سنڌي عورت سماج ۽ ادب، هڪ مختصر تعارف
ساڳي طرح اِنهيءَ مان اهو نتيجو پڻ ڪڍي سگهجي ٿو ته، ذهني طرح سان اڄ جي عورت ان وقت جي عورت کان گهڻو اڳتي آهي، بلڪل ساڳي طرح، جيئن اوائلي ڪميونزم کي اڄ جي سرمائيداراڻي نظام کان بهتر ثابت نه ٿو ڪري سگهجي.
سماج جي مادي ترقي ان جي روحاني ترقي لاءِ وڌيڪَ موقعا پيدا ڪري ٿي ۽ ساڳي طرح عورت جي ٻنڌڻن کي پڻ هلڪو ڪري ٿي.
جديد عورت يا آزاد عورت جو تصور فرد جي آزاديءَ جي تصور مان ئي ڦٽي نڪتو آهي. سرمائيداريءَ جي شروعات خاندان، قبيلي ۽ ذات واري سڃاڻپ کي پٺتي ڌڪي فرد کي مجبور ڪيو ته هو پاڻ پنهنجي سڃاڻپ بڻجي ۽ سندس حيثيت جو تعين سندس صلاحيتن جي بنياد تي ٿئي.
بهرحال هن وقت به فرد جي آزاديءَ جو تعين قطعيت جي بنياد تي نه ٿو ڪري سگهجي. هر سماج جي مادي ترقي، ان جي روايتن ۽ تاريخي پس منطر جي بنياد تي ئي فرد جي آزادي کي پرکي سگهجي ٿو.
سنڌي سماج کي ٿلهي ليکڪ هڪ زرعي سماج ئي چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ اهو به صحيح ناهي ته سنڌي ماڻهو ايڪويهين صدي ۾ ڍڳي گاڏيءَ تي ويهي داخل ٿيندو، پر بهرحال سندس سماجي ترقي جي سطح اطمينان جوڳي ناهي.
سنڌ ۾ گهٽ آبادي ۽ وڌيڪَ زمين هئڻ ڪري ڳوٺن مان ٻاهر نڪرڻ ۽ شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ جو لاڙو گهٽ رهيو. نتيجي ۾ پاڪستان جي ٺهڻ ۽ هندن جي لڏي وڃڻ کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي وچولي طبقي جو ڪردار نه هئڻ برابر هو. ون يونـٽ جي ٽٽڻ ۽ پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ ڪري سنڌي وچولي طبقي کي وڏو سهارو مليو.
جديد سماج ۾ وچولو طبقو خاص طور تي ادب، ثقافت ۽ ٻولي جي ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. تعليم جي سندس لاءِ بنيادي حيثيت هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اڳتي وڌڻ ۽ چٽاڀيٽي ڪرڻ لاءِ اهو سندس اهم هٿيار هوندو آهي. انهي ڪري فنڪار، شاعر ۽ اديب وغيره گهڻو ڪري انهي طبقي مان ئي پيدا ٿيندا آهن.
سنڌ ۾ جيتوڻيڪ جديد ادب جي شروعات ويهين صديءَ جي شروع ۾ ئي ٿي چُڪي هُئي، پر ان ۾ ليکڪائن جو تعدادُ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو مس آهي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين ڪو ذڪر جوڳو نالو نه ٿو ملي. خاص طور تي ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪافي نوان نالا سامهون اچن ٿا، جن مان ڪجهه اڳتي هلي ڪافي مڃتا ماڻين ٿا.
سنڌي ليکڪائن جي حوالي سان ڏسبو ته انهيءَ دور کي خاص اهميت حاصل آهي. ان جو مُک سبب اهو آهي ته انهن ادب جي ميدان ۾ پنهنجين صلاحيتن جي بنياد تي مقام حاصل ڪيو ۽ نه انهيءَ ڪري ته اهي عورتون هيون، ستر جي ڏهاڪي جي سنڌي ليکڪائن جا مسئلا سنڌي ليکڪن کان ڪي گهڻا مختلف نه هئا.
جاگيرداري ڏاڍ، غربت، عورت تي ظلم، فرد جي ويڳاڻپ وغيره اهڙا مسئلا هئا، جن کي ٻنهي جنسن جي ليکڪن ساڳي طرح کنيو ٿي. انهي دور جي ليکڪائن جي اهم ڳالهه اها هئي ته ، انهن عورت جي مسئلن کي مڙد ۽ سڄي سماج جي مسئلن کان ڌار نه ٿي ڪيو. عورت زاد يا عورت جي آزاديءَ جو مسئلو سندن لاءِ پهرين ترجيح نه هو. اها ڳالهه انهيءَ ڪري به توجهه ڇڪائيندڙ هئي جو ان وقت هم عصر اڙدو ادب ۾ فهميده رياض ۽ ڪشور ناهيد وغيره اهڙيون مضبوط ليکڪائون موجود هيون، جن انهي مسئلي کي نهايت شدت سان پيش ڪيو ٿي. جيتوڻيڪ خير النساءِ جعفري ۽ نور الهديٰ شاهه وغيره ۾ اهڙا عڪسَ مليا ٿي، پر انهيءَ کي ان دور جو هڪ حاوي لاڙو نه ٿو ليکي سگهجي. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته سنڌي مڊل ڪلاس اڃا ذهني طور تي پنهنجي ٻهراڙي واري پس منظر کان ڇڄي شهرن ۾ جذب نه ٿيو هو ۽ ذات جي حاوي هئڻ ۽ ويڳاڻپ وارو تصور سندس نفسيات جو حصو نه بڻيو هو. اهو لاڙو اڳتي هلي خاص طور تي عطيه دائود جي شاعري ۾ حاوي ملي ٿو، پر انهيءَ کي پوءِ به اڃا تائين سنڌي ليکڪائن جو هڪ عام لاڙو ڪري نه ٿو ليکي سگهجي.
هڪ رانديگر لاءِ ويهه کان ٽيهه سالن واري عمر اوجَ جي هوندي آهي ۽ پوءِ هو آهستي آهستي ميدان مان ٻاهر ٿيندو ويندو آهي، پر هڪ ليکڪ ۽ تخليقڪار لاءِ ائين ناهي هوندو. ڪي ته چوندا آهن ته، سندس جواني جي شروعات ئي پنجاهه سالن کان پوءِ ٿيندي آهي. انهيءَ لحاظ کان سنڌي ليکڪن کي ڪهڙي خاني ۾ وجهي سگهجي ٿو. رانديگرن جي يا تخليقڪارن جي؟ عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته سنڌي ۾ ڪو ليکڪ جيڪڏهن ڏهه پندرنهن سال لکندو آهي ته پوءِ هو نه رڳو سينيئر ليکڪ ٿي ويندو آهي، پر سندس ٽهي به بدلجي ويندي آهي. ٻين ٻولين جي ادب تي نظر وجھجي ته خبر پوندي ته ايترو عرصو ته ڪنهن ليکڪ جي رڳو مشقَ لاءِ ئي ڪافي ڪونهي.
هن وقت سنڌي ادب جي جيڪا صورتحال آهي ان جي لاءِ اهو عنصر هڪ وڏي حد تائين ذميوار آهي. اها صورتحال ليکڪن ۽ ليکڪائن ٻنهي سان ساڳي طرح لاڳو ٿئي ٿي.
ادب ۾ پختگي مشاهدي، مطالعي ۽ مشقَ سان ايندي آهي. نئون ليکڪ انهن سڀني گهرجن کي هڪ مختصر ۽ ٿوري عرصي ۾ پورو نه ٿو ڪري سگهي. سنڌي جي پراڻن ليکڪن جي ميدان خالي ڪري وڃڻ ڪري ادب جي معيار کي قائم ڪرڻ ۽ وڌائڻ جي سڄي ذميواري نون ليکڪن/ليکڪائن جي مٿان اچي پئي آهي ۽ جيسين اهي ان لائق ٿيندا، تيسين مٿن به سينيئر ۽ پراڻي ٽهي وغيره جهڙو ٺپو لڳي ويندو ۽ پوءِ اهي رڳو انٽرويو ڏيڻ ۽ صدارتي خطبن ڏيڻ ۾ پورا هوندا. ادب جي معيار لاءِ مختلف عمر جي ليکڪن جو تسلسل هئڻ هڪ اهم شرط آهي.
هن وقت دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ مثل ٿي پيئي آهي. انهيءَ ڪري سنڌ ۽ سنڌي عورت تي ٻاهرين دنيا جا اثر پوڻ لازمي آهن. پر ساڳي وقت هڪ جيئري قوم هئڻ جي ناتي اهو ضروري آهي ته انهن اثرن کي صحتمندانه ۽ مثبت نموني قبول ڪرڻ ۽ رد ڪرڻ جي صلاحيت پاڻ ۾ پيدا ڪجي.
سنڌ ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جو نالو آهي ۽ اتان جي عورت جو الميو اهو آهي ته اها سڀ ڪجهه ڀوڳيندي به پنهنجي ڀوڳنا مان واقف ناهي. شهر جي ۽ خاص طور تي وچولي طبقي جي پڙهيل ڳڙهيل عورت پنهنجي ڀوڳنا مان واقف آهي. پر وٽس آزاديءَ جو جيڪو آدرش ۽ خواب آهي اهو ان وقت ئي ساڀيان ٿي سگهي ٿو، جڏهن سنڌ جي ٻهراڙي جي عورت گهٽ ۾ گهٽ پنهنجين ڀوڳنائن جو شعور حاصل ڪري.