سنڌو سڀيتا جي وارث : مايا راهي
هن جو اصل نالو مايا ڪرشن وڇاڻي آهي، پر ڪرشن سان شادي ڪرڻ کانپوءِ هن ادبي نالو ’مايا راهي‘ لکڻ شروع ڪيو، جيڪو سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. مايا راهيءَ کي ڪرشن جي نسبت سان گهر ۾ ادبي ماحول مُيسر ٿو، جنهن ڪري سندس لکڻين ۾ باقاعدي نکار آيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو انتهائي سگهارو شاعر نارائڻ شيام سندس گهر ايندو رهندو هو، ان جي ادبي ڳالهين هن کي اُتساهه بخشيو.
ٻين سنڌين جيان مايا کي ورهاڱي چُور چُور ڪري ڇڏيو هو، هن جي اندر ۾ سنڌڙيءَ جي سِڪ ڏينهون ڏينهن سَلا ٻڌي مُورجڻ لڳي لڳڻ هُئي، ورهاڱي هن کان سڀ ڪجهه کسڻ سان گڏ معصوم خواهشون ۽ خواب پڻ کسيا هئا. ورهاڱي جي پيڙا بابت هوءَ لکي ٿي ته:
”1947ع کانپوءِ جي دردناڪ ورهاڱي سنڌين کان سنڌ ڇڏائي ۽ هند ۾ اچي کين اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ هڻ- پٽ ڪندي، ڪي سال گذري ويا. ’هُو سنڌ ۽ سنڌ جي سُکن کي ياد ڪندا رهيا‘ ۽ گهڻي وقت تائين انهيءَ آس ۾ رهيا ته ’اِجهو ٿا پنهنجي وطن وَرون.‘ سنڌ ڇڏڻ وقت ڪنهن ايئن ڪونه سوچيو هو ته وري واپس ورڻ ڪونه ٿيندو. ڪيترا ته ڀريل تُريل گهرن جون چاٻيون پاسي وارن کي ڏيئي آيا هُئا، اهيءَ اُميد سان ته جلدي واپس وربو.“ (ڪونج: ڊسمبر 2006ع)
مايا شروعاتي دور کان ڪهاڻيون لکيون، پر سندس ادبي دنيا ۾ باقاعدي سڃاڻپ ڪهاڻين جي مجموعي ’محبت‘ جو مينهن‘ ڇپجڻ کانپوءِ ٿي. اُن بعد هن تسلسل سان لاتعداد ڪهاڻيون لکيون، جن کي پڙهندڙن پاران ڀرپور موٽ ملي، هن وقت تائين سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا ’محبت جو مينهن‘، ’موڪش‘، ’ڍال‘ ۽ ’مهانگي مُرڪ‘ ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. سندس ڪهاڻين جي مجموعي ’مهانگي مُرڪ‘ کي 2015ع جو ساهتيه اوارڊ پڻ مليو. واضح رهي ته هن کان پهرين هند جي پنجن سنڌي ليکڪائن پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتمچنداڻي، اندرا واسواڻي، ڪلا پرڪاش ۽ تارا ميرچنداڻيءَ کي به اهو اوارڊ ملي چُڪو آهي، جيڪو سنڌي ليکڪائن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻبو. 1971ع ۾ مايا جي جيون ساٿي ڪرشن راهيءَ کي به ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ مليو هو ۽ هي ٽيون ڀارتي جوڙو آهي، جنهن کي اهو اوراڊ مليو آهي. مايا جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جون عڪاس آهن ۽ هن ڪهاڻين ۾ نواڻ آندي آهي ۽ سندس ڪردار بولڊ ۽ ماڊرن آهن، هن موجوده ٽهيءَ جي خيالن کي سامهون آندو آهي ۽ انهن جي سوچ کي نروار ڪيو آهي، جيڪا ريتن، رسمن ۽ روايتن کان پرڀرو ٿيندي پئي وڃي، ۽ فرسٽريشن جو شڪار آهي. سندس اهڙي هڪ ڪهاڻي ’وقت گذري ويندو‘ ريتن رسمن کان وانجهيل نئين ٽهيءَ جي نندا ڪري ٿي. شادي وغيره جي ٻنڌڻن کان آزاد ڇوڪري، جيڪا فقط ڊيٽ ۽ وقت گذاري لاءِ ڊُڪ ڊوڙ ڪري، هڪ کان ٻئي ۽ پوءِ ٽئين تائين الائي ڪٿي ڪٿي پاڻ لوئائي ٿي. هن ڪهاڻيءَ جا ڪجهه پيراگراف هتي ڏجن ٿا، جيئن ڪهاڻيءَ جي مقصد کان واقف ٿي سگهجي.
”ويهه سال اڳ هوءَ سنتوش سان ملي هئي، ويهه سال! ڪيڏا ٿيندا آهن ويهه سال، ۽ پوءِ ٻئي هئا ٻه جسم هڪ جان! سنتوش شاديءَ ڪري سيٽل ٿيڻ ٿي چاهيو، پر ڪرانتيءَ جي نظر هئي آفيس جي ٽاپ چيئر تي!“
”ڏينهن آفيس ۾، رات هِن، هُن جي اپارٽمينٽ ۾ گذرندي آهي، شانتيءَ جي سوچ آهي. شاديءَ جو رسيپشن ڏنل ناهي، پيپر تي ٺپو لڳل ناهي، رجسٽريشن ٿيل ناهي ته ڇا؟ هيئن گڏ رهڻ به ته شاديءَ کان گهٽ ناهي!“
”هُن مائيڪل کي فون ڪري ٻُڌائي ڇڏيو هو، هُن جا فون اچن پيا، هڪ ٻن ڏينهن ۾ هُن سان ڊيٽ تي وڃڻ جو سوچيان پئي.“
(ڪونج: نومبر-ڊسمبر 2016ع)
مايا جون مجموعي طور ڪهاڻيون ان قسم جون آهن، هن جي ڪردارن ۾ به نواڻ هوندي آهي، سندس ڪهاڻين جا پلاٽ به سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهن. سندس ڪهاڻين بابت شوڀا لعلچنداڻيءَ لکي ٿي ته:
”مايا جون ڪهاڻيون خاص گهٽنائن بابت آهن، مايا جون ڪهاڻيون ناريءَ جي نئين سُڃاڻپ بابت آهن، اڄ ناريءَ پاڻ سان ٿيندڙ زور، زبردستي، ظلم ۽ اتياچار خلاف سجاڳ آهي. جون جون ڪهاڻيون ٺوس حقيقي گهٽنائن جي بنياد تي لکيل آهن ۽ هر قسم جي ايڪسپلينيشن خلاف آهن، پوءِ اُهو اتياچار بزرگن سان هجي، ٻارن سان يا ناريءَ سان هجي! اڄ ناريءَ رشتيدارن ۽ سماج جي نقطي چينيءَ کان ڪونه ڇُٽل آهي. ڪهاڻين جا موضوع، ماحول ۽ مسئلا اڄ جي سنڌي گهرن سان وابسطه آهن. هن جي آتما جو آواز آهي ”عورت به هڪ انسان آهي“ مايا جون ڪهاڻيون ترتيب ۽ رِٿا سان ٽوٽڪن واري ٻوليءَ ڻ هُئڻ ڪري منورنجن ٿيون ڏين. ڊائلاگ به نوان، تازا ۽ بولڊ آهن. ڪهاڻين ۾ پيار جي نالي ۾ بيوفائي، وشواس گهات ۽ چريتر هيڻتا جون گهٽنائون به آهن.“
”جنسياتي ظلم خلاف مايا جي ڪهاڻين مان تڙڦ ۽ فرسٽريشن ٿو ظاهر ٿئي.“
(هند واسي 19 فيبروري 2012ع)
مايا راهي ڪهاڻين کان علاوه شاعري به ڪئي آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ به ساڳيون وارتائون آهن ۽ سنڌ کي ساريندي به هن ڪيترا طويل نظم لکيا آهن، جن ۾ جڏهن هو پهريون ڀيرو سنڌ آئي هُئي ته هُن سنڌ کي موهن جو دڙو ڪوٺيو هو ۽ ان پسمنظر ۾ سندس هيءُ نظم آءٌ هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان:
مان سنڌ ويس
مان سنڌ ويس
حيدرآباد سکر
روهڙي ۽ شڪارپور ڏسي
موئن جو دڙو
ڏسڻ نه ويس!
سالن جا سال
جا سنڌ
تصور ۾ هئي منهنجي
سا، حقيقت ۾
هيئن؟
هئڙي زبونءَ حالت ۾!
اُگهاڙيون سِرون،
ڀُريل ڀِتيون،
بنا در درين گهر،
مرندڙ شهر،
ڏسي،
لڳم ته موئن جي دڙي ۾
هن کان وڌ ٻيو ڇا هوندو؟
جيڪا سنڌ اسان ڇڏي
سا ڪٿي آ؟
جا ٻولي، سڀيتا
پاڻ سان آندي
سا ڪٿي؟
اُتي جي ڄاول
پليل نپيل
سنڌي
ٻولي ۽ سڀيتا
هتي، هند ۾ اچي
مري رهي آهي
۽ دڙا هُتي وڌي رهيا آهن.
اهڙيءَ ريت هُو جڏهن ٻيو ڀيرو سگا پاران منعقد ڪيل ’شاهه سچل سامي‘ ڪانفرنس ۾ هندستان جي وفد سان گڏ آئي هُئي ۽ 12 ڏينهن سنڌ ۾ رهي، سڄيءَ سنڌ گُهمي جڏهن واپس موٽي هُئي ته هن هڪ طويل نظم لکيو هو، جنهن ۾ هُن سنڌ کي شاداب ۽ سرسبز ڪوٺيو آهي:
سفر سنڌ جو
سفر سنڌ جو
هو سپنو هڪ سُندر
ڏٺو هو جو مون
جاڳندي،
هلندي چلندي.
گل گلاب جا ها
پنکڙيون سي ڪومل
ويو واسجي هو
تن من اسان جو
هُڳاءَ ڀريو هو
سفر سو سنڌ جو.
-
چمڪندڙ چهرا
مُرڪندڙ مُکڙا
اُتساهي اکيون
ڏسي،
وشواس ٿي ويو
ته سنڌي امر آهي
۽ امر آهي
سنڌوءَ جي سڀيتا
۽ هن ڀيري
مان
موهن جو دڙو
ڏسي آيس.
(ڪونج، جون: 2005ع)
مايا راهي سنڌي ٻوليءَ جي اها سدابهار قلمڪار آهي، جنهن سڄي زندگي سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، هن جي اندر ۾ سنڌيت جو جذبو جيئن پوءِ تيئن گهرو ٿيندو وڃي، ۽ هن ان موضوع تي مختلف علمي ادبي سيمينارن ۾ ڪيترائي پيپر پيش ڪيا ۽ ڪيترا اوارڊ پڻ ماڻيائين. هوءَ سنڌ ۽ هند کان ٻاهر دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ سنڌيت جي نمائندگي ڪري چُڪي آهي. هن سنڌيءَ کان علاوه هنديءَ ۾ به لکيو آهي. هوءَ هن وقت بمبئي ۾ رهائش پذير آهي، کيس هڪ پُٽ ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي.