مقدمو
اڄ جڏهن منهنجو قلم هِند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪائن کي سارڻ ويٺو آهي ته اُنهن ليکڪائن جي لِکڻين ۾ ورهاڱي جو جيڪو درد آهي، اُن ۾ وَهندو پيو وڃي. ورهاڱو ڇا هو؟ ورهاڱي جي پِيڙا ڪهڙي هُئي ۽ انهي پِيڙا ۾ ڪنهن ڪنهن کي ڀوڳڻو پيو، ان جي مون کي ڪابه ڄاڻ ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ان وقت نه آءٌ ڄاول هُئس ۽ نه ئي مون انهيءَ پيڙا بابت ڪنهن کان پُڇيو، پر هِنن ليکڪائن جي لکڻين مان جيڪو لَهُو ٽپڪي رهيو آهي، اُن ڄڻ ته مون کي به ڏوهاري پئي محسوس ڪرايو. ورهاڱو ڪنهن جو ٿيو هو، ورهاڱو رُڳو ٻن ملڪن جو هُجي ها ته کڻي ان کي قبول به ڪري وٺجي ها، پر ورهاڱو ته سنڌو تهذيب جو هو، ورهاڱو ته سنڌين جي نسلن جو هو، ورهاڱو ته احساسن ۽ جذباتن جو هو، ورهاڱو ته ڀائپي ۽ پيار جي ٻنڌڻن جو هو، ورهاڱو ته هوليءَ جي رنگن ۽ عيد جي خوشين جو هو.
مون پنهنجي سانڀر ۾ ڪٿي به اهو ناهي پڙهيو ته سنڌي قوم جهڙي محبت ڪندڙ ٻي به ڪا قوم آهي! سنڌي قوم ۾ هندو- مسلم جو ويڇو ڪٿي هو؟ هي ته اُها قوم آهي، جنهن گڏجي هوليءَ جي رنگن ۾ هڪٻئي کي رنڱيو هو، هي اها قوم آهي، جنهن عيد جي ڏينهن تي هڪٻئي جي گهرن ۾ پوتيون اوڍاڻيون ڪيون هُيون، هي اُها قوم آهي، جنهن ۾ هندو ڀيڻ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ٻانهن ۾ راکي ٻڌي تحفظ جو وچن ورتو هو، ته پوءِ انهي قوم کي آسماني ڪتابن جي نالي ۾ ڪيئن ورهايو ويو؟ آءٌ، هنن ليکڪائن جي لِکڻين ۾ اُنهن جي جُهريل جيءُ ۽ ڀِنل اکين جي درد کي محسوس ڪريان پيو، جيڪو درد شايد مون کي پنهنجو لڳو آهي ۽ شايد اهو درد سڀني سنڌين کي هڪجهڙو لڳي.
مون هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري هند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪائن کي سميٽيو آهي، جيڪي سنڌ جي تاريخ جو حصو آهن. آءٌ چاهيان ٿو ته هڪڙي اهڙي تاريخ کي جنم ڏجي، جنهن کان اسان جي مؤرخن ڪَن لاٽار ڪئي آهي، ڇاڪاڻ جو هن وقت تائين جيڪي به ادبي تاريخون لکيون ويون آهن، انهن ۾ نه رُڳو عورتن جي ادب کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، پر ورهاڱي جي پِيڙا کان به ڪَن لاٽار ڪئي ويئي آهي.
مون جڏهن سرحد پار جي سنڌياڻين جي علمي ادبي ڪاوشن جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو هو ته مون کي کوڙ سارا مونجهارا پيش آيا، پهرين ته انهن بابت ڪا ڄاڻ نه پئي ملي، ان بعد سندن ڪتاب نه پئي مليا، ته جيئن انهن جي لکڻين کي پڙهي، انهن جي احساسن جي ڪَٿ ڪري سگهجي. پر پوءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ سائين تاج جويي جون لائبريريون هيون، سوشل ميڊيا هئي ۽ منهنجي اندر جو جُنون هو، جن هن ڪم ۾ منهنجي مدد ڪئي. هيءُ ڪتاب لکندي، هند جي ليکڪن جو اڀياس ڪندي هڪڙي ڳالهه منهنجي سامهون آئي آهي ته، سنڌ جي ڀيٽ ۾ هندستان جي عورتن وڌيڪ لکيو آهي، بلڪ تمام گهڻو لکيو آهي ۽ هر صنف ۾ لکيو آهي. سنڌ جي ليکڪائن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. هن تحقيق، ڪهاڻيون، شاعري، سفرنامو ۽ ٻين اهم موضوعن تي لکيو آهي، ۽ ڪجهه ترجما به ڪيا آهن ته اردوءَ ۾ به سندس ڪجهه ڪتاب ڇپيل آهن. ان بعد ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو اردو، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، ٻين ليکڪائن ۾ سحر امداد، نورالهديٰ شاهه، شبنم گل، شگفته شاهه، عطيه دائود، انيتا شاهه، امر سنڌو ۽ سدرت المنتهيٰ جيلاني سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکيو آهي. ان کانسواءِ نذير ناز، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ وڌيڪ تعداد ۾ ڪتاب لکيا آهن. البته ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن پوپٽي هيراننداڻي، سُندري اتمچنداڻي، ريٽا شهاڻي، ڪملا گوڪلاڻي، تارا ميرچنداڻي، ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي ۽ وينا شرنگيءَ جي ڪتابن جو تعداد ڏسجي ٿو ته حيرت ٿي ٿئي ته انهن ايترو ڪم ڪيئن ڪيو آهي!
ان جو هڪڙو سبب اهو آهي ته هو سنڌيت جي جذبي سان سرشار آهن، ڇاڪاڻ جو ماءُ جو قدر ته يتيم ٻار ئي ٻڌائي سگهي ٿو، ٻئي کي ڪهڙي خبر ته ماءُ جو وڇوڙو ڇا ٿيندو آهي. ٻيو سبب اهو به آهي ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند جي عورت گهڻي آزاد ۽ خودمختيار آهي. اُتان جو اديب انهن جي همت افزائي ڪري ٿو، اتان جا ادارا انهن جي لکڻين کي مانُ سمان ڏين ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾ همت افزائي ته پري جي ڳالهه آهي، اُلٽو نون لکندڙن کي مايوس ڪيو وڃي ٿو. ادبي ادارن جو رويو اهڙو آهي، جو سنڌي ادب جي ادبي تاريخن ۾ عورتن جو ته ذڪر ئي ناهي، ڄڻ ته اُهي ڪي ٻي مخلوق هجن. ٽه ماهي مهراڻ وارن ’شاعر نمبر‘ ڪڍيو هو، ان ۾ به صرف ٻه شاعرائون شامل ڪيون ويون آهن، اهڙيءَ طرح ٻيون جيڪي ادبي تاريخون سنڌي ادب جي ڪورس ۾ شامل آهن انهن ۾ به ڪي ٻه چار نالا شامل هوندا ۽ بس، توڙي جو اهي ادبي تاريخون وڏن ادارن پاران ڇپيون آهن ۽ انهن اديبن کي وڏي رائلٽي پڻ ڏني وئي آهي پر انهن ادارن به ڪتاب تي نظرثاني ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ۽ جيئن جو تيئن ڇپيون.
ان کان علاوهه نئين ٽهيءَ کي مڪمل طور پوئتي ڌڪيو وڃي ٿو، ادارن ۾ به رُڳو سند يافته اديبن کي جاءِ ڏني وڃي ٿي، انهن جا ڪتاب ڇپجن ٿا، انهن کي اوارڊ ڏنا وڃن ٿا، پوءِ ڀلي انهن ڪتابن ۾ ڪجهه به نه هجي، نوجوان ڀلي کڻي ان کان وڌيڪ سٺو ڪم ڪن، پر انهن جي هِن گروهه وٽ ڪابه گنجائش ڪونهي، جنهن ڪري نئون لکندڙ مايوسيءَ جي ور چڙهي خاموش ٿي ويهي رهي ٿو. اسان جون ڪيتريون ليکڪائون انهن روين جي ڪري لکڻ کان پاسيريون ٿي ويون. هند جو اديب ان ڏِس ۾ وڌيڪ بُردبار آهي، هو ٻئي کي مانُ ڏيڻ ڄاڻي ٿو. هُنن کي پنهنجي ٻوليءَ سان ۽ پنهنجي سنڌيت سان گهرو لڳاءُ آهي، ان ڪري هو ان جي ترقيءَ جي لاءِ نئين نسل جي رهنمائي ڪن ٿا.
هتي آءٌ پنهنجو ذاتي تجربو شيئر ڪريان ٿو ته، مانائتي نند ڇڳاڻي، ڏياريءَ تي لکيل منهنجو مضمون ’ڪونج‘ ۾ ڇپيو ۽ ان جي ڪاپي مون کي ڏياري موڪلي، ۽ ٻئي پرچي ۾ ناليواري ليکڪ هري همٿاڻيءَ جو منهنجي انهي مضمون بابت تبصرو ڇپيو هو. مجموعي طور آءٌ سمجهان ٿو، هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ملڻ ۽ اُتي سنڌي ادارا قائم ٿيڻ، اهو سڄو ڪم عشق جو آهي، جيڪو ڌرتيءَ کان ڌار ٿيل سنڌين جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو، جنهن ۾ سِڪ ۽ ڇِڪ آهي، پيار ۽ پريت آهي، حسرت ۽ اُميد آهي. اِها اُميد ئي ته آهي جنهن اسان کي هڪٻئي سان ڳنڍي رکيو آهي.
سنڌي عورت هر دَور ۾ پاڻڀري ۽ بُردبار رهي آهي، پوءِ اها ادب جي ميدان ۾ هجي يا جنگ جي ميدان ۾، اها هميشه نباهه ڪندڙ رهي آهي. مون هن ڪتاب ۾ ايشوري جوتواڻيءَ کي به شامل ڪيو آهي، جنهن 1942ع ۾ سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل ڪاٽيو هو. آشا چاند به شامل آهي، جنهن سنڌ کي دنيا سان گڏائي رکيو آهي، اهڙيءَ طرح اندرا شبنم ۽ مايا راهي آهن، جيڪي سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون. هيءُ سڀ اسان جا مانائتا ڪردار آهن ۽ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻ مڃايو آهي.
ممڪن آهي ته مون کان هن ڪتاب ۾ ڪي ليکڪائون رهجي ويون هجن، ان جو سبب به اهو ئي آهي، جو اسان وٽ هِند جي سنڌي اديبن بابت گهٽ لکيو ويو آهي، ان جي باوجود آءٌ اُميد ٿو ڪريان منهنجي هيءَ ننڍڙي ڪاوش پسند ايندي.
مون ”سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو“ جي عنوان سان ڪتاب لکيو هو، جنهن کي محترم ڀاءُ ناز سنائي پنهنجي اداري سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي 140 ليکڪائن کي شامل ڪيو ويو آهي.
پهريان مون اهو پئي سوچيو ته منهنجو هي ادبي پورهيو سرحد پار سنڌين تائين پُڄي ڪونه سگهندو، آءٌ نهايت ئي ٿورائتو آهيان ديپڪ اجباڻيءَ جو، جنهن منهنجي هن خواب کي ساڀيان جو رُوپ ڏئي، اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو. هن ڪتاب ۾ شامل ليکڪائن مان ڪجهه ليکڪائون منهنجي اڳئين ڪتاب ۾ شامل آهن، انهن کي گڏائي ڪجهه ٻيا نوان خاڪا لکي، مون هيءُ ڪتاب الڳ سان تيار ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ”سنڌ هِتي سنڌ هُتي“ انهن سنڌي ڀينرن کي ڀيٽا آهي، جن سنڌ کان پري رهندي، سنڌ جي محبت کي پنهنجي اندر ۾ سانڍي رکيو آهي. ان کانسواءِ آءٌ تهه دل سان شڪر گذار آهيان سنڌي ادب جي مهندار اندرا شبنم پونا والا جو، جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو ۽ پڻ ٿورا ڊاڪٽر فهميده حسين جا، جنهن ڪتاب بابت ٻه اکر لکي ڏنا. ان کانسواءِ آءٌ پياري عرفان ميمڻ جي محبتن کي ڪڏهين به وساري نه ٿو سگهان، جنهن ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهي ڏنو. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ سيٽنگ لاءِ آءٌ ٿورائتو آهيان پنهنجن پيارن نظير چانڊيي ۽ راز محمد لغاريءَ جو، جن هن ڪم کي وقت سِر اُڪلائي ڏنو.
آءٌ هن ڪاوش ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان، ان بابت ڪابه هام ڪونه ٿو هڻان، بس مون پنهنجيءَ دل جي ٻُڌي هن موضوع تي ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي دل جو آواز جي اوهان جي ڪنن ۾ ڪو وِلولو پيدا ڪري ٿو ته پنهنجو هيءُ پورهيو سڦل سمجهندس.
علي نواز آريسر
حيدرآباد
1851018-0334
alinawazarisar@yahoo.com