انيس جا افسانا ۽ نون لاڙن جي ڳولها
سنڌي سماجَ ورهاڱي کان پوءِ شديد سماجي ۽سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو آهي. ان ڇڪتاڻ جا اثر زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پَسي سگهجن ٿا. خاص طور تي ادب ۾ اهي اثر سڀ کان وڌيڪَ واضح هئا. هن وقت پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي جا جيڪي نمائنده اديب ملن ٿا، اهي هڪ يا ٻئي طريقي سان ان سڄي جدوجهد ۾ شامل رهيا آهن. ادبي تنظيمن خاص طور سنڌي ادبي سنگت جو پليٽ فارم اهڙي ادب جي تخليق لاءِ استعمال ٿيندو رهيو، جنهن جا موضوع سنڌ جا قومي ۽ طبقاتي مسئلا هئا. ان دور ۾ جيتوڻيڪ اديبن جون اهڙيون جماعتون ۽ گروهه به موجود هئا. جيڪي انهن اديبن ۽ ادبي سرگرمين کي دهريت ۽ ملڪ دشمني سان ڳنڍيندا هُئا، پر اهڙا اديب اٽڪل نه هئڻ برابر هئا، جيڪي ڪنهن به پاسي نه هجڻ ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي تخليقي پورهئي ۾ مصروف هجن.
اهڙي دور جي ادب جي خاص ڳالهه اُها هوندي هُئي ته ان جي سڃاڻپ تخليقي سگهه سان گڏ اديب جا سماجي ۽ تنظيمي لاڳاپا پڻ هوندا آهن.
گهڻن موقعن تي اهي لاڳاپا تخليقي سگهه کان به وڌيڪَ اهميت حاصل ڪري ويندا آهن. ان ڪري گهڻا اديب جيڪي ان ڳالهه ۾ پوئتي رهجي ويندا آهن اهي گمناميءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. جيسين ڪو محقق يا ڪو ڄاڻو تاريخ جي اها دز صف ڪري کين ماڻهن آڏو آڻي جيڪا ڳالهه پڻ هميشه نه ٿيندي آهي.
انيس انصاري سنڌ جي ان دور جو ليکڪ آهي. سندس شخصي ۽ ادبي مطالعو ان ڪري اهميت رکي ٿو ته هو اهڙن اديبن ۾ شامل هو، جيڪي مک ڌارائن جو حصو نه هئا. اڪيلائي ۽ محفلن کان پري ادب جي تخليق سندن شخصيت جو حصو هئي. ان جو ذڪر ڪندي انيس انصاري پاڻ پنهنجي شخصيت متعلق لکي ٿو ته: ”ڏاڍو اڪيلائي پسند آهيان. ايتري قدر جو پنهنجي ئي شهر جي هڪ مشهور اديب منهنجو نالو خاتون لکندڙن ۾ شامل ڪري جنس ئي تبديل ڪري ڇڏي. ڏوهه سندس به نه آهي. تخلص جو اهڙو آهي.“ ٻي جاءِ تي هو لکي ٿو ته، ”جنهن جي ڪهاڻي ۾ نه زوردار ڊائلاگ آهي ۽ نه ڀرپور فلاسافي. هڪ عام ذهني سوچَ جي پيداوار آهن منهنجون ڪهاڻيون.“
انيس انصاري جي ڪهاڻي تي نظر وجھجي ٿي ته اها حقيقت واضح ٿئي ٿي. اها ڳالهه ناهي ته سندس ڪهاڻيون سماج ۽ ان جي مسئلن کان ڪٽيل آهن، پر انهن ۾ گوڙ، شور ۽ هل هنگامو ناهي، جنهن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ضروري سمجھيو ويندو هو. اصل ۾ تخليقڪار لاءِ اندر جي آسيس جو هڪ لمحو ئي ڪافي هوندو آهي، جنهن ۾ هو واريءَ جي هڪ ذري ۾ سڄي ڪائنات کي سموئي ۽ پسي سگهندو آهي. اهو لمحو هر ڪنهن ۽ خاص طور اهڙن ماڻهن جي قسمت ۾ ناهي هوندو، جن کي فوري طور ماڻهن جي واهه واهه ۽ تعريف جي ضرورت هوندي آهي. انيس جي ڪهاڻين جي درجي بندي نه ٿي ڪري سگهجي ته ڪهڙين ڪهاڻين کي سماجي ۽ ڪهڙين کي سياسي خاني ۾ فٽ ڪجي. ان جو هڪ سبب اهو ـآهي ته ليکڪ پاڻ به شعوري طور اهڙي ڪوشش ناهي ڪئي. سندس مختلف احساس ۽ جذبا آهن، جيڪي هر انسان جيان مختلف وقتن تي مختلف روپ وٺن ٿا ۽ اهڙي ريت پنهنجو اظهار ڪن ٿا.
”چانڊوڪيءَ جو زهر“ ٻين ڪهاڻين جي ڀيٽَ ۾ منفرد ڪهاڻي آهي. اها ڪهاڻي پڙهندڙ کي مابعد الطبيعات جي پيچيدگين ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ڇاواقعي ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ايتري اندرين سگهه ۽ روحاني قوت ٿي سگهي ٿي، جيڪا ٻين کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻي کين ماضي يا مستقبل ۾ وٺي وڃي سگهي ٿي. چانڊوڪي جو رومانس، جڏهين چانڊوڪيءَ جي زهر ۾ بدلجي وڃي ته ماڻهو واقعي سڪتي ۾ اچي وڃي ٿو. هونئن به سونهن جي ته اها خاصيت هوندي آهي ته اها نه رڳو موهي ڇڏيندي آهي پر آپگهات تي به مجبوري ڪري ڇڏيندي آهي. ڪهاڻي ”اڃا نه، اڃا نه“ به مابعد الطبيعات جي ويجھو آهي، جنهن جو ڪردار غنودگي ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڄڻ ٻي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو پر اڃا سندس وقت دنيا ۾ پورو ناهي ٿيو.
انيس جي افسانن جي خاص ڳالهه جيڪا اسان کي ان دور جي گهٽ تخليقڪارن ۾ ملي ٿي، اها آهي عورت جي موجودگي. اها عورت هڪ ديوي يا ماءُ يا ٻي ڪنهن پوتر صورت ۾ نه، جيئن عام طور تي عورت کي پيش ڪيو ويندو آهي، پر هڪ عام انسان جي صورت ۾ پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا ساڳي وقت زال به آهي، محبوبه به آهي. ماءُ به آهي، ڀيڻَ به آهي، خراب به آهي، چڱي به آهي. مطلب ته اهي سڀ خاصيتون جيڪي مردَ ۾ پڻ موجود آهن. ڪهاڻي ”ٽپڪو“ ۾ اهو واضح ٿئي ٿو ته انسان جي جسماني سونهن هڪ حد تائين اهميت رکي ٿي پر اهڙو مرحلو اچي ٿو جِتي جنسي ضرورتون ۽ گهرجون ان تي حاوي ٿي وڃن ٿيون. اها هڪ سڌي سنئين انساني جذبي جي اُپٽار آهي. فيروزه، ڪارمين ۽ سونل ۾ هڪ مظلوم ٺڳ ۽ محبوبا ۽ زال جي صورت ۾ موجود آهي، پر خاص طور ڪهاڻي ”“ڊونا“ ۾ ليکڪ هيروز جي احتياط پسندي واري تربيت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ زندگيءَ ۾ گهڻن موقعن تي ۽ کين اهڙن موڙن تي به اڳرائي کان باز رکي ٿي جِتي ان جي ضرورت هوندي آهي ــ ”پيداوار ئي اهڙي ماحول جي آهيان، جِتي قدم قدم تي احتياط ڪيو ويندو آهي ۽ احتياط سان هلڻ جي تلقين ڪئي ويندي آهي. جِتي ڪنهن به قسم جو رسڪ کڻڻ وڏو گناهه سمجھيو ويندو آهي. مون ان گهر ۾ اکيون کوليون، جِتي سواريءَ لاءِ اهڙي ٽانگي آڻڻ لاءِ چيو ويندو آهي، جنهن جو گهوڙو سرڪش نه هجي. مان ان گهر ۾ وڌيس جنهن ۾ ريل جي وڃڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ پليٽ فارم تي موجود هجڻ لاءِ چيو ويندو آهي.“ اهڙي ريت عرفان اهو فيصلو ئي نه ٿو ڪري سگهي ته سندس ڊونا سان ڪهڙو تعلق آهي.
”ڇا مان ڊونا سان فلرٽ ٿو ڪريان؟
ڇا مان ڊونا سان محبت ٿو ڪريان؟
فلرٽ؟
محبت!
محبت؟
فلرٽ!
ليکڪ جي Run of Mill ۽ مک ڌارا کان الڳ ٿي لکڻ جو هڪ فائدو اهو ٿيندو آهي ته سندس قلم اهڙن گهڻن منفرد موضوعن کي ڇهندو آهي، جيڪي هونئن شايد سندس ذهن ۾ ئي نه اچن. روايتي طور اهڙا ڪردار سامهون ايندا آهن، جيڪي سرڪاري دفترن جا چڪر ڪاٽي تنگ اچي ويندا آهن ۽ کين هڪ مظلوم جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. پر ”آفيس برڊ“ ان لحاظ کان هڪ بلڪل ڌار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اهڙي ڪردار کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن کي دفترن جا چڪر ڪاٽڻ۽ اتي بابوئن کي چانهه بسڪيٽ کارائڻ ۾ مزو اچي ٿو ۽ ان لاءِ ڪنهن نه ڪنهن بهاني جي ڳولا ۾ رهي ٿو. ساڳي ريت ”لاٺي چارج“ آهي، جيڪا ڄڻ ته ان پوري نظام تي چٿر آهي. ان ۾ هڪ معصوم ٻار پوليس جي لاٺي چارج جو شڪار ٿئي ٿو، جنهن کي لاٺي چارج جي معنيٰ جي به خبر نه آهي. ڏٺو وڇي ته ان ڪهاڻيءَ ۾ نعري بازي ۽ سياسي بيانن جي ڪافي گنجائش هئي، پر ڪهاڻيڪار پنهنجو اسٽائيل برقرار رکندي ان کان پاسو ڪندي سڄو توجهه پنهنجي موضوع تي رکيو آهي.
مختلف ڪهاڻيون سماجي ناتن جي مختلف پاسن تي لکيل آهن. ”برف جي سِر“ اهڙي ماٽيجي ماءُ جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي پنهنجي پٽ سان پيار ته آهي، پر اها ان جو اظهار نه ٿي ڪري. ماٽيجي ماءُ جي ڪردار کي جنهن منفي انداز ۾ ادب ۾ پيش ڪيو ويندو رهيو آهي، ان کي ڏسندي اها هڪ غير روايتي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي ”آسائتي“ هڪ پيءُ ۽ پٽ جي محبت جي ڪهاڻي آهي. اها هڪ نهايت دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي آهي ۽ آئون سمجھان ٿو ته ليکڪ جو جيڪڏهن ٿورو exposure هجي ها ۽ ان ڪهاڻي کي جوڳي پبلسٽي ملي ها ته اها يقينا ً سنڌي جي بهترين افسانن ۾ شامل هجي ها. ڪهاڻي ”جنم“ پڻ انساني ناتن جي ان پيڙا کي ظاهر ڪري ٿي.
ڪهاڻي ”پاپ“ ۽ ”سج گرهڻ“ ۾ ليکڪ مروج ٿي ويل ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن جي اُپٽار کي غلط سمجھي ٿو، پر سج گرهڻ ۾ ڄڻ هو ان ڳالهه کي قبول ٿو ڪري. جڏهن هو ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي هن ريت ڪري ٿو ته: ”انگوريءَ کي پٽ ڄائو، جنهن کي ڏسڻ سان ئي جانڪيءَ کان رڙ نڪري ويئي. چيلهه کان هيٺ هو بلڪل جڏو هو. ڏيڏر وانگر چٿيل ۽ چپيل“ ڇا واقعي سج ۽ چنڊ گرهڻ جا ماڻهوءَ تي اهي اثر ٿين ٿا، جن جو ذڪر صدين کان ٿيندو آيو آهي. ڇا ان جي ڪا سائنسي وضاحت ٿي سگهي ٿي؟ اها ڳالهه انيس انصاريءَ جي پڙهندڙن کي سوچڻ لاءِ اتساهي ٿي.
انيس انصاريءَ جي هڪ گهڻ پاسائين ليکڪ هئڻ جو اندازو ان ڳالهه مان ٿئي ٿو ته هن پاڻ کي ڪجهه مخصوص موقعن تائين محدود ناهي رکيو. ”ڳالهه ويئي وسري“ ۽ ”اداس پليئر“ ۾ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ لطيف جذبن ۽ احساسن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ساڳي وقت ڪهاڻي ”رنگ“ گل محمد کتري جي حوالي سان لکيل آهي. جيڪي کتري کان واقف آهن اهي ان ڳالهه کي ضرور محسوس ڪندا. اها ڪهاڻي کان وڌيڪَ انهن حقيقتن جي اپٽار آهي، جيڪي کتريءَ جي حياتيءَ جو حصو هيون.
قوم پرستي جو هڪ منفي پاسو نسل پرستي به آهي ۽ اهڙو لاڙو سنڌي ادب ۾ پنجاهه، سٺ ۽ ستر تائين جي ڏهاڪي ۾ جابجا ملي ٿو. ڪهاڻي ”وڏي حويلي“ ۾ جڏهن چُنو ولد مُنو جو ذڪر اچي ٿو ته فوراً اهو محسوس ٿو ٿئي ته شايد ليکڪ ان ساڳي پاسي ڏانهن موٽي رهيو اهي، جيڪو هن دور جي ليکڪن جو هڪ پسندديده موضوع رهيو آهي. پر ليکڪ هڪ بلڪل الڳ انداز ۾ ان موضوع کي ورنائي ٿو ۽ چُنو کي هڪ نفرت انگيز ڪردار طور پيش ڪرڻ جي بجاءِ ان سان دوستيءَ جو ناتو ڳنڍي ٿو ۽ هڪ بلڪل نارمل طريقي سان کانئس حويلي خريد ڪري ٿو. اهڙي ريت هُنَ پاڻَ کي نسل پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ کان بچائي ورتو.
”تنهنجي نالي ۾“، ”مٽي“ ۽ ”پاپ“ ان دور جي سنڌي ادب جي ان عام لاڙي کي ظاهر ڪن ٿيون جنهن جو مقصد مذهبي روادري، سهپ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت آهي. انيس جي افسانن ۾ ”انسان“ رڳو اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا سندس اسٽائيل ۽ انداز کان مختلف آهي ۽ ان ۾ هو هڪ پرچارڪ ۽ مقرر نظر اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهو سندس ڪاوڙ جو اظهار هجي، جنهن کي سماج ۾ هلندي ڦرندي ۽ غريب ۽ امير جي فرق کي ڏسندي هن محسوس ڪيو هجي. ماڻهوءَلاءِ اهو ته ممڪن ئي ناهي هوندو ته هو هر وقت پنهنجي ڪاوڙ کي قابو ۾ رکي سگهي.
انيس انصاريءَ جون ڪ هاڻيون مختلف اهڙن لاڙن ڏانهن ڌيان ڇڪائين ٿيون جن تي اڃا تائين جوڳو ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اهڙن ڪهاڻيڪارن ۽ اهڙن انسانن جي ڳولها يقيناً سنڌي ادب کي اڃا وڌيڪَ شاهوڪار بڻائيندي.