَ ڏٺا هُيا ۽ کيس ڪيترن ئي منزلن جا نشان مليا. جيتوڻيڪ کيس ناڪامين کي پڻ منهن ڏيڻو پيو پر جن ڪاميابين جو مزو ورتو هجي ۽ پنهنجي سپنن کي ساڀيان ٿيندي ڏٺو هجي انهن لاءِ ناڪاميون رڳو هڪ عارضي پڙاءُ هونديون آهن، جِتان تازو توانو ٿي وري سفر جي نئين سر شروعات ڪَبي آهي.
ڏسجي ته 1970ع تائين سنڌي ڪهاڻيڪار لاءِ فڪري لحاظ کان ڪو وڏو چئلينج سامهون نه ٿو اچي. سندس لاءِ هڪ طئه ٿيل ايجنڊا هئي، موضوع هيا. سيڪيولر سوچَ ۽ آزاد خيالي سندس خصلتون هيون. مطلب ته ترقي پسندي ۽ رجعت پرستي وچ ۾ هڪ واضح ليڪ ڇڪيل هئي. ستر جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ايئن کڻي چئجي ته سنڌي ليکڪ ۽ خاص طور سنڌي ڪهاڻيڪار لاءِ پهريون فڪري چئلينج سامهون اچي ٿو. وجوديت جي نظرئي هيٺ لکندڙ اديبن ۽ روايتي ترقي پسند ليکڪن وچ ۾ هڪ نظرياتي بحث شروع ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري سنڌي ادب ۾ نوان دليل، نوان نظريا ۽ نوان خيال داخل ٿين ٿا.
ستر کان پوءِ واري سنڌ خاصيتي لحاظ کان ماضيءَ جي سنڌ کان مختلف هئي. هڪ نئين سنڌ جي جنم جي شروعات ٿي چڪي هئي. سماج جي نوعيت بدلجڻ ۽ ان جي وڌيڪَ پيچيدو ٿيڻ سان سوچَ ۽ احساس جو پيچيدو ٿيڻ پڻ اڻٽر هو. اهو سوال سنڌي ادب ۽ خاص طور ڪهاڻيءَ ۾ ڪر کڻي بيٺو ته نيٺ هڪ فرد جي هن ڪائنات ۽ سماج ۾ ڪهڙي حيثيت آهي ۽ سندس ڪهڙو ڪردار آهي؟ ان جي جواب ۾ اهو سوال اٿاريو ويو ته ڇا سنڌ جهڙي سماج ۾، جيڪو ڪيترن ئي مسئلن ۾ جڪڙيل آهي، ان بحث جي گنجائش آهي، جنهن اولهه جي سماج ۾ خاص طور ٻن مها ڀاري جنگين جي نتيجي ۾ ٿيل تباهيءَ ڪري زور ورتو هو.
1983ع ۽ 1986ع جي تحريڪن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ادب ڪري سمجھيو ويو ته سنڌي ادب ۾ وجودي نظرئي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ۽ ان جو خاتمو ٿي ويو آهي، پر انهن تحريڪن جي خودرويت جي ڪري پوندڙ اثرن سڄي سماج ۽ ادب کي متاثر ڪيو. شروع ۾ ڌاڙيل کي قومي تحريڪ جو هڪ حصو ڪري ليکيو ويو ۽ مختلف ڌاڙيل ڄڻ لوڪ ڪهاڻين جو ڪردار بڻجي ويا. گهڻو پوءِ سمجهه ۾ آيو ته اهو سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ سود مند نه پر هڪ هاڃيڪار عنصر هو، جنهن جي ڪري هڪ پاسي سنڌي وچولو طبقو، جيڪو قومي تحريڪ ۾ ڪرنگهي جيان هو، ڌاڙيلن جي ڪارواين جو اهم نشانو بڻيو ۽ هن جيڪا سگهه حاصل ڪئي هئي اها ڊپ ۽ هراس ۾ بدلجي وئي. ان سان گڏوگڏ قومي تحريڪ ۾ ڏوهه ۽ ڏوهاري عنصر نه رُڳو شامل ٿي ويا پر سڀ کان وڏو الميو اهو هو ته ان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ۽ جواز پڻ گهڙيا ويا.
جديد سماج ۾ وچولي طبقي جي اهم حيثيت آهي. ساڳي طرح ادب جي تخليق ۾ پڻ سندس اهم ڪردار آهي. ان سڄي صورتحال هڪ پاسي ان طبقي کي پنهنجي جياپي جي جنگ ۾ وجھي ڇڏيو ۽ ٻئي پاسي سياست سندس لاءِ آدرشن جي حصول بدران جائز ۽ ناجائز طريقي سان مفادن جي حصول جو ذريعو بڻجي وئي.
ادب ۽ سماج جو ناتو خلائن ۾ ناهي ٺهندو. موجوده دؤر ۾ اِهو نه ٿو چئي سگهجي ته سنڌي سماج جا سڀ مسئلا حل ٿي ويا آهن، هر پاسي سک ۽ شانتي آهي، جنهن جي ڪري اديب ۽ شاعر پڻ گهڻي ڀاڱي انفرادي مسئلن ۾ ڦاسي پيو آهي. ان جي ابتڙ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌجا ڏک اڃا وڌي ويا آهن. هڪ پاسي بُک ۽ بيروزگاري آهي ۽ ٻئي پاسي سياسي بي اختياري جو مسئلو درپيش آهي. انهن حالتن ۾ ايئن به ناهي ته هِتي سياسي جماعتن جي گهٽتائي آهي. پر ڳالهه اِها آهي ته اهي جماعتون پاڻ ڪنهن نظرئي ۽ سمت کان وانجھيل آهن. سندن لاءِ نظرياتي سياست کان وڌيڪَ عملي سياسي جي اهميت آهي، جنهن جو اڪيلو مقصد پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جو حصول آهي. اڳ سياسي جماعتون پنهنجي ڪارڪنن جي نظرياتي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪنديون هيون، جن مان اڳتي هلي ڪري سٺا تخليقڪار پڻ سامهون ايندا هئا، جن وٽ ڪي واضع آدرش ۽ خواب هوندا هئا. اهو سلسلو مڪمل طور بند ٿي چڪو آهي. سنڌ جي ويجھي ماضيءَ جي اها روايت رهي آهي ته هتي سياسي اڳواڻ جو مطلب نظرياتي رهبر پڻ رهيو آهي. جي ايم سيد، پليجو ۽ آريسر اهڙا ڪردار رهيا آهن. اهو ڪردار هن وقت پسمنظر ۾ هليو ويو آهي ۽ الميو اهو آهي ته سياسي جماعتون اديبن کان گُهرَ ڪن ٿيون ته اهي سندن رهنمائي ڪن يا ٻين لفظن ۾ گاڏيءَ کي گهوڙي کان اڳتي ٻڌو وڃي. سياسي جماعتون سماج ۽ اديب جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪنديون آهن.جيتوڻيڪ هن وقت سنڌ ۾ معروضي حالتون تخليقڪار کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ نهايت سازگار آهن. هڪ سماجي بحران پنهنجي عروجَ تي آهي. هڪ اڻ تڻ ۽ بيچينيءَ جي ڪيفيت آهي. ڪنهن وٽ ان جو مستقل ۽ پائيدار حل ڪونهي ۽ هر ڪو رڳو نعرن ۽ وقت ٽپائڻ جي چڪر ۾ آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن اهڙيون حالتون ٻين ملڪن جهڙوڪ روس ۽ فرانس وغيره ۾ رهيون آهن ته اتي دنيا جي ڪلاسڪ ادب جنم ورتو آهي. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته سنڌ ۾ نيٺ ڪهڙي شيءِ کُٽل آهي جو اهڙو ادب پيدا نه پيو ٿئي. سنڌي ليکڪ هلندي هلندي ڪنهن جاءِ تي اچي بيهي رهي ٿو. منهنجي خيالَ ۾ ان اهم شين تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
ايستائين يورپ جيان سنڌ ڪنهن وڏي فڪري ڇڪتاڻ ۽ انقلاب مان نه گذري آهي. هڪ لحاظ کان ڏسجي ته فڪري ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ هن صوفي ازم ۾ پناهه تلاش ڪئي آهي، جيڪو پنهنجي انسان دوست قدرن جي باوجود ليکڪ کي هڪ خاص حد کان اڳتي وڃڻ، شڪ ڪرڻ ۽ نا معلوم دنيا جي اسرارن کي ڳولهڻ کان پري رکي ٿو. انسان جي اها ذهني آزادي ئي فلسفي، سائنس ۽ ٻين علمن کي اڳتي وڌائي ٿي، جنهن سان ادب ۽ اديب جو ڪينواس وسيع ٿئي ٿو ۽ هو سماج کي هڪ وسيع تناظر ۾ ڏسي سگهي ٿو.
ظاهر ڳالهه آهي ته اهڙي ذهني آزاديءَ جو حصول خاص طور اڄوڪي ماحولَ ۾ ڪنهن هڪ يا ماڻهن جي ڪنهن گروههَ جي وس جي ڳالهه ناهي. يورپ جي جنهن ماحول جي اسان ڳالهه ڪيون ٿا اتي اهڙيون سياسي قوتون موجود هيون جيڪي اسٽيٽس ڪو مخالف ۽ اهڙي سوچَ لاءِ ڀرجھلو هيون. ڏٺو وڃي ته اهي ٻئي هڪ ٻئي جون ساٿاري ۽مددگار قوتون هونديون آهن.
سنڌ ۾ اهي ٻئي شيون موجود ناهن. سنڌي اديب کي هن وقت پنهنجي ڪمفرٽ زون مان نڪرڻو پوندو. اسان جو ليکڪ پنهنجي تعريف ڪرڻ ۽ پاڻ تي رحم کائڻ واري نفسيات جو شڪار آهي. ان ڏند ڪٿا کي ٽوڙڻو پوندو ته ماضيءَ ۾ اسان جي ڪجهه ليکڪن جيڪڏهن ڪي سٺيون تخليقون ڪيون آهن ته ان جو کٽيو ايندڙ ڪيئي سالن تائين کائي سگهجي ٿو. اديبن ۽ ليکڪن کي نئين ۽ پراڻي ۾ ورهائي نه ٿو سگهجي. ڪنهن جي به ڪٿ رڳو سندن تخليق جي بنياد تي ئي ڪري سگهجي ٿي. سنڌي ليکڪ کي پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪرڻو پوندو ته ڇا هو فڪري لحاظ کان هاڻي ڪنهن ٽڪراءَ جو متحمل ٿي سگهي ٿو؟
سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل مايوسي هاڻي ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪي آهي. گهڻو پاڻي پُل هيٺان وهي چڪو آهي. فوڪو هاما، جنهن سرمائيداري جي فتح ۽ تاريخ جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو، سو پاڻ ان تان هٿ کڻي ويو آهي. تارن کان اڳتي ٻيا جهان به آهن. دنيا گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي. ڪهاڻي ۽ ناول جي ميدان ۾ ايشيا جي مختلف ملڪن، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ليکڪ نئين تاريخ رقم ڪري رهيا آهن. سندن تخليقون ، نئين اميد، نئين سوچ ۽ نئين جدوجهد سان ڀرپور آهن.
تاريخ رُڳو معروضي حالتن جي عمل جو نالو ناهي، پر ان ۾ انسان جي سوچَ ۽ ڪوشش جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. ان ڳالهه جي باوجود ته دنيا يوني پولر صورت اختيار ڪري چڪي آهي، اهڙيون نيون قوتون گلوبلائيزيشن جي ٻوڏ آڏو اچي بيٺيون آهن، جن جو اڳ ڪو به ڪميونسٽ يا سامراج دشمن پسمنظر نه هو.
موجوده دور اهڙو آزمائش جو دور آهي، جنهن کان ڏاهن رب جي پناهه گهري هئي ۽ کيس ٻاڏايو هو ته کين اهڙي دور کان بچائي. ساڳي وقت اها ڳالهه پڻ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته اهڙو ئي دور هوندو آهي، جڏهن تخليقڪار لاءِ تخليق ۽ چونڊ جا موقعا موجود هوندا آهن. متعين ۽ ٺهيڪيل واٽ تي هر ڪو هلندو آهي، اصل ڳالهه ته هوندي آهي پاڻ پنهنجي واٽ ٺاهڻ.
حالتون ڪڏهن به رڳو مايوس ڪُن نه هونديون آهن. جيڪڏهن هڪ پاسي مايوسي هوندي آهي ته ٻئي پاسي ان ۾ ڪيئي موقعا پڻ لڪل هوندا آهن. اهوضروري آهي ته حالتن کي هڪ وسيع تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته جيئن ٻين تي ڀاڙڻ بجاءِ پاڻ پنهنجي لاءِ منزل جو تعين ڪجي. ان لاءِ منهنجي نظر ۾ پهريون قدم پاڻ پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻ آهي ته جيئن پنهنجي مثبت ۽ منفي پاسن جي خبر پئي سگهجي. اهو عمل لاڳيتو جاري رهڻ گهرجي ۽ ان ۾ زندگيءَ جو هر پاسو شامل هجي ته جيئن اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ گس ملي سگهي.