عشق، ڀِٽائي ۽ سنڌُ
باک ٽرسٽ پاران ڇپايل هن مجموعي ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪَ رچنائون شامل آهن. جيتوڻيڪ هن مجموعي ۾ غزل، ٽيڙو، دوها، وايون ۽ گيت شامل آهن پر انور بنيادي طور تي نظم/آزاد نظمَ جو شاعر آهي. انور پنهنجي سڄي حياتيءَ مختلف ميدانن ۾ سرگرم رهيو آهي. صحافت، سياست ۽ سياحت سندس دلچسپيءَ جا شعبا رهيا آهن پر سندس شخصيت جو ڀرپور اظهار رڳو سندس شاعري ئي ڪري سگهي آهي. جيتوڻيڪ هڪ ڊگهي عرصي کان هن شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. پر جڏهن ان مجموعي ۾ گڏ ڪيل شاعريءَ ۾ پڙهجي ٿو ۽ شاعر جي پنهنجي شخصيت کي ڏسجي ٿو ته ان ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نه ٿو اچي.
انور جي شاعريءَ جي سندس همعصرن سان ڀيٽَ ڪرڻ وقت هڪ ڳالهه کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته انهن شاعرن ۽ انور ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. اهو فرق شاعري ۽ زندگي ڏانهن رويي جو آهي. انور مختلف محاذن تي سرگرم ڪردار ادا ڪندو ۽ ان جي نتيجي ۾ ڀوڳيندو به رهيو آهي. انهن ڀوڳنائن ۽ درد ڄڻ ته سندس اندر ۾ موجود شاعر کي مهميز ڏني آهي ۽ ان جي ڪمٽمينٽ کي مضبوط ڪيو آهي. جڏهن ته سندس گهڻن همعصرن ۾ ان activism جي کوٽَ رهي آهي.
سياسي موضوعن تي ۽ سياسي مقصدن لاءِ ڪيل شاعريءَ کي نعري بازي جو ليبل هڻي اهو چئي رد ڏنو ويندو آهي ته اها ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجي اهميت وڃائي ويهندي آهي. پر منهنجي خيالَ ۾ ائين ناهي، جهڙي ريت حقيقي واقعن تي ٻڌل تاريخ ترتيب ڏني ويندي آهي ساڳي ريت ماڻهن جي احساسن ۽ جذبن جي پڻ تاريخ لکي ويندي آهي ۽ ان جو ذريعو فڪشن ۽ شاعري هوندا آهن. تخليقڪار جيترو پنهنجي اندر ۾ شاهوڪار ۽ پنهنجي اظهار تي عبور رکندڙ هوندو اوتري ئي سندس تخليق جي اهميت هوندي ۽ اها جٽاءُ ڪري سگهندي.
1970ع ۽ 1980ع جا ڏهاڪا واقعي سنڌ ۾ وڏي سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل جا دور رهيا آهن. ساڳي وقت اهو دور سياسي ڪارڪنن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ اتساهه، اميد ۽ مايوسي جو پڻ دور رهيو آهي، اهڙو دور شاهپارن جي پيدا ٿيڻ جو دور هوندو آهي. سنڌي ادب ۾ ان دور جي بجا طور تي نمائندگي به ٿي. پر وڏو مسئلو اهو رهيو آهي ته ان سڀني تخليقن کي ڪير سهيڙي شايع ڪري ۽ سامهون آڻي. انور جي اها شاعري به انهن شين مان هڪ آهي. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته نئين جو مطلب رڳو موضوعن جي نواڻ ناهي هوندو پر ساڳي ريت لهجي، ڊڪشن، لفظن، خيالن ۽ احساسن جي نواڻ پڻ هوندي آهي. ان ڪري ان ڳالهه جي باوجود به ته انور لطيف، سچل، سامي، اياز ۽ کانئس اڳ ٿيل سڄي سنڌي شاعري جو تسلسل آهي پر ساڳي وقت هو کانئن گهڻين ڳالهين ۾ مختلف پڻ آهي.
شاعر جي شاعريءَ کي مختلف خانن ۾ ورهائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. ان ڳالهه جي باوجود ته مختلف وقت، مختلف موڊ ۽ مختلف اتساهه، هر تخليق جو باعث بڻيا آهن پر ساڳي وقت اهي ساڳي شخصيت مان ئي ڦٽل گل ۽ ٻوٽا هوندا آهن جن جي خوشبو ۽ رنگ جيتوڻيڪ مختلف هوندا آهن. پر سندن پاڙ هڪ ئي هوندي آهي، خيالن ۽ سوچ جي ڌارا ساڳي هوندي آهي. اهڙي ريت موضوع ڀلي عشق هجي، سماج هجي يا سياست اهي سڀ ڄڻ ته شاعر جي ذات جا مختلف پرتو ۽ روپَ هوندا آهن.
عشق جي نالي ارپيل هن مجموعي ۾ موجود شاعريءَ سان به ساڳي صورتحال آهي. عشق ضروري ته ناهي ته ڪنهن فرد سان ئي هجي. اهو ته اصل ۾ هڪ جذبو/اتساهه آهي. هڪ اهڙي قوت جيڪا فرد جي لڪل تخليقي صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ م مددگار ثابت ٿئي ٿي. اها ساڳي صورتحال انور جي شاعري سان به آهي. سندس لاءِ عشق هڪ وقت گذارڻ جو بهانو نه پر هڪ ڪمٽمينٽ ۽ ذميواري آهي ۽ سندس شخصيت جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهي. ان صورتحال ۾ هڪ شيءِ کي ٻي کان ڌار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. رومانس سماجي حقيقت سان ڳانڍاپيل هڪ ڪيفيت آهي. نظم Lover’s Day رڳو سکڻي پيار جي اپٽار ناهي. پر شآعر جي ذهن ۾ ان ئي ڏينهن ملهائجندڙ ”بلوچستان ڊي“ جي حوالي سان هڪ تضاد ۽ ٽڪراءُ آهي ۽ هو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي ته ٻنهي ڪيفيتن کي ڪيئن هڪ ٻئي سان سهمت ڪري نيٺ هو چئي ٿو ته:
آئون پنهنجي مس ٽمندڙ پين
۽
رت وهندڙ دل
ميز جي هڪ ڊرا ۾ رکي
سمهي ٿو پوان
ڇت ۾ اکيون وجھي
اها ساڳئي ڪيفيت مختلف نظمن ۾ ان وقت نظر اچي ٿي جڏهن هو سونهن ۽ پيار جو ذڪر ڪري ٿو، اها ڳالهه واضح طور تي محسوس ٿئي ٿي ته شاعر جي اندر ۾ موجود پيڙا ۽ درد کيس انهن کي پوري ريت انجواءِ ڪرڻ کان روڪي ٿو.
شاعر جڏهن سياسي موضوعن جهڙوڪ: بنگال، بلوچستان، نعپ تي پابندي ۽ مارشل لا وغيره تي لکي ٿو ته سندس ڪمٽمينٽ انتهائي واضح ۽ صاف نظر اچي ٿي. اها ساڳي صورتحال سماجي موضوعن جي لحاظ کان به آهي جيئن سندس “Feudalism” ۽ “Rain fall in Karachi” ۾ نظر اچي ٿي. پر جڏهن هو ڀٽائي ۽ سنڌ جو ذڪر ڪري ٿو ته ائين ٿو لڳي ته مٿس عقيدي پرستي حاوي ٿي ويئي آهي. ڀـٽائي ۽ سنڌ سندس لاءِ ڄڻ ته هڪ cult آهي. ان جي جھلڪ هڪ نظم ”سنڌُ“ ۾ ڏسي سگهجي پئي. هو چئي ٿو ته:
شاعريءَ جا ديوتا
ڀٽائي گهوٽ!
تنهنجي در تي اچي،
نه پٽ گهريو آهي مون،
نه وري باس
ڪا باسي آهيم،
مان هڪ سين
هڻڻ آيو هان
خالي ڪشڪول کڻي
ڏات ڌڻي!!
سنڌ جو لاش کڻي آيو هان
ان ۾ نئون ساهه وجھي ڏي مونکي.
ٻولي تشبيهن ۽ استعارن وغيره جي حوالي سان اها شاهوڪار شاعري آهي. ڪٿي ڪٿي انگريزي ٻولي جو استعمال ٿورو اڻ وڻندڙ لڳي ٿو، ڌاري ٻوليءَ جو استعمال ان حد تائين قابل قبول آهي جيسيتائين اهو ردم ۾ آهي ۽ پڙهندڙ تي ڪوبار نه ٿو بڻجي. ان مجموعي ۾ جا بجا ان جو استعمال پڻ نهايت مناسب ٿو لڳي پر ڪٿي ڪٿي جيئن نظم:
”رتو ڇاڻ سونهن جو شهيد گل“ ۾،
بد صورت ۽ بڇڙو ڍانچو
“The ever ugly human skeleton”
مٿي ڏنل سٽ جو انگريزي ترجمو نه به ڏنو وڃي ها ته نظم جي صحت تي ڪو فرق نه پوي ها پر ان جي پهچَ ۽ سونهن ۾ اڃا واڌارو اچي وڃي ها.
انور هڪ ڊگهي عرصي کان شاعري نه ڪئي آهي. جيتوڻيڪ شاعري ڪنهن تي زوريءَ نه ٿي مڙهي سگهجي ۽ اهو ڪِرت کان وڌيڪَ هڪ اتساهه آهي ته ڇا اها توقع ڪري سگهجي ٿي ته شاعري جو اهو مجموعو سنڌي ادب کي وري شاعر انور پيرزادو موٽائي ڏيندو.