موکي، پريم ۽ سماج
ناول ڪهاڻي جي ڀيٽَ ۾ وسيع ڪينواس رکندو آهي ۽ ممڪن طور تي ماحول ۽ ڪردارن جا اهي تفصيل به بيان ڪندو آهي جيڪي ڪهاڻي ۾ رهجي ويندا آهن. امر لغاريءَ جو هيءُ ناول هڪ استاد همير جي ڪهاڻي آهي پر اهو رڳو استادن متعلق ناهي. ان ۾ اتان جي ماڻهن ۽ ماحول متعلق ڪافي تفصيل بيان ڪيا ويا آهن جنهن سان پوري تصوير سامهون اچي وڃي ٿي جنهن ۾ ڪرپٽ اسڪول انسپيڪٽر به آهن، پٽيل به آهن، ڪلال به آهن ۽ موکي ۽ همير به آهن. جيتوڻيڪ ناول نگار انسپيڪشن جي طريقه ڪار ۽ امتحانن وغيره جي ماحول جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي پر ناول جو اصل موضوع موکي، همت ۽ پيار آهي جيڪو سڄي ناول تي حاوي آهي.
موکيءَ جو ڪردار ان سڄي ماحول سان ڳنڍيل آهي، ان جي ڀيٽَ ۾ همير جو ڪردار بلڪل عام رواجي لڳي ٿو. هڪ عام رواجي استاد جنهن وٽ جيتوڻيڪ شروع ۾ مروج نظام خلاف مزاحمت نظر اچي ٿي پر اها رڳو هڪ خاص حد تائين رهي ٿي. ۽ هو ڌيري ڌيري ان ڪوريئڙي جي ڄار ۾ وٺبو وڃي ٿو، هُو نه رڳو انسپيڪشن ٽيم جي گهرن کي پوري ڪرڻ جا جتن ڪري ٿو پر ان دعوتن جو به حصي بڻجي ٿو جيڪي شاگردن جا مائٽ پنهنجن ٻارن کي امتحانن ۾ پاس ڪرائڻ لاءِ ڏيڻ تي مجبور هجن ٿا. ساڳي طرح پٽيلن جي حاضري ڀرڻ لاءِ به بلڪل عام ماڻهن جيان ئي جُتيون لاهي سندن خدمت ۾ وڃي ٿو. ڏٺو وڃي ته ليکڪ ان ڪردار وسيلي سنڌ جي ٻهراڙي جي ماحول جي حقيقت کي سامهون آندو آهي. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، جيڪو ڀلي سماجي لحاط کان گهٽ حيثيت جو ڇو نه هجي پنهنجي عزت ۽ نفس ۽ حيثيت جو احساس رکي ٿو، پر سندس ان حيثيت جي بچاءُ لاءِ وٽس ڪو اهڙو ڀرجھلو ناهي، ڪي اهڙا ادارا ٺهي/مضبوط نه ٿي سگهيا آهن، جيڪي کيس سماج ۾ هڪ با عزت جاءِ ڏيئي سگهن،. ان صورتحال ۾ سندس شخصي مزاحمت به گهڻو جٽاءُ نه ٿي ڪري سگهي ۽ هُو حالتن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو، اهو بلڪل ڪردار جو هڪ فطري سڀاءُ آهي ٻي طرح جو عمل نارمل ناهي. بهرحال ناول ۾ ڪي موقعا اهڙا اچن ٿا جِتي اهو ڪردار امتحان ۾ پئجي وڃي ٿو، انهن موقعن تي شخصي مزاحمت به گهڻو جٽاءُ نه ٿي ڪري سگهي ۽ هو حالتن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو، انهن موقعن تي شخصي قوت يا ڪمزوري جي خبر پوندي آهي. اهڙي وقت تي ماڻهو اهڙا ڪم ڪري ويندو آهي جنهن جي نتيجن تي سوچڻ جو وقت به نه هوندو آهي ۽ هُو انهن جي پرواهه به نه ڪندو آهي. اهڙو وقت اسڪول جي انسپيڪشن وقت به اچي ٿو، وڌيڪَ ان وقت جڏهين موکي سان گڏ وڃڻ مهل عين موقعي تي موٽ کائي ٿو ۽ ان جي نتيجن تي غور ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي معمول جي زندگيءَ ڏانهن موٽي وڃي ٿو.
موکيءَ جي ڪردار ۾ ان پوري علائقي جي زندگيءَ جو تت لڪل آهي. ان تر ۾ ذات پات تي ٻڌل نظام ۾ موکي ۽ سندس خاندان سڀ کان هيٺين سطح تي آهن جنهن جي ڪري نه رڳو بااثر ۽ شاهوڪار پٽيلن ۽ سندن نوڪرن چاڪرن پر تر جي ٻين غريب غربن لاءِ به اهي تفريح طبع پهچائڻ جو سامان آهن، اهي نه رڳو شراب پهچائين ٿا پر ساڳي وقت سندن عورتون به ڄڻ ته انهن سڀن جي گڏيل ملڪيت آهن جن کي مرضي موجب استعمال ڪري سگهجي ٿو، ان جا ڪجهه اشارا ان وارتا مان ملن ٿا جيڪا موکيءَ جي ٻن ڀينرن سان ٿي گذري ٿي. اهڙي ريت انهن علائقن ۾ استحصال ۽ ڦرمار اهو ته ٿو هجي جنهن ۾ بااثر ۽ شاهوڪار غريبن تي ڏاڍ ۽ ظلم ڪندا هجن پر گهڻيون قُدورتون هونديون آهن جن ۾ ذات پات، قبيلي ۽ علائقي جا عنصر شامل هوندا آهن، ان سڄي صورتحال ۾ ٻن مختلف ذاتين سان واسطو رکندڙ عورت ۽ مرد جي وچ ۾ پيار هڪ ٿرٿلو پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. ڇاڪاڻ ته پيار هڪ برابري وارو تعلق آهي ۽ اهو سماج ۾ برابريءَ کي وڌائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان تعلق کي پيدا ڪرڻ ته سولو آهي پر ان کي نڀائڻ ۽ برقرار رکڻ ڏکيو آهي. اها ساڳي حالت همير جي به آهي. موکيءَ سان واسطو رڳو سندس پنهنجي ذاتي غرض آهي. شراب ۽ پنهنجي جنسي خواهش جي تسڪين. بلڪل ساڳيو تعلق جيڪو ٻيا ماڻهو به موکي سان رکڻ چاهين ٿا. وٽس موکيءَ سان گڏ وڃڻ کان انڪار جا اهي ئي ساڳيا ڪارڻ آهن جيڪي هڪ وچولي طبقي جي ماڻهوءَ وٽ ٿي سگهن ٿا جيڪو ڪنهن به ريت جوکم کڻڻ ۽ ڪنهن غير يقيني صورتحال ۾ پئڻ نه چاهيندو هجي. همير چئي ٿو ته”ڪجهه به ناهي پيار ، منهنجي في الحال هِتي ضرورت آهي. اسڪول کي، ٻارڙن کي، شآيد مونکي ۽.... موکيءَ کي!“ سندس ڀيٽ ۾ هتي پنهنجو گهر خاندان ۽ ڳوٺ سڀ ڪجهه ڇڏڻ لاءِ تيار آهي. سندس فيصلا موکي اٽل آهن ۽ واپس موٽڻ سندس فرد واري انا جي خلاف آهي.
هونئن به اها هڪ عام مشاهدي جي ڳالهه آهي ته پيار جي معاملي ۾ عورت مرد جي ڀيٽ َ ۾ وڌيڪَ بهادري ۽ اڳرائي ڏيکاريندي آهي ۽ ممڪن حد تائين ان جي حصول جي ڪوشش ڪندي آهي جڏهين ته مڙد جي آڏو سوين وهم، وسوسا ۽ مفاد هوندا آهن ۽ هو گهڻي ڀاڱي ٻڏتر واري ڪيفيت ۾ هوندو آهي. اها ساڳي صورتحال لوڪ ڪهاڻين ۾ پڻ نظر اچي ٿي جن ۾ عورت جو ڪردار مڙد جي ڀيٽَ ۾ وڌيڪَ سرگرم نظر اچي ٿو، ان ساڳي روايت کي جيتوڻيڪ هن ناول ۾ ورجايو ويو آهي پر هڪ فرق سان. موکي پنهنجي گهر ڇڏڻ ۽ ان ماحول کان آزاد ٿيڻ جي فيصلي تي عمل ڪندي پنهنجي آزاديءَ ڏانهن قدم وڌائي ٿي. اهو انت منهنجي خيال ۾ هڪ قدم اڳتي آهي.
ناول جو انداز داستان گوئي وارو آهي. ليکڪ ڪردارن جو تعارف ڪرائي ٿو ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ به وٺي هلي ٿو پر ساڳي وقت ڪردار پنهنجي ليکي تحرّڪ ۾ اچن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان تعلق قائم ڪن ٿا. ليکڪ ساڻن گڏ هوندي به مٿن حاوي ناهي. ٻولي ۽ بيان جي حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته ليکڪ پڙهندڙ سان پنهنجو لاڳاپو قائم رکيو آهي. جيتوڻيڪ امر لغاري جي سڃاڻپ فطرت، سونهن ۽ پيار جي ليکڪ جي آهي پر شايد ان ناول جي موضوع ۾ ان ڳالهه جي گنجائش گهٽ آهي جنهن جي ڪري پڙهندڙ ان سلسلي ۾ ڪجهه تشنگي محسوس ڪري ٿو.
باقي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ليکڪ ناول جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ”رهجي ويل ڳالهيون“ کي شامل ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي آهي. ڪا به لکڻي رڳو هڪ خاص وقت ۽ ڪيفيت جو اظهار ڪندي آهي ۽ ڪڏهين به هر لحاظ هر پاسي کان مڪمل ۽ پوري هئڻ جي دعويٰ نه ڪري سگهندي آهي. تخليق هڪ لاڳيتو عمل آهي. منهنجي خيال ۾ ناول پنهنجي ليکي مڪمل آهي ۽ ان جي پڄاڻي منطقي آهي. جيڪڏهن ليکڪ جي ذهن ۾ ان سلسلي ۾ ڪي سوال ۽ نقطا موجود آهن ته انهن کي ٻي ڪنهن تخليق/لکڻي ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو، ساڳي طرح پڙهندڙ پڻ پنهنجي سوالن کي مختلف طريقن سان سامهون آڻي سگهي ٿو. اهڙي ريت ”رهجي ويل ڳالهيون“ ڄڻ ڪِتابَ جو هڪ غير متعلق حصو آهي.
موکي سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو ۽ ساراهه جوڳو واڌارو آهي ۽ ان لاءِ امر لغاري واقعي مُبارڪباد جو مستحق آهي.