شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

هي ڪتاب هند جي 19 سنڌي ليکڪائن ۽ شاعرائن تي لکيل تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي. اندرا پوناوالا مهاڳ ۾ لکي ٿي:
”ڀاءُ علي نواز آريسر تمام گهڻي محنت ڪري هند جي سنڌي ليکڪائن جو تعارف ڪرايو آهي ۽ سندن لکڻين جو به نمونو پيش ڪيو آهي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري، تفصيل ڪٺا ڪري 19 ليکڪائن تي لکي هڪ سنڌيءَ جو فرض نڀايو آهي، ان پورهيي جو اسين سڀ ليکڪائون ٿورائتيون آهيون، جن هن ڪتاب ۾ شامل آهن به يا نه سي به هن ۾ سمايل آهن جو هو وري به سنڌي ليکڪائن جو ادبي ڪم پڙهي رهيون آهن.“
Title Cover of book سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

اندرا واسواڻيءَ جي لکڻين ۾ للڪار : اندرا واسواڻي

اندرا واسواڻيءَ جي لکڻين ۾ للڪار ...

سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت سان سڃاپجندڙ اندرا واسواڻي 21 آگسٽ 1936ع تي ميرپور خاص، سنڌ ۾ جنم ورتو. ايم. اي. ايس. ٽي. سي ۽ بي. ايڊ تائين تعليم حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪري پاڻ هڪ استاد جي حيثيت سان ذميواريون انجام ڏنائين، ۽ هڪ آدرشي استاد طور پاڻ مڃايائين، ۽ جي. ايس آدرش ڪنيا مها وديالا گانڌيڌام (ڪڇ) جي پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. اندرا واسواڻيءَ جو خاندان به ورهاڱي سبب سنڌ کان ڌار ٿيو، هند ۾ وڃڻ کانپوءِ کين وڏين مشڪلاتن مان گذرڻو پيو، جتي ڪئمپ ۾ رهڻ جهڙين دُشوارين کي منهن ڏيڻو پيو، ان حوالي سان پاڻ ئي اظهار ڪري ٿي ته:
’ورهاڱو خود ۾ ئي اِتهاس جي وڏي للڪار آهي، سنڌي استري جيڪا سنڌ ۾ ايتري پڙهيل ڳڙهيل يا ٻاهر نڪرندڙ ڪونه هئي، اُن هندستان ۾ اچي جيڪي ڪري ڏيکاريو، سو ڪنهن کان لڪل ڪونهي! جيتوڻيڪ جڏهن ورهاڱي تي اتهاس لکجندو ته سنڌي استريءَ جي سونن اکرن ۾ واکاڻ ڪونه ٿيندي، ڪير ڪندو؟ ڪئمپن ۾ گذاريل زندگي، غريبي، پڙهائي ڪندي، نوڪرين لاءِ لوڪل گاڏين، بسن ۾ يا پنڌ هلي ڌڪا کائيندي، گهرن ۾ کيچا، پاپڙ ۽ ڪچريون ٺاهي، در در وڃي وڪڻي ايندي، سنڌي استريءَ جو من جنجهوڙي ڇڏيو ۽ ڪن جي هٿ ۾ قلم اچي ويو، ان سڀ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ.‘
(ماهوار ’ڪونج‘ جنوري_فيبروري 2011ع، ص: 48)
اندرا واسواڻي ورهاڱي کانپوءِ لکڻ شروع ڪيو، ورهاڱي بعد هند ۾ رهندي، ڪئمپ ۾ گذاريل زندگيءَ کيس لکڻ لاءِ اُتساهيو. هن پهرين ڪهاڻي ’کيٽو‘ عنوان سان 1958ع ۾ لکي، جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي. ان بعد هن پابنديءَ سان لکڻ شروع ڪيو، هن شروع ۾ ته ڪهاڻيون لکيون، پر پوءِ شاعريءَ به ڪيائين ۽ مضمون به لکيائين. هن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جدت آڻيندي يورپي طرز تي مختصر ڪهاڻين لکڻ جو بنياد وڌو، سندس مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’نالو‘ جي عنوان سان ڇپيو. سندس ٻيو مجموعو’منجري‘ جي نالي سان، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر پاران اپريل 1996ع ۾ ٽيون مجموعو ’ٿر‘ جي نالي سان، ڪونج پبليڪيشن ممبئيءَ پاران جنوري 2002ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هنن ٽن مجموعن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، ۽ اندرا واسواڻيءَ جو نالو هند جي صف اول جي سنڌي ليکڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس ڪهاڻين ۾ ’ڪٻٺ، پستا باداميون ۽ ٻين کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن ڪهاڻين ۾ عورت جي جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي، ۽ ورهاڱي جي درد کي هن جيئن ڀوڳيو، جنهن پيڙائن مان گذري، ايئن ئي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو آهي. هوءَ هڪ سچي قلمڪار هئڻ جي حوالي سان سچائيءَ سان سڀني شين کي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ليکڪا آهي. سندس ڪهاڻين ۾ هڪ ته ورهاڱي جو درد ۽ پيڙائون، ٻيو وري سندس ٻولي، سادي سلوڻي، عام فهم هئڻ ڪري عام ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز رهيون آهن. سندس ڪهاڻيون هندستان جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مڃتا ماڻي چڪيون آهن.
اندرا واسواڻي تعليمي ماهر جي حيثيت سان به سُڃاتي وڃي ٿي، ڀارت سرڪار کيس اعليٰ خدمتن جي مڃتا طور ’اعليٰ اڌياپڪا‘ جو خطاب ڏنو، جنهن جي هوءَ حقدار هئي. جيتوڻيڪ ادبي حلقي ۾ کيس مڃتا نه ملي، جيڪو ڏک سندس زندگيءَ ۾ هميشه جي لاءِ تازو رهيو. هن مشهور ڪوتاڪار، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هريش واسواڻيءَ سان شادي ڪئي، هند جا هي ٻئي عظيم ليکڪ سنڌ ۽ هند جي سرزمين کي سوڳوار ڪري ويا آهن، پر سندن يادون سندن همعصرن توڙي دوستن جي دلين ۾ زنده آهن.