اَوکا پنڌ پيار جا : ڪلا پرڪاش
ڪلا، 1954ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب موتي پرڪاش سان شادي ڪئي، جنهن مان ’شريڪانت صدف‘ جهڙو شاعر سنڌي ادب جي حصي ۾ آيو.
هن لکڻ جي شروعات 50ع واري ڏهاڪي کان ڪئي، هن شروعاتي دور ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ادب ۾ پير پاتو، پر پوءِ جلد ئي هن ناول لکڻ شروع ڪيا. سندس ڪهاڻين توڙي ناولن جا موضوع سماجي ئي رهيا، سندس رَچنائن ۾ احساسن جي اُپٽار ڏاڍي سهڻي نموني ٿيل ڏسجي ٿي. هن سماج ۾ وهندڙ واپرندڙ هر مسئلي کي پنهنجي لکڻين جو محور بڻايو ۽ تسلسل سان اهڙن موضوعن تي لکي هن الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. اُن کانسواءِ سندس لکڻين مان سنڌ جي محبت، سڪ ۽ تڙپ محسوس ڪري سگهجي ٿي. ورهاڱي جي وڍ ۾ وڍجي ويل سڀني سنڌي هندن جي درد جا داستان سندس قلم مان وَهي نڪتا آهن. هن اهڙن موضوعن تي قلم کنيو آهي، جيڪي اڻ ڇهيل موضوع آهن، جن تي لکي هن سنڌي ادب جي هڪ سُٺي خدمت ڪئي آهي. سندس هن وقت تائين ڪهاڻيون، ناول، شاعري، سفرناما ۽ مضمونن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن مان ڪيترائي سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن. هيءَ هند توڙي سنڌ ۾ اوتري ئي مقبول آهي، هن پڙهندڙن ۾ الڳ جاءِ والاري آهي، ۽ الڳ ڇاپ ڇڏي آهي. هن توڙي جو سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، پر هن کي ناول تي دسترس آهي ۽ هن جي سُڃاڻپ ناول نگار طور وڌيڪ آهي، هن جي ناولن ۾ حقيقت نگاريءَ گهڻي نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪلا جي ناولن بابت لکي ٿو ته: ”ڪلا جا ناول پيار ۽ سماج جي چوگرد پيا ڦرن. هن جي تحرير ۾ جيڪو جوش ۽ جذبو سمايل آهي، تنهن ۾ خوبصورت لفظن ۽ جملن جو گهڻو دخل آهي“
(جوڻيجو، عبدالجبار ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جلد ٽيون، ص؛ 42)
ڪلا پرڪاش جو ناول اوکا پنڌ پيار جا‘ جيڪو سنڌ ۾ تازو ڇپيو آهي، هڪ شاهڪار ناول آهي. هن ۾ ڪردارنگاري، حقيقت نگاري ۽ رومانيت گڏ گڏ آهي ۽ هن ۾ جيڪا فني ڪماليت آهي، اُها اِها آهي ته، هن ناول کي جتان کنيو ويو آهي، گُهمائي ڦيرائي اُتي ئي پُڄاڻي ڪئي آهي ۽ هڪ ئي وقت چئن ڪردارن کي گڏ کڻي هلڻ، هر ڪنهن سان هڪ جيترو نباه ڪرڻ، ڄڻ ته ساهميءَ جي ٻن پُڙن ۾ رکي توري تڪي هر ڪنهن کي اوتري ئي پذيرائي ڏني وئي هجي. انهيءَ مان ئي پرک ڪري سگهجي ٿي ته؛ هوءَ ناول نگاريءَ جي فن تي دسترس رکي ٿي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
’ڏوهي بيڏوهي‘ (ڪهاڻيون: 1953ع)، ’هڪ دل هزار ارمان‘ (ناول: 1957ع)، ’ممتا جون لهرون‘ (نثري نظم: 1963ع)، ’شيشي جي دل‘ (ناول: 1970ع)، ’هڪ سپنو سُکن جو‘ (ناول: 1971ع) ’مُرڪ ۽ ممتا‘ (ڪهاڻيون: 1973ع)، ’حياتي هوتن ريءَ‘ (ناول: 1980ع)، ’هينئڙي منجهه هُرن‘ (سفرنامو: سنڌ ۾ ڇپيل 1987ع)، ’وقت وٿيون ۽ وڇوٽيون‘ (ناول: 1988ع)، ’آرسيءَ آڏو‘ (ناول: 1992ع)، ’وارن ۾ گُل‘ (ڪهاڻيون: 1993ع)، ’پيار‘ (1997ع)، ’پکن جي پريت‘ (1998ع)، ’ممتا جون لهرون‘ (حصو ٻيو_نثري نظم: 2006ع)، ’سمنڊ ۽ ڪنارو‘ (ناول: 2006ع)، ’انتظار‘ (ڪهاڻيون: 2007ع)، ’اوکا پنڌ پيار جا‘ (ناول: سنڌ ۾ ڇپيل 2010ع) شامل آهن.
ڪلا پرڪاش جون سموريون لکڻيون مهانتا جي منزل کي ڇُهندڙ آهن. هن جي لکڻين ۾ ڪردار نگاري، منظر نگاري کان علاوه لفظن جي اُڻت، ٻوليءَ جو اسلوب ۽ ٻوليءَ جي اصلوڪن لفظن جو استعمال عام ملي ٿو، ان حوالي سان چئجي کڻي ته هن ٻوليءَ ۾ به لفظن جو واڌارو ڪيو آهي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڇو ته سندس سمورا خيال ٻهراڙين مان کنيل آهن، جنهن ڪري سندس ڪردارن جي ٻولي به اُها ٻهراڙين ۾ عام استعمال ٿيندڙ ٻولي آهي. اهو سندس مشاهدي جي ساک ته ڀري ٿو، پر ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هن جي اها شعوري ڪوشش آهي. هن عام ماڻهن جي زندگين ۾ جهاتي پائي، اُنهن جي درد جي تصوير ڇڪي آهي. اهڙي ئي شاهدي نامور ليکڪ پروفيسر عبدالستار بلوچ جي هن پيراگراف مان به وٺي سگهجي ٿي:
”ڪلا پرڪاش مهان وطن دوست ليکڪا آهي، جنهن تن، من، ڌن ۽ فن سڄڻ ۽ ساڻيهه کي ارپي، ادبي دُنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي. هوءَ سنڌونديءَ کي پيار ۽ مٺڙي ماءُ جي ٿڃ جيان امرت ڌارا جو درجو ڏئي ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي مٺڙي ماءُ جي لولي ڄاڻي، اُن ۾ آنند، سڪون ۽ آرام محسوس ڪري ٿي. هوءَ ڌرتيءَ ماتا جي مامرن کي پنهنجين ڪهاڻين، ناولن ۽ نظمن جو عنوان بڻائي، غريب، مظلوم، مفلس ۽ نادارديس واسين جي داد رسيءَ جي لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيندي رهندي آهي.“
(بلوچ، عبدالستار ’سون ورنيون دليون‘ ص: 209)
هن جتي سنڌ ۽ هند جي درد جي تاريخ لکي محفوظ ڪئي آهي، اُتي هن پنهنجي ٻارن ’شريڪانت صدف ۽ سنڌوءَ‘ کي پنهنجي نثري نظمن ۾ سمايو آهي. ڪتاب ’ممتا جون لهرون‘ ۾ هن واقعي پنهنجي ممتا نڇاور ڪئي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي اندر ۾ سانڍيل سمورين محبتن ۽ سچن جذبن جي آرٽسٽڪ نگاه سان منظر ڪشي ڪئي آهي.
ڪلا پرڪاش مختلف عهدن تي رهي به عام ماڻهن جي خوب خدمت ڪئي آهي، هوءَ 1954ع کان 1971ع تائين ڀارت سرڪار جي مرڪزي کاتي ۾ آڊيٽر رهي، ان کانپوءِ آر. ڪي تلريجا ڪاليج اُلهاس نگر، مهاراشٽر ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر ۽ 1980ع کان 1983ع تائين دبئي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس پڻ رهي چُڪي آهي. سنڌي ادب جي هن گهڻي پڙهي ويندڙ ليکڪا جي سڄي زندگي لکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذري آهي.