ڪارو پاڻي ۽ آدرشي ڪردار جي کوٽَ
ڪهاڻيءَ جو طريقو مقرر نه ٿو ڪري سگهجي. هر ليکڪ جي اندر ۾ هڪ گهاڙيٽو ۽ اظهار جو هڪ طريقو هوندو آهي جنهن موجب هو پنهنجي ڪهاڻيءَ کي صورت ۽ شڪل ڏيئي سگهندو آهي. ڪهاڻي جي پرک ان جي ٻوليءَ جي سونهن، بيساختگي ۽ پڙهندڙ تائين پهچَ جي بنياد تي ڪري سگهجي ٿي. اهڙي ريت ”شعور جي رو“ ۾ لکيل ڪهاڻيون به ڪامياب ۽ سٺيون ليکي سگهجن پيون ۽ داستان گوئي ۽ بيانيا انداز ۾ به. هن وقت سائين بخش رند جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪارو پاڻي“ اسان جي آڏو آهي. ليکڪ ڪِتاب ۾ ڪهاڻين متعلق پنهنجو نڪتئه نظر بيان ڪندي چئي ٿو ته ”منهنجو نظريو آهي ته ذاتيات تي لکڻ (ڪهاڻي، شعر وغيره) موزون نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها لکڻي بعد ۾ حالتون تبديل ٿيڻ سان خود ليکڪ کي چيٻاڙا ڏيڻ لڳندي آهي ۽ ٻيو ته اِنهي لکڻي ۾ بهتر تخليقي معيار به نه هوندو ۽ اها لکڻي ادبي تخليق بجاءِ هڪ قسم جي رننگ ڪامنٽري ٿيندي.“ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي هِنَ مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون ٿرڊ پرسن ۾ لکيل آهن ۽ اُنهن جو انداز پڻ روايتي داستان گوئي وارو آهي. پر اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته هڪ ته ڪهاڻي جي فارم کي قطعي ڪري نه ٿو ليکي سگهجي ۽ ٻيو اِهو به ته ضروري ناهي ته ذاتيات تي لکيل ڪهاڻيون تخليقي معيار جي لحاظ کان گهٽ هونديون آهن. ان حوالي سان نه رڳو عالمي پر سنڌي ادب ۾ پڻ ڪافي معتبر نالا موجود آهن جن پنهنجي ليکي هڪ مڃتا ماڻي آهي. هن مجموعي ۾ ليکڪ جون ڪُل پندرنهن ڪهاڻيون شامل آهن. اِهي ڪهاڻيون مختلف موضوعن جي حوالي سان آهن جن ۾ حب الوطني به آهي. ٻهراڙي به آهن، شهر به آهن، هاري ۽ مزدور به آهن ۽ وچولي طبقي جي مسئلن جي اپٽار به آهي. پهرين ڪهاڻي ”درد منديءَ جو ديسُ“ عرب شهزادن جي سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين حصن ۾ سير سپاٽن ۽ شڪار جي متعلق آهي. اِها ڳالهه ته ڪنهن کان لڪل ناهي. ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جو هڪ وڏو علائقو انهي ڪم لاءِ مخصوص آهي جِتي بئي ڪنهن به ماڻهوءَ کي دخل اندازي ڪرڻ جي اجازت ناهي. سندن لاءِ محل، هوائي اڏن ۽ سڙڪن وغيره سميت هر قسم جي سهولت جو بندوبست ڪيل آهي. اهڙي ريت ليکڪ نهايت ئي حساس موضوع کي کنيو آهي. پر ليکڪ ان ۾ ڪهاڻي پڻو پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي ۽ اهو هڪ مضمون جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. جنهن جي ڪري ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي بجائي ڪن احساسن جي هڪ تقرير جي صورت ۾ ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ گهربل تاثر پيدا نه ٿي سگهيو آهي.
ليکڪ بنيادي طور تي اُنَ مڪتبئه فڪر سان واسطو رکي ٿو جن جي لاءِ ادب هڪ وڏي مقصد جي حصول جو ذريعو آهي. پر سٺ، سَتر ۽ اسي جي ڏهاڪن جي لکڻين ۾ هڪ بنيادي فرق نظر ايندو، ان وقت جا موضوع گهڻي ڀاڱي طبقاتي سياست ۽ جدوجهد سان لاڳاپيل هوندا هئا ۽ ٻين سماجي ۽ معاشي مسئلن کي گهٽ ئي زير بحث آندو ويندو هو، پر هن وقت غير محسوس طريقي سان اهڙي تبديلي واقع ٿي چڪي آهي جو ليکڪ نه رُڳو انهن مسئلن کي بحث هيٺ آڻڻ ۾ ڪو عار نه ٿو سمجھي پر سندس لاءِ هڪ لحاظ کان اِهي ئي ترجيحي صورت اختيار ڪري ويا آهن. هِنَ مجموعي جون چار ڪهاڻيون گٽر جو ڍڪڻ، پوياڙيءَ جا پاڇا، جنازا جنازا زندگي ۽ پاتال جو موتي ان سنڌي وچولي طبقي جي نوجوانن جون ڪهاڻيون آهن جن تازو شهري زندگيءَ ۾ پير پاتو آهي. اِهي ڪردار ڪي سورما نه پر عام ماڻهو آهن جن کي مجبوري تحت اهڙو ڪم به ڪرڻو پئي ٿو جيڪو عام حالتن ۾ هُو ڪنهن به ريت نه ڪن. خاص طور ڪهاڻي ”گٽر جو ڍڪڻ“ جو سعيد پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ پنهنجي افسر جي محبوبه جي فرضي مرض جو جيڪو ناٽڪ ڪري ٿو ان جو تصور عام طور تي نه ٿو ڪري سگهجي. ان مان اِها هڪ ڳالهه سامهون اچي ٿي ته عزّت ۽ غيرت وغيره جهڙا اخلاقي اُصول معاشي مجبورين آڏو پنهنجي اهميت وڃائي ويهن ٿا ۽ ماڻهو پاڻ پنهنجين نظرن ۾ ڪري پوي ٿو. پر هِتي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڳالهه جي گهٽتائي محسوس ٿئي ٿي. ڪردار ۾ ظاهري مزاحمت ته ٺهيو پر اندروني ذهني ڇڪتاڻ به نظر نه ٿي اچي ۽ هُو پاڻ کي بلڪل حالتن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. اِها ڳالهه هڪ اهڙي فردَ جي سلسلي ۾ غير فطري لڳي ٿي جنهن جو واسطو ٻهراڙيءَ سان هُجي ۽ جنهن وٽ عزت ۽ غيرت جو هڪ مضبوط تصور هُجي. ”پوياڙيءَ جا پاڇا“ هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي جنهن جو ڪراچيءَ ۾ پنهنجن دوستن سان گڏ رهندي هڪ اهڙي خاندان سان واسطو پئي ٿو جيڪو رئيس جي ڏاڍ کان تنگ ٿي اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿئي ٿو، هِنَ ڪهاڻي ۾ جيتوڻيڪ دوستن جي ڪچهرين وسيلي مختلف مسئلن جي اپٽار ڪيل آهي پر ان جو تت نجمه جي بدن جو اُهو ڇهاءُ آهي جيڪو ان نوجوان کي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لاءِ اُتساهي ٿو. اِها ڪهاڻي دراصل ان ڪردار جي اُها لڪل خواهش آهي جيڪا نجمه جي صورت وٺي ٿي ۽ جنهن جي تمنا گهڻن سنڌي نوجوانن کي هوندي آهي. ”جنازا جنازا زندگي“ ايڊز ۾ ورتل هڪ نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪو مافيا جي وَر چڙهي وڃي ٿو. ان کي ايڊز متعلق ڄاڻ ڏيندڙ ۽ ڇڙواڳ Sex خلاف مهم جو هڪ حصو چئي سگهجي ٿو. ان موضوع تي مختلف اديبن قلم کنيو آهي. خاص طور تي خشونت سنگهه جي ناول The company of women جو ان سلسلي ۾ ذڪر ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي ۽ فڪشن وسيلي ان موضوع کي کڻڻ جو هڪ فائدو اهو ٿيندو آهي ته پڙهندڙ ان ڪردار جي پيڙا کي محسوس ڪري ٿو ۽ اُهو احساس سندس اندر ۾ هڪ مزاحمت کي جنم ڏئي ٿو، ليکڪ اهو ساڳيو ڪم پنهنجي ڪهاڻي ”پاتال جو موتي“. کان ورتو آهي جيتوڻيڪ اها هڪ صحافي سان واسطو رکي ٿي پر اُنَ جي سونهن اِها آهي ته اُنَ ۾ سندس چوويهه ڪلاڪن. جي روٽين ۽ معمول کي چٽيو ويو آهي. بلڪل هڪ عام ماڻهوءَ جيان ٻارن جي پڙهائي، مهانگائي، زال سان ناتا ۽ دفتر جو ماحول وغيره. ڪهاڻي پنهنجي ليکي مڪمل آهي. پر اها خبر نه ٿي پئي ته پڇاڙيءَ ۾ ليکڪ کي ان صحافي ظفر متعلق اهو بيان ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي آهي ته هو کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ وغيره ڪو شخص آهي. اهم ڪم قاري لاءِ هُجي ها ته هُو پاڻ ڪردار جي بيهڪ مان اُنَ جي سوچَ ۽ شخصيت جو اندازو لڳائي ها. اهڙو بيان لازمي طور ڪهاڻي کي متاثر ڪري ٿو.
هِنَ وقت ٻهراڙين ۾ به شهر گهڙي پيا آهن. اڳ جيئن اُتي فطرت پنهنجي اصل روپَ ۾ نظر ايندي هئي ۽ ماڻهو فطرت جو هڪ حصو هوندي پنهنجين جبلتن مطابق عمل ڪندا هئا ان ۾ هاڻي گهڻيون تبديليون واقع ٿي چڪيون آهن. ان جي باوجود انهن جو شهرن کان هڪ ڌار رنگ آهي. فطرت جا ڪي روپ باقي آهن ۽ ماڻهو اڃا به ڪنهن حد تائين پنهنجين جبلتن جي تابع آهي، ڪُجهه ڪهاڻين ۾ ليکڪ اِهي رنگ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ”رات به مينهڙا وٺا“ ٻهراڙيءَ جي زندگي جي هڪ حقيقت کي سامهون آڻي ٿي ۽ اها آهي جيڪو ڏاڍو سو گابو واري روايت. اِها رڳو طاقت جي نه پر ذهانت جي به راند آهي. هن ڪهاڻي ۾ ميرل جنهن نموني پاڻيءَ جو رخ پنهنجين ٻنين ڏانهن موڙي ٿو اُهو ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهن جهنگ ۾ رهڻو آهي ته ان جي طور طريقن کي سکڻو پوندو ڪهاڻي ”پهلوان“ ملهه متعلق آهي. هڪ ڳالهه جو هِتي واضح ٿيڻ ضروري آهي ته ٻهراڙي متعلق انهن ڪهاڻين ۾ روايتي ڪهاڻين جيان وڏيري ۽ هاريءَ جو تضاد نه ٿو ملي. ان جو مُک ڪارڻ هڪ ته سنڌ ۾ طبقاتي سياست جو منظر تان غائب ٿي وڃڻ آهي ۽ ٻيو اِهو ته سنڌ جي زراعت ۾ پيداواري ناتا اُهي اڳ وارا ساڳيا ناهن رهيا پر انهن ۾ گهڻيون تبديليون اچي چڪيون آهن. ظاهر ڳالهه آهي ته ان سڄي صورتحال ۽ سياسي، سماجي ۽ معاشي تبديلين جو اثر ڪهاڻيڪار پڻ شعوري ۽ غير شعوري طور قبول ڪري ٿو. هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين ”نذراني جي پيتي“، ”سربستي ڳالهه“ ۽ ”اماوس رات جي ڪارنهن“ ۾ منهنجي خيال ۾ ٻهراڙيءَ جي اٻوجهه ماڻهن جي استحصال ۽ پوليس جي ڏاڍائي کي چٽيو ويو آهي جڏهن ته ڪهاڻي ”ڌريان ئي ڌار“ مڱڻهارن جي سماجي حيثيت کي واضح ڪري ٿي. ”بي رنگ جيون جو اڌ رنگ.“ ٻُسي ٻانهن“ ۽ ”بي نام رشتي جي ڪٿا“ فرد جي مختلف روين، احساسن، جذبن ۽ سماجي ناتن ۾ شامل ٻه چاپڙائي ۽ منافقت کي ظاهر ڪن ٿيون. ٽائٽل ڪهاڻي ”ڪارو پاڻي“ ايشيا جي مٺي پاڻي جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر تي رهندڙ ماڻهن جي حالت زار ۽ مسئلن متعلق آهي. ڪهاڻيءَ جي شروعات سُٺي آهي. ليکڪ جو ورتاءُ، ڊڪشن ۽ ٻوليءَ جو استعمال بلڪل حقيقي لڳي ٿو پر ڪهاڻي اُنَ موقعي تي پنهنجو اثر وڃائي ويهي ٿي جڏهن هڪ ادبي تنظيم جا ڪارڪن منظر تي اچن ٿا ۽ ڪاميابي سان رئيس سان مهاڏو اٽڪائين ٿا. اهڙي ريت ليکڪ ڪهاڻي کي اميد افزا پڄاڻي ڏئي ٿو جيڪا ڪنهن اين جي او جي تناظر ۾ ته ٺيڪ لڳي ٿي پر منڇر ۽ اُتي رهندڙن جي موجوده ڪسمپرسي واري حالت کي ڏسندي اها نهايت مصنوعي ۽ هٿرادو محسوس ٿئي ٿي. سائين بخش جي ڪهاڻي جا ڪردار نهايت سرگرم آهن پر اهو ضروري ناهي ته هر ڀيري اُهي سوڀارا ئي ٿين. بس جيئڻ جو هڪ عمل آهي جنهن ۾ ڪڏهين سوڀ آهي ته ڪڏهين هار ۽ ڪڏهن بس ڪُجهه به ناهي. اُنهن ڪهاڻين ۾ فرد جي احساسن کان وڌيڪَ سندس خارجي پاسي ۽ آسپاس جي حالتن کي واضح ڪيو ويو آهي. بهرحال هڪ ڳالهه واضح آهي ته ليکڪ پنهنجي ڪمٽمينٽ جي باوجود جنهن جو هو ”پنهنجي پاران“ ۾ اظهار به ڪري ٿو ڪي اهڙا ڪردار تخليق نه ڪيا آهن جيڪي هن وقت سنڌي سماج ۾ موجود ناهن. هِتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهڙن ڪردارن جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي جيئن ماضيءَ ۾ محسوس ڪئي ويئي هئي ۽ تخليقڪارن اُنَ جي موٽَ به ڏني هئي. اهڙن سوالن جو جواب سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن ۽ ڌرين کي سوچڻ گهرجي. ته ڇا هاڻي آدرشي ڪردارن جي ضرورت آهي؟