ڪالم / مضمون

گل گل هٻڪار

رئوف نظاماڻي صاحبَ جو شُمار سنڌُ جي اُنهن سنجيده ۽ گهڻَ ـــ پڙهين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌي اَدبَ ۽ سماجَ ڏانهن هِڪَ گهري ۽ تنقيدي نِگاههَ واري پهچَ رَکن ٿا. هُو هِڪَ ڊگهي عَرصي کان سنڌي اَدبَ سان لاڳاپيلَ مختلف موضوعن، شخصيتن ۽ ڪِتابن تي پنهنجا تنقيدي ۽ اڀياسي مضمونَ لکندو پيو اَچي، جيڪي هِنَ کان اَڳُ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن ۾ وکريا پيا هُيا، هِنَ ڪِتابَ ۾ اُنهن مڙني مضمونن مان ڪجُهه چونڊَ شامل ڪَئي وَئي آهي. هِنَ اهم ۽ سَنجيده نوعيت جي ڪِتابَ ۾ شامل مَضمونَ، موضوعن جي وِرائِٽي ۽ نظاماڻي صاحبَ جي مخصوص ڳوڙهي ۽ فڪري اندازَ سبب يقيناً وڏي اهميتَ وارا آهن.
Title Cover of book گل گل هٻڪار

اياز جاني: سنڌي ٻوليءَ جو باشعور شاعر

اياز جانيءَ جي ادبي سُڃاڻپ هڪ شاعر جي آهي، پر ان سان گڏوگڏ، سندس شخصيت جا ٻيا به گهڻا پاسا آهن جيڪي ساڳي اهميت رکن ٿا، اُنهن ۾ هڪ جانيءَ جو سنڌي ادبي سنگت سان واسطو آهي ۽ ٻيو هڪ ادبي رسالي جي ادارت آهي، جيڪو ٻين گهڻن سنڌي رسالن جيان نڪرندو ۽ بند ٿيندو رهيو آهي.
سنڌي ادبي سنگت گهڻن دوستن سان تعارف ڪرايو. اُنهن مان ڪي ويجھا دوست بڻجي ويا ۽ ڪن سان تعلق رُڳو ادبي نوعيت جو رهيو . جاني سان تعارف به سنڌي ادبي سنگت ۾ ئي ٿيو هو. اهو ياد ناهي ته اُنَ کي گهڻو عرصو ٿيو آهي ۽ شايد اُنَ جي ضرورت به ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪن ماڻهن سان دوستي ۽ هم آهنگيءَ لاءِ رُڳو هڪ پَلَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اُنَ ماڻهو سان جڳن سان واقفيت هُجي ۽ ڪجهه ماڻهن سان ڀلي سالن کان واسطو هُجي پر اُهو تڇ مثل ۽ بي معنيٰ محسوس ٿيندو آهي. منهنجي لاءِ جاني گهٽ ۾ گهٽ اهڙو ماڻهو رهيو آهي جنهن سان ملڻ هڪ اندروني خوشي ۽ روحاني سڪون جو باعث هوندو آهي ۽ ان جا گهڻائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. پر مون کي جيڪو سڀ کن اهم ڪارڻ محسوس ٿيو آهي اُهو آهي سندس اندر ۾ موجود هڪ سوچيندڙ ۽ سوال ڪندڙ انسان. سندس ذهن ۾ نه رُڳو سنڌُ جي مختلف مسئلن متعلق سوال هوندا آهن پر هو ساڳي وقت پنهنجي دوستن جي سماجي ۽ ادبي روين ۾ ايندڙ تبديلين متعلق پڻ سوال اُٿاريندو آهي. آئون اڪثر دوستن آڏو اِهو سوال اُٿاريندو آهيان ته نئين ٽهيءَ ۾ ڪو دانشور ــ شاعر ڇو سامهون اچي نه سگهيو آهي جيڪو شاعريءَ سان گڏوگڏ مختلف موضوعن تي راءِ ڏئي ۽ ماڻهن جي راءِ ٺاهڻ ۾ مدد ڏئي. اِها ڳالهه مون کي جانيءَ ۾ محسوس ٿئي ٿي پر هُنَ ايسيتائين نثر تي طبع آزمائي کان لنوايو آهي ۽ ان تي تمام گهٽ لکيو آهي. جانيءَ جو واسطو سنڌي ليکڪن جي اُنَ پيڙهيءَ سان آهي جنهن کي سنڌ جي نهايت ڏکئي ۽ آزمائش واري دور مان گذرڻو پيو آهي. اِهو دور پنهنجي مسئلن ۽ جدوجهد جي حوالي سان پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي کان به وڌيڪَ ڏکيو آهي. جيتوڻيڪ ون يونٽ ته ختم ٿي چُڪو هو پر هڪ پاسي سنڌي ماڻهن جي جدوجهد وڌيڪَ وسيع صورت اختيار ڪري چُڪي هُئي ۽ ساڳي طرح سان رياستي تشدد ۾ پڻ وڌارو اچي چُڪو هو. ذوالفقار علي ڀُٽو جو قتل، نذير عباسيءَ جي شهادت، 1973ع ۽ 1976ع جون ايم آر ڊي جون جمهوري تحريڪون، جيلن جو ٽٽڻ، سنڌ جي ڪنڊَ ڪڙچَ ۾ ڌاڙيلن جو ڦهلجڻ ۽ وڏي پئماني تي ڀُنگ لاءِ اغوا جي ڪارواين جو ٿيڻ ۽ نسلي ۽ دهشت گرد سياست جو سامهون اچڻ وغيره سڀ ان دور جون خاصيتون آهن. اِهي سڀ ڳالهيون سنڌ جي ليکڪ جي شعور ۽ لاشعور جون حصو بڻيون آهن ۽ سندس تحريرن کي متاثر ڪيو آهي.
جڏهن رياست جو ڏاڍُ ۽ تشدد سياسي ۽ عوامي تحريڪن تي حاوي ٿي ويندو آهي ته پوءِ تخليقڪار جو اظهار پڻ گهڻو واضح ۽ کُليل نه هوندو آهي ۽ هُو تشبيهن ۽ استعارن وسيلي پنهنجو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ يا وري ان ڳالهه کي بهتر سمجھندو آهي ته بجائي حڪمرانن جي مدح سرائي ڪرڻ جي خاموشي اختيار ڪجي.
پنهنجي تضادن ۽ ٽڪرائن جي لحاظ کان اِهو دور ون يونٽ واري دور کان وڌيڪَ منجھيل ۽ پيچيدو آهي ۽ ليکڪ لاءِ چونڊَ ڪرڻ ايتري سؤلي ڪانه رهي آهي. هن دور جي خاص ڳالهه اِها آهي ته نوجوان سنڌي ليکڪن جو هڪ وڏو تعداد سامهون آيو آهي. سندن آڏو رياست جو ڏاڍُ، شهرن جي اوپرائپ ۽ قومي تحريڪ جي زوال جهڙيون حقيقتون هيون. ساڳئي وقت انهن مان گهڻا مختلف سياسي جماعتن سان پڻ لاڳاپيل هُئا جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ڄڻ مختلف سياسي جماعتن ۽ ڌڙن جي وچ ۾ مناظري ۽ بحث جو روپُ اختيار ڪري وينديون هُيون. ان دور جي ادب تي جيڪڏهن نظر وجھجي ته اُنَ ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلن تي هڪ واضح اظهار ملي ٿو. ساڳي طرح 1973ع ۽ 1976ع جي تحريڪن جي حوالي سان پڻ گهڻيون تخليقون سامهون آيون. ان سڄي دور جي ادب کي سهيڙي نه سگهڻ جي ڪري ان مان گهڻو ڪُجهه ضايع ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جي مزاحمتي ادب جي هڪ وڏي حصي کان، ايندڙ نسل محروم ٿي ويو آهي.
مون کي اِها خبر ناهي ته جانيءَ جي وابستگي ڪنهن سياسي جماعت سان آهي يا نه پر ايترو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ ۽ اُتان جي ماڻهن سان محبت ڪندڙ هڪ محبت وطن شخص آهي. گهڻا ماڻهو پنهنجي محبت جو وڏي واڪي دُهل وڄائي اظهار ناهن ڪري سگهندا. سندن اظهار جو طريقو نرم، ڌيمو پر نهايت گهرو ۽ اندر ۾ پيهي ويندڙ هوندو آهي. جاني اهڙن شاعرن مان آهي جنهن جي اظهار مان هڪ پاسي محبت پيار ۽ سونهن بَکندي آهي ته ٻئي پاسي اُهو درد پڻ نظر ايندو آهي جيڪو هو پنهنجي محبوب لاءِ محسوس ڪندو آهي.
جڏهن کان منهنجي جانيءَ سان واقفيت آهي تڏهن کان کيس شاعري ڪندي ئي ڏٺو آهي. سندس شاعريءَ جو اڃا تائين ڪو مجموعو شايع نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪري پنهنجي راءِ اُنَ شاعريءَ تائين ئي محدود ڪري سگهجي ٿي جيڪا هُنَ ادبي رهاڻ لاءِ دوستن کي ڏني آهي. ان شاعري ۾ وايون ۽ غزل شامل آهن. جانيءَ جي ٽهيءَ جي گهڻن شاعرن نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم وغيره ۾ پنهنجي اظهار کي ترجيح ڏني آهي. پابند شاعري ۾ پابندين جي باوجود اُنَ جو پنهنجو حُسن هوندو آهي. شاعر کي سڀني مقرر ڪيل حدبندين ۾ رهي پنهنجو اظهار ڪرڻو پوندو آهي ۽ ان لاءِ لفظن، استعارن ۽ تشبيهن وغيره جي چونڊَ م هو ڄڻ پنهنجي اندر جو جوهر اُنَ شاعريءَ ۾ سموئي ڇڏيندو آهي.
آزاد ۽ نثري نظم کي ان ڪري به ترجيح ڏني ويندي آهي ته ان ۾ شاعر لاءِ سماجي ۽ سياسي مسئلن وغيره تي اظهار لاءِ کليل ميدان هوندو آهي. پر سُٺي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ کي پڙهڻ کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سُٺي ۽ خراب شاعريءَ جو دارو مدار ڪنهن هڪ يا ٻي صنف تي ناهي پر ان ڳالهه تي آهي ته شاعر ۾ پاڻ ۾ ڪيتري صلاحيت ۽ ان جي اندر ۾ شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جا ڪيترا سُرَ آهن. ڇاڪاڻ ته شاعري رُڳو ڪو خيال ناهي جنهن کي نثر جيان بس لکي ڇڏجي. اُنَ کي جيسيتائين درد ۽ سُونهن جو لباس نه ٿو پهرايو وڃي تيسيتائين اُنَ ۾ اُهو زور ڪونه ٿو پيدا ٿئي جيڪو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ جي اندر کي ڇهي سگهي.
درد ۽ پيار جو رشتو ازل کان آهي. اِهي ٻئي انسان جي اندر جي هڪ ئي ڪيفيت جا مختلف نالا آهن. هڪ شيءِ ٻي کي جنم ڏئي ٿي ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي وڌائينديون ۽ ويجھائينديون رهن ٿيون. جانيءَ جي شاعريءَ جو اهو درد ۽ پيار ڪنهن فرد لاءِ نه پر گهڻي ڀاڱي سنڌ ۽ اُنَ جي ماڻهن لاءِ آهي. درياءُ، پاڻي ۽ سنڌو، سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ ئي شيءِ جا مختلف نالا آهن ۽ اُنهن جي سندن زندگيءَ ۾ مرڪزي حيثيت آهي. اِها ساڳي شيءِ جانيءَ جي شاعريءَ ۾ ور ور ڪري ملي ٿي هي وائي ڏسو:
صحرا صحرا نيڻ
آءٌ مُسافر آهيان

منهنجي مايا اڃ آ
سپنا سپنا نيڻ
آءٌ مُسافر آهيان

آءٌ ڏسان ٿو خواب ۾
دريا دريا نيڻ
آءٌ مُسافر آهيان

شاعر جي درد ۽ اندر جي ان ڪيفيت کي صحرا، مايا، اُڃ خواب ۽ دريا جي لفظن جي استعمال ۾ بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ساڳيءَ ريت ٻي وائي ۾ هي شعر:
گجندو دريا باکَ جو
واري واري رات
گذري ويندي جيئڙا
سندس هڪ ٻئي وائي جو هي شعر ڏسو:

ڀريان ٿو ٻُڪَ سنڌو مان
ڏسان ٿو ٻُڪَ ۾ واري
اڳي کان رات ڪاري آ
هي ڪجهه شعر ڏسو:
ڪنهن نه سنڌوءَ کي کڻي ٿر ۾ رکيو
وقت سنڌوءَ ۾ ويو آ ٿر رکي
۽
درياهه ٿو سڪي ۽ ساهه، ٿو ٻُڏي
جان! ڊڪي اچو ويساهه جوڙجي

ڌرتيءَ جو آجپو شاعر جو آدرش آهي پر حالتن کي ڏسندي کيس شايد ان جو يقين ناهي هي شعر ڏسو:

پنهنجي ڌرتيءَ وارثي
ڏيندي آزادي
يا بس هي ڪو خواب آ

هڪ ٻئي هنڌ هو چئي ٿو ته:

هر ڪنهن جھليو جھُلَ ۾
گلن بدران گند
آزاديءَ جي پنڌَ ۾
مون وٽ جانيءَ جو تصور هڪ نفيس ۽ پنهنجي محبوب جي ساراهه، جا ڍُڪَ ڀريندڙ شاعر جو رهيو آهي. خاص طور تي غزل ته اهڙي ئي صنف آهي جنهن ۾ پنهنجي محبوب جي هر ادا جي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ رهي ئي نه ٿو سگهجي. هن شعر جي سونهن کي رُڳو محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ڪو ٿريلو عشق هو
مينهن جهڙي نينگري
راڄَ مان نڪري ويئي

ڇا هنن شعرن جي خوشبو کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو:

هر هر کولي وار ٿي،
هاري ٿي خوشبو
هوءَ نه ٿي ڄاڻي ته ڇا

هن کي پوپٽ، چنڊ ۽
ساري ٿي خوشبو
هوءَ نه ٿي ڄاڻي ته ڇا

جسم وساڻل کي وري
ٻاري ٿي خوشبو
هوءَ نه ٿي ڄاڻي ته ڇا

”اڻ تارو“ اوڙاهه مان
تاري ٿي خوشبو
هوءَ نه ٿي ڄاڻي ته ڇا

جاني عشق جي تقدس، پؤترتا ۽ ان جي قوت کي محسوس ڪري ٿو تڏهين ئي هو چئي ٿو ته:
جھول گدلي ۾ ڪيئن جھلي جاني؟
لڙڪ سڀ پاڪ تنهنجي نيڻن جا
هڪ ئي جاءِ تي هُو چئي ٿو:
عشق جو ساگر هو هُنَ جي ٻُڪَ ۾
هو جڏهن هر خوف کي لاهي لٿو
پر ساڳي وقت هُو ان عشق کي انسان تائين ئي محدود ڪري ٿو ۽ ان کي ڪا ماورائي حيثيت نه ٿو ڏئي جيئن هو چئي ٿو ته:
چنڊ مورک سج کي گهوري پيو
سانوريءَ جو ڇو نه ٿو چاهي بدن

هڪ ٻيو شعر ڏسو:
مان ڇڏيان ٿو خودڪشيءَ جي خيال کي
مان ڪيان ٿو هڪ چُميءَ تائين سفر
يا
نيٺ ڪهڙ ي پار ڏي ڪاهي بدن؟
ڪيسيتائين اُڃ سان ساهي بدن؟
شاعر هميشه هڪ ڪيفيت ۾ ناهي رهندو . عام ماڻهوءَ جيان مٿس به مختلف ڪيفيتون ۽ مُوڊس طاري ٿيندا رهندا آهن ۽ اُنهن جو اظهار به سندس شاعري ۾ ٿيندو آهي. جاني چئي ٿو:
مان ضرورت جي پٺيان رُلندو رهيس
دل لڳيءَ جو خواب ويو ڌنڌلائجي

ٻن چپن جي وچ ۾ ويري رهي
هِڪَ چُميءَ جو خوابُ ويو ڌنڌلائجي
هي شعر ڏسو:
پر ڪٽي ضرورتن ڦٽي ڪري ڇڏيم
پوءِ ڪڏيهن زمين تان اُڏي سگهيس نه مان
سماجي طرح هڪ باشعور شاعر جڏهن ڪو شعر ٿو چئي ته ڄڻ سڄو مضمون اکين اڳيان اچي ٿو وڃي. هن شعر ۾ ڪيتري نه معنيٰ لڪل آهي:
هُوءَ هندوري ۾ ويهي به ٻڏتر ۾ آ
نيٺ لاچار وچ ۾ ڌرم ٿي رکي !
اياز جاني سماجي طرح باشعور ۽ خوبصورت شاعر آهي. سندس شاعري ماڻهوءَ کي نون خيالن، Images ۽ اندر جي سونهن کان متعارف ڪرائي ٿي. سنڌي جديد شاعري ۾ جانيءَ جو خاص مقام آهي. منهنجي خيال ۾ جاني ۽ اهڙن ٻين نوجوان سنڌي شاعرن جي شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن کي پنهنجو جائز مقام ڏياري سگهجي ۽ گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي جھولَ کي وڌيڪَ سونهن سان ڀري ۽ شاهوڪار ڪري سگهجي.