شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

هي ڪتاب هند جي 19 سنڌي ليکڪائن ۽ شاعرائن تي لکيل تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي. اندرا پوناوالا مهاڳ ۾ لکي ٿي:
”ڀاءُ علي نواز آريسر تمام گهڻي محنت ڪري هند جي سنڌي ليکڪائن جو تعارف ڪرايو آهي ۽ سندن لکڻين جو به نمونو پيش ڪيو آهي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري، تفصيل ڪٺا ڪري 19 ليکڪائن تي لکي هڪ سنڌيءَ جو فرض نڀايو آهي، ان پورهيي جو اسين سڀ ليکڪائون ٿورائتيون آهيون، جن هن ڪتاب ۾ شامل آهن به يا نه سي به هن ۾ سمايل آهن جو هو وري به سنڌي ليکڪائن جو ادبي ڪم پڙهي رهيون آهن.“
Title Cover of book سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

سِج الاءِ ڪٿي ڪري پيو : وِمي سدارنگاڻي

سنڌ ۽ هند جي ٻاراڻي ادب جي ليکڪا، ڪهاڻيڪاره، شاعره وِمي سدارنگاڻي 15 آگسٽ 1971ع تي اجمير راجسٿان ۾ رامچند سدارنگاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن مختلف اسڪولن مان تعليم پرائيندي، ٽن مضمونن ۾ ايم. اي (ايڪانامڪس)، 1993ع، سنڌيءَ 1995ع، ۽ هنديءَ ۾ 2000ع ۾ ڪيائين. ان بعد پاڻ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري گجرات يونيورسٽيءَ مان 2010ع ۾ حاصل ڪري چڪي آهي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي، هُوءَ آگسٽ 1995ع کان درس تدريس سان لاڳاپيل آهي، هن وقت سنڌي وڀاڳ، تولاڻي آرٽس سائنس ڪاليج، آديپور ۾ درس ڏيئي رهي آهي، ۽ گڏوگڏ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور جي علمي، ادبي، تهذيبي ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهي ٿي، سنڌالاجي ڄڻ ته سندس ٻيو گهر بڻجي ويو آهي.
ومي سدارنگاڻي، جيتوڻيڪ جنم هندستان ۾ ورتو آهي، پر هن جي من ۾ سنڌ ئي سنڌ وسي ٿي. هن جا وڏا سنڌ ۾ خداآباد، دادو ضلعي ۾ رهندا هئا، ورهاڱي سبب سنڌ ڇڏي هند ويا، ۽ ومي پنهنجي ڏاڏاڻي توڙي ناناڻي ورثي سنڌ سان اهڙو ته ناتو ڳنڍيو، جو هن جڏهن اڃا سنڌ جي مُقدس مٽيءَ کي ڇُهيو به نه هو ته هن جي اندر مان سنڌ ڌرتيءَ لاءِ اهڙيون ته ڪوِتائون اُسري نڪتيون، جن ۾ سنڌ جو سڄو رُوح سمائجي ويو، يا هُوءَ پاڻ سنڌ جي رُوح ۾ سمائجي وئي. اهڙي ئي هڪڙي ڪوتا، جيڪا هن سنڌ ڏسڻ کان پهرين سرجي هئي، جنهن ۾ هُن سنڌ ڏسڻ، سنڌ جي مُقدس مٽيءَ کي ڇُهڻ ۽ لطيف جي نگريءَ کي پنهنجي نيڻن ۾ سمائڻ جي جيڪا حسرت ڪئي آهي، جنهن ۾ سندس سمورن جذبن جي سچائي، اُمنگ اڻکُٽ ۽ اٿاهه پيار جي جهلڪ پسجي ٿي، ۽ سندس تخيل جي اُڏام جو به اندازو ٿئي ٿو ته هُوءَ واقعي آرٽسٽ شاعره آهي، جيڪا بنا ڏٺي به اهڙي تخليق ڪري، جنهن ۾ تخليق جو سمورو حُسن ڏياريءَ جي ڏيئي وانگر ٽمڪندو نظر اچي.
تو وٽ اچڻ چاهيان ٿي،
سنڌڙي!
مان تو وٽ اچڻ چاهيان ٿي.
اِهو صحيح آهي ته
مُون ڪڏهن تُنهنجي گودِ نه ماڻي.
اهو به صحيح آهي ته
ساڌ ٻيلي جي ٻانهن ۾ ٻانهون وِجهي،
ڪڏهن ڳالهيون نه ڪيون اٿم.
اِهو سَچُ آهي ته،
ڪَنور جي لولِي مُنهنجي ڪَنن ۾،
ڪڏهن ڪانه پيئي آهي؛
ته به تو سان مِلڻ لاءِ بيچين آهيان!
آخر تو وٽ اهڙو ڇا آهي،
جو تنهنجي ذڪر تي پٿر جي اکين ۾،
سنڌو نظر اچي ٿي؟
توکي مون ڏٺو ڪونهي،
ايشورَ کي به نه!
شاهه، سچل، سامي،
سڀيئي منهنجا ’پين فرينڊ‘ ٿي پيا آهن.
اَڇا، ٻُڌاءِ، جي مان توکي خط لکان،
جوابُ ملندو؟
مِلڻ لاءِ چوندينءَ؟
مان توسان گڏجڻ ٿي چاهيان،
منهنجي سنڌڙي!
وِمي سدارنگاڻي هند جي ليکڪائن ۾ موجوده ٽهيءَ جي نامور ليکڪا آهي. هُوءَ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بيحد اُنسيت رکي ٿي. هن سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۾ نهايت ئي معياري لکيو آهي. وٽس لکڻ جو ڏانءُ پُراثر ۽ وڻندڙ آهي، جيتوڻيڪ هن وٽ پنهنجي سرزمين آهي، پنهنجي مٽي آهي، پوءِ به سندس لکڻين مان سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ اچي ٿي. هن ڪهاڻين توڙي ڪوتائن ۾ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ استعمال ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار بُردبار آهن، هن مايوسيءَ کان پنهنجي ڪردارن کي بچائڻ جو پورو جتن ڪيو آهي. هن ڪهاڻين ۾ پلاٽ جي چونڊ اهڙي نموني ڪئي آهي، جو سندس ڪهاڻي ان پلاٽ کان ٻاهر نٿي نڪري، هن جون ٻاراڻيون ڪهاڻيون به ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ نهايت ڪارائتيون آهن، ڇاڪاڻ جو هن ڪهاڻين کي ٻارن جي ذهن موجب هلڻ ڏنو آهي، هوءَ ڪٿي به ٻاراڻين ڪهاڻين ۾ ذهني مونجهارو پيدا نٿي ڪري، ٻار جي ذهني سطح موجب انهن کي سمجهائڻ جو انداز به وڻندڙ رکيو آهي، هونئن به پاڻ هڪ استاد آهي ۽ استاد کي ٻار جي سوچ جو پورو اندازو هوندو آهي، ۽ جي استاد ليکڪ بڻجي ٻار جي رهنمائي ڪري ته آءٌ سمجهان ٿو ٻار لاءِ اهڙو ٻيو مڪتب ٿي نٿو سگهي.
وِمي پنهنجي ننڍڙيءَ ڄمار ۾ هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب لکي چُڪي آهي، جن ۾: سنڌي پهريون ڪتاب (1994ع)، سنڌي ٻيو ڪتاب (1994ع)، مُکڙيون (ٻارن لاءِ ريڊيو ناٽڪ؛ 1995ع)، سُنهري رنگ جي ڪاراڻ (شاعري: 1996ع)، سنڌي اکر مالا-1 (1997ع)، سنڌي اکر مالا-2 (1997ع)، سنڌي پاٺ مالا- 1 (1997ع)، ٻليءَ جو اسڪول (ٻارن لاءِ شاعري: 1998ع)، سٻاجهي راڻي (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون:1998ع)، ممي ايئن ڇو آهي؟ (مونولاگ: 2000ع سنڌ ۾ ڇپيل)، سج الاءِ ڪٿي ڪري پيو ( شاعري: 2004ع) سوال ڪي تلاش ۾ (هندي شاعري:2011ع) شامل آهن.
وِمي سدارنگاڻي ءَ جو ٻارن لاءِ ايترو لکڻ، هن جي ٻارن سان پيار جي شاهدي آهي، هن جي من اندر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڪو اُبهم ٻار وسي ٿو، جيڪو هن کي ٻارن لاءِ لکڻ تي اُتساهي ٿو، سنڌ جو ممتاز اديب ۽ شاعر تاج جويو ان حوالي سان لکي ٿو ته:
”ٻارن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏُکيو ڪم آهي، ۽ اُهو ڏکيو ڪم وِميءَ ڏاڍيءَ سَهجتا، سچائيءَ، دل جي خلوص ۽ سنيهه سان ڪيو آهي. خُود وِمي سدارنگاڻيءَ جو ٻاراڻي ادب/ ٻال ساهتيه لاءِ رايو آهي ته: ’ٻال ساهتيه جي نالي ۾ ڇپجندڙ گيتن، ڪهاڻين وغيره ۾ گهڻو ڪري ٻارن مٿان مڙهيل وڏن جي دنيا هوندي آهي.‘ پر وِميءَ جا گيت/ نظم، ڪهاڻيون، ناٽڪ توڙي مونولاگ جي صنف ۾ لکيل ٻارن لاءِ ويچار پڙهجن ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته اُنهن ۾ ٻارن جي پنهنجي، نِجي دنيا موجود آهي“.
وِمي ٻه ڀيرا سنڌ ياترا به ڪري چُڪي آهي، پهريون ڀيرو 2004ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيٽس ۽ سنڌي اڪادمي دهليءَ پاران منعقد ڪيل ’شاهه، سچل، سامي‘ ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ شرڪت ڪري ’سنڌي شاعريءَ ۾ عورت جو بدلجندڙ عڪس‘ جي سِري هيٺ مقالو پيش ڪيائين. ٻيو ڀيرو جنوري 2012ع ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 268هين عرس جي موقعي تي سڏايل انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ ’شاهه جي رسالي جا ڀارت ۾ ٿيل ترجما‘ مقالو پيش ڪيائين.
هُوءَ سنڌ ۽ هند کان ٻاهر سنڌي سيکارڻ جي سلسلي ۾ ليڪچر به ڏئي چُڪي آهي، جن ۾ پهريون ڀيرو سنگاپور ۾ سنڌي ايسوسيئيشن پاران ’سنڌي ڪورس‘ پروفيسر پريتم ورياماڻيءَ سان گڏ 1995ع ۾، ۽ ٻيو ڀيرو النايه يونيورسٽي (يو. ايس. اي) ۾ هڪ مهيني جو ڪورس پروفيسر جينيفر ڪول سان گڏ 2000ع ۾ اهم آهن.
ومي سدارنگاڻيءَ کي علمي ادبي مڃتا طور ڪيترن ئي ادارن پاران اوارڊ ۽ انعام پڻ ملي چُڪا آهن، جن ۾:
• ”مُکڙيون“ (ٻارن لاءِ ناٽڪ) تي گُجرات اڪادميءَ پاران انعام (1995ع)
• ”ممي ايئن ڇو آهي؟“ (ٻارن لاءِ مونولاگ) تي اين. سي. اي. آر. ٽي پاران ٽيهون ٻال ساهتيه پرسڪار (1998-1999)
• نارائڻ شيام“ اوارڊ بهترين نوجوان اديب ڪئٽيگري، اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران (2001ع)
• سنڌي ساهتيه جي کيتر ۾ ’يوگدان‘ لاءِ سنڌي اڪادميءَ پاران اوارڊ (2003-2004ع)
• ”ممي ايئن ڇو آهي“ (ٻارن لاءِ مونو لاگ) تي گُجرات اڪادميءَ پاران پرسڪار (2004ع)
• سنڌي تعليم جي کيتر ۾ ’يوگدان‘ لاءِ اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران ڪاليج ايجوڪيشن اوارڊ (2008ع) شامل آهن.
وميءَ جا ٻارن لاءِ لکيل ٻه ڪتاب ’سٻاجهي راڻي‘ ۽ ‘ممي ايئن ڇو آهي؟‘ سنڌ ۾ هڪ مقبول سماجي تنظيم ’ٿرديپ‘ پاران نوجوان ليکڪ دليپ ڪوٺاري 2005ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا، جن کي ٻارن طرفان ڀرپور موٽ ملي. اهڙيءَ طرح پاڻ سنڌ ۽ هند ۾ گهڻي پڙهي ويندڙ ليکڪا آهي ۽ پاڻ سنڌي ساهت ۾ مسلسل جاکوڙيندي رهي ٿي، پاڻ اڻٿڪ ۽ اڻ وِرچ انسان آهي، هن وقت آديپور (ڪڇ) ۾ رهائش پذير آهي.