سنڌيت جي سفير : آشا چاند
آشا چاند، 23 مارچ 1951ع تي ممبئيءَ ۾ ڄائي. هن مختلف ادارن مان تعليم پِرائيندي بي. اي (ايڪانامڪس) ۽ ايم. اي (سنڌي ادب)، سان گڏ بزنس مئنيجمينٽ ۾ ڊپلوما ۽ بئنڪنگ جو BIIS جو ڪورس پاس ڪيو. هن جي زندگيءَ جو گهڻو عرصو ممبئي ۽ دبئي ۾ گذريو آهي، هن اُتي رهندي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ وارين رِٿائن تي گهڻي کان گهڻو ڪم ڪيو آهي. هوءَ هڪ ئي وقت پبلشر، ميوزڪ پروڊيوسر، ٽي وي پروڊيوسر ۽ ادبي ثقافتي پروگرامن جي آرگنائيزر آهي. هن سنڌ ۽ هند کان ٻاهر رهندڙ سنڌين کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ڪيتريون سيڊيون تيار ڪيون آهن، جن وسيلي هُو آسانيءَ سان سنڌي سِکي سگهن ٿا، جن ۾: ‘Let’s Learn Sindhi’ (اچو ته سنڌي سکون) اهم آهي، جيڪا سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ لاتعداد سنڌين جي هٿن تائين پهچي چُڪي آهي، ۽ ٻارن لاءِ ’پنجتنتر‘ نالي هڪ سي. ڊي تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ ننڍيون ڪهاڻيون، نرسري گيت ۽ رانديون شامل آهن.
ان کانسواءِ هن ’سنڌي سنگت‘ ويب سائيٽ تي سنڌي اديبن جا سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ لکيل مضمون، مقالا رکيا آهن، جيڪي پوري دنيا جي اسڪالرن لاءِ فائديمند آهن، ۽ سنڌي سنگت وسيلي ’سنڌي فوڪ لور‘ کي به هٿي وٺرائي آهي، جن ۾ سنڌي ٽيلي فلمون، سنڌي ليکڪائن جا پورٽريٽس، ڊراما، ناٽڪ ۽ مختلف موضوعن تي ڊاڪيومنٽريون شامل آهن ۽ هن ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ ۽ ’سنڌي سنگت‘ جي گڏيل تعاون سان ’پهاڪن ۽ اصطلاحن‘ تي هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جيڪو پڻ نهايت ئي لاڀائتو ڪم آهي. سنڌي سنگت جي حوالي سان ذوالفقار هاليپوٽو لکي ٿو ته:
”آشا، هڪ فرد جي رُوپ ۾ در اصل هڪ پوري اداري جو نالو آهي. اڄ جڏهن ڪيترائي ماڻهو سنڌين بابت اِهو رايو رکن ٿا ته هُو ادارا نه ٿا ٺاهي سگهن، ته آشا چاند جو پورهيو ۽ ڪم اُن غلط فهمي ۽ غلط بيانيءَ جو جواب آهي. سنڌي سنگت جي هڪ لنڪ ۾ Celebrating Sindhiat ۾ زبردست مواد موجود آهي. هُن جنهن طريقي سان ڀٽائي جي ستن سُورمين بابت انگريزيءَ ۾ دادا موهن گيهاڻيءَ جو ترتيب ڏنل ڪم پيش ڪيو آهي، سو ڪم ننڍو ڪم ناهي. انگريزيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي ستن سُورمين جي پيش ڪش نه رُڳو سنڌي سماج جي عورت دوست هُجڻ واري رويي جي سڃاڻپ آهي، پر گڏو گڏ اسان جي سيڪيولر ۽ عالمگيريت واري خيال جو پڻ اهڃاڻ آهي.“
(جتي سنڌي اُتي سنڌ، ص: 147/48)
هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي پچار ڪندي وقف ڪئي آهي، توڙي جو هن جو جنم سنڌ کان گهڻو پري ٿيو آهي، پر هن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي سنڌيت واري وِرثي سان خوب نباهه ڪيو آهي. هن جتي ٻيا کوڙ سارا ڪم ڪيا آهن، اُتي هن پنهنجي والدين جي پورهيي کي به محفوظ ڪيو آهي. سندريءَ جي نظمن ۽ آزاد نظمن جي ’هُڳاءُ‘ جي نالي سان هڪ وڊيو ڪئسٽ تيار ڪيائين، جيڪا هُن پنهنجي امڙ کي سالگره تي تحفي طور ڏني. اُن کانسواءِ هن سندريءَ جي ڪتابن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ۽ پنهنجي والد اي.جي اُتم جي نالي سان ’اُتم ساهت اوارڊ‘ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي ليکڪن کي هُو اهو اوارڊ ڏئي چُڪي آهي.
آشا چاند مختلف موقعن تي سنڌ به ايندي رهي آهي، جتي هن کي وڏو مانُ پڻ ملندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هُو سنڌي ٻوليءَ جي سفير آهي، سنڌي ادب، سثقافت ۽ سنڌو تهذيب جي پرچارڪ آهي، جنهن جديد ٽيڪنالاجيءَ وسيلي سنڌ کي دنيا سان ڳنڍيو آهي. ان حوالي سان ذوالفقار هاليپوٽو لکي ٿوته:
”هُن جنهن طريقي سان سنڌي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ سنڌي ۾ ايپس، ويڊيوز ۽ سنڌي فونٽ متعارف ڪرايو آهي، سو نه رُڳو سنڌي ٻوليءَ کي محفوظ ڪري ٿو، پر گڏو گڏ سنڌي ٻوليءَ کي جديد انداز ۾ پيش ڪري اُن کي ايندڙ نسل لاءِ به Relevant بڻائي ڇڏيو آهي.“
(جتي سنڌي اُتي سنڌ، ص: 146)
آشا چاند هر سال دبئي ۾ سنڌين جو ميلو لڳرائيندي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي سنڌي اچي گڏ ٿيندا آهن، جتي هڪ ننڍڙي سنڌ اڏيل نظر ايندي آهي. هن ميلي جو هڪڙو اصول اهو به آهي ته اُتي ڪوبه ماڻهو سنڌيءَ کانسواءِ ٻي ٻولي ناهي ڳالهائيندو، اِها هُن جي سنڌ سان ڪمينٽمنٽ آهي، اِهو هُن جو سنڌ سان عشق آهي. آشا، چاند پنجابي سان شادي ڪئي آهي، (پنجابي، سنڌي هندن جي نُک آهي.) سندس نياڻي مومل پڻ بهترين ڪمپيئر ۽ اداڪاره آهي، جيڪا پنهنجي امڙ سان گڏ سنڌيت جي پرچارڪ آهي.