ڪالم / مضمون

گل گل هٻڪار

رئوف نظاماڻي صاحبَ جو شُمار سنڌُ جي اُنهن سنجيده ۽ گهڻَ ـــ پڙهين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌي اَدبَ ۽ سماجَ ڏانهن هِڪَ گهري ۽ تنقيدي نِگاههَ واري پهچَ رَکن ٿا. هُو هِڪَ ڊگهي عَرصي کان سنڌي اَدبَ سان لاڳاپيلَ مختلف موضوعن، شخصيتن ۽ ڪِتابن تي پنهنجا تنقيدي ۽ اڀياسي مضمونَ لکندو پيو اَچي، جيڪي هِنَ کان اَڳُ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن ۾ وکريا پيا هُيا، هِنَ ڪِتابَ ۾ اُنهن مڙني مضمونن مان ڪجُهه چونڊَ شامل ڪَئي وَئي آهي. هِنَ اهم ۽ سَنجيده نوعيت جي ڪِتابَ ۾ شامل مَضمونَ، موضوعن جي وِرائِٽي ۽ نظاماڻي صاحبَ جي مخصوص ڳوڙهي ۽ فڪري اندازَ سبب يقيناً وڏي اهميتَ وارا آهن.
Title Cover of book گل گل هٻڪار

نور الدين سرڪي ـ خوابن جي دُنيا جو شخص

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ سان ملڻ ضروري نه هوندو آهي رڳو سندس موجودگيءَ جو احساس ئي ماڻهوءَ جي لاءِ اطمينان ۽ آٿت جو باعث هوندو آهي. جڏهن اهڙي ماڻهوءَ جي لاڏاڻي جي خبر ايندي آهي ته ماڻهو ڄڻ ڪجهه پلن لاءِ صدمي جي ڪيفيت ۾ اچي ويندو آهي. ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ کانئس سندس ڪو احساس کسجي ويو آهي، شخصيت جو ڪو اهم حصو جدا ٿي ويو آهي.
سائين نور الدين سرڪيءَ سان اهڙي ناتي جي ڳالهه ڪندڙ آئون ڪو اڪيلو ماڻهو ناهيان پر سڄي سنڌ ۾ اهڙو ماڻهن جو اڻ ڳڻيو تعداد موجود آهي. بس اِهو ته آئون به اهڙن اڻ ڳڻين ماڻهن مان هڪ آهيان.
ادبي ۽ سياسي ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪنهن اتساهه ۽ ڀرجھلي جي ضرورت هوندي آهي. سنڌ جي حوالي سان اِها ڳالهه اڃا به وڌيڪَ اهميت رکي ٿي. هِتي ڪجهه عرصو اڳ تائين ادب ۽ سياست ڄڻ هڪ ئي سڪي ٻه رخ رهندا آيا آهن. قومي ڪارڪن جو جامع اصطلاح ڄڻ ان سڄي صورتحال جو احاطو ڪندو هو. ڪراچيءَ جي لحاظ کان اِها ڳالهه ان ڪري به وڌيڪَ اهميت رکندڙ هُئي ته هِتي سائين اياز قادري ۽ نور الدين سرڪي جهڙا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ شخص موجود هوندا هئا جن ڏانهن سنڌي نوجوان رجوع ڪندا هئا ۽ جيڪي مختلف وقتن تي سندن لاءِ اتساهه ۽ ڀرجھلو بڻبا هئا.
سرڪي صاحب جي شخصيت ان لحاظ کان اهم هُئي ته هو سنڌ جو اهڙو سينيئر ماڻهو هو جنهن جي لاءِ جدوجهد هڪ مقصد جيان هُئي. هڪ اهڙي گهڻ پاسائي شخصيت جيڪا قانون، سياست ۽ ادب جي ميدانن ۾ ساڳي ريت رُڌل هُئي.
سرڪي صاحب جي هڪ وڪيل جي حيثيت ۾ اها شهرت هوندي هئي ته سياسي ڪارڪنن لاءِ هو نه رڳو مفت ڪيس وڙهندو آهي پر هڙان ۽ وڙان به سندن مدد ڪندو آهي. سندس آفيس جا دروازا ادبي ۽ سياسي ڪارڪنن لاءِ هميشه کليل هوندا هئا ۽ منهنجو خيال آهي ته سندس گهڻو وقت پنهنجي اسيلن جي بجائي انهن ئي ماڻهن سان گذرندو هو جن کي هو پنهنجو دوست ڪوٺيندو هو.
سرڪي صاحب جي نظرياتي وابستگي ڪنهن سان هئي اِهو طئي ڪرڻ ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي. سندس شخصيت کي انهن حالتن جي تناظر ۾ ڏسڻ ضروري آهي جيڪي سندس چوڌاري موجود هيون. گهڻو ڪري ماڻهو پنهنجي واٽ جو تعين پنهنجي طبيعت جي لاڙي موجب موجود آپشنز مان ڪندو آهي. هو بنيادي طور تي هڪ ترقي پسند ماڻهو هو ۽ سماجي تبديلي سندس آدرش هو، سنڌ جي گهڻن ماڻهن جيان سندس چونڊ به ڪميونسٽ پارٽي هئي. شايد ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هجي ته ان وقت ان جو ٻيو ڪو متبادل نه هو ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ اڃا نئين مُلڪ جي حالتن ۾ سرجي رهي هئي. ممڪن آهي ته سرڪي صاحب جيئن چيو وڃي ٿو قومي مسئلي تي اختلافن ڪري پارٽيءَ کان ڌار ٿيو هجي پر هن ان ڳالهه جو ڪڏهن به کليل نموني اظهار نه ڪيو ۽ نه ئي اهڙو ڪو تاثر ڏنائين. هڪ ته سندس پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ساڳيا دوستاڻا ناتا ۽ ميل جول رهيو ۽ ٻيو ته هن پاڻ کي ٻي ڪنهن سياسي جماعت سان به وابسته نه ڪيو، سندس سرگرمين جو مرڪز وڪالت ۽ ادبي سنگت ڏانهن منتقل ٿي ويو.
سرڪي صاحب واري دور جي هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته ان وقت قومي تحريڪ وڌي ويجھي ۽ شڪل وٺي رهي هئي. سنڌ جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وچ ۾ مختلف مسئلن تي هڪ هم آهنگي هئي. قوم پرست جماعتن، جن قومي تحريڪ کي بجائي هڪ تنظيم ۽ رخ ڏيڻ جي ان کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڪمزور ڪري ڇڏيو، جي ٺهڻ جو عمل اڃا شروع نه ٿيو هو، ان ٽهي جا پنهنجا خوابَ هئا ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پنهنجن خوابن ۽ آدرشن ۾ ڦاسي وقت ۽ حالتن کان ڪٽجي ويندو آهي، اهڙن وڃايل گروهن يا Lost Tribes جا مثال تاريخ ۾ گهڻا ئي ملن ٿا. اِها رڳو جسماني ڪيفيت نه پر هڪ نفسياتي ڪيفيت به هوندي آهي. اسان کي اِها ڳالهه نظر ايندي ته سرڪي صاحب جي ٽهي جي گهڻائي پاڻ کي نين حالتن سان ٺهڪائي نه سگهي. منجھائن مختلف همراهه جهڙوڪ ڪامريد سوڀو، ابراهيم جويو، شمشير الحيدري ۽ نور الدين سرڪي وغيره ڄڻ مختلف قوم پرست جماعتن، جي وچ ۾ اتحاد جا سفير بڻجي ويا. يقيناً سندن اِهي ڪوششون خلوص ۽ نيڪ نيتي تي ٻڌل هيون ۽ آهن پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيون. ان جا ڪارڻ واضح هئا. انهن ماڻهن جي خوابن ۽ زميني حققيقتن ۾ فرق هو، پر ڳالهه وري به هتي ٿي اچي کٽي ته اِهي پنهنجي خوابن جا اسير ماڻهو پنهنجين ڪوششن تان هٿ کڻڻ ۽ اِهو مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته سندن انهن ڪاوشن جو کڙ تيل نڪرڻو ڪونهي. انهن ماڻهن جو الميو اِهو آهي ته اِهي سنڌ جي ڪاز لاءِ سڀني جماعتن سان گڏ هوندا آهن پر تنظيمي طور ڪنهن سان به ناهن.
ڏٺو وڃي ته اهڙن خواب ڏسندڙ ماڻهن جو هئڻ دراصل ڪنهن قوم جي جيئري هئڻ جي نشاني هوندي آهي. اهڙا ماڻهو سياسي ۽ ادبي ڪارڪنن لاءِ ڄڻ هڪ Centre of Gravity هوندا آهن. اِها ڳالهه سرڪي صاحب تي وڌيڪَ لاڳو ٿئي ٿي.
منهنجو واسطو سرڪي صاحب سان گهڻو ڪري سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان رهيو آهي. ان وقت سنگت جون گڏجاڻيون رمپا پلازا ۾ ٿينديون هيون. سرڪي صاحب جي آفيس ويجھو منظور چيمبر ۾ هُئي کيس مختلف پروگرامن ۾ مدعو ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف معاملن تي ساڻس صلاح مشوري لاءِ اُتي وڃڻ ٿيندو رهندو هو، سنگت جي ڪارڪنن ۽ سندس عمر ۾ هڪ وڏو فرق هوندو هو پر ساڻس ڳالهائيندي اِهو فرق گهڻو محسوس نه ٿيندو هو، سرڪي صاحب متعلق نوجوانن جو هڪ عام رايو اِهو هوندو هو ته ٻين سينيئر ليکڪن جي ڀيٽَ ۾ هو نه رڳو نوجوانن سان وڌيڪَ لهه وچڙ ۾ رهيو ٿي پر هو سندن لکڻين کان به واقف هو. منهنجو پنهنجو تعارف ساڻس بالمشافه ملڻ کان اڳ منهنجين لکڻين وسيلي ٿيو، ان وقت ف ـــ م لاشاري جي نگراني ۾ نڪرندڙ هلال پاڪستان جي هفتيوار ميگزين ۾ منهنجيون لکڻيون ڇپجنديون رهنديون هيون. هڪ ڀيري هن لاشاري کان منهنجي متعلق پڇا ڪئي هئي ته هي همراهه ڪيرُ آهي ۽ لاشاري منهنجو ساڻس سربستو غائباڻو تعارف ڪرايو هو، ان سان گڏوگڏ سندس هڪ ٻي خاصيت اها هئي ته هو ڀارت جي سنڌي اديبن ۽ ادب سان پڻ لاڳاپي ۾ هو جيڪو سندس آخري وقت تائين رهندو آيو.
سنگت جي دوستن لاءِ نور الدين سرڪي هڪ معزز مهمان کان وڌيڪَ سندن هڪ ساٿي ۽ هڪ ادبي ڪارڪن هو، سندس اِها ڪمٽمينٽ آخر تائين قائم رهي. چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي دفتر ۾ جيڪا آخري گڏجاڻي ڪئي هُئي اُها سنگت جي گولڊن جوبلي جي انتظامن جي سلسلي ۾ هُئي.
سنڌ جي خودمختياري ۽ سنڌي ماڻهن جو آجپو ۽ بهتر آئيندو سرڪيءَ جا خواب هئا. انڪري مختلف سياسي جماعتن ۽ ڪارڪنن سان لاڳاپي ۾ پڻ هوندو هو. سندس اِهي خواب ۽ آدرش سنڌ جي ادبي ۽ سياسي ڪارڪنن جو ورثو آهن. خواب ئي جدوجهد ۽ جاکو ڙ لاءِ اتساهيندا آهن ۽ جيسيتائين اِهي خواب باقي رهندا نور الدين سرڪي اسان سان گڏ هوندو ۽ نيڻ واٽن جي نشاندهي ڪندو رهندو