ادب ۽ محبت
تاريخدانن ته ايستائين به لکيو آهي ته چنڊ جيڪو شاعرن کي خاص طور تي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو رهيو آهي. اُنَ جو سبب رُڳو اهو آهي ته اُهو اوائلي دور کان مرد ۽ عورت جي پيار جو ساکي ۽ دوست رهيو آهي. جڏهن اڃان انسان روشني ايجاد نه ڪئي هئي، تڏهين اهو چنڊ ئي هو جنهن جي روشني ٻاٽ اوندهه راتين ۾ پيار ونڊيندڙن کي سُک بخشيندي هئي. انسان جي لاشعور انهيءَ احساس ۽ ٿوري کي قبوليو ۽ صدين گذرڻ کانپوءِ به انهيءَ کي مسلسل ڳائيندو ٿو اچي.
هر دور جي شاعرن ۽ اديبن پنهنجي دور جي ضرورتن ۽ پابندين کي نطر ۾ رکندي انهيءَ موضوع کي کنيو آهي، پر جديد دور کان اڳ تائين مختلف زبانن جي ادب ۾ عورت هڪ پراسرار ۽ ماورائي ڪردار جي حامل رهي آهي. هڪ اهڙو ڪردار جيڪو گهڻي ڀاڱي پنهنجي محبوب جي پهچَ کان ٻاهر رهيو آهي، ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد، مومل راڻو، سوهڻي ميهار، سڀ ڪٿائون انهيءَ هڪ ڳالهه ڏانهن نشاندهي ڪن ٿيون. ان جو سبب اهو هو ته ان وقت عورت اڄ جي ڀيٽَ ۾ وڌيڪَ ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هئي. ان کانسواءِ جيئن ته نسل وڌائڻ ۾ عورت جو هڪ اهم ڪردار آهي انهيءَ ڪري قبائلي روايتن پٽاندر پنهنجي خاندان کي ڌارين کان پاڪ رکڻ لاءِ اهو ضروري هو ته مٿس سخت پابنديون مڙهيون وڃن. انهيءَ جو ٿورو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڙدو شاعري ۾ جوش کان اڳ شاعر پنهنجي محبوب لاءِ مونث جو صيغو ئي استعمال نه ڪندا هئا. ٿورو اندازو ته لڳايو ته ڀٽ جو گهوٽ رڳو چيچَ ڏسي ئي چريو ٿي پيو هو ۽ سندس زندگي جي سڄي ڪايا بدلجي وئي هئي. شاعر لاءِ عورت جي ڇڪ جي قوت جو اندازو رڳو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن هڪ صوفي جي روپ ۾ جنهن خدا جي ڳولا ڪئي ٿي ان کي ان هڪ عورت جو روپ ئي ڏنو ٿي.
روايتي ادب م محبوب جو ملڻ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. سڄي ڳالهه ڳولا جي آهي جيڪا رڳو موت تي ئي ختم ٿئي ٿي ۽ موت ئي ڄڻ وصل جو پهريون ۽ آخري ذريعو آهي، ڳوليان ڳوليان مَ لهان وارو سفر هڪ اڻ کٽ سفر آهي.
ڪلاسيڪي ادب مان هڪ ٻي ڳالهه اها سامهون اچي ٿي ته عورت ۽ مرد ۾ تعلق جنهن کي اسان هِتي پنهنجي سهوليت خاطر محبت جو نالو ڏيون ٿا، هڪ اڻ برابري وارو تعلق آهي. سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد سڀ انهيءَ غير مساوي تعلق جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ سڀني جي خاص ڳالهه رڳو وڇوڙي جو دردُ آهي.
جديد دور جي خاصيت اها آهي ته ان عورت کي انهيءَ سڄي پر اسراريت کان ٻاهر آندو آهي ۽ اُنَ کي هڏ ۽ چم واري انسان طور پيش ڪيو آهي. هڪ خاندان ۽ هڪ قبيلي جي رڪن هئڻ کان وڌيڪَ عورت جي هڪ فرد واري حيثيت وڌيڪَ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. انهيءَ ڪري عورت ۽ مردَ جي وچ ۾ برابريءَ وارو تعلق ۽ محبت جو سوالُ تخليقڪارن آڏو نيون معنائون وٺي سامهون آيو آهي. انهيءَ سان هڪ ٻيو فرق پڻ چٽو ٿي سامهون آيو آهي ۽ اهو آهي محبت ۽ پوڄا جو. هڪ طرفي عشق ۽ اڻ برابري واري پيار کي پوڄا ۽ عبادت ته ڪوٺي سگهجي ٿو، محبت هرگز نه، ڪلاسيڪي ادب ۾ محبوب جيتوڻيڪ پيش انسان جي روپ ۾ ڪيو ويو آهي، پر سندس حيثيت ديوتا ۽ خدا واري آهي، جيڪو پنهنجي عاشق جي ڏکن ۽ قربانين مان پنهنجي لاءِ مڃتا حاصل ڪري ٿو ۽ موٽَ ۾ رڳو اهو چئي پنهنجو فرضُ پورو ڪري ٿو ته هي مجنون آهي هن کي پٿر نه هڻ. انهيءَ جي ڀيٽَ ۾ جديد دور ۾ عورت ۽ مرد هڪ انسان جي حيثيت ۾ خوشين ۽ ڏکن ۾ هڪ ٻئي جا برابر جا شريڪَ آهن ۽ ساڳي ريت اهي هڪ ٻئي لاءِ پنهنجي ڇڪ کي گهٽ وڌ ٿيندو به محسوس ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي کان ڪنهن خاص وقت تي ڌار ٿيڻ کي به پنهنجو هڪ انساني حق سمجھن ٿا.
انهن جديد روين جو چٽو اظهار اولهه جي ادب ۾ ملي ٿو. هِتي جيئن ته عورت سماجي عمل ۾ ان سطح تي شامل ڪونهي، انهيءَ ڪري رڳو ڪي عڪس ئي ملن ٿا. جيسيتائين عورت جي سرگرم ڪردار جو واسطو آهي ته اُنَ لحاظ کان هتان جي ٻولين جو ادب گهڻو پوئتي آهي. بنيادي ڳالهه عورت وٽ پاڻ پنهنجي لاءِ فيصلي ڪرڻ جو حق آهي، جيڪو هن سماج ۾ عورت پوري ريت استعمال نٿي ڪري سگهي. ايستائين جو هِتي عورت جي آزادي مرد جي مرهون منت آهي. زنجير جو هڪ ڇيڙو مرد جي هٿ ۾ آهي، هو جيترو ان کي ڍرو ڇڏيندو عورت رڳو اوترو ئي اڳتي وڌي سگهي ٿي. انهيءَ ڳالهه جي شدت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳايو ته هِتي ڪم ڪندڙ ”ترقي پسند“ سياسي جماعتون پنهنجي ڪارڪنن تي اهو ڪم رکنديون آيون آهن ته اُهي پنهنجين عورتن کي جلسن ۽ جلوسن ۾ وٺي اچن. انهن جلسن ۽ جلوسن ۾ عورتون پنهنجن مردن جي خوشنودي لاءِ شامل ٿينديون آهن، پر سندن اهو عمل فطري نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ته انهيءَ ۾ وٽن چونڊ ڪرڻ/فيصلي ڪرڻ جو حق نه هوندو آهي جيڪا ڳالهه فرد جي آزادي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته ان جي نتيجي ۾ اُهي سماجي عمل جو حصو نه بڻجي سگهنديون آهن ۽ وري گهرن جي چارديواري ڏانهن ڌڪجي وينديون آهن.
اهڙي ماحول ۾ اديب/ليکڪ جا عورت جي آزاديءَ متعلق تخليق ڪيل ڪردار گهڻو ڪري فرضي هوندا آهن. ٻي صورت ۾ اهي ڪردار روايتن تي مدار رکندڙ جديد ڪردار هوندا آهن. امر جليل جي ڪهاڻين/ڪالمن جو انهيءَ سلسلي ۾ بجا طور ذڪر ڪري سگهجي ٿو. سندس عورت ڪردار جي خاصيت ان جي پراسراريت آهي، اهو ڪردار ڪٿي ماءُ جي روپَ ۾ اچي ٿو ته ڪٿي وري محبوبه جي صورت ۾، پر ساڳي وقت ان جي هڪ ٻي اهم خاصيت مرد ڪردار کان دوري ۽ اُنَ کان مٿانهين حيثيت جو حامل هئڻ آهي. عورت جي مقدس ۽ ست قرآن هئڻ وارو تصور سنڌي سماج جي نفسيات جو هڪ حصو بڻيل آهي. انهيءَ کان ليکڪ به پنهنجو پاڻ کي آجو نه ڪري سگهيا آهن، هِتي عورت يا ته مرد جي پير جي جُتي آهي ۽ يا وري ست قرآن. سندس هڪ انسان هئڻ جي ناتي برابري واري حيثيت جو تعين اڃان سنڌي سماج نه ڪري سگهيو آهي. سنڌي جي سينيئر ليکڪن پيار ۽ محبت جي موضوع کي جڏهن کنيو آهي ته ان ۾ اهي ڪيتري نه خراب طريقي سان ناڪام ٿيا آهن، ان جو هڪ سٺو مثال نجم عباسي جو ناول ”پيار ڪهاڻي“ آهي. ليکڪ انهيءَ ناول ۾ ڊاڪٽر جي پنهنجي هڪ مريضه سان محبت کي ڏيکاريو آهي. انهيءَ محبت ۾ سنڌي سماج جي لحاظ کان هڪ نهايت ئي حساس پاسي يعني جنس کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مروج سماجي قدرن کان ليکڪ جي بغاوت واري ارادي تي شڪ نٿو ڪري سگهجي، پر انهيءَ موضوع کي هڪ ته سياق ۽ سباق کان ڌار ڪري ۽ ٻيو ته انتهائي ڪچي نموني کنيو ويو آهي، محبت ٻن انسانن جي مڪمل ذهني ۽ جسماني هم آهنگي جو نالو آهي. ان کي رڳو جنسي ناتن تائين محدود رکڻ سان اُنَ جي جوهر تائين نٿو پهچي سگهجي. پر مذڪوره ناول ۾ ليکڪ جو سڄو زور جنسي ناتن تي آهي ۽ انهيءَ عمل کي ناول ۾ تفصيل سان مختلف جاين تي ورجايو وڃي ٿو. اهڙي ريت ليکڪ پيار جي احساسن کي اجاگر ڪرڻ کان وڌيڪَ جنسي لذت واري لاڙي کي زور وٺائڻ لاءِ ذميوار بڻجي ٿو. ساڳي طرح نسيم کرل جي ڪهاڻين کي ڏسجي ٿو ته ان ۾ عورت جي حيثيت هڪ انسان کان وڌيڪَ هڪ استعمال ڪرڻ واري شيءِ جي آهي. انهيءَ جو سبب ليکڪ جو سماجي پسمنظر به آهي. پر بنيادي ڳالهه وري به عورت ڏانهن هڪ مجموعي سماجي رويي جي آهي.
هڪ مٿاڇري نظر وجھڻ سان ئي اها ڳالهه بلڪل صاف نظر ايندي ته جديد سنڌي ادب ۾ گهڻي ڀاڱي مرد حاوي رهيو آهي. عورت هڪ متحرڪ ۽ سرگرم ڪردار طور ڄڻ ته موجود ئي نه رهي آهي. عورتن جا جيڪي ڪردار تخليق ڪيا ويا آهن، انهن جي واتان به گهڻي ڀاڱي مرد ڳالهائيندو نظر ايندو آهي ۽ جيسيتائين عورت جي جذبن جي نمائندگي جو تعلق آهي ته اُهي به ڄڻ رُڳو مرد جي جذبن جو اولڙو ئي هوندا آهن.
ستر جي ڏهاڪي کان سنڌي سماج ۾ جيڪي تبديليون پيدا ٿيون آهن، اُنهن اديب کي به متاثر ڪيو آهي، پر هڪ ته اُهي تبديليون اڃان هڪ پختي شڪل نه وٺي سگهون آهن. ۽ ٻيو ته اُنهن کي هضم ڪرڻ ۽ پنهنجي تخليقي شعورَ جو حصو ٺاهڻ ۾ به ليکڪن کي ڪجهه وقت لڳندو. انهيءَ ڪري ان جو اظهار نهايت مٿاڇرو ٿيو آهي. بهرحال هڪ وڏي تبديلي اها آئي آهي ته عورت کي ڪنهن حد تائين هڪ انساني شڪل ملي سگهي آهي ۽ مٿانئس پيل پوترتا/پاڪائي جي غلاف کي ڪنهن حد تائين هٽايو ويو آهي.
هن وقت ٻين گهڻين محرومين سان گڏ جنسي محرومي به سنڌي نوجوان جو هڪ مسئلو آهي. کانئس اها توقع رکڻ ته هو مرد ۽ عورت جي انساني ناتن کي پنهنجين تخليقن ۾ اُجاگر ڪندو عبث آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته شهرن ۾ آيل سنڌي پنهنجي عورت کي ڳوٺ ۾ ڇڏي آيو آهي ۽ ٻيو ته مجموعي طور تي سنڌي عورت وڏي تعداد ۾ سماجي زندگيءَ جو حصو بڻجي نه سگهي آهي.
محبت جي موضوعن تي سنڌي ادب ۾ ستر کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾ خاص طور تي ساحر پريمي هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين جي خوبصورتيءَ کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته هو پيدا ئي ڄڻ محبت ڪرڻ لاءِ ٿيو هو. پر محبت کي ماڻڻ واري حسرت ڄڻ رڳو هڪ حسرت ئي آهي. وڇوڙو سندس ڪهاڻين جو موضوع آهي. ماڻڪ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ نمايان ليکڪ آهي، سندس ڪهاڻيون سنڌي نوجوانن جي محرومين کي سُٺي نموني چٽين ٿيون، جن ۾ ان جي جنسي محرومي هڪ خاص اهميت جي حامل آهي، ماڻڪ جي ناوليٽ ”لڙهندڙ نسل“ ۽ ٻين مختلف ڪهاڻين ۾ اهڙن ڪردارن کي پيش ڪيو ويو آهي جيڪي خود لذتي ۽ ٻين مختلف جنسي محرومين سان لاڳاپيل نفسياتي پيچيدگين ۾ ورتل آهن.
ڪجهه نون ليکڪن جي ڪهاڻين جا حوالا سنڌي نوجوان جي پيار جي محرومي واري نڪتي کي چٽي ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا:
انور ابڙو جي ڪهاڻي ”ساعتون، سڪ، سونهن، سنگهرون“ هڪ اهڙي نوجوان جو احوال آهي، جيڪو حيدرآباد کان ڪراچي ويندي بس ۾ ويٺل هڪ ڇوڪريءَ جي سونهن جو شڪار ٿو ٿئي ۽ پوءِ اُتي ويٺي ويٺي پور پچائڻ شروع ٿو ڪري. ڪراچيءَ کان موٽڻ وقت به اهو ان کي وساري نٿو سگهي ۽ نيٺ پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏيندي چئي ٿو ته: ”اڏندڙ پکي به ڪو ساڳئي رستي تان واپس ٿي سگهيو آهي؟“
جاويد عباسي جي ڪهاڻي ”اوسيئڙو“ جي پڄاڻي ڪجهه هن ريت ٿئي ٿي. ”پن ڇڻ جي موسم ڪيڏي نه ڊگهي ٿي وئي آهي، بهار جو اوسيئڙو ڪندي خان جي مٿي ۾ چاندي جيئن تارون ۽ چهري تي گهنج پئجي ويا اهن. اوسيئڙو ڊگهو ٿيندو پيو وڃي. خبر ناهي ڪڏهين زندگي شامَ جي پاڇن ۾ آخري هڏڪي سان ختم ٿي ويندي..“
صنوبر سيد پنهنجي ڪهاڻي ”سنجوڳ“ ۾ ٻن پريمين جي مرڻ کانپوءِ ملڻ کي آدرشي ڪري ڏيکاريو آهي. ان ڪهاڻيءَ جو مرد ڪردار چئي ٿو ته: ”چوندو هو مانءِ نه ته هي سمجھن ٿا ته جسماني فاصلن وجھڻ سان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو آ پر ڏس اسان هنن پاران وجھندڙ جسماني وڇوٽين جي باوجود به ڪيئن گڏ آهيون. تهائين وڌيڪَ مطمئن، هونءَ ته پنهنجي مادي وجود لڪائڻ بچائڻ جو فڪر هوندو هو. پر هاڻي آزاد آهيون ڪنهن جي به پهچَ کان دور.“
هن وقت اڳ جي ڀيٽَ ۾ سنڌي عورتن جو هڪ وڏو تعدادُ سماجي زندگيءَ جو حصو بڻيل آهي. سنڌي ليکڪ کي هاڻي وڌيڪَ سگهارا ۽ سرگرم ڪردار ملي سگهن ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ ان کي انهي خام خيالي مان ضرور پنهنجي جان آجي ڪرائڻي پوندي ته عورتن جي ذڪر جو مطلب رڳو ۽ رڳو جنس آهي. انهيءَ ڳالهه کي مضبوطيءَ سان ذهن نشين ڪرڻو پوندو ته پيار رڳو هڪ حيواني جذبو ناهي جنهن جو سڄو واسطو جبلت ۽ جنس سان هجي. پيار مڪمل انسان طور هڪ ٻئي جي جذبن ۽ احساسن جي ادراڪ جو نالو آهي. جيئن انسان جانورن جي ابتڙ گهڻيون شيون سماج کان سکي ٿو، اهڙي طرح پيار ۽ محبت جي مڪمل ادراڪ لاءِ به کيس تربيت جي ضرورت آهي. خاص طور تي اهو سڀ ڪجهه انهن ماڻهن لاءِ ته بيحد ضروري آهي جن پنهنجو پاڻ تي انسان جي تعمير جو ڪم کنيو آهي يعني شاعر، اديب ۽ فنڪارن مختلف ٻولين ۽ مختلف ملڪن جو ادب انهي سلسلي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
عظيم ٽالسٽاءِ جو ناول اناڪيرينا انهيءَ لحاظ کان هڪ ذڪر جوڳو ناول آهي. اهو ناول 1877ع ۾ لکي پورو ڪيو ويو. ان وقت روس جي سماج ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون هيون. زراعت ۾ غلاميت يا Serfdom کي ختم ڪيو ويو هو ۽ سماج کي نئين سر اڏڻ ۽ زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ مختلف تجربا ڪيا پئي ويا. پر روسي سماج اڃا انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن نتيجي تي نه پهتو هو ۽ ان ۾ اٿل پٿل جو هڪ عمل جاري هو. خاص طور تي مٿئين طبقي تي فرانس ۽ انگلينڊ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جو وڏو اثر هو. اهڙي صورتحال ۾ سماجي قدرن ۾ بحران اچڻ هڪ فطري ڳالهه هئي. ناول ۾ مٿئين طبقي جي سطحيت ۽ منافقت کي چٽي نموني واضح ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته بيگمات ڪيئن نه هڪ مڙس هوندي ڏهه ڏهه يار رکن ٿيون پر مٿن ڪير آڱر نه ٿو کڻي. انهيءَ ماحول ۾ ناول جي هيروئن انامڪ استشنا هڪ اهڙي عورت آهي جيڪا پنهنجي سونهن ۽ پنهنجي ڪردار جي مضبوطي جي ڪري سوسائٽي ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي.
انا هڪ اهڙي شخص سان پرڻيل آهي جيڪو کانئس عمر ۾ گهڻو وڏو آهي. اهو شخص، ڪيرينين جيتوڻيڪ هڪ وڏو سرڪاري ڪامورو آهي پر سندس شخصيت پيار، قرب وغيره جهڙن جذبن کان خالي آهي ۽ هو بس هڪ روٽين جي زندگي گذاري ٿو. ان وقت تائين جيتوڻيڪ انا پاڻ پيار جي جذبي کان اڻواقف آهي پر هوءَ انهيءَ اڻلکي فاصلي کي ضرور محسوس ڪري ٿي. جيڪو انهن ٻنهي زال مڙس جي وچ ۾ موجود آهي.
انهيءَ دوران سندس زندگي ۾، ورونسڪي جي نالي سان هڪ نوجوان آرمي آفيسر داخل ٿئي ٿو. انهيءَ آرمي آفيسر جون اڳرايون سندس اندر ۾ ستل پيار جي جذبي کي جاڳائين ٿيون. سندس مڙس انهيءَ معاملي کي شروع ۾ روڪڻ چاهي ٿو پر ناڪام ٿو رهي. انهي وچ ۾ انا وورونسڪي جي ٻار جي ماءُ ٿي بڻجي. ڪيرينين پنهنجي اندر ۾ جاڳيل انساني جذبي تحت اڳ ۾ ڪيل طلاق واري فيصلي کي پاسيرو رکي ان کي اها آڇَ ٿو ڪري ته هو بس ظاهري طور زال ۽ مڙسَ جو ڏيکُ ڏين ۽ هوءَ رڳو گهر ۾ وورونسڪي سان ملڻ کان پرهيز ڪري. انا انهي ڳالهه کي قبول ته ڪري ٿي پر ڪجهه عرصي کان پوءِ هو محسوس ڪرڻ شروع ڪري ٿي ته هن جي لاءِ ته ڪيرينين جي وجود ئي ناقابل برداشت ٿي پيو هو. انهيءَ ڪري هو طلاق کانسواءِ ئي پنهنجي مڙس جو گهر ڇڏي وورونسڪي سان رهڻ شروع ڪري ٿي.
سوسائٽي پاران سندس انهي عمل کي قبول نٿو ڪيو وڃي ۽ گهڻا ڏٺا وائٺا ماڻهو ساڻس ملڻ کان لنوائين ٿا پر هو ڄڻ ته پنهنجي اندر کان مجبور آهي. هو سمجهي ٿي ته پيار کيس نئين روشني ڏني آهي ۽ سندس سڄي شخصيت کي بلڪل بدلائي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري سندس لاءِ ماڻهن جو رويو ڪا حيثيت نٿو رکي پر سندس محبوب وورونسڪي انهيءَ ڳالهه باوجود ته ساڻس گهڻو پيار ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري نوڪري، رشتن ناتن ۽ ٻين گهڻين شين کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، انهي کي مختلف نموني سان ڏسي ٿو. هو چاهي ٿو ته طلاق ۽ شادي وارن مرحلن مان گذري پنهنجن ناتن کي وڌيڪَ رسمي شڪل ڏجي ته جيئن سندس ٻارن کي بجاءِ ڪيرينين جي سندس پنهنجو نالو ڏئي سگهجي. اها ڳالهه ٻنهي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ٿي. هوءَ اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪري ٿي ته وورونسڪي کيس مختلف طريقن سان اهو يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته ان جي پيار ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي ٿي پر هو ان ۾ ڪامياب نٿو وڃي.
انا پنهنجو پاڻ سان بحث ڪرڻ کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿي ته وورونسڪي کيس دوکو نه ڏيندو ۽ کيس ڇڏي ڪنهن ٻئي سان شادي به نه ڪندو پر ساڳي وقت هو انهيءَ ڳالهه تي به قائل آهي ته سندس لاءِ وورونسڪي جي پيار ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. هو پنهنجو پاڻ کي چئي ٿي ته اهڙي گڏ رهڻ مان ڪهڙو فائدو جنهن ۾ پيار شامل نه هجي. پيار جي ختم ٿي وڃڻ واري انهيءَ احساس جي ڪري هو وورونسڪي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿي پر ريلوي اسٽيشن تي آپگهات جي شديد خواهش پيدا ٿئي ٿي. هو پنهنجو پاڻ کي ريلوي انجڻ جي آڏو اڇلي ٿي ۽ آخري وقت تي چاهڻ جي باوجود به پاڻ کي بچائي نه ٿي سگهي. وورونسڪي کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ ۾ چڱو وقت ٿو لڳي ۽ نيٺ هو پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ بلقان ۾ ترڪن خلاف وڙهڻ لاءِ هليو ٿو وڃي.
ناول ۾ جيتوڻيڪ هڪ ٻئي مک ڪردار ليوين جي ذريعي ٽاسٽاءِ پنهنجي انسان دوستي واري نظريي جو پرچار به ڪيو آهي پر ناول جو مرڪزي ۽ بنيادي نڪتو اهو آهي ته عورت ۽ مرد جي ناتن جو بنياد پيار آهي ۽ اهڙو پيار جيڪو برابري جي سطح تي هجي. انهيءَ ناول ۾ انا هڪ اهڙو خود مختيار ڪردار آهي جيڪا انهي سڄي نظريي کي پنهنجي شخصيت ۾ سموئي ان جو ڀرپور اظهار ڪري ٿي. ليکڪ ان تي غير انساني جذبن ۽ مرداڻي برتري کي ٿاڦڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي آهي. وڏي ڳالهه ته هن ناول ۾ جنسي جذبن سان کيڏڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي پر اهو ليکڪ جو ڪمال آهي ته هن ڪٿي به پنهنجي قد بت کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو آهي. وڏي خوبي اها آهي ته اهو ناول پڙهندڙ ۾ پيار جي هڪ نئين احساسَ کي جنم ڏئي ٿو.
انهي سلسلي ۾ ويهين صديءَ جي هڪ وڏي ناول نگار جين پال سارتر جي ناول ڏاهپ واري دور يا Age of Reason جو ذڪر ڪرڻ به بيجا نه ٿيندو. هي ناول 1938ع جي پيرس جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي، اها فلاسافي جي هڪ نوجوان پروفيسر ميٿيو جي ٻن ڏينهن جي ڪهاڻي آهي. ميٿيو هڪ عورت مارسيلي سان ستن سالن کان رهي رهيو آهي، مٿس اوچتو اها ڳالهه کلي ٿي ته مارسيلي پيٽ سان آهي، ميٿيو انهيءَ ٻار کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي، سندس آڏو ٻه رستا آهن، هڪ ته هو مارسيلي سان شادي ڪري ۽ ٻيو اهو ته ٻار ڪيرايو وڃي. ميٿيو اهو سمجھي ٿو ته شادي ۽ خانداني زندگيءَ سان سندس آزادي متاثر ٿيندي. انهيءَ ڪري هو مارسيلي کي ٻار ڪيرائڻ لاءِ قائل ٿو ڪري. پر وٽس انهي ڪم لاءِ گهربل رقم ڪونهي ۽ هو ان جي حصول لاءِ مختلف حيلا وسيلا ڪري ٿو. ڪٿان به بندوبست نه ٿيڻ جي صورت ۾ هو پنهنجي هڪ دوست ڪلب ڊانسر جي گهران انهي خيال سان رقم چورائي ٿو ته پوءِ هو اها موٽائي ڏيندو.
مارسيلي جي نظر ۾ ميٿيو جو هڪ وڏو مقام آهي. هُو پيار سان گڏوگڏ سندس احترام به ڪري ٿي، انهيءَ ڪري پنهنجي مرضي نه هوندي به ميٿيو جي ٻار ڪيرائڻ واري صلاح کي قبول ڪري ٿي. کيس ان وقت شڪ وڪوڙي وڃي ٿو جڏهن ميٿيو سندس آڏو اها رقم آڻي رکي ٿو. هو سندس رويي ۽ هلت چلت مان اهو اندازو لڳائي ٿي ته هن جو سندس لاءِ پيار ختم ٿي چڪو هو. هو کيس اهو ٻڌائي ٿي ته هو رڳو دنيا داري ڪري رهيو آهي جڏهن ته سندس پيار ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو انهيءَ ڳالهه جي باوجود ته ميٿيو کيس شادي ڪرڻ وغيره جو يقين ڏياري ٿو پر هو سندس ڪنهن به وضاحت کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿي ٿئي ۽ کيس چئي ٿي ته هو فورن سندس گهر مان هليو وڃي. هو ميٿيو تي اهو پڻ واضح ڪري ڇڏي ٿي ته هاڻي هن لاءِ سندس دل ۾ ڪا به عزت ناهي رهي.
انهي ناول ۾ انهي ڳالهه کي واضح طور تي نوٽ ڪري سگهجي ٿو ته عورت مجبور هوندي به پنهنجي عزت، خودداري ۽ آزاديءَ کي برقرار رکي ٿي، اهو پڻ نوٽ ڪري سگهجي ٿو ته پيار ۽ٻيا انساني ناتا مستقل نوعيت جا ناهن هوندا بلڪه انهن ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ تبديليون اينديون رهنديون آهن. جيڪڏهن عورت يا مرد ٻنهي مان ڪنهن جي به شخصيت ۾ تبديلي اچي ٿي ته اها سندن وچ ۾ قائم ٿيل ناتن ۾ پڻ تبديلي جو باعث بڻجي ٿي.
سارتر اهو ناول 1945ع ۾ لکيو آهي. اڌ صديءَ کان وڌيڪَ عرصي اڳ جي يورپ جي عورت جو ناول ۾ ڏيکاريل اهو ڪردار غير معمولي ناهي پر ان وقت جي سماج جي معمول جو هڪ حصو آهي. مارسيلي کي ميٿيو سان پنهنجا رشتا رکڻ ۾ ۽ پوءِ ساڻس رشتا ختم ڪري ڊينيئل سان شاديءَ جو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪنهن غير معمولي سماجي مزاحمت کي منهن نه ٿو ڏيڻو پوي. اسانجي سماج ۾ اهڙا ڪردار موجود ناهن ۽ جيڪڏهن ڪي عورتون اهڙا آدرش حاصل ڪرڻ چاهين به ٿيون ته اهي مردن جي حَوَس جو نِشانو بڻجي ساره شگفته ۽ سلطانه گوهر عظميٰ وانگر ٻين لاءِ عبرت جو مثال بڻجي وڃن ٿيون. رسول بخش درس جي ڪهاڻي ”گهايل چمي جو مرثيو“ ۾ مرد ۽ عورت جي غير رسمي ناتن جو پڙاڏو ته ملي ٿو، پر ڪهاڻيڪار عورت جي آزادي، خودداري ۽ عزّت کي سماجي ۽ معاشي مجبورين تي قربان ڪري ڇڏي ٿو ان جو سبب اهو آهي ته اهي رشتا اڃا جوڳي قبوليت ماڻي نه سگهيا آهن ۽ ليکڪ به عام ماڻهن جيان انهن کي قبوليت ڏيڻ جي لحاظ کان هڪ ڊپ ۽ شڪ ۾ ورتل آهي.
ساڳي طرح اٽليءَ جي جڳ مشهور ناول نگار البرٽو موراويا جي ناول A Ghost at Noon تي نظر وجھبي ته اهو نظر ايندو ته ان وقت عورت ۽ مرد جي ناتن ۾ ڪهڙي تبديلي اچي ٿي جڏهن ان مان پيار جو عنصر ختم ٿي وڃي ٿو. اها هڪ فلمي ليکڪ مولٽيني ۽ سندس زال ايميليا جي ڪهاڻي آهي. شادي کان اڳ سندن پيار آدرشي هو ۽ شادي کان پوءِ جا ٻه سال مولٽيني جي چواڻي نهايت شاندار هئا. معاشي لحاظ کان اهو وقت مولٽيني لاءِ چڱو نه هو ۽ هو انهي ڪوشش ۾ هو ته کيس ڪو سٺو موقعو ملي ۽ هو پنهنجي حالت سڌاري، انهي وچ ۾ سندس ملاقات فلمن جي هڪ پروڊيوسر باتستا سان ٿئي ٿي ۽ هتان ئي زال مڙس جي ناتن ۾ لاتعلقي جو عنصر داخل ٿئي ٿو. باتستا پاران هڪ ڏينهن هوٽل تي ماني کائڻ کانپوءِ کيس پنهنجي گهر هلڻ جي دعوت ڏني وڃي ٿي، پر سندس موٽر ڪار ۾ ڊرائيور سيٽ سميت رڳو ٻن ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ آهي. باتستا چاهي ٿو ته ايميليا ساڻس گڏجي هلي ۽ مولٽيني پويان ٽيڪسي ۾ اچي جڏهن ته ايميليا جي اها مرضي آهي ته اها پنهنجي مڙس سان گڏ ٽيڪسي ۾ وڃي پر مولٽيني انهي ڳالهه کي اهميت نه ٿو ڏئي ۽ پنهنجي زال کي باتستا سان گڏ موڪلي ٿو ۽ پاڻ پويان ٽيڪسي ۾ وڃي ٿو. اهو سندن ناتن ۾ ايندڙ هڪ اهم موڙ آهي. ان وقت کان وٺي ايميليا جي مولٽيني ڏانهن رويي ۾ لاتعلقي آهستي آهستي وڌندي ٿي وڃي. ساڳي وقت مولٽيني انهي ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته سندس پيار بس هاڻي ڄڻ هڪ رسم رهجي ويو هو. ايميليا انهي ڳالهه جو پاڻ زبان سان ته اقرار نه ٿي ڪري پر هو پنهنجي عمل وسيلي انهي کي شدت سان محسوس ڪرائي ٿي، جنسي ناتن جو سلسلو هلندو اچي ٿو پر هو اِهو سمجھي ٿو ته اِهو سڀ ڪجهه رُڳو سندس پنهنجي تسڪين لاءِ آهي جڏهن ته انهي عمل ۾ ايميليا جي شموليت بس نالي ماتر ئي آهي ۽ هو رڳو ساڻس پيار جو ڏيکاءُ ڪري رهي هئي. جنسي ناتن ۾ پيار جي انهي کوٽَ سان هو اهو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ته پارٽنر سندن محبوبه يا زال ناهي پر رڳو هڪ وئشيا آهي جيڪا کيس پنهنجي مرضي خلاف پنهنجو جسم آڇي رهي آهي. اهو سڀ ڪجهه هن کان برداشت نه ٿو ٿئي ۽ هو انهيءَ تي ايميليا سان احتجاج ڪري ٿو ۽ کيس اهو چئي ٿو ته هو هاڻي ساڻس محبت نه پر نفرت ڪري ٿي. پر هو کيس انهي جو ڪو به قطعي جواب نه ٿي ڏئي، هو لاڳيتو اها ڪوشش ڪري ٿو ته ايميليا جي دل ۾ پنهنجي لاءِ اها ساڳي اڳ واري محبت پيدا ڪري پر هو انهي ۾ ڪامياب نه ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته خاص طور تي محبت گهرڻ ۽ نه گهرڻ جو نه پر احساساتي هم آهنگي جونالو آهي. انهي کانپوءِ هو اها ڪوشش ڪري ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏانهس ايميليا جي انهي لاتعلقي جي سبب کي معلوم ڪجي پر انهي ۾ به کيس ڪاميابي نه ٿي ٿئي. احساسن کي زبانَ ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي ۽ ايميليا لاءِ به اهو ممڪن نه هو ته پنهنجي اندر ۾ ڀرجي ويل ڪنهن احساس کي لفطن ۾ بيان ڪري سگهي. ايميليا ڏينهون ڏينهن پنهنجي مڙس کان پري ۽ فلم پروڊيوسر باتستا جي ويجھو ٿيندي ٿي وڃي ۽ نيٺ زال ۽ مڙس جو اهو تعلق حقيقتاً ختم ٿي وڃي ٿو.
انهي ناول ۾ نهايت ڪاميابي سان اهو ڏيکاريو ويو آهي ته پيار ٻن ماڻهن جي مڪمل احساساتي هم آهنگيءَ جو نالو آهي. انهيءَ ۾ جِتي به رُخَنو پئي ٿو اتي اهو ناتو متاثر ٿئي ٿو ۽ انهن ٻن ماڻهن جا ناتا اڳ جيان نه ٿا. رهن اهو سڀ ڪجهه جيتوڻيڪ اسانجي سماج ۾ به ٿئي ٿو پر ان جو کليل اظهار رڳو ان سماج ۾ ئي ممڪن آهي جِتي عورت نسبتن آزاد آهي ۽ پنهنجي جذبن جي اظهار ۾ مٿس بيجا بندشون پيل نه آهن.
هن وقت تائين اسانجي سماج ۾ عورت مرد جي ٿاڦيل سوچَ جو شڪار آهي جنهن ۾ مرد جا پنهنجا سماجي ۽ جنسي مفاد شامل رهيا آهن. شروعاتي مرحلو انهيءَ صورتحال کي سمجھڻ جو آهي، ڇاڪاڻ ته سمجھڻ ۽ ان کي پنهنجي لاشعور جو حصو بڻائڻ ادب جي تخليق جو ابتدائي مرحلو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ بنيادي ڳالهه عورت ڏانهن پنهنجي رويي کي بدلائڻ آهي. اهڙي قسم جي شعوري ڪوشش کي يقيناً اسانجي سماج ۾ ايندڙ غير محسوس تبديلين سان پڻ تقويت ملندي.