سنڌو ساهه سمايل : ايشوري جوتواڻي
ايشوري جو گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ گذريو، هن ڪجهه تعليم ’انڊين گرلس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ ورتي ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم ايم. اي تائين پوني ۾ حاصل ڪئي. هن ڏهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ، ڪئٽ انڊيا مومينٽ (Quit India) ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ايشوري انهيءَ قيد ۾ رهڻ لاءِ به تيار هئي، پر پنهنجي ماءُ ڌرتيءَ کان پري ٿيڻ لاءِ هرگز تيار نه هُئي، پر ورهاڱي وقت هنن کي سنڌ ڇڏڻي پئي، ۽ سندس خاندان هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي هن سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي استاد طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپرينٽنڊنٽ به رهي چڪي آهي.
ايشوريءَ جي اندر جي ليکڪا ته تڏهن کان قلم کڻڻ لاءِ اُتساهي رهي هئي، جڏهن هوءَ ٻاروتڻ جي عمر ۾ انگريزن خلاف هلچل ۾ حصو وٺي رهي هئي، هن شروعاتي دور ۾ ڪي ڪهاڻيون لکيون، پر پوءِ هوءَ مسلسل لکندي رهي. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، ناول، مضمون ۽ سفرناما لکيا، جيڪي وقت بوقت ڇپبا رهيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’محبت جو تياڳ‘ (ناول: 1951ع)، ’الفت جي آڳ‘(ناول:1953ع)، ’ڪامل جون ڪهاڻيون‘ (ڪهاڻيون: 1993ع) ۽ ’امنگن جا آبشار‘ (مضمون ۽ سفرنامو: 1993ع)، ’ڇتر پتي شوا جي‘ (جيوني: 1996ع)، ’آکاڻيون پورب ديس جون‘، ’امر چتر ڪٿا‘، ’ڪوتڪ گلدستو‘ ۽ ’ڪرامتي ڪوتڪ‘ وغيره شامل آهن.
ايشوريءَ جي لکڻين مان سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ ماءُ جي مقدس ٿڃ جي مهڪ جيان محسوس ٿئي ٿي، هن جو هر خيال سنڌ جي پسمنظر ۾ آهي، هن جي لکڻيءَ جو هر موضوع سنڌ جي درد جي دانهن بڻيل آهي، هن جي لکڻيءَ جو هر سُڏڪو سرزمين سنڌ سان ٿيندڙ انياءَ تي آهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيترا ساهه کنيا، سنڌ جي نانءُ سان کنيا. هوءَ پنهنجو من پرڀائڻ لاءِ ڪيترو ئي گهمي، هند کان ٻاهر به وئي، پر هن کي سنڌ جهڙو سُڪون ڪٿي به نه مليو. هوءَ آخري وقت تائين سنڌ کي ساريندي رهي، سنڌ جي دل ڪراچيءَ جون ڳالهيون ڪندي رهي، هن ’رچنا‘ ۾ ’ڪراچي جيئن مون ڏٺي‘ جي عنوان سان پنهنجو يادگيريون لکيون آهن، انهن يادگيرين ۾ هن جي ڪراچيءَ سان محبت ۽ تڙپ کي پرکي سگهجي ٿو:
”ڪراچي نهايت صاف سُٿرو شهر هوندو هو، جمشيد سانده تي دفعا ميئر چونڊجي آيو هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ هرڪو ڪراچيءَ جي ساک ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ ڪيترا ئي گهمڻ جا هنڌ هوندا هُئا، جن مان هڪڙو منهنجو favourable پڪنڪ spot هوندو هو ’ڪلفٽن‘، ڪلفٽن جي سمنڊ جون لهرون ڏسندي ۽ ڳڻيندي ٿڪبي ئي ڪانه هُئس.
هن وقت جڏهن مان هيءُ ليک لکي رهي آهيان ته منهنجي تصور ۾ ڪلفٽن جي وشال ساگر ۾ نچندڙ شاهي لهرون پيون اُٿن ۽ پاڻ کي اُنهن لهرن مٿان اُڏندو پيو ڏسان.
اسين چانڊوڪين راتين ۾ اُتي ويندا هئاسين، گرميءَ جي موسم ۾ ڪيترا سمنڊ ۾ سنان ڪندا هُئا. مون کي ياد آهي ته ڪلفٽن جي ان سمنڊ ۾ مون به سنان ڪيو هو! سمنڊ جو سنان! واهه! ڪهڙو ذڪر ڪيان؟ شاهي لهرن کي اُڇلندو، تيزيءَ سان پاڻ طرف ايندو ڏسي، ڊپ ۾ رڙيون ڪندي ترندا اڳتي وڌندا ويندا هئاسين ۽ پوءِ؟ سامت جو ساهه کني کلندا هئاسين! مطلب ته چانڊوڪين ۾ ڪلفٽن تي ڄڻ ميلو لڳو پيو هوندو هو.“ (رچنا: جنوري-مارچ 2011ع)
اها هُئي ايشوري جي ڪراچي، جيڪا اسان نه ڏٺي، اڄ ڪراچيءَ کي ڏسي ته اندر ئي جُهري ٿو پوي، ڪاش ڪراچيءَ جا اصلي سنڌي ڪراچيءَ کي نه ڇڏين ها ته اڄ ڪراچي ورلڊ ليول تي امن جو شهر سڏجي ها.
کيس سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ ملي چڪو آهي. هُوءَ ’سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي چڪي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن بيباڪ ليکڪا ڇهين فيبروري 2013ع تي هن جهان مان چالاڻو ڪيو.