ڪالم / مضمون

گل گل هٻڪار

رئوف نظاماڻي صاحبَ جو شُمار سنڌُ جي اُنهن سنجيده ۽ گهڻَ ـــ پڙهين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌي اَدبَ ۽ سماجَ ڏانهن هِڪَ گهري ۽ تنقيدي نِگاههَ واري پهچَ رَکن ٿا. هُو هِڪَ ڊگهي عَرصي کان سنڌي اَدبَ سان لاڳاپيلَ مختلف موضوعن، شخصيتن ۽ ڪِتابن تي پنهنجا تنقيدي ۽ اڀياسي مضمونَ لکندو پيو اَچي، جيڪي هِنَ کان اَڳُ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن ۾ وکريا پيا هُيا، هِنَ ڪِتابَ ۾ اُنهن مڙني مضمونن مان ڪجُهه چونڊَ شامل ڪَئي وَئي آهي. هِنَ اهم ۽ سَنجيده نوعيت جي ڪِتابَ ۾ شامل مَضمونَ، موضوعن جي وِرائِٽي ۽ نظاماڻي صاحبَ جي مخصوص ڳوڙهي ۽ فڪري اندازَ سبب يقيناً وڏي اهميتَ وارا آهن.
Title Cover of book گل گل هٻڪار

وڃايل وطن ۽ سڃاڻپ جي ڳولا

اِهو درست آهي ته ورهاڱي وقت سنڌي مسلمانن ۽ سنڌي هندن ۾ ڪي مذهبي فساد نه ٿيا هئا. گهڻو ڪري هندستان مان لڏي ايندڙ مسلمانن جي وڳوڙن جي ڪري ئي هندن ۾ عدم تحفظ واري صورتحال پيدا ٿي هئي، جنهن ڪري اُنهن هِتان لڏ پلاڻ ڪئي هئي. پر ساڳي وقت اِها ڳالهه به درست ناهي ته سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان هميشه امن ۽ ڀائپي سان رهيا آهن ۽ منجھن ڪو به ويڇو ناهي رهيو، ڪجهه تاريخدانن جو ته خيال آهي ته سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾ ڇڪتاڻ هميشه رهندي آئي آهي. ميرن جي دور ۾ سيٺ نائون مل جي پيءُ سان ٿيل ورتاءُ ته تاريخ جو حصو آهي. ڪي آر ملڪاڻي پنهنجي ڪِتاب ”سنڌ اسٽوري“ ۾ لکي ٿو ته سنڌ جا هندو مسلمانن جي مقدس ڏينهن جمعي جي پيش نظر خميس جي شامَ کان ڇنڇر جي صبح تائين گهرن مان نه نڪرندا هئا ته متان سندن وات مان رسو لفظ نڪري وڃي ۽ ان کي رسول سمجھي کين زوريءَ مسلمان ڪيو وڃي. سندس وڌيڪَ چوڻ آهي ته ان ڊپ کان انهن لفظ ”رسو“ ئي چوڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ ان جي جاءِ تي ”نوڙي“ استعمال ڪندا هئا. منزل گاهه جي مسئلي تي ٿيل فساد جنهن ۾ سٺ کان مٿي ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ ٻه اهم سنڌي، سنڌ جو ٻه ڀيرا ٿيل وڏو وزير الله بخش سومرو ۽ صوفي راڳي ڀڳت ڪنور رام به شامل هئا.
هندو هميشه سنڌ جي آباديءَ جو هڪ اهم حصو رهيا آهن. ڪجهه سؤ سال اڳ تائين ته سنڌ ۾ اِهي گهڻائي ۾ هئا جڏهن ته ورهاڱي وقت اُهي سنڌ جي ڪل آباديءَ جو ٽيهه سيڪڙو ۽ ڪراچي ءَ جي آباديءَ جو ايڪونجاهه سيڪڙو هئا. اِهي گهڻو ڪري شهرن ۾ رهندڙ، واپار سان لاڳاپيل ۽ تعليم يافته هئا. سنڌ جي زميندارن جي افعالن جي ڪري پنجاهه سيڪڙو زرعي زمين سندن ملڪيت هئي. انهن ڳالهين جي ڪري ئي مسلمان سياستدان ساڻن بجاءِ مثبت مهالحت ڪرڻ جي کين چوندا هئا ته اهو ڏينهن به ايندو جڏهن هندن جون عورتون مسلمانن جي گهرن ۾ ماسين جي حيثيت ۾ ڪم ڪنديون ۽ هندو سندن نوڪر هوندا.
تاريخ کي موٽائي ته نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي ان کي نين حالتن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي مرضيءَ سان لکي سگهجي ٿو پر اهو ممڪن آهي ته ان جو جائزو وٺجي ۽ اهو ڏسجي ته ايئن ڇو ٿيو ته جيئن ان جي ورجاءُ کان بچي سگهجي.
ساز اگروال جو ڪِتاب Sindh: Stories from Lost Homeland تازو ڇپيو آهي. سندس چوڻ موجب ته هن پنهنجي سنڌي ماءُ، جنهن جي عمر ورهاڱي وقت تيرنهن سال هئي، جي پنهنجي وطن متعلق يادگيرين کي سهيڙڻ لاءِ اِهو ڪِتاب لکيو آهي. ڪِتاب پڙهڻ کانپوءِ اِها خبر پئي ٿي ته اِهو سندس هن ڪِتاب لکڻ لاءِ هڪ اتساهه ته ضرور آهي ۽ ڪِتاب ۾ ماءُ ۽ سندس خاندان جي هڪ مرڪزي حيثيت پڻ آهي پر ان ۾ ٻيا گهڻا ڪردار به موجود آهن ۽ هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ سنڌي هندن جي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي سماجي حالتن جو هڪ جائزو پڻ آهي.
هندستان جي ٻين حصن جيان سنڌ جي هندن ۾ ذات پات وارو نظام موجود نه هو. ان جو ڪارڻ ليکڪا اهو ٻڌائي ٿي ته راجا ڏاهر جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪڏهن به هندن جي حڪومت ناهي رهي، جنهن ۾ ذات پات واري نظام کي لاڳو ڪيو وڃي. ان جي بجائي سنڌ ۾ برادرين جهڙوڪ عامل، جيڪي پڙهيل لکيل ماڻهو هئا ۽ گهڻي ڀاڱي بادشاهن ۽ اميرن جي درٻارن ۽ انگريزن جي دور ۾ دفترن وغيره ۾ ڪم ڪندا هئا. ڀائي بند جن جو تعليم کان وڌيڪَ واپار ڏانهن ڌيان هوندو هو ۽ نوجوانيءَ ۾ ئي ٻارن کي پرڏيهه ۾ واپاري ڪوٺين ڏانهن موڪليو ويندو هو، جيڪي اتان چاليهه سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿي موٽندا هئا. شڪارپور ۽ حيدرآباد انهن جا ٻه مرڪز هوندا هئا. مڙس جي ٻاهر هئڻ سبب شڪارپور جون مايون ٻين مڙدن سان دوستي به رکنديون هيون ۽ ٻار به پيدا ڪنديون هيون جڏهن ته حيدآباد وارين لاءِ گڏيل خاندان هئڻ ڪري اِهو ممڪن نه هو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته حيدرآبادي ٻاهران گهڻيون شيون آڻيندا هئا ۽ سندن ڏيکاءُ تي وڌيڪَ ڌيان هوندو هو، جڏهن ته شڪارپوري پنهنجي ڪلچر تي وڌيڪَ زور ڏيندا هئا ۽ حيدرآبادين کي ٽرڙو ۽ هلڪڙو ڪري ليکيندا هئا، جيڪي موٽ ۾ وري کين پوئتي پيل ۽ اڻ سڌريل سڏيندا هئا. ڀاٽيا گهڻو ڪري ٺٽي ۾ رهندا هئا، واپار پنهنجي برادريءَ تائين محدود هوندو هو ۽ ان ۾ ئي شاديون وغيره به ڪندا هئا.
جيتوڻيڪ هندن جي سماجي لحاظ کان مسلمانن سان ته ٺهيو پر ٻين برادرين سان به گهڻي سماجي ويڙهه نه هئي پر اهي جڏهن لڏي گجرات، ڪڇ ۽ هندوستان جي ٻين حصن ڏانهن ويا، جِتي ذات پات تي ٻڌل هڪ مضبوط نظام موجود هو ته اُتان جي ماڻهن کين جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندن چوڻ هو ته اهي جيئن ته ماس کائن ٿا ان ڪري مسلمانن جي ويجھو ۽ ناپاڪ آهن. ان ڪري اُتي قبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ کين پاڻ کي اتان جي ماحول مطابق ڪرڻو پيو. ڪي آر ملڪاڻي نهروءَ جي حوالي سان هڪ دلچسپ مشاهدو بيان ڪندي لکي ٿو ته کيس سنڌي هندو پسند نه هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ هو ته منجھن ساڳي وقت هندو واڻئي ۽ مسلم زميندار واريون عادتون ۽ خصلتون موجود آهن.
ڀارت لڏي ويل ڪجهه سنڌي پنهنجو پاڻ تي ٽوڪ ڪندي چوندا آهن ته اسان چوندا هئاسين ته ”وطن تان جان به گهوري“ پر اسان ته پنهنجي جان تي وطن گهوري آياسين. ورهاڱي جي فيصلي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي گهڻن هندن کي اِهو اندازو هو ته ڇا ٿيڻ وارو هو. ان ڪري گهڻن پنهنجا اثاثا ۽ ملڪيتون ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون هيون. گانڌي جيتوڻيڪ شروع ۾ سنڌي هندن جي حوالي سان اها ڳالهه ڪئي هئي ته جيڪڏهن حالتون سازگار نه ٿيون رهن ته پوءِ ٻئي هنڌ لڏي وڃڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽ ان مقصد لاءِ هن مختلف ماڻهن کي پڻ لکيو هو ته انڊ مان ٻيٽن ۽ برازيل ۾ سنڌين جي رهائش جي امڪانن جو جائزو ورتو وڃي. پر جڏهن ورهاڱي وقت ڪانگريس جي سنڌي صدر ڪرپلاڻي اهو رايو ڏنو ته ان کان اڳ جو سنڌ جا هندو پيسجي وڃن کين اُتان ڪڍيو وڃي ته مهاتما جو رايو بلڪل ئي مختلف هو. سندس چوڻ هو ته اِهو سندن وطن آهي ۽ کين اُتي رهي حالتن کي منهن ڏيڻ ڏيو، جيڪڏهن ان عمل ۾ اهي ختم به ٿي وڃن ٿا ته ته اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
دلچسپ صورتحال هريجنن يا گهٽ ذات وارن هندن جي سلسلي ۾ پيدا ٿي جيڪي ڪراچي شهر ۾ صفائي وغيره جا ڪم ڪندا هئا سندن لڏي وڃڻ جي ڪري شهر ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا هئا. مسلم ليگ جي اڳواڻن پاران کين چيو ويو ته اهي مسلم گارڊ وارا بيج پائين ته جيئن اهي ڪنهن خطري کان محفوظ رهن جڏهن ته ٻئي پاسي گانڌيءَ ٽاٽا اسٽيمر کي درخواست موڪلي چيو ته جهاز موڪلي هريجنن کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي ته جيئن سندن جان بچائي سگهجي.
ليکڪا جو چوڻ آهي ته ورهاڱي وقت سنڌ مان ٻارنهن لک کن هندن لڏ پلاڻ ڪئي هئي پر 1951ع ۾ جڏهن ڀارت ۾ آدم شماري ٿي ته سندن تعداد ساڍا ست لک کن هو. حيراني ان ڳالهه تي هئي ته باقي ڪيڏانهن ويا. اندازو اهو لڳايو ويو ته منجھائن گهڻا ڀارت کانسواءِ ٻين ملڪن ڏانهن پڻ هليا ويا آهن، جت اڳ ئي سندن پاڙون موجود هيون.
سنڌي هندو پنهنجي فطرت ۾ عمليت پسند رهيو آهي. ارڙهين صديءَ ۾ جڏهن هاڻي ڀارت لڏي ويندڙن مان گهڻن جي ابن ڏاڏن ملتان مان سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي هئي ته به انهن پوئتي مڙي نه نهاريو هو ۽ هاڻي به جڏهن انهن سنڌ مان لڏ پلاڻ ڪئي آهي ته به انهن پوئتي ڏسڻ مناسب نه ڄاتو آهي. ان سلسلي ۾ چيو وڃي ٿو ته اهي يهودين کان مختلف آهن جيڪي صدين تائين پنهنجي روايتن سان لاڳاپيل رهيا آهن. ۽ ساڳي وقت فلسطينين کان به جيڪي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي وطن تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آهن.
ڀارت هڪ گهڻ قومي ۽ گهڻ لساني ملڪ آهي. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولين جي شيڊول ۾ ته شامل ڪرايو ويو آهي پر سنڌين جي گهڻائي پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ ڪارائتو نه ٿي سمجھي. جڏهن ته ٻيو مسئلو رسم الخط جو آهي. قومي ٻولين ۾ شامل ٿيڻ مهل نهروءَ جو چوڻ هو ته سنڌيءَ کي ديوناگريءَ ۾ لکيو وڃي ته جيئن ان جي هندي وغيره سان هڪ جھڙائي پيدا ٿي سگهي. پر سنڌي ليکڪن جي مخالفت ۽ مزاحمت جي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڀلي ٻئي رسم الخط ساڳي وقت مروج هجن. پر وقت گذرڻ کانپوءِ صورتحال اها ٿي وئي آهي ته نه رڳو مختلف سنڌي ڪِتاب ديوناگري رسم الخط ۾ شائع ٿيڻ لڳا آهن پر اسڪولن ۾ به ان رسم الخط ۾ ئي پڙهائي ٿئي ٿي. ان ڪري ان ڳالهه جا گهڻا امڪان آهن ته ٻولي ۽ ادبي حوالي سان سنڌ ۽ هند ۾ جيڪو لاڳاپو آهي اهو وقت گذرڻ سان ڪمزور ٿيندو ويندو.
سنڌين جو چوڻ آهي ته اهي سنڌ ۾ هڪ مذهبي ٿورائي هئا جڏهن ته ڀارت ۾ هڪ لساني ٿورائي آهن. هِتي سندن لاءِ وڏو مسئلو پنهنجي سڃاڻپ ۽ اميج آهي. سندن چوڻ آهي ته انهن پنهنجي مالي حيثيت مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀارت جي ماڻهن کي اسپتالن، اسڪولن ۽ خيراتي ادارن وغيره جي صورت ۾ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي پر اهي کين ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ايستائين ته عدالت ۾ اها درخواست ڏني وئي ته ڀارت جي تراني مان سنڌ لفظ کي خارج ڪيو وڃي. ان ڳالهه جي باوجود ته منجھن گهڻا پڙهيل ڳڙهيل ۽ عالم فاضل ماڻهو موجود آهن پر ڀارت جي ماڻهن ۾ سندن بالي ووڊ فلمن ۾ پيش ڪيل هڪ ٿلهي پيٽ واري هٻڇي سيٺ وارو اميج ئي آهي. منجھانئن گهڻن جو خيال آهي ته ان جو مُک ڪارڻ اِهو آهي ته جيئن پنجاب ۽ بنگال کي ورهائي پنجابين ۽ بنگالين کي پنهنجو وطن ڏنو ويو ائين سنڌين سان نه ٿيو ۽ سڄي سنڌ کي پاڪستان جي رياست جي حوالي ڪيو ويو. ورهاڱي کان اڳ گهڻن هندن پاران ڪانگريس جي اڳواڻن کي اِها تجويز ڏني وئي هئي ته جيئن ته ٿرپارڪر ۾ هندن جي گهڻائي آهي ۽ اِهو هندو اڪثريتي علائقن ڪڇ ۽ ڀُڄ جي ويجهو پڻ آهي ان ڪري بنگال ۽ پنجاب جي طرز تي ان کي ڀارت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تجويزرکي وڃي ۽ اُنَ تي زور ڏنو وڃي. پر ان وقت جي ڪانگريس جي اڳواڻن جو اهو جواب هو ته اوهان کي رڻ پٽ ۾ ڇا ملندو، جڏهن ته ڀارت ۾ جنت اوهان جي انتظار ۾ آهي.
اهڙي ريت ڀارت ۾ رهندڙ سنڌيءَ لاءِ مسئلو اِهو آهي ته پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت ڇڏڻ کانپوءِ به هو سنڌي ئي آهي ۽ کيس ايئن ئي ڏٺو وڃي ٿو. هو ساڳي وقت مقامي ڪلچر جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو ۽ ان جي مزاحمت به ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڌار سڃاڻپ کي به برقرار رکڻ چاهي ٿو. جيتوڻيڪ اِهو هڪ ڊگهو ۽ ڏکوئيندڙ عمل آهي پر آخر نتيجي طور سندس لاءِ مقامي ڪلچر جي حصي ٿيڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي.