ڪالم / مضمون

گل گل هٻڪار

رئوف نظاماڻي صاحبَ جو شُمار سنڌُ جي اُنهن سنجيده ۽ گهڻَ ـــ پڙهين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌي اَدبَ ۽ سماجَ ڏانهن هِڪَ گهري ۽ تنقيدي نِگاههَ واري پهچَ رَکن ٿا. هُو هِڪَ ڊگهي عَرصي کان سنڌي اَدبَ سان لاڳاپيلَ مختلف موضوعن، شخصيتن ۽ ڪِتابن تي پنهنجا تنقيدي ۽ اڀياسي مضمونَ لکندو پيو اَچي، جيڪي هِنَ کان اَڳُ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن ۾ وکريا پيا هُيا، هِنَ ڪِتابَ ۾ اُنهن مڙني مضمونن مان ڪجُهه چونڊَ شامل ڪَئي وَئي آهي. هِنَ اهم ۽ سَنجيده نوعيت جي ڪِتابَ ۾ شامل مَضمونَ، موضوعن جي وِرائِٽي ۽ نظاماڻي صاحبَ جي مخصوص ڳوڙهي ۽ فڪري اندازَ سبب يقيناً وڏي اهميتَ وارا آهن.
Title Cover of book گل گل هٻڪار

ڪِتاب جي ضرورت ڇو ناهي؟

ڪي ڏند ڪٿائون ايترو مشهور ٿي وينديون آهن جو ماڻهو انهن کي حقيقت سمجھڻ لڳندا آهن. اها ڪوشش نه ڪئي ويندي آهي ته اهو پتو لڳايو وڃي ته انهن ۾ ڪيترو سچ ۽ ڪيترو ڪوڙ هوندو آهي. اهڙين ئي گهڻين ڏند ڪِٿائن مان هڪ اها به رهي آهي ته سنڌ ۾ خاص طور تي اسي ۽ نوي جي ڏهاڪن ۾ ڪِتابن خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ جو لاڙو تمام گهڻو رهيو جيڪو هاڻي گهٽ ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ تازو ڪِتابن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انور ابڙي ڪجهه دوستن کي اي ميل موڪلي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ته سنڌي ماڻهو هن وقت ڪِتابن کان پري ٿيندا پيا وڃن ۽ ڪِتابن جو وڪرو نه هئڻ جي برابر وڃي رهيو آهي. اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ان ڏند ڪٿا جي سچائي ڪيتري آهي ۽ ان جو پس منظر ڇا آهي. خاص طور تي ستر جي ڏهاڪي جي آخر کان نوي جي ڏهاڪي جي شروع تائين سنڌ ۾ سياسي سرگرمي پنهنجي عروج تي هئي. سنڌ سطح تي ڪم ڪندڙ انهن سياسي ڌرين جو واسطو کاٻي ڌر ۽ قومپرست نطرين سان هو. هر ڌر جي ڪارڪنن جي اها ڪوشش هئي ته بحث مباحثي ذريعي نظرياتي لحاظ کان پنهنجن مخالفن تي پنهنجي مٿڀرائپ کي ثابت ڪجي. ظاهر آهي ته ان مقصد لاءِ ڪتابن پڙهڻ ۽ علمي پروگرامن ۾ شرڪت انتهائي ضروري هئي. ان صورتحال ۾ سياسي ۽ نظرياتي ڪتابن جو وڪرو وڌڻ هڪ فطري ڳالهه هئي. ملڪ جي ٻين علائقن جي ڀيٽَ ۾ سنڌ ۾ هڪ منفرد قسم جي صورتحال هئي. جنهن جو هڪ ڌار سماجي ۽ سياسي پسمنظر هو. ان کي ڪجهه مبصرن پاران ائين به بيان ڪيو ويو هو ته سنڌ ۾ ڪتاب ائين ٿا وڪامجن جيئن لاهور ۾ تڪا ۽ ڪباب، ان سلسلي ۾ انهن ماڻهن پاران هڪ ته ان عنصر کي نظر انداز ڪيو ويو ته ڪِتابن جو اهم وڪرو رڳو هڪ خاص طبقي يعني سياسي ڪارڪنن تائين محدود هُو جڏهين ته عام پڙهيل ڳڙهيل سنڌي ماڻهن جو ان سلسلي ۾ ڪو خاص ڪردار نه هو. ٻيو ته ان جو دائرو رڳو ڪن خاص سياسي ۽ نظرياتي موضوعن تائين محدود هو جنهن ۾ ايستائين ته سنڌي ادب به گهڻي ڀاڱي شامل نه هو. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ادبي ڪِتابن جو ڇاپو، ڪجهه خاص ليکڪن کي ڇڏي، وڏي مشڪل سان ئي ڪڏهين هڪ هزار جي انگ کان وڌيو هجي. اها صورتحال اردو سميت اٽڪل ملڪ جي سڀني ٻولين جي ادب سان لاڳو ٿئي ٿي. ان ڪري اهو نٿو چئي سگهجي ته سنڌي ماڻهن ان سلسلي ۾ ڪنهن انفراديت جو مظاهرو ڪيو هجي. هن وقت سنڌ ۾ سياسي صورتحال مختلف آهي. عالمي ۽ ملڪي صورتحال ۾ تبديلين هِتي به سڄي وايو منڊل کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سياسي ڌرين ۾ سياسي ۽ نظرياتي اختلافن و عنصر باقي نه رهيو آهي جنهن جو اهم سبب اهو آهي ته انهن ڌرين وٽ نه ته آئيندي لاءِ ڪو سياسي لائحه عمل آهي ۽ نه ئي سماجي تبديلي جو ڪو پروگرام آهي، انهن حالتن ۾ ڪِتاب ۽نظرياتي بحث سياسي ڪارڪنن جي ضرورت ناهن رهيا، ان ڪري انهن ڪِتابن جو وڪرو نه هئڻ برابر وڃي رهيو آهي،
عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته انٽرنيٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪِتاب پـڙهڻ جي عادت کي متاثر ڪيو آهي. اها پنهنجي ليکي هڪ ٻي ڏند ڪٿا آهي، ڇاڪاڻ ته جِتي اهي شيون پيدا ٿيون آهن اتان جو اٽڪل هر ماڻهو انهن شين کي اسان کان گهڻا ڀيرا وڌيڪَ استعمال ڪري ٿو پر اتي ڪِتابن لکڻ، ڇپجڻ ۽ پڙهڻ جو انگ بجاءِ گهٽجڻ جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي، ڪنهن سٺي ۽ معياري ڪِتاب جي اچڻ وقت ڪِتاب گهرن جي ٻاهران ماڻهن جو قطارون لڳل هونديون آهن.
اصل ڳالهه اها آهي ته ڪِتاب هڪ خاص وقت ۾ سنڌي پڙهيل ڳڙهيل طبقي جي هڪ سياسي ضرورت ته رهيو آهي پر انهن جي هڪ انساني ضرورت نه بڻجي سگهيو آهي. جنهن جي پورائي کانسواءِ هو پاڻ کي اڻ پورو محسوس ڪري ۽ پنهنجي اندر ۾ گهٽتائي سمجھي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته هن وقت ان جي باوجود ته ڪهاڻيڪار ۽ شاعر معياري ادب لکي رهيا آهن پر انهن کي اها مڃتا نه ملي سگهي آهي جيڪا سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي جي اديبن جي حصي ۾ آئي. بنيادي سبب اِهوئي آهي ته ان وقت جي سياسي، سماجي صورتحال ليکڪ ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ لاڳاپو هئي ۽ ليکڪ پڙهندڙ جي ان ضرورت کي پورو ڪندو هو ۽ سندس احساس کي اظهار ڏيندو هو. هن وقت اها صورتحال آهي جو ٻنهي مان ڪنهن جي به اها ترجيح ڪونهي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته گهڻي ڀاڱي جيڪي لکندڙ آهن اهي ئي پڙهندڙ به آهن. مجموعي طور تي سنڌي سماج جو ڪِتاب ۽ پڙهيل لکيل ماڻهوءَ ڏانهن جيڪڏهن حقارت وارو نه ته به هڪ لاتعلقي وارو رويو آهي. اهي هِتي اهڙا بيڪار ڪم سمجهيا ويندا آهن جن جي سماج ۾ ڪا افاديت ناهي، سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تعدادُ گهٽ ۾ گهٽ ويهه لکن کان ته وڌيڪ ئي هوندو. ان حوالي سان جيڪڏهن سنڌ مان نڪرندڙ اخبارن جي سرڪيوليشن، رسالن جي تعداد ۽ انهن جي سرڪيوليشن تي نظر وجھبي ته هڪ مايوس ڪُن صورتحال نظر ايندي. ساڳي طرح جيڪڏهن ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته سنڌيءَ ۾ سال اندر مختلف موضوعن تي گهڻا ڪِتاب ڇپجن ٿا ته اهو نظر ايندو ته هڪ ته انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي ۽ ٻيو ته اهي گهڻي ڀاڱي ادب جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل هوندا آهن، سماجي ۽ فطري علمن جي حوالي سان ڪِتابن جو تعداد نه هئڻ برابر آهي.
ان جو سبب اهو آهي ته سنڌي سماج کي ڪِتاب جي ضرورت ناهي. اها ضرورت انهن معاشرن ۽ سماجن ۾ محسوس ٿيندي آهي جِتي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجين سماجي حالتن۽ فطرت متعلق سوال هوندا آهن، هو هڪ ته پنهنجين موجوده حالتن مان مطمئن ناهن هوندا ۽ ٻيو ته منجھن هڪ تجسس هوندو آهي ۽ مختلف سماجي ۽ فطري شين متعلق ڄاڻڻ چاهيندا آهن. سنڌ جي موجوده صورتحال تي نظر وجھڻ سان اها خبر ته پئي ٿي ته ماڻهو پنهنجين حالتن مان مطمئن ناهي. پر ساڳي وقت اهو پڻ لڳي ٿو ته ڄڻ انهن ان جا سڀئي ڪارڻ ڳولي ورتا هجن ۽ سڀ جواب وٽن هجن. ان ڪري نه ته انهن وٽ ڪو اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب گهربل هجي ۽ نه ئي اهي ان جي ضرورت سمجھن ٿا ڪنهن به سنڌي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ سان سياسي ۽ سماجي مسئلن تي بحث ڪبو ته هڪ ته وٽس انهن جا ٺهيل ٺڪيل جواب هوندا ۽ ٻيو ته هو ان ڳالهه لاءِ تيار نه هوندو ته ڪير ساڻس اختلاف ڪري سندس يقين کي متزلزل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ خيالن ۽ سوچ جي ان قلعي ۾ ڏار وجھي جنهن ۾ هو پاڻ کي نهايت ئي محفوظ سمجھي ٿو.
هر ڳالهه، نظر ئي ۽ خيال تي شڪ ۽ سوال ڪرڻ ڳولا ۽ علم حاصل ڪرڻ جو پهريون ڏاڪو آهي، ڏٺو وڃي ته اهو ئي سڀ کان ڏکيو مرحلو آهي، رڳو ان مرحلي تي پهچڻ لاءِ ماڻهو کي ڪهڙن عذابن مان گذرڻو ۽ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان سان سڄي انساني تاريخ ڀري پئي آهي. شڪ ۽ سوال تي اهي ساڳيون بندشون سنڌ ۾ پڻ موجود آهن. سياسي جماعتون، مذهبي تنظيمون ۽ حڪومتي ادارا مختلف سڌن ۽ اڻ سڌن طريقن سان ماڻهن جي ذهنن تي ضابطو رکڻ ۽ سندن شڪ ۽ سوال ڪرڻ واري قوت کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن.
ان صورتحال ۾ بنيادي سوال اهو ئي آهي ته ڇا هِتي شڪ ۽ سوال ڪرڻ جي آزاديءَ کي هڪ مسئلو سمجھي ان جي حصول لاءِ جاکوڙ ڪئي وئي آهي يا ان کي دٻائڻ ۽ مختلف القابن سان نوازيو ويو آهي. ظاهر ڳالهه آهي ته اهو سڀ ڪجهه انهن تنظيمن ۽ ماڻهن جي مفاد ۾ ناهي جن جا هن سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ ۾ مستقل مفاد آهن پر اهي ماڻهو جن کي ان ڳالهه جو اونو آهي ته سنڌ ۾ پڙهڻ، لکڻ ۽ سوچڻ جي لاڙي ۾ ڇو گهٽتائي ٿي آهي انهن کي گهٽ ۾ گهٽ والٽيئر وانگر انهن ماڻهن جي راءِ جي آزاديءَ لاءِ پڻ وڙهڻ گهرجي جنهن سان هو پاڻ به اختلاف رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ ان ڳالهه جو تدارڪ ممڪن ڪونهي.