ڪالم / مضمون

گل گل هٻڪار

رئوف نظاماڻي صاحبَ جو شُمار سنڌُ جي اُنهن سنجيده ۽ گهڻَ ـــ پڙهين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌي اَدبَ ۽ سماجَ ڏانهن هِڪَ گهري ۽ تنقيدي نِگاههَ واري پهچَ رَکن ٿا. هُو هِڪَ ڊگهي عَرصي کان سنڌي اَدبَ سان لاڳاپيلَ مختلف موضوعن، شخصيتن ۽ ڪِتابن تي پنهنجا تنقيدي ۽ اڀياسي مضمونَ لکندو پيو اَچي، جيڪي هِنَ کان اَڳُ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن ۾ وکريا پيا هُيا، هِنَ ڪِتابَ ۾ اُنهن مڙني مضمونن مان ڪجُهه چونڊَ شامل ڪَئي وَئي آهي. هِنَ اهم ۽ سَنجيده نوعيت جي ڪِتابَ ۾ شامل مَضمونَ، موضوعن جي وِرائِٽي ۽ نظاماڻي صاحبَ جي مخصوص ڳوڙهي ۽ فڪري اندازَ سبب يقيناً وڏي اهميتَ وارا آهن.
Title Cover of book گل گل هٻڪار

عشق، ڳوٺ ۽ سمنڊ

تخليق کي تخليقڪار جي طبعي عمر سان نٿو ڀيٽي سگهجي. اهو ضروري ناهي ته عُمر وڌڻ سان ماڻهو ۽ سندس فن ۾ پختگي ايندي هجي. اسان جي چوڌاري هلندڙ گهڻا ماڻهو اڇين ڏاڙهين ۽ مُڇين هوندي به ذهني طور اڃا ٻار ئي هوندا آهن. ساڳيءَ ريت گهڻا پنهنجي ننڍي عُمر ۾ ئي اُهي ڪم ڪري ويندا آهن، جيڪي هڪ ڊگهي عرصي تائين ياد رکيا ويندا آهن.
امر پيرزادو چوڏهن سالن جي عُمر ۾ شاعري شروع ڪئي ۽ هن وقت سندس عُمر اٽڪل ٻٽيهه سال آهي. ارڙهن سالن جي تخليقي پورهئي کان پوءِ هي سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. ان لحاظ کان اهو نه ٿو چئي سگهجي ته هُنَ ڪِتابُ ڇپرائِڻَ ۾ تڪڙ ڪئي آهي، پر منهنجي خيال ۾ ان سلسلي ۾ شايد کانئس دير ٿي وئي آهي. بهرحال جيئن چوندا آهن ”دير آيد دُرست آيد“، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين ڪِتابَ جو واڌارو، هڪ ٻيو شاعر ”صاحب ڪِتاب“ ٿي ويو.
امر سان منهنجي واقفيت جو حوالو انور پيرزادو ئي آهي، پر ظاهر آهي ته هر ڪنهن سان واقفيت جو ڪونه ڪو حوالو ته هوندو آهي، پر تعلق ۽ واقفيت جو اڳتي وڌڻ ۽ هڪ هم آهنگيءَ جو پيدا ٿيڻ ان کان هڪ بلڪل الڳ ۽ ڌارَ شيءِ هوندي آهي. ان تعلق کي اڳتي وڌائڻ ۾ امر جون ادبي سرگرميون ۽ خاص طور سندس سنگت گلشن حديد سان تعلق، اُن جي سيڪريٽري جي عهدي تي رهڻ کي اهم حيثيت حاصل آهي.
امر جي ان مجموعي جو عنوان ”عشق“ آهي. سندس شعر آهي ته ”ناهي ناهي دُنيا داري، عشق بغاوت آهي آهي.“ عشق جون هونئن ته گهڻيون معنائون ۽ وضاحتون ڪيون وينديون آهن. ان جي هر معنيٰ ۽ وضاحت تي اها ڳالهه لاڳو ٿئي ٿي ته “Love is anti-social”. اهو ڀلي ٻن فردن جو معاملو هجي، ڪنهن جي تارڪ الدنيا ٿي وڃڻ جي ڳالهه هجي يا ڪنهن انقلاب ۽ انقلابي تحريڪ سان سلهاڙجڻ جي ڳالهه هجي، سماج جي تاڃي پيٽي کي ضرور متاثر ڪندو آهي. عشق جي سزا ڪڏهن ڪاروڪاريءَ جي صورت ۾، ڪڏهن منصور ۽ سرمد جيان ڦاهيءَ تي چاڙهڻ ۽ ڪڏهن بلاول جيان گهاڻي ۾ پيڙهجڻ جي صورت ۾ ملندي آهي. اهڙي ريت عشق جو حاوي ٿيڻ هڪ موتمار صورت اختيار ڪري ويندو آهي، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو پنهنجو ذهني توازن ضرور وڃائي ويهندا آهن. امر جي عشق جي ڪيفيت، جيڪا سندس شاعريءَ مان ظاهر ٿئي ٿي. اُنَ انتها تي پهتل ناهي. وٽس سونهن آهي، محبت ۽پيار آهي جيڪو ڪنهن هڪ فردَ تائين محدود ناهي ۽ سماجي ۽ سياسي مسئلن جي اُپٽار آهي.
شاعري ساڳي وقت فرد جي مختلف ڪيفيتن جو اظهار به آهي ۽ هڪ شعوري ڪوشش به آهي، جيئن ڪِتابَ جو ٽائيٽل ٻڌائي ٿو ته گهڻي ڀاڱي شاعري محبت ۽ پيار تي ٻڌل آهي. ايستائين دنيا ۾ جيڪا به شاعري ٿي آهي. اُنَ ۾ عورت ۽ سندس پيار جي حصول کي اهم ترين حيثيت حاصل رَهي آهي. ان ڪري جيڪڏهن امر به ايئن ڪيو آهي ته رُڳو شاعريءَ جي روايت سان پنهنجي تسلسل کي برقرار رکيو آهي، پر ساڳي وقت اِها ڳالهه به آهي ته، هر فرد جو محبت ۽ پيار ٻئي کان مختلف هوندو آهي ۽ اهڙي ريت ڪيفيتن ۽ ان جو اظهار پڻ مختلف هوندو آهي. هر شاعر ڄڻ ان ۾ واڌارو ڪري اُنَ کي وڌيڪَ شاهوڪار ڪندو ويندو آهي. ڪا نئين تشبيهه، ڪو نئون استعارو ۽ ڪا نئين ڪيفيت اُنَ شاعر جي سڃاڻپ بڻجي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ سندس ڪجهه شعرن کي ڏسو:

جنهن گهڙي مون چميو تنهنجي رخسار کي
منهنجي قدم جي هيٺان خدائي هئي
يا
هُو زماني اڳيان ڪيڏو مجبور هو
۽ خدا تاءِ هن جي رسائي هئي
يا
وهنجي آئي آهي هاڻي
وار ڇنڊيندي خوشبو ٿيندي
فطرت، پيار ۽ شاعر جو هميشه کان هڪ اڻٽٽ ناتو رهيو آهي. پيار ۽ شاعريءَ جو فطري مظهرن جي ذڪر کان سواءِ اظهار ئي اڻ پورو هوندو آهي. امر جا ڪجهه شعر ڏسو:

پوپٽن جي درد کان هو بي خبر
تنهن ڪري ظالم پئي گلڙا ڇنا
يا
مٿان سمنڊ تي چنڊ چوڏهين جو
۽ هيٺان به ڇولين ڄڻي چاندني
يا
پکي ۽ فضا جي ڏسي دوستي
پئي امن کي گنگائي هوا

چوڻ وارا چوندا آهن ته عشق ۽ محبت به ڪُل وقتي ڪم آهي ۽ جيڪي ان کي جُز وقتي سمجھندا آهن، اهي معمول جو شڪارُ ٿي ويندا آهن ۽ کين مايوسي ۽ فرسٽريشن کان سواءِ ٻيو ڪجهه پلئه ناهي پوندو. اسان جو شاعر هڪ پاسي ته پنهنجي محبوب لاءِ اِهو چئي ٿو ته:

”توکي ڏنل هر
تشبيهه
توکي ڏنل پيار وانگي
ناڪافي آهي.

پر پنهنجي نظم “love Marriage” ۾ هو شاديءَ کان پوءِ فرسٽيشن جو جو اظهار ڪندي چئي ٿو:

شادي کان پوءِ
تون ۽ مان
هڪ ٻئي کي ايتريون چميون
ناهيون ڏيندا
جيتريون شاديءَ کان اڳ
فون جي ”رسيور“ کي
هڪ ٻئي جا
چَپَ سمجھي ڏيندا هئاسين،
هاڻي تنهنجي تيار ٿي سامهون ويهڻ کان
وڌيڪَ خوشي
پگهار ۾ increment ملڻ تي ٿيندي آهي.....

آخر ۾ هُو چئي ٿو:

اسان ڪيڏا بدلجي ويا آهيون،
ملڻ سان جدا ٿي ويا آهيون.

هڪ مختصر عرصي ۾ امر کي پنهنجن ٽن پيارن جي وڇوڙي جو ڏُک کڻڻو پيو. پهرين سندس وڏي ڀاءُ زبير جو اوچتو وڇوڙو ۽ پوءِ ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي ماءُ ۽ بابا انور پيرزادي جي جُدائي نه سهڻ جهڙا صدما هُئا. اِها ماڻهوءَ جي اهڙي ڪيفيت هوندي آهي جنهن کي اندر ۾ محسوس ته شدّت سان سان ڪبو آهي، پر ان کي لفظن جو ويسُ پهرائڻ انتهائي ڏکي ڳالهه هوندي آهي. ان سلسلي ۾ امر به ڪوشش ڪئي آهي. هُنَ انهن پيارن سان ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين، جيڪي زندگيءَ جو حصو هونديون آهن، کي ياد ڪيو آهي. انور تي لکيل نظم ۾ هُو چئي ٿو:
اِهي ننڍيون عام رواجي ڳالهيون
منهنجي عشق وارين يادن جو
اٽوٽ حصو آهن

”امان جي وڇوڙي تي لکيل“ ۾ هُو چئي ٿو:

تو کان پوءِ
مان وڏو ۽ ذميوار ٿي ويو آهيان
سو ڪنهن ننڍيءَ ڳالهه تي
هاڻي ضد به نه ٿيندو

ساڳي ريت زبير متعلق هُو لکي ٿو:

جسم جي ٿڪ کي ننڊ لاهي ڇڏيو
چين ڪونهي پرين! روح جي ٿڪ کي

هتي هڪ ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته شاعر انور تي لکيل نظم کي ”انور پيرزادي جي وڇوڙي تي لکيل“ عُنوان ڇو ڏنو آهي، پنهنجي امان ۽ زبير جيان اُنَ کي بابا جو عنوان ڇو نه ڏنو آهي، جيڪو هڪ شاعر جي حيثيت ۾؛ انور پيرزادي سان سندس وڌيڪَ جذباتي قربت کي ظاهر ڪري ها.
ڪراچي هِتان جي رهندڙن لاءِ رڳو هڪ خبر ناهي، پر هڪ حقيقت آهي جنهن سان کين روز مُنهن سامهون ٿيئڻو پوي ٿو. امر هِتي ئي پڙهي لکي وڏو ٿيو آهي. هُو سهڻي نموني شهر جي ڪيفيت بيان ڪندي چئي ٿو:

خاموش رهڻ ۾، ظلم سهڻ ۾
زندهه رهڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن.

سندس عُمر کي ڏسندي اِهو چئي سگهجي ٿو ته هُنَ شايد شهر جي اوجَ ۽ عُروجَ وارو دور نه ڏٺو هجي. پر هُو شهر جي زوال جو گواهه آهي، جيڪو لاڳيتو هڪ ڪُنَ ۾ لهندو ٿو وڃي، تڏهن ته هو لکي ٿو:

شهر هو ڀرت جيان ڀريل جيڪو،
ڪيئن نه ويران ٿي ويو آهي!

نظم ”ڪراچي“ ۾ ان ئي ڪيفيت کي بيان ڪيو ويو آهي. جنهن مان ڪراچيءَ جو هر شهري روز گذري ٿو.
”اهي جي بنا ڏوهه ماريا ويا“ ڪراچي سميت پاڪستان جي انهن سڀني ماڻهن تي هڪ ڊگهو نظم آهي، جيڪي دهشتگردن جي هٿان ماريا ويا آهن. اِهي سڀ عام ماڻهو آهن، جيڪي بسن ۾ سفر ڪن ٿا، روڊن ۽ رستن تي هلن ٿا. پنهنجي پيٽ پُورائي لاءِ چوويهه ڪلاڪَ جدوجهد ڪن ٿا ۽ سندن سياست ۽ دهشتگردن سان ڪو به واسطو نه رهيو آهي. شاعر؛ گڏوگڏ سماج جو هڪ باشعور فرد پڻ هوندو آهي. سندس پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن ۽ ماحول سان هڪ احساساتي تعلق هوندو آهي. هُو جڏهن پنهنجو اظهار ڪندو آهي ۽ خاص طور نظم جي صورت ۾ ته ڄڻ هُو اُنهن سڀني ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهيو هوندو آهي. امر جي سماجي مسئلن سان لاڳاپيل شاعريءَ جي خاصيت اِها آهي ته، هُو ان کي ماڻهن جي ڪنهن هڪ مخصوص حصي تائين محدود نه ٿو ڪري، پر ان ۾ انهن سڀني کي شامل ڪري ٿو، جيڪي ان کان متاثر ٿين ٿا. سندس اِهو نظم پڻ ان ساڳي ڳالهه جو اظهار آهي.
عورت کي سماج ۾ برابر جي حيثيت ۽ حق ڏيڻ لاءِ سنڌي اديب ۽ شاعر ڊگهي عرصي کان جاکوڙ ڪندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ شاهه لطيف جي ته نمائنده حيثيت آهي. امر پيرزادو پڻ ان ترقي پسند اجتماعي شعور جو هڪ تسلسل آهي. مجموعي ۾ شامل نظم ”پاڻ کي عورت تصور ڪجان“، ”سوات ۾ عورت کي ڦٽڪا هڻندي ڏيکاريل ويڊيو کان متاثر ٿي لکيل“ ۽ ”هوءَ ڇوڪريءَ“ جو ان سلسلي ۾ ذڪر ڪري سگهجي ٿو. اِهو اهڙو موضوع آهي، جنهن ۾ نواڻ کان وڌيڪَ پنهنجي آواز کي شامل ڪرڻ اهم آهي ۽ امر ان ڪم کي پنهنجي ليکي انجام ڏنو آهي.
امر ساڳي وقت بينظير ڀُٽو جي شهادت تي پنهنجو رَدَِ عمل ڏنو آهي ۽ جگجيت سان به پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.
منهنجي خيالَ ۾ امر جي زندگيءَ جو ڳچ حصو ڪراچيءَ ۾ ئي گذريو هوندو ۽ ڳوٺَ سان سندس واسطو بس مهمان کان ڪجهه وڌيڪ هوندو. سندس شاعريءَ ۾ ڪجهه جاين تي ڳوٺ موٽڻ جي خواهش شديد طريقي سان محسوس ٿئي ٿي، هن وائي ۾ ڏسو:
هي ڇڏي سارو شهر
پيار جو ڪو ٿي بحر
مان وڃان ٿو ڳوٺ ڏي

شامَ دُونهون آ هتي
ڇا اُتي هوندو پهر
مان وڃان ٿو ڳوٺَ ڏي

ساڳي ريت هُو پنهنجي هڪ غزل ۾ ان نوجوان تي تنقيد ڪري ٿو، جيڪو شهر وڃي مٽجي ويو آهي:
ڳوٺ مان نڪتو هيو هُو ڇوڪرو
شهر ۾ مَٽجي ويو آ ڪيترو

سوال اِهو ناهي ته هاڻي سندس لاءِ مستقل طور ڳوٺ وڃڻ ممڪن به آهي يا نه، پر ڳالهه اِها آهي ته هُنَ پنهنجي لاءِ ڳوٺ جي زندگيءَ جو هڪ رومانس جوڙيو آهي، جيڪا ڳالهه نفسياتي طور شهر ۾ هوندي به سندس ڳوٺ سان تعلق کي وڌيڪَ مضبوط ڪندي.
اها پڪ آهي ته امر ان کي پنهنجي منزل سمجھڻ بدران هڪ بهتر شروعات سمجھندو. جيڪا ڳالهه سندس تخليق جي عمل کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.