هند جي پهرين سنڌي ليکڪا : گُلي سدارنگاڻي
”ليکڪائن جي ناولن جي شروعات 1931ع کان پوءِ ٿي آهي، انهيءَ کان اڳ ڪنهن به ليکڪا جو ڪو به ناول نٿو ملي. پهريون ناول ’گورا‘ 1938ع ۾ ٽئگور جي بنگالي ناول تان ’ڪماري ڪرپالاڻي‘ ترجمو ڪيو ۽ پوءِ ساڳي ئي ليکڪا گُلي سدارنگاڻيءَ جي نالي سان 1941ع ۾ طبعزاد ناول ’اتحاد‘ لکيو. کيس هندي، سنڌي، سنسڪرت، بنگالي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هو.“ هن ناول جي اهميت بابت ڊاڪٽر پروين اڳتي لکيو آهي ته:
”اتحاد ناول پوري هندستان ۾ وقتائتو موضوع هئڻ باعث گهڻو مشهور ٿيو. برصغير جي هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن هندو ۽ مسلمان هڪٻئي جا ڪٽر دشمن هئا. گُليءَ هڪ هندو ڇوڪريءَ ۽ مسلمان ڇوڪري جي محبت ۽ ميلاپ کي پيش ڪري (شاديءَ جي صورت ۾) ڄڻ ته هندستان جي سياسي ۽ مذهبي وايومنڊل ۾ هڪ طوفان برپا ڪيو. هيءُ هڪ عورت طرفان وڏو همٿ وارو قدم هو. هن ناول لکڻ سان گُلي سدارنگاڻيءَ اهو ثابت ڪيو ته هوءَ هڪ بهادر ۽ آدرشي ليکڪا آهي. هيءُ ناول هندو مسلم فساد کي روڪڻ جو سڏ هو.“
(ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر ’سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو؛ تحقيقي اڀياس، ص 106-108.) گُليءَ جي هن ناول ان وقت هندستان جي ماحول تي گهرو اثر ڇڏيو هو، ان جي بدلي ۾ گليءَ کي گهڻو ڪُجهه ڀوڳڻو به پيو هو ۽ هن انهيءَ ڀوڳنا مان به پاڻ پچايو ۽ پنهنجي قلم کي اڃا به اڳڀرو وٺي وئي هئي. هن ناول تي تبصرو ڪندي ناليواري محقق منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته:
”اهم اصليت وارو ناول ان پهرين سنڌي عورت جو هو، جنهن ساهت جي ميدان ۾ قدم کنيو هو ۽ بلڪل ثابت قدم. اها هئي شريمتي گلي سدارنگاڻي (جنهن اڳي ڪماري ڪرپالاڻي جي حيثيت ۾ ٽئگور جو ’گورا‘ انواد ڪيو هو)1941ع ۾ سندس ’اتحاد‘ نڪرڻ سان ڪٽر پنگتي اڳواڻن ۾ چوٻول مچي ويو، جيئن ’شاعر‘ (آسانند مامتو راءِ جو ناول ’شاعر‘) ۾ سنڌي ڇوڪرو صوبائي ۽ ڌرمي ٻنڌڻ مٽائي ڪشميريءَ مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري، تيئن هن ناول ۾ هندو ڇوڪريءَ، هڪ لائق مسلمان ڇوڪري سان لانئون ٿي لهي. هن ناول ۾ راڄنيتي آزاديءَ بابت انقلابي خيال پهريون دفعو بردباريءَ سان ظاهر ڪيل هئا ۽ اُن جي عبارت ۾ به هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ ’اتحاد‘ رکيل آهي.“ (ملڪاڻي، منگهارام ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ص: 104)
جيتوڻيڪ ملڪاڻي صاحب هن ناول بابت لکيو آهي ته منجهس هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ اتحاد آهي، پر ڊاڪٽر پروين موسيٰ ان کي رد ڪندي لکي ٿي ته:
”مان ملڪاڻي صاحب جي مٿئين راءِ سان قطعي متفق نه آهيان. ’اتحاد‘ جي اڀياس بعد انهيءَ نتيجي تي پهتل آهيان ته ناول جي ٻولي نج سنڌي ۽ آسان لفظن ۽ جملن سان سينگاريل آهي. مون پورو ناول ڌيان سان پڙهيو آهي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هندي لفظ آهن ۽ فارسي لفظ ته بلڪل نه هئڻ برابر آهن. هن ناول ۾ ڪنهن به ريت فارسي ۽ هندي ٻوليءَ جو اتحاد موجود نه آهي.“
(ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر ’سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو؛ تحقيقي اڀياس، ص: 112.)
گُلي سدارنگاڻي بعد ۾ ٻه ٻيا ناول ’ساڌنا جو سپنو‘ ۽ ’آخرين انقلاب‘ لکيا، جن کي به تمام گهڻي موٽ ملي ۽ پوءِ هن ڪڏهن به ٻي ٻوليءَ ڏانهن رُخ نه رکيو. هوءَ ماهوار ’گلستان‘ جي ڪيترو عرصو ايڊيٽر به رهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن پهرين ناول نويسڪا سنڌي ادب ۾ ڪيترو ئي لکيو، پر سندس مواد تاريخ ۾ گُم آهي، ايئن کڻي چئجي ته هن ليکڪا تي ادبي دنيا ۾ ايترو ڪم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي هوءَ حقدار آهي. اڄ اسان وٽ سنڌ ۾ هن خوددار ۽ بيباڪ ليکڪا جي باري ۾ مواد نه هئڻ جي برابر آهي.