ادب ۽ محبت جو سنگم : اندرا شبنم
اسان وٽ سنڌ ۾ 1947ع واري ورهاڱي ڪيترن ئي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي وطن کان ڌڪي ڌار ڪيو ۽ هو پنهنجي وشال اکين ۾ ڪيترن ئي لُڙڪن جون لڙيون کڻي، روئندا سرحد پار اُڪري ويا. (ورهاڱي واري لڏ پلاڻ جو اهو سلسلو ڏهن سالن تائين لڳاتار هلندو رهيو) اهڙن ئي اُملهه انسانن ۾ اسان جي سنڌ جي سدا بهار ۽ خوبصورت شاعره اندرا شبنم به هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ کان ڇڄڻ کان پوءِ به پنهنجي ڌرتيءَ سان والهانه محبت کي عشق جي حد تائين زنده رکيو آهي. سندس هر لکڻيءَ مان سنڌ جي مٽيءَ جي مهڪ اچي ٿي، سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ جي هُٻڪار ۽ اُن کان جدائيءَ جي پِيڙا محسوس ٿئي ٿي.
اندرا شبنم سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ شاعره آهي. هن جو پورو نالو اندرا ٽيڪچند شهدادپوري آهي ۽ سندس ادبي نالا ’اندرا شبنم‘، ’اندرا پونا والا‘ ۽ ’اندو‘آهن. هن 24 نومبر 1956ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حيدرآباد سنڌ ۾ ۽ سندس والده لاڙڪاڻي ۾ ڄائي هئي، اُن وقت سندس خاندان لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير هو، پر سندس ناناڻا ڪراچيءَ ۾ رهندا هئا، جنهن ڪري سندس جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سندس والد سنڌ ورڪي هو، جيڪو هانگ ڪانگ ۾ رهندو هو. هن خاندان ورهاڱي جي ڪجهه عرصي بعد 1957ع ۾ سنڌ کي الوداع ڪيو، ان وقت سندس عمر هڪ سال هئي.
اندرا شبنم جي تعليم بي.اي، بي. ايڊ، ايم.اي ۽ هنديءَ ۾ ساهت رتن آهي. اندرا 22 سالن تائين پمپري جئه هند هاءِ اسڪول (مهاراشٽر) ۾، ٻه سال سينٽ ميران اسڪول پوني ۾، ۽ هڪ سال تائين پونا ڪاليج ۾ استاد رهي آهي. هن 48 سالن جي ڄمار ۾ وائيس پرنسيپل جي عهدي تان وقت کان اڳ ۾ خُوشيءَ سان رٽائرمنٽ ورتي. هڪ سال تائين يرودا جيل ۾ عورتن جي وارڊن به رهي آهي. اندرا هڪ ئي وقت سنڌي، هندي، اردو، انگريزي، مراٺي ۽ گجراتيءَ ۾ لکندڙ ۽ ڇهن ٻولين تي عبور حاصل آهي.
هن سنڌي، هندي ۽ اردوءَ ۾ تمام گهڻو لکيو آهي، سندس سنڌي ٻوليءَ جي تخليقن ۾ هڪ قسم جي پيڙا محسوس ٿئي ٿي، جيڪا شايد پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان ڇڄڻ جي پيڙا هجي، ۽ هن اُن پيڙا کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ته مانائتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جو ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هوءَ ڪنهن ٻار کي پرڀائيندي ۽ پرچائيندي هجي. سندس هن شعر ۾ اوتيل درد جي پيڙا ۽ تاثير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
دنيا سان آ پيار منهنجو، اکرين بيان ڪونهي،
ڌرتيءَ مثال سُندر، ٻيو ڪو جهان ڪونهي.
ڪو درد آ مُبهم، نَس نَس ۾ سمايل،
پر درد سَلڻ لاءِ ڪو رازدان ڪونهي.
سندس غزل جون هي چار سِٽون ان ڳالهه جي گواهي آهن، ته هُوءَ هڪ پل جي لاءِ به پنهنجي ڌرتيءَ کان سواءِ خوش ناهي رهي سگهي، بلڪه هن کي ته پنهنجي اندر ۾ سانڍيل درد سلڻ لاءِ ڪو رازدان به ڪونهي، اهڙيءَ طرح هن جا ٻيا به ڪيترائي غزل ۽ نظم اهڙي پيڙا جي وارتا ٻڌائن ٿا، جيتوڻيڪ هن غزل ۾ پاڻ موکيو آهي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته سندس آزاد نظم ۾ اڃا وڌيڪ پُختگي آهي، نواڻ آهي ۽ ڀرپور احساس سان ڇُهيل درد ڪٿائون آهن، ته نهايت ئي خوبصورت چپن جي مُرڪڻ کي هن نهايت ئي بيباڪيءَ سان پنهنجي آزاد نظم ۾ چٽيو آهي.
هڪ مُرڪ ورهائڻ ۾،
ڪهڙو هرج آهي؟
تو مُسڪرايو،
سامهون واري جا چپ،
لاچار ئي مُحبن مُرڪڻ لڳا.
چانڊوڪي ڦهلجي وئي،
هن جي چهري تي.
هڪ ڏيئو ٽمڪڻ لڳو،
هن جي لبن تي.
تنهنجي هڪ اڪيلي مُرڪ،
انيڪ مُسڪراهٽن کي جنم ڏنو.
واقعي چپن جي مسڪراهٽ کي اهڙي مهانتا اندرا جهڙي شاعره ئي ڏئي سگهي ٿي، جنهن جي من ۾ نه ڪا مونجهه آهي ۽ نه ڪا ميراڻ، هن پنهنجي هر تخليق ۾ سچائيءَ سان اظهار ڪيو آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ شيخ اياز آزاد نظمن ۾ مُرڪ جي اهڙي تاثير پسائي سگهيو آهي، جهڙي اندرا جي شاعريءَ مان پسڻ لاءِ ملي آهي.
ساڳئي ئي انداز سان اندرا جو هي غزل به ڏاڍو شاندار آهي، جنهن ۾ پيڙا سان گڏ مرڪن ۽ ٽهڪن جون سرگوشيون به آهن ته وقت ۽ حالتن سان مقابلو ڪرڻ جي هڪ سگهه ۽ قُوت به آهي.
ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم،
فرش تي ويهي اُڏڻ ايندو اٿم.
ڪونه ٿو سمجهي سگهي ڪوئي مون کي،
چُپ، ۽ چُپ تنهن تي رهڻ ايندو اٿم.
تير طعنن جا ڀلي مون کي ڀلي لڳن،
ٺار زخمن تي رکڻ ايندو اٿم.
پيار کي سمجهيو آ ڪنهن نه ڪڏهن،
ان اکر تي ڀي مرڻ ايندو اٿم.
ڀل ته شبنم کي ستائيندا رهن،
پنهنجي حق لئه، پر لڙڻ ايندو اٿم.
طعنن جا تير سهڻ، زخمن تي ٺار رکڻ جو فن، پيار جي اکر تي مرڻ ۽ پنهنجي حق تي وڙهڻ جهڙن الڳ الڳ موضوعن کي هڪ ئي غزل ۾ اهڙي رومانوي انداز ۾ سمائڻ سچ ته شاعريءَ ۾ هڪ قسم جي نواڻ ته آهي ئي، پر گڏو گڏ سندس هن غزل مان اٽل ارادن جي به پروڙ پئي ٿي. اندرا جي هيءَ شاعري يا اڃا به ڪجهه ٻين تخليقن کي پڙهڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته هوءَ لفظن سان رومانس ڪندڙ شاعره آهي، ۽ شاعري سندس رُوح جي گهراين ۾ لٿل ٿي ڏسجي، هونئن به شاعري آهي ئي رُوح جي رڙ، شاعري ڪنواري دانهن آهي، شاعريءَ سان ئي قومن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي، ادب ئي قومن جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، اندرا جي شاعري توڙي ڪهاڻيون پڙهڻ مان پتو پئي ٿو ته سنڌي قوم جي تعمير ۾ سندس به ادبي ڪردار آهي. هن جهڙي ريت شاعريءَ ۾ اُتساهه ڏنو آهي، اهڙي ريت سندس ڪهاڻين ۾ به نهايت ئي اُجرا احساس سمائيا آهن، ۽ سندس هر احساس سنڌ جي سڪ جو اُهڃاڻ لڳي ٿو، جيتوڻيڪ سنڌ ڇڏڻ وقت سندس اها عمر نه هئي، جو وٽس ڪي ساروڻيون رهجي ويون هجن، پر وري به سندس ذهن ۾ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ سمايل نظر اچي ٿي، ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هر پل سنڌ جي تصور ۾ ئي ڪُجهه نه ڪُجهه لکندي رهي آهي. سندس ڪهاڻيون فني لحاظ کان به پورائو ڪندڙ آهن. اندرا جي هڪ ڪهاڻي ’ٽڙيل پکڙيل‘ تمام گهڻو مشهور ٿي، جيڪا 14 ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي آهي، هي ڪهاڻي سنڌيت جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، هن ڪهاڻيءَ جي فڪري گهرائي کي واضح ڪرڻ لاءِ هڪڙو پئراگراف هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان:
”امڙ 39 گهر، پر سڀ ٽڙيل پکڙيل، هڪٻئي جي وجود کان بي خبر، هڪڙا مراٺا ٽائيپ سنڌي، هڪڙا هندي ميڊيم ٽائيپ سنڌي، هڪڙا انگريزي ٽائيپ ساري انگلش ميڊيم ٽائيپ سنڌي، سنڌي ناهي ڄڻ ڪي ميڊيمس آهن ٻولين جا، پاڻ پاڻ کي ڪنهن به رنگ ۾ رڱيندڙ اهڙا سنڌي ايترا ته رنگجي ٿا وڃن، جو سندن اصلوڪو رنگ ڪهڙو، سو به خبر نه پوي.“
هن ڪهاڻيءَ ۾ اندرا پنهنجي سنڌيت واري جذبي جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي، اهڙيءَ ريت سندس ٻيون ڪهاڻيون به شاهڪار آهن، سندس ڪهاڻين بابت گوبند مالهي لکيو آهي ته:
”اندرا جي ڪهاڻين جي خصوصيت اها آهي ته اُهي اندرا جي ڏٺل وائٺل ۽ ڪٿي انڀؤ ڪيل حالتن تي آڌارت آهن. اندرا جون ڪي ڪهاڻيون ذهن ۾ ترسي ٿيون بيهن. اندرا! توکي ڪهاڻيءَ جي موضوع چونڊڻ جي صلاحيت آهي ۽ اُن کي نباهڻ جو ڏانءُ به آهي.“ (عبادت، ص:7)
اندرا جا 5 ڪتاب سنڌيءَ ۾، 7 ڪتاب هنديءَ ۾، 7 ڪتاب اردوءَ ۾، 5 ڪتاب مرهٽيءَ ۾ ۽ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپجي چُڪا آهن. 8 ڪتاب: سنڌ جو سفرنامو، هڪ ناول ۽ آٽو بايو گرافي اڻڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهن. آٽو بايو گرافي جون ڪجهه قسطون هن فيس بوڪ تي به لکيون، جن کي پڙهندڙن پاران ساراهيو ويو ۽ هاڻي هوءَ ان کي ڪتابي صورت ڏئي رهي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪيترن ئي ڪتابن تي مڃتا اوارڊ پڻ ملي چُڪا آهن، جن ۾: شبنمي قطرا (سنڌي شاعري، اوارڊ يافته 1991ع)، سلڻ جو سُک (شاعري 2001ع اوارڊ يافته)، عبادت (ڪهاڻيون، سنڌيءَ ۾ 1999ع ۽ هنديءَ ۾ 2000ع اوارڊ يافته)، جاڳيل ضمير (شاعري 2007ع اوارڊ يافته) شبنمي قطرا جو ٻيو ايڊيشن (2011ع)، ضمير پنهنجو پنهنجو (ڪهاڻيون: 1998ع) ۽ عبادت (ڪهاڻيون ٻيو ايڊيشن 2011ع) اچي وڃن ٿا. جڏهن ته تصويرين (هندي آزاد نظم: 2002ع اوارڊ يافته)، سر گوشيان (هندي غزل: 2003ع اوارڊ يافته)، سلسله (هندي شاعري 2003ع اوارڊ يافته) دستڪ (هندي شاعري 2004ع اوارڊ يافته)سرگوشيان (اردو شاعري 2004ع اوارڊ يافته) ميري منتخب نظمين (اردو شاعري: 2008ع) ۽ ضمير اپنا اپنا (اردو شاعري: 2008ع) ۽ حقيقتين (اردو ۽ هنديءَ ۾ الڳ الڳ 2011ع) ۾ به ڇپجي چڪا آهن.
هن جي سنڌي ڪهاڻين جي ڪتاب ’عبادت‘ جو هنديءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس ڪتابن ’شبنمي قطرا‘ کي سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران (1996ع)، ۽ ’عبادت‘ کي نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج گجرات پاران (2003ع) ۽ ’سرگوشيان‘ کي ڪولها پور (مهارا شٽر) ۾ انعام ملي چڪا آهن. اندرا پوني جي سنڌي، هندي ۽ اردو ادبي جماعتن جي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهندي آهي. سنڌ ۾ چونڊ شاعرن جي ڪتاب ’پير پير جو پنهنجو پنڌ‘ ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيان ۾ سندس تعارف ڇپجي چُڪو آهي. اهڙيءَ طرح پاڻ ڪيترن ئي علمي، ادبي ادارن جي منتظم ۽ ميمبر رهي چڪي آهي. جن ۾ انساني حقن جي تنظيم هيومن رائيٽس جي عورتن واري شعبي جي عهديدار، سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن جي عهديدار، سينٽرل سنڌي اڪيڊميءَ جي ميمبر (2013ع) کان، لائن ڪلب پوني جي پريزيڊنٽ، ڀارتيه سنڌو سڀا جي وائيس پريزيڊنٽ ۽ پونا سنڌي سڀا جي ميمبر ۽ سنڌي ٻولي مهاراشٽر اڪيڊميءَ جي هن وقت تائين ميمبر آهي، ان کان علاوه کيس علمي ادبي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جن ۾ ڀارت رتن اوارڊ، ساهتيه سيوا اوارڊ، سرڀي ساهت سنسڪرتي اڪيڊمي کنڊاوا ايم پي اوارڊ، گلشنِ ادب اوارڊ، شاهه لطيف اوارڊ، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت پرچار سڀا اوارڊ، ادبي مڃتا شيلڊ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. سارنگا حيدرآباد سنڌ پاران سنڌي ۽ سنڌيت پرچار، يادگار شيلڊ شامل آهن.
اندرا شبنم اڄ به لکڻ سان ناتو نڀايو اچي، ۽ گڏو گڏ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پرچار ۾ به سندس ڪردار اهميت جوڳو آهي، پاڻ سوشل ميڊيا تي به سنڌي ادب جو پرچار ڪندي نظر اچي ٿي. پاڻ هن وقت ماڊل ڪالوني، شوا جي نگر، پوني (ڀارت) ۾ رهائش پذير آهي.