ڪالم / مضمون

گل گل هٻڪار

رئوف نظاماڻي صاحبَ جو شُمار سنڌُ جي اُنهن سنجيده ۽ گهڻَ ـــ پڙهين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌي اَدبَ ۽ سماجَ ڏانهن هِڪَ گهري ۽ تنقيدي نِگاههَ واري پهچَ رَکن ٿا. هُو هِڪَ ڊگهي عَرصي کان سنڌي اَدبَ سان لاڳاپيلَ مختلف موضوعن، شخصيتن ۽ ڪِتابن تي پنهنجا تنقيدي ۽ اڀياسي مضمونَ لکندو پيو اَچي، جيڪي هِنَ کان اَڳُ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن ۾ وکريا پيا هُيا، هِنَ ڪِتابَ ۾ اُنهن مڙني مضمونن مان ڪجُهه چونڊَ شامل ڪَئي وَئي آهي. هِنَ اهم ۽ سَنجيده نوعيت جي ڪِتابَ ۾ شامل مَضمونَ، موضوعن جي وِرائِٽي ۽ نظاماڻي صاحبَ جي مخصوص ڳوڙهي ۽ فڪري اندازَ سبب يقيناً وڏي اهميتَ وارا آهن.
Title Cover of book گل گل هٻڪار

موجوده سماجي ۽ نظرياتي بحران ۾ اياز جي شخصيت ۽ فن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت

اڄ اسين اياز جي ورسي ملهائي رهيا آهيون. ان دوران سنڌوءَ ۾ گهڻو پاڻي وهي چڪو آهي، پر اياز لاءِ اسان جي محبت ۽ احترام ۾ گهٽتائي ناهي ٿي. اسين اياز جا چاهيندڙ سندس وفات ۽ ڌار ٿي وڃڻ تي ڏکويل آهيون. پنهنجي ان ڏک کي هر سال اياز جي قبر تي لڙڪ هاري ۽ تقريرون ۽ واعدا ڪري ظاهر ڪندا آهيون. ان کان پوءِ سڄو سالُ گذري ويندو آهي. ۽ وري جڏهن 28 ڊسمبر جي تاريخ ايندي آهي ته وري ساڳيو عمل ورجايو ويندو آهي، ڪيتري قدر نه مستقل مزاج ماڻهو آهيون اسين، پنهنجي شاعر جي تعريف ڪيون ٿا ۽ ايستائين جو کيس پوڄڻ جي حد تائين چاهيون ٿا. ٻيو ڀلا ڇا ٿا ڪري سگهون.
اياز جي وفات وقت سنڌي اديبن ڪاميٽيون ٺاهيون هيون ۽ اهي واعدا ڪيا ويا هئا ته سندس حياتي، ، فن ۽ فڪر تي کوجنا ڪئي ويندي ۽ ان ڪم کي ماڻهن تائين پهچايو ويندو. ايستائين ان سلسلي ۾ مڪمل خاموشي آهي، جنهن جا رڳو ٻه مطلب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته اياز تي ڪنهن ڪم ڪرڻ جي ضرورت باقي نه رهي آهي ۽ جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ ٻيو مطلب، اهو ٿي سگهي ته جن ماڻهن اهو ذمو کنيو هو اُهي يا ته اهم ڪم ڪرڻ نه ٿا چاهين ۽ يا وري ڪري نه ٿا سگهن.
اياز نه رڳو سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاعري ۾ هڪ وڏو نالو آهي پر هو ورهاڱي کان وٺي ايستائين جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جي هڪ اهم شخصيت آهي، جنهن جي ڇاپ سنڌي ماڻهن جي زندگيءَ جي مختلف شعبن تي موجود آهي. هو سنڌي ماڻهن جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف مزاحمت جو سمبل رهيو آهي. ان کان به هڪ قدم اڳتي ته هو پاڻ ان مزاحمت جو هڪ حصو رهيو آهي. اها سنڌي ادب لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ڳالهه ناهي. جو ان وٽ اياز سميت اهڙن اديبن جو هڪ وڏو تعدادُ موجود آهي جن پنهنجن آدرشن لاءِ قلم سان به ڪوشش ڪئي ۽ عملي طور تي به سختيون سٺيون ۽ جيل ڀوڳيا.
پر اياز جا ان کانسواءِ به ٻيا گهڻا روپَ آهن، سندس حياتي سان گڏوگڏ سندس شاعريءَ جا به مختلف دور آهن. اهي ڪٿي شاعر جو تسلسل آهن۽ ڪٿي هڪ ٻئي جي نفي ڪن ٿا. کيس پنهنجي قد بت جو اندازو آهي. هو سمجھي ٿو ته ڪنهن به موقف اختيار ڪرڻ سان سندس شخصيت تي ڪو اثر نه پوندو. ان ڪري هو ان مقصد لاءِ ڪنهن بهاني ڳولهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري ۽ کُلي طور پنهنجو اندر ماڻهن آڏو اوتي ٿو. پڙهندڙ حيران ٿين ٿا ۽ ماڻهن کي حيرت ٿي وٺي وڃي ته ڇا هي واقعي اياز آهي، پر شاعر تي ان جو ڪو فرق نه ٿو پئي.
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اياز جدوجهد جي بٺيءَ مان پچي راس ٿيل هڪ شاعر هو، پر ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته اياز عوامي شاعر هو. منهنجي خيالَ ۾ اهي ٻه ڌار شيون آهن، سنڌي مڊل ڪلاس رڳو هڪ محدود سطح تائين پاڻ کي عوام سان ڳنڍيو. ان حد تائين جِتي اها ڳالهه سندس مقصدن جي حصول ۾ مدد ڏئي. اهو ساڳيو اظهار ادب ۾ به ملي ٿو. انهن لاءِ عوام وٽ وڃڻ هڪ ضرورت نه پر فيشن رهي آهي. عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ کي اهي پنهنجي اندر جذب ڪري ان کي اظهار جو وسيلو نه بڻائيندا آهن، پر مخصوص لفظن کي پنهنجين ڊائرين ۾ نوٽ ڪري ان سان پنهنجين تخليقن کي سينگاريندا آهن. عوامي ٻولي سندن لاشعور جو اظهار نه پر هڪ شعوري ڪوشش هوندي آهي. ان سان گڏوگڏ عوامي شاعر ۽ اديب جي اها خاصيت هوندي آهي ته سندس تخليق ڪيل محاورا ۽تشبيهون وغيره روز مرهه جي استعمال جي ٻوليءَ جو حصو ٿي ويندا آهن. انگريزيءَ ۾ اهو اعزاز شيڪسپيئر، اردوءَ ۾ غالب ۽ سنڌيءَ ۾ شاهه لطيف کي حاصل آهي. غالب ۽ لطيف لاءِ ته ڪجهه نقادن جو اهو خيال آهي ته سندن انهن ڪاوشن جي نتيجي ۾ اردو ۽ سنڌي کي ڄڻ ته ٻيهر حياتي ملي وئي آهي. اڄ اسين روز مرهه جي ڳالهه ٻولهه ۾ اهڙا ڪيئي لفظ اهو سمجھڻ کانسواءِ استعمال ڪيون ٿا ته اهي مٿي ذڪر ڪيل عظيم تخليقڪارن جي ڪاوشن جو ثمر آهن.
اياز بجا طور تي وچولي طبقي جو هڪ مضبوط نمائندو رهيو، پر هو پاڻ کي عوامي سطح تائين وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. ايئن ناهي ته سندس پاران ان سلسلي ۾ ڪوششون نه ڪيون ويون. پنهنجي ليکي هن ان لاءِ ضرور ڪوشش ته ڪئي جنهن جو پتو سندس سنڌ جي مختلف علائقن جي ڪيل سفر جي ذڪر مان ملي ٿو. هو پنهنجي ڊائريءَ ۾ انهن علائقن جي نون لفظن کي نوٽ ڪندو ويندو هو، جن کي پوءِ هو پنهنجي شاعريءَ ۾ مناسب موقعن تي استعمال ڪندو هو، پر مسئلو اهو هو ته انهن لفظن ۾ احساس اُهو نه هو جيڪو انهن علائقن جي ماڻهن جو هو پر شاعر جو پنهنجو هو جيڪو انهن کان مختلف هو. احساس ۽ لفظن جي فرق شاعر جي شاعريءَ کي پڻ متاثر ڪيو آهي ۽ ان ۾ اها مضبوطي نه رهي آهي جيڪا ان شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ لفظ ۽ احساس ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. ان جو بنيادي سبب اهو هو ته اياز انهن ماڻهن منجھان نه هو، پر سير ۽ تفريح لاءِ ويل هڪ visitor هو جنهن جي لاءِ اُنهن ماڻهن جي اهميت ان ڪري هُئي جو هو سندس شاعري جو موضوع هئا ۽ نه ان ڪري ته هو ڪو انهن منجھان هو. انهن لفظن جي استعمال جو اياز جي شاعريءَ تي هڪ ٻيو منفي اثر اهو پيو آهي ته ان سان سندس communication متاثر ٿي آهي. هڪ نظم جي ڏهن لفظن تي جيڪڏهن ڏهه فوٽ نوٽ لڳل هجن جن ۾ انهن جي معنيٰ ڏني وئي هجي ۽ پڙهندڙ کي هڪ هڪ سٽ کانپوءِ انهن کي رجوع ڪرڻو پئي ته پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ان شاعريءَ جي تسلسل، ترنم ۽ مرڪزي خيال سان ڪيئن لطف اندوز ٿي سگهندو. اهو مسئلو لطيف سان ناهي. لطيف پاڻ انهن احساسن جو حصو آهي، سنڌ جي هر علائقي جو ماڻهو سندس شاعريءَ کي پنهنجي ترجماني سمجھي ٿو ۽ ان کي پنهنجي معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اياز کي پاڻ ان ڳالهه جو احساس هو. ان ڪري هڪ جاءِ تي هن لکيو آهي ته جيڪڏهن سندس لکيل هڪ سٽ به سؤ سالن کانپوءِ باقي رهجي وئي ته هو سمجھندو ته سندس پورهيو ڪارآمد ٿيو.
اياز جي لفظن ۽ خاص طور تي شاعريءَ جو سنڌ جي نوجوانن تي تمام گهڻو اثر پيو آهي. ايئن کڻي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته انهن لفظن سنڌ جي قومپرست تحريڪ کي نئون اُتساهه ڏنو هو ۽ ان ۾ نئون ساههُ وڌو هو. اياز جي حيثيت هڪ اڳواڻ جي هُئي ۽ ماڻهو سندس هر ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ ۽ ان جي پوئواري ڪرڻ لاءِ تيار هئا. هن وقت اهو سوال موجود نه هو جيڪو پوءِ پيدا ٿيو ته ڇا شاعر به نظرئي دان ۽ سياسي اڳواڻ ٿي سگهي ٿو يا نه، ان جو بنيادي ڪارڻ اهو هو ته اياز جي لفظن تي ماڻهن جو اعتبار هو.
اياز جي انهن لفظن جو اعتبار آخر تائين قائم رهيو. ماڻهن تڏهن به مٿس اعتبار ڪيو جڏهن منجھس آيل نظرياتي تبديليءَ جو سندس لکڻين ۾ اظهار ٿيڻ لڳو. جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهن پاران ان تي تنقيد پڻ ڪئي وئي پر گهڻن ٻين جو خيال هو ته اياز غلط نٿو ٿي سگهي.
سنڌُ سياسي ۽ نظرياتي لحاظ کان اهڙا سياستدان/دانشور سامنهون نه آڻي سگهي آهي، جيڪي وقت جي نبض کي سڃاڻيندا هُجن ۽ حالتن ۾ آيل تبديلي موجب ماڻهن جي صحيح رهنمائي ڪري سگهن. ان ڪري ماڻهن جون نظرون اديبن ۽ شاعرن ۾ هونديون آهن ۽ انهن کي ئي اُهي پنهنجو سونهون سمجھندا آهن. ايستائين ته سياسي اڳواڻ به اها ڳالهه ڪنهن هٻڪ کانسواءِ وڏي واڪ چوندا آهن ته اديبن کي سياسي ماڻهن جي نظرياتي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي. ان غلط فهمي/خوشفهمي ڪري ئي اياز ۾ ٿيل نظرياتي تبديلي سنڌ ۾ موجود نظرياتي بجران کي اڃا وڌائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ ان بحران جا ٻيا گهڻا سياسي، معاشي ۽ سماجي سبب هئا، پر اياز جا لفظ انهن ماڻهن جي هٿن ۾ هٿيار بڻجي ويا. جن اڳ ۾ اياز جي خلاف هٿيار کنيا هئا. ساڳي وقت اُنهن ماڻهن جي ذهنن ۾ پڻ مونجھارا پيدا ٿيڻ شروع ٿيا، جيڪي سماجي ترقي جي قوت سان گڏ هئا. اياز ۽ منجھس آيل تبديلي سڄي سنڌ جي ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻجي وئي. ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن لاءِ اياز رڳو ڪنهن شخص يا شاعر جو نالو نه هو پر اهو هڪ نظريو ۽ هڪ تحريڪ هئي ۽ ان ۾ آيل تبديليءَ جي به اوتري ئي اهميت هئي. ان بحراني صورتحال جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهن اياز جي تبديليءَ کي قبول ڪيو. ٻين ماٺ اختيار ڪئي ۽ ٽين اُن کي ماڳيئي رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪنهن به ان کي سمجھي ڪنهن نئين واٽَ ڳولهڻ لاءِ جاکوڙ نه ڪئي.
اياز جي ورسي سنڌي اديبن ۽ دانشورن لاءِ اهو نياپو کڻي آئي آهي ته هن وقت سنڌ جنهن سماجي ۽ نظرياتي بحران ۾ ورتل آهي. ان جي پس منظر ۾ اياز جي شخصيت ۽ فن جو جائزو وٺن ۽ اڳتي لاءِ ڪنهن واٽ جو تعين ڪن.