پيار، وصال ۽ وڇوڙو
سنڌ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل اِها هڪ پريم ڪهاڻي آهي. يونيورسٽيءَ جو ماحول هونئن به ان ماحول کان مختلف ۽ اڳتي وڌيل هوندو آهي، جنهن ۾ گهڻا شاگرد پنهنجي زندگي کي گذاريندا آهن. گهڻي ڀاڱي هڪ آزاد ماحول، جنهن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ميل جول ۽ ڳالهه ٻولهه تي ڪي خاص پابنديون نه هونديون آهن. مختلف ماحول ۽ مختلف سماجي پسمنظر مان ايندڙ شآگرد هڪ ٻئي جي تجربن مان لاڀُ پرائيندا آهن. خاص طور تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايندڙ شاگردن مان گهڻن جو واسطو سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۽ ننڍن شهرن سان هوندو آهي، جِتي خاص طور تي ڇوڪريون گهڻين پابندين ۾ زندگي گذارينديون آهن. انهن شآگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ يونيورسٽي جو ماحول هڪ تازي هوا جو جھوٽو ۽ حيرانيءَ جو باعث هوندو آهي، کين هڪ نئون ماحول آزادي ۽ اعتماد حاصل ٿيندو آهي ۽ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ نوان گس ملندا آهن.
پيار ماڻهوءَ جي اندر جو احساس ۽ انتهائي انفرادي جذبو آهي، ان ڪري ئي گهڻن ليکڪن پاران ان کي سماج دشمنAnti Social ڪري ليکيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته پيار ڪندڙ ماڻهن لاءِ سماجي پابنديون ۽ رشتا ناتا پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا آهن ۽ اُهي سماج ۾ هڪ Out cast يا اڇوت بڻجي ويندا آهن. اها ڳالهه خاص طور تي سنڌي سماج سان وڌيڪَ لاڳاپيل آهي، جِتي فرد ۽ خاص طور تي عورت سماجي ٻنڌڻن ۾ قابو آهي ۽ کيس هڪ انسان کان وڌيڪَ ملڪيت ۽ شيءِ ڪري ليکيو وڃي ٿو. ان ڳالهه کي ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته پيار هڪ فرد جي سماجَ خلاف بغاوت آهي، ۽ ظاهر آهي ته بغاوت هميشه ڪامياب نه ٿيندي آهي. پيار، رومانس ۽ بغاوت نوجوان جذبن جا نالا آهن، ۽ اهي گهڻو ڪري نوجوانن کي ئي متاثر ڪندا آهن. چيو ته اهو ويندو آهي ته عشق جي ڪا عمر نه هوندي آهي، پر گهڻو ڪري اها جوت ٽيهه سال جي عمر تائين گهٽجي اجھامي ويندي آهي، باقي جن ۾ باقي به رهندي آهي ته اهي استشنيٰ هوندا آهن.
سنڌي ڪلاسيڪي شاعري سڄي عشقَ جي بيان ۽ عشقَ جي ڪيفيتن سان ڀريل آهي، پوءِ ڀلي ان کي روحاني چئجي يا مجازي. ورهاڱي کان پوءِ خاص طور تي سنڌ ۾ جيڪي سياسي حالتون پيدا ٿيون، اُنَ ۾ پيار جي موضوع تي لکڻ هڪ Taboo بڻجي ويو. اديب کي مڃتا ماڻڻ لاءِ ضروري هو ته معرفت ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ سان گڏ انهن موضوعن جي چونڊَ ڪري جيڪي سماجي حقيقتن ۽ سياسي ايجنڊا جي عڪاسي ڪن، پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ليکڪ جي اندر ۾ جيڪو عاشق ويٺل هوندو آهي اُهو کيس وقت به وقت چهنڊڙي پائيندو رهندو آهي ۽ مختلف نمونن ۽ پيراين ۾ پنهنجو اظهار ڪندو رهندو آهي. زماني ۾ محبت کان سواءِ ٻين ڪمن جي ڳالهه ڪندڙ فيض احمد فيض لاءِ ته انقلاب به هڪ رومانس هو. ساڳي ريت اياز، تنوير ۽ نياز همايوني وغيره جي شاعريءَ تي نظر وجھجي ٿي ته اهڙو عاشق نظر اچي ٿو، جيڪو ساڳئي وقت پنهنجي سماجي ذميوارن کان به آگاهه آهي.
اديبن ۾ نظرياتي ڇڪتاڻ جو عمل سرد جنگ جي ختم ٿيڻ ۽ خاص طور تي سوويت يونين جي منتشر ٿيڻ کان پوءِ ڄڻ ته ختم ٿي ويو. ان جو مطلب اهو نه هو ته مسئلا ختم ٿي ويا هئا. اُهي ساڳي ريت موجود هئا، پر سرمائيداريءَ جي حاوي هئڻ ڪري، انهن جي شدت ۾ اڃا واڌارو اچي ويو هو. ڳالهه اها هئي ته انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي متعلق سوچَ بدلجي وئي هئي. نظرياتي ويڙهه جا سرموڙ ليکڪ پنهنجا مورچا ڇڪي ٻئي پاسي هليا ويا. سنڌي ادب ۾ ان سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏو setback شيخ اياز جو پنهنجي سڄي ماضيءَ کي رد ڪرڻ کان پوءِ ٻئي پاسي وڃڻ هو. ان ڳالهه گهڻن اهڙن لاءِ در کولي ڇڏيا، جيڪي اڃا دٻاءُ جي ڪري هٻڪ جو شڪار هئا ۽ ڪنهن هڪ پاسي وڃڻ جي فيصلو نه ڪري سگهيا هئا.
نظرياتي بندش جي خاتمي ليکڪن لاءِ موضوعن جو وسيع ميدان کولي ڇڏيو هو. اُنَ وقت مٿن اهڙي ڪا سِڌي يا اڻ سِڌي پابندي نه هئي، ۽ اُهي سياست کي رد ڪرڻ، سياستدانن تي تنقيد ڪرڻ ۽ اهڙن موضوعن کي کڻڻ لاءِ آزاد هئا. جيتوڻيڪ اُنَ وقت به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن بابت لکيو پئي ويو، پر ساڳي وقت ليکڪ جي ذات وڌيڪَ اهم ٿي وئي هئي، ۽ ان ۾ خاص طور تي ٻنهي جنسن ۾ پيار، جنهن جي ادب ۽ حقيقي زندگي، ٻنهي ۾ کوٽَ رهي اهي.
”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ ڳوٺن مان آيل ٻن شاگردن جو قصو آهي. اُنَ ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ پيش رفت ڇوڪر بدران ڇوڪريءَ پاران ڪئي ٿي وڃي. عام طور تي مرد واري سماجَ ۾ عورت کي هڪ لڄارو ۽ Passive ڪردار ڏنو ويندو آهي ۽ اڳرائي مرد جو زيور سمجھي ويندي آهي. سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۽ خاص طور تي شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو ڪردار ئي سرگرم ۽ حاوي آهي، ۽ عورت ئي سندس سورمي آهي. هن ناول ۾ ليکڪ اهو ڄاڻي واڻي ڪيو آهي يا اهو سندس لاشعور جو اظهار آهي، بهرحال اها هڪ غير روايتي شيءِ آهي. جڏهين اهو معاملو ڪجهه اڳتي هلي ٿو ۽ ٻنهي ۾ ڪافي حد تائين هڪ ويجھڙائي پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ پيار جو اظهار به ڇوڪري ئي ڪري ٿي. اڳ جي ڀيٽ ۾ پڙهندڙ ان مان بلڪل هڪ مختلف تاثر وٺي ٿو. ڇا ايترو ويجھو اچڻ جي باوجود به ڇوڪري جي لڄ برقرار رهي ٿي ۽ هو پنهنجو اظهار نه ٿو ڪري سگهي يا ان مان هڪ ٻيو اهو تاثر به ملي ٿو ته اهو ڇوڪرو پنهنجي مٿڀرائپ برقرار رکي ٿو ۽ ڇوڪريءَ کي ان سطح تي آڻي ٿو، جِتي هو پاڻ ساڻس پيار جو اظهار ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي. اهو هڪ نفسياتي مونجھارو آهي، جيڪو گهڻن سنڌي نوجوانن ۾ موجود آهي.
پاڪستان جي يونيورسٽين جو ماحول ايترو آزاد نه رهيو آهي جو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ايتري آزاديءَ سان گهُمي ۽ مِلي جُلي سگهن. اخلاق جا ٺيڪيدار هر جاءِ تي، پوءِ اها ڪراچي يونيورسٽي هجي يا پنجاب يونيورسٽي، ڏنڊا کڻيو شاگردن کي هراسان ڪرڻ ۾ لڳل هوندا آهن. ڇا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پريمين لاءِ واقعي ايترو سازگار ماحول آهي جيئن ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جِتي اُهي سڄي ڪئمپس ۾ دنيا وما فيها کان بينياز، هڪ ٻئي ۾ گم، ايئن نچندا ڪُڏندا رهن، ۽ هر ڪو کين ائين ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪري، واقعي جيڪڏهن ائين آهي ته ڏاڍو آدرشي ماحول آهي.
ناول ڄڻ ته هڪ نوجوان جون خواهشون آهن، خوابَ آهن، جن جي پورائي ڏانهن ويندي ويندي رهجي ٿو وڃي. انهن پريمين لاءِ ڄڻ دنيا ۾ ان کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم نه ٿو رهي. اها ڳالهه خاص طور تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شآگردن لاءِ عجيب آهي، جنهن جي سنڌ جي سياست ۾ هڪ خاص حيثيت آهي. يونيورسٽي ماحول جي هڪ جھلڪ رڳو ان وقت ملي ٿي جڏهن شاگردن جا ڪي گروهه امتحان ملتوي ڪرائڻ لاءِ هنگاما ۽ احتجاج ڪن ٿا ۽ هاسٽِلن جي درن کي تالا هڻي ڇڏين ٿا.
پاڻيءَ بابت مظآهري ۾ شرڪت نوجوانن جي سياسي وابستگي ۽ سياسي شعور ڏانهن اشارو آهي. مجموعي طور تي انهن ڪردارن جي سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ سياسي سرگرمين ۾ شرڪت کان پاسو ڪرڻ هڪ لحاظ کان نوجوانن جي سياست ۽ سياسي اڳواڻن کان بيزاري جو اظهار پڻ آهي. جيڪي هڪ پاسي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچا نه رهيا آهن، ۽ ٻئي پاسي انهن تعليمي ماحول کي خراب ڪري نوجوانن کي مختلف گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ليکڪ جي سياست ۽ ڪامريڊن کان بيزاريءَ جو اظهار اُنَ وقت به ٿئي ٿو جڏهن هو ڇوڪريءَ جي پيءُ جي دوست ڪامريڊ، جنهن کي هوءَ پنهنجي پيءُ جيان سمجھي ٿي، کي مٿس ”ريپ اٽيمپٽ“ ۾ ملوث قرار ڏئي ٿو. اُهو ته ليکڪ پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته، اهو واقعي حقيقي آهي يا نه، ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ اهو پڻ پڇي سگهجي ٿو ته ليکڪ ان لاءِ هڪ ڪامريڊَ جي چونڊَ ڇو ڪئي. اهو صحيح آهي ته ڪنهن نظرياتي انسان کان سماج ۾ هڪ آدرشي ورتاءُ جي توقع ڪئي ويندي آهي، پر جڏهن انهن کي ناول ۽ ڪهاڻيءَ ۾ منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ته اهي مثال بڻجي ويندا آهن ۽ ماڻهن ۾ ان نظريي بابت هڪ غلط تاثر کي پيش ڪندا آهن، جنهن سان منجھن سياست ۽ نظرئي سان موجود بيزاريءَ ۾ اڃان به واڌارو اچي ويندو آهي. سنڌيا جي نور محمد ڏانهن لاڙي ۽ ڌيري ڌيري منصور کان پري ٿيڻ سان هڪ ڳالهه صاف نظر اچي ٿي ته، سنڌيا جو منصور سان تعلق پيار کان وڌيڪَ هڪ سهاري جو حصول هو، جيڪو يونيورسٽيءَ جي ماحول سان کيس مانوس ڪرائي سگهي، ڇاڪاڻ ته خاص طور تي جڏهن عوت پيار ڪرڻ تي اچي ٿي ته پوءِ سندس لاءِ ٻيا سڀ ناتا غير اهم ۽ بيڪار ٿيو وڃن. مائٽن مٽن کي ڇڏڻ ته ڌار ڳالهه آهي، پيار ڪندڙ عورت پنهنجن بارن ۽ مڙسَ جي به پرواهه نه ڪندي آهي. هِتي سنڌيا کي منصور کان وڌيڪَ نور محمد جي زهر کائي مرڻ جو فڪر آهي، ۽ پيار کان وڌيڪَ پيسن ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ بَدي جي گهُرجَ آهي. سندس منصور سان آخري ڀيرو موڪلائڻ ۾ ڪا پيشيماني ۽ ڪو به پڇتاءُ نه آهي.
هونئن ٿيندو ته ائين آهي ته پريمين جو زمانو ويري ٿي پوندو آهي ۽ اهي ڪارو ڪاري ٿي مارجڻ جي ڊَپَ کان لڪندا وتندا آهن، پر هِتي پريميڪا پنهنجي پريميءَ کي خوشيءَ سان ڇڏي وڃي ٿي. هن سماجَ ۾ عام طور تي اهو ڪم مرد ڪندو آهي ۽ عورت کي سهڻو پوندو آهي، پر هِتي معاملو ابتڙ آهي ۽ تڪليف جو سڄو بار مرد مٿان اچي پيو آهي. منصور جنهن سنڌيا کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪوشش ڪئي آهي، ان لاءِ اهو هڪ وڏو صدمو آهي.
”تو پڄاڻان....“ منصور جي پيڙا جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ سندس سڄو وجود وکرجي وڃي ٿو ۽ هر شيءِ ڄڻ سندس محبوب جو عڪسُ ٿي وڃي ٿي. چوندا آهن ته پيار عاشق جي اکين ۾ هوندو آهي، عباسي خليفي هارون رشيد جڏهن اهو ٻڌو ته سندس سلطنت ۾ ”قيس“ نالي هڪ نوجوان آهي، جيڪو ”ليليٰ“ نالي هڪ عورت جي عشَق ۾ مجنون بڻجي ويو آهي ته کيس اهو اشتياق ٿيو ته ڏسجي ته ليليٰ ڪيتري حسين آهي، جنهن جي وڇوڙي کيس چريو بڻائي ڇڏيو آهي. هُنَ پنهنجي وزيرن، مشيرن ۽ مددگارن کي حڪم ڏنو ته ليليٰ کي جلدي سندس درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي. جڏهن حڪم تي بجا آوري ڪندي ليليٰ کي خليفي اڳيان پيش ڪيو ويو ته هو اهو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ته، عورت ۾ ته ڪا خاص ڳالهه ناهي، ۽ اها ته بلڪل هڪ عام عورت جيان آهي. هُنَ جڏهن اهڙو اظهار پنهنجي مصاحبن سان ڪيو ته، انهن کيس چيو ته، سائين ليليٰ جي سونهن کي پرکڻ لاءِ قيس جي اک هئڻ ضروري آهي. ساڳي ريت لطيف سائين ته رڳو چيچَ ڏٺي هئي، جنهن سندس سڄي زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيو. عشق ۽ عاشق جي ڪيفيت کي عقل ۽ دليل سان نه ٿو سمجھي سگهجي. عشق جي کاڌلن جي خبر عاشقن کي ئي هوندي آهي. اهو هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو فرد ۾ لِڪل صلاحيت کي سامهون آڻيندو آهي ۽ هُو ڪڏهن شاعر، ڪڏهن مفڪر، ڪڏهن فنڪار ۽ ڪڏهن صوفي بڻجي ويندو آهي، پر جيڪڏهن ان جو منفي پاسو حاوي ٿيندو آهي ته عاشق آپگهات جي واٽَ وٺي پنهنجو خاتمو به آڻي سگهي ٿو.
هيءُ ناول هڪ عبوري دؤر آهي، جنهن ۾ منصور وڇوڙي جي اذيت کي مختلف طريقن ۽ مختلف نمونن سان سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ڳالهه هڪ ته تازي ۽ ٻيو ته عقل ۽ دليل کان چڙهيل آهي، ان ڪري سندس قابوءَ ۾ نه ٿي اچي. نفسيات جي ڊاڪٽر جو کيس دليل سان سمجھائڻ جي ڪوشش ڪرڻ، سندس استاد پاران کيس تسلي ڏيڻ، کيس اهو ٻڌائڻ ته ڪي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا سٺي مستقبل ۽ مال ملڪيت لاءِ پنهنجي ساٿيءَ کي ڇڏڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ڪندا آهن، سندس لاءِ اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جو ساڻس ڪو واسطو ۽ تعلق ناهي، ۽ هُو اُتان اٿڻ کان پوءِ وري ساڳئي ڊپريشن ۾ هليو ٿو وڃي. هُو ڄڻ هڪ لحاظ کان ذهني مريض بڻجي وڃي ٿو. هو جِتي وڃي ٿو ۽ جنهن شيءِ کي ڏسي ٿو، اُنَ ۾ کيس سنڌيا کان سواءِ ٻيو ڪو به نظر ئي نه ٿو اچي. سندس اِها ڪيفيت اڃا وڌيڪَ شديد ان ڪري ٿي وڃي ٿي جو هڪ ته سنڌيا اتي يونيورسٽيءَ ۾ ئي سندس آڏو نور محمد سان گهمندي ٿي وتي ۽ ٻيو سندس هر ڄاڻَ سڃاڻ وارو ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪندي ڄڻ سندس اذيت ۾ واڌارو پيو ڪري.
سنڌي ماڻهن ۽ خاص طور تي نوجوانن پنهنجي چوڌاري ڏند ڪٿائن جو هڪ حصار قائم ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوءِ جِتي ڪٿي ۽ هر شخص ۽ هر شيءِ کي ان نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. منصور ايتري سخت ڊپريشن ۾ هوندي به ان ڪيفيت مان نڪري نه ٿو سگهي. مريءَ ۾ گهمندي هڪ پادريءَ سان ڳالهه ٻولهه ۾ پادريءَ جو چوڻ ته، ”سنڌي وڏا امن پسند ۽ پيارا ماڻهو آهن، سنڌ ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن سان ڪڏهن به ڪو مسئلو نه ٿيو آهي“، ساڳيءَ ريت ان ڳالهه ٻولهه ۾ چوڻ ته، ”پياري پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ ۾ ٻاهران آيل پناهگيرن جي ڪري سنڌ جي ان عظيم ورثي کي ڇيهو رسائڻ جون سازشون ٿينديون رهن ٿيون“، منهنجي خيال ۾ اُهو ڀلي گهڻي حد تائين صحيح ڇو نه هجي، پر مڪمل طور تي سچ ناهي. سنڌ ۾ کڻي ورهاڱي وقت پنجاب ۽ بنگال جيترا مذهبي فساد نه ٿيا هجن، پر منزل گاهه جي مسئلي تي ٿيندڙ هندو مسلم فساد ۽ ڀڳت ڪنور رام جو قتل سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي، جنهن کي ساڳيءَ ريت ٻين حقيقتن جيان تسليم ڪرڻ گهرجي. نسل پرستيءَ تي ٻڌل ان ساڳئي رويي جو اظهار ميڊم گلمينا جي ٻڌايل ان قصي ۾ به ملي ٿو، جِتي هڪ سنڌي ڇوڪرو پنجابي ڇوڪريءَ جي عشق ۾ آپگهات ڪري ٿو ڇڏي، پر ڇوڪري پنهنجي واعدي مطابق ائين نه ٿي ڪري ۽ ٻي جڳهه تي شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي. ادب ڪنهن به قوم جي لاشعور ۽ نفسيات جو اظهار هوندو آهي، ان جا ڏنل قدر سڄي قوم جي تصوير پيش ڪندا آهن. اهو رويو جيتوڻيڪ روهاڱي کان پوءِ واري ادب ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين شامل رهيو آهي، پر ان کي بدلائڻ ۽ ان لاءِ شعوري ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي.
ناول جو هيرو منصور ڄڻ هڪ بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل آهي. اوسي پاسي جو ماحول، دوستن ۽ همدردن جي تسلي ۽ اين جي اوز جا ورڪشاپ وغيره ڪنهن به ريت سندس درد جو دارون نه ٿا بڻجن، ۽ هو ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان سواءِ پنهنجي پڙهائي ختم ڪري يونيورسٽيءَ مان روانو ٿي وڃي ٿو، ۽ اهڙيءَ ريت ڄڻ سندس سنڌيا سان سڌ رابطو ختم ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ناول نگار چاهي ها ته ٽالسٽائي جي اينا ڪرينا جيان ناول جو انت به منصور جي انت تي ٿي سگهيو پئي، پر هن ڄڻ في الحال اهو پڙهندڙ جي تصور تي ڇڏيو آهي ته اهي پاڻ پنهنجي ليکي منصور جي آئيندي جو فيصلو ڪن.
ٻولي ۽ لفظن جو استعمال ۽ مختلف تشبيهون ۽ استعارا ناول ۽ ڪهاڻيءَ کي اڃا وڌيڪَ خوبصورت بڻائي ڇڏيندا آهن، اها ڳالهه خاص طور تي هڪ پريم ڪهاڻي لاءِ اڃان وڌيڪَ صحيح آهي. هن ناول ۾ ڪٿي ڪٿي نهايت ڇرڪائيندڙ ۽ پُر اثر جملا آهن، مثال طور ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ ۾ منصور پنهنجي محبوب جي سونهن بابت هن ريت سوچي ٿو: ”اڄ لڳم پئي ته جيڏا انسان خوبصورت آهن، سندن حسن کي ڀيٽڻ لاءِ ايئن خوبصورت لفظ ٺهيا ئي ڪٿي آهن“. انهن ٻنهي ناولن ۾ هڪ ڳالهه اها محسوس ٿئي ٿي ته انهن ۾ احساس جو ورجاءُ گهڻو آهي. اُنَ جو ڪارڻ شايد اُهو آهي ته اهي ڪردار جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ جي ماحولَ مان نڪرن ٿا۽ درياهه، سمنڊ، ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر جا چڪر هڻن ٿا، پر ڪٿي به پنهنجي خول مان نڪري، ان ماحول سان پنهنجي مطابقت پيدا نه ٿا ڪن. جيڪڏهن ان ماحول جو استعمال مناسب نموني سان ڪيو وڃي ها ته درياهه، سمنڊ ۽ شهرن جو ماحول ان پريم ڪهاڻيءَ ۾ ڪئنواس کي اڃا وسيع ڪري ڇڏي ها.
اِهي ناول هڪ مونو لاگ آهن، جن ۾ رڳو هڪڙو ڪردار ئي سرگرم آهي، جيڪو پنهنجي تجربن، خوشين ۽ ڏُکن کي بيان ڪري ٿو. ٻين ڪردارن جي صورتحال به ان ڪردار جي وسيلي ئي پڙهندڙن تائين پهچي ٿي ۽ اُهي آزاداڻي نموني انهن ڪردارن کان واقفيت حاصل نه ٿا ڪري سگهن. هڪ لحاظ کان ڄڻ اهي ناول هڪڙي ڪردار جي ڪٿا ۽ انهن جو version بڻجي وڃن ٿا ۽ پڙهندڙ کي ان جو ئي نڪته نظر ملي ٿو. پڙهندڙ کي منصور سان گڏوگڏ سنڌيا جو به مؤقف ملڻ کپندو هو ۽ ساڳيءَ ريت ٻين ڪردارن سان به سندس ايئن ئي واقفيت ٿيڻ کپندي هئي. هِتي ليکڪ ۽ هيرو ڄڻ هڪ ئي شخصيت ۾ ضم ٿي ويا اهن، جيڪا ڳالهه ناول کي بيان جي ويجھو آڻي ڇڏي ٿي.
انهن ناولن ۾ ۽ خاص طور ”تو پڄاڻان.....“ ۾ جذبن جي شدت پنهنجي انتها تي پهتل آهي ۽ ڪٿي ڪٿي پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏي ٿي ۽ منهنجي خيال ۾ شايد اها ئي هن ناول جي Justification ۽ ان جو جواز آهي.