شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

هي ڪتاب هند جي 19 سنڌي ليکڪائن ۽ شاعرائن تي لکيل تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي. اندرا پوناوالا مهاڳ ۾ لکي ٿي:
”ڀاءُ علي نواز آريسر تمام گهڻي محنت ڪري هند جي سنڌي ليکڪائن جو تعارف ڪرايو آهي ۽ سندن لکڻين جو به نمونو پيش ڪيو آهي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري، تفصيل ڪٺا ڪري 19 ليکڪائن تي لکي هڪ سنڌيءَ جو فرض نڀايو آهي، ان پورهيي جو اسين سڀ ليکڪائون ٿورائتيون آهيون، جن هن ڪتاب ۾ شامل آهن به يا نه سي به هن ۾ سمايل آهن جو هو وري به سنڌي ليکڪائن جو ادبي ڪم پڙهي رهيون آهن.“
Title Cover of book سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

نَه سي وونئڻ وڻن ۾ : پوپٽي هيراننداڻي

سنڌ ۽ هند جي بيباڪ ليکڪا، ڪهاڻيڪاره، ناول نگار، نقاد، اسڪالر، ۽ شاعره پوپٽي هيراننداڻي، 17 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ رامچند هيراننداڻيءَ جي گهر ۾ ڄائي. حيدرآباد ان وقت ادب جو مرڪز هوندو هو. هن جو تعلق حيدرآباد جي عامل خاندان سان هو. سندس والد فاريسٽ ڊپارٽمنٽ ۾ گشتي نوڪري ڪندو هو، جنهن سان گڏ هن ننڍپڻ ۾ سنڌ جا ڳوٺ گهميا هئا، ۽ انهن ڳوٺن جي سادگي، پيار، پنهنجائپ ۽ آئي جي آڌرڀاءُ جا وهنوار هن جي ذهن تي نقش بڻجي چٽجي ويا هئا. هوءَ اڃا ڏهن سالن جي مس هئي ته سندس پيءُ جو سايو مٿان لهي ويو، ان بعد هن پنهنجي جيئڻ جو مقصد پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي شعوري تربيت بڻائي ڇڏيو، انهيءَ مقصد خاطر هن پنهنجي خوشين جو ٻليدان پڻ ڏنو. پوپٽي ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ان ئي اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر ٿي، پر هن جي اندر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي حسرت پوءِ به زنده رهي، ۽ هوءَ صبح جو اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ سان گڏ، شام جو ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳي. فارسي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ هن کي شروع کان ئي دلچسپي هئي. بي. اي جي امتحان ۾ هن انگريزي ۽ سنڌيءَ سان گڏ سنسڪرت ۽ هندي به کنئي. پوپٽي حيدرآباد جي هوائن سان پنهنجو پاڻ کي پرڀائيندي وڏي ٿي هئي، ۽ هوءَ جوانيءَ جا ڏاڪا مس چڙهي ته هند ۽ سنڌ جو ورهاڱو ٿيو. هي اهڙو ورهاڱو هو، جنهن ۾ ڌرتي ڌڻين کان ڌرتي ڇڏائي وئي هئي، سنڌ جي شعور کي زوري سنڌ مان تڙيو ويو هو، انهن سڄاڻ سنڌين ۾ پوپٽيءَ جي خاندان کي به سنڌ ڇڏڻي پئي هئي. پوپٽي جي سنڌ ڇڏڻ جو سمورو احوال سندس آتم ڪٿا جي ڪتاب ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ ۾ درج ٿيل آهي. پوپٽي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ نه رڳو پنهنجي سنڌ ڇڏڻ جو داستان چٽيو آهي، پر سندس هي آتم ڪٿا سنڌ مان تڙجي نڪرندڙ سڀني سنڌين جي درد جو داستان آهي، ۽ سنڌ جي ورهاڱي جو هڪ ڀرپور دستاويز پڻ آهي. ان کانسواءِ هن آتم ڪٿا ۾ هُن ڪيترن ئي اڻ وڻندڙ واقعن جو به ذڪر ڪيو آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
”پوپٽي پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ نوڪريءَ جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ جنهن ڳالهه کي اهميت ڏني آهي، سو آهي اڪثر مردن جو بداخلاقيءَ وارو رويو. اديب ساٿين ۾ به ڪي اهڙا ماڻهو مليا جن هلڪڙائپ جو مظاهرو ڪيو، ان تي پوپٽيءَ جو ردعمل سڀاويڪ آهي“.
(جوڻيجو، عبدالجبار ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جُلد ٽيون، ص: 161
پوپٽي ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ ممبئيءَ ۾ ماستري شروع ڪئي. 1960ع ۾ نيشنل ڪاليج باندرا ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ مقرر ٿي، ۽ ساڳئي وقت هوءَ ڪامرس ڪاليج چرچ گيٽ ۾ به پارٽ ٽائيم پروفيسر مقرر ٿي، ۽ پروفيسر جي عهدي تان ئي رٽائر ڪيائين.
پوپٽي هيراننداڻيءَ ننڍپڻ کان ئي بُردبار قسم جي ۽ خوددار عورت هئي، هن جڏهن پيار ۾ سوديبازي ٿيندي ڏٺي ته کُلي عام بغاوت ڪئي، ڇو ته هندستان ۾ اڄ تائين اهو رواج آهي ته ڪنهن به ڇوڪريءَ جي شادي ٿيندي آهي، ته ان ۾ گهوٽيتن طرفان تمام گهڻو ڏاج ورتو ويندو آهي، ان حد تائين جو جيڪڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار چونئري جا ڦيرا کائيندي به جي گهوٽ ڏاج تي اعتراض واريو ته هو چونئري اڌ ۾ ڇڏي هليو ويندو آهي. جڏهن پوپٽيءَ جي شادي لاءِ گهوٽيتن پاران ڏاج جي گهر ڪئي وئي ته، پوپٽي صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته: ’هو مون کي به وٺن ٿا ۽ ڏاج به!‘ اهڙي ريت پوپٽيءَ جو اهو پيار پروان نه چڙهي سگهيو، ۽ پوءِ هن سڄي زندگي شادي نه ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيو. پوپٽي ’ڪونج‘ رسالي کي انٽرويو ڏيندي پيار جي سوال جي جواب ۾ چيو هو ته:
”پيار هڪ جذبات جو نالو آهي، ان جذبات لاءِ عمر ۽ فرصت، رڪاوٽ ۽ سهوليت، يا ملڻ ۽ وڇوڙي جو هڪ قسم جو سلسلو اهي ٽي ڳالهيون ضروري آهن.“
پوپٽي پنهنجي لکڻ جي شروعات جي حوالي سان ساڳئي انٽرويو ۾ جواب ڏيندي چيو ته:
”شروعات ۾ مان هنديءَ ۾ ئي لکندي هيس، بعد ۾ هندي ڪهاڻين مان adopt ڪري ڪي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکيون هئم. انهن ڪهاڻين کي ڇپجڻ جو موقعو ملي ويو هو، ان ڪري مان سڃاڻپ ۾ آيس نه ته مان شعر لکي پاڻ ئي پڙهندي هيس. گهر جي ڀاتين مان ڀيڻ کي ڇڏي ٻين کي منهنجين لکڻين جي خبر ئي ڪينهي. صرف خبر اٿن ته مان ڪتاب لکندي آهيان! انهن وٽان اُتساه ملڻ جو ته سوال ئي نٿو اُٿي. مون وٽ ڪو به نظريو ڪينهي، چوطرف ڦهليل زندگيءَ ۾ ڪجهه سهڻو يا نهايت ئي ڪجهه ڪئوڙو محسوس ٿيندو آهي ته قلم کڻندي آهيان.“ ساڳئي انٽرويو ۾ هوءَ هڪ سوال جي جواب ۾ چوي ٿي ته: ”قوم خاطر پنهنجي وت آهر ڪُجهه نه ڪُجهه ڪرڻ پنهنجو ڌرم سمجهان ٿي.“
(پوپٽي جو هي انٽرويو بعد ۾ سنڌ مان نڪرندڙ عورتن جي رسالي ’سرتيون‘ ۾ جنوري 2006ع ۾ ڇپيو)
پوپٽي بنا ڪنهن اُتساهه ملڻ جي بنا ڪنهن همت افزائيءَ جي تسلسل سان تمام گهڻو لکيو ۽ سڀني صنفن ۾ هن ڀرپور نباه ڪيو. هن زندگيءَ جي سمورين ڪڙاين توڙي مِٺاين کي پنهنجي لکڻين جي آڌار عام تائين آندو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ کوڙ سارا ملڪ گهمي ڏٺا، کوڙ سارا مشاهدا ماڻيائين، جنهن ڪري سندس لکڻين ۾ رنگيني محسوس ٿئي ٿي. هوءَ اها بيباڪ ليکڪا آهي، جنهن ادب جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. جن ۾ ڪهاڻيون، ناول، مضمون، خاڪا، سفرناما، شاعري، آتم ڪٿا، ادبي تاريخ ۽ لسانيات ۽ تنقيد اچي وڃن ٿا، پر سندس سڃاڻپ ڪهاڻيون ۽ ناول بڻيا، جن ۾ هن اهڙن ته وڻندڙ ڪردارن ۽ موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي، جو پڙهندڙ ان ڪردار جي تهه تائين پهچيو وڃي. هونئن به سندس لکڻي دلچسپ، رومانوي ۽ سادگيءَ سان ڀرپور هئڻ ڪري دلڪش آهي، ۽ هن نثر ۾ ٻوليءَ جو اسلوب نهايت ئي سادو رکيو آهي، اهو هن شعوري طور رکيو آهي، يا لاشعوري طور هن جي لکڻيءَ جو اهڙو سلسلو جڙيو آهي. بهرحال جيئن به آهي، ڏاڍو لطف اندوز آهي. اهڙي ريت هن ڳاڻيٽي کان گهڻا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ وڌا آهن. سندس آخري ڪتاب ’سچ ٿا مرد چون‘ آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جا ڪي اهڙا واقعا نهايت ئي زنده دليءَ سان بيان ڪيا آهن، جيڪي اڄ تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن. اهڙي ريت سندس ٻين ڪتابن ۾ ’سنڌي ڪالهه ۽ اڄ‘، ’ماڻڪ موتي لعل‘، ’شاهه جون سورميون‘، ’زنده سا قوم رهندي‘، ’شاهه: سنڌي تهذيب جو روح‘ سندس اهم ترين ڪتابن ۾ ڳڻيا ويندا آهن. هنن ڪتابن ۾ هن سنڌ، سنڌي قوم، شاه لطيف تي نهايت ئي گهرائيءَ سان روشني وڌي آهي، ۽ ’ماڻڪ موتي لعل‘ ڪتاب ۾ پوپٽيءَ ڪيترين ئي نامور شخصيتن، عالمن، اديبن، بزرگن، درويشن تعليمي ماهرن، سماج سڌارڪن جا خاڪا لکيا آهن، هن خاڪا لکڻ مهل پنهنجي ذهن کان هڪ آرٽسٽ وارو ڪم ورتو آهي، هي خاڪا ايئن محسوس ٿا ٿين، ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ انهن شخصيتن جا چِتر چِٽيا هجن. سندس هنن ڪتابن کي پڙهڻ سان پتو پئي ٿو ته هو واقعي ڪلاڪار هئي، ۽ ڪلا جا سمورا گُڻ ڄاڻندي هئي. پوپٽي هيراننداڻيءَ جي وڇوڙي تي سنڌ جي نامور ليکاري رکيل مورائي لکيو هو ته:
”عورتن ليکڪائن جي پهرين ٽمورتي، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي ۽ ريٽا شهاڻي ئي لکي ۽ ليکي ويندي آهي، باقي ليکڪائون پوءِ ٿيون اچن، ڪيتريون محبتون ماڻيائين، ڪيتريون ئي مخالفتون ڀوڳيائين، تنقيدن جا تير سٺائين، هند ۽ سنڌ ۾ هڪ ليکڪا طور گهڻي گهڻي مڃتا ماڻيائين، سترهين ڊسمبر ٻه هزار پنج تي ممبئيءَ جهڙي مهانگريءَ ۾ سنڌ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي دم ڏنائين ۽ بس!“
پوپٽي پنهنجي لکڻين جي عيوض کوڙ ساريون تنقيدون برداشت ڪيون، پر پوءِ به هن لکڻ کان فراريت ڪونه ورتي ۽ هوءَ مسلسل لکندي رهي ۽ بيباڪيءَ سان قلم جي نوڪ سان انصاف ڪندي رهي ۽ سماجي اوڻاين کي وائکو ڪندي رهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
ڪهاڻيون:
(1) رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون (1953ع)، (2) پڪار (1953ع)، (3) ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو (1967ع)، (4) مون تو کي پيار ڪيو (1975ع، 1984ع ۽ 1991ع: ٽي ڇاپا)، (5) شهناز (1973ع )، (6) خزان جو دؤر پورو ٿيو (1976ع)، (7) زندگي نه ڪوتا، نه ڪهاڻي (1985ع)، (8) هُت توهين هِت اسين (1988ع)، (9) زندگيءَ جي ڦوٽڙي (1993ع)، (10) سرهي مشڪ (ننڍيون ڪهاڻيون: 1996ع)، (11) پوپٽي ني شريسٽ ڪهانيان (مراٺيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون: 1983ع)، (12) ڪفن ڊهکي زندگي مين (هندي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون: 1985ع)، (13)Coward (انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون: 1987ع)، (14) چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب: هيري شيوڪاڻيءَ سان گڏ 2001ع).
ناول:
(1) منجو(1950ع)، (2) حسرتن جي تربت(1961ع)، (3) جيءَ ۾ جهوري، تن ۾ تات (1966ع)، (4) سيلاب زندگيءَ جو(1981ع 1982ع ۽ 1996ع: ٽي ڇاپا).
مضمونن جا مجموعا، تحقيقي ڪتاب ۽ آتم ڪٿا:
(1) هڪ پشپ پندرهن پنکڙيون (1962ع)، (2) ڀارت جي استري (1963ع)، (3) مان ڇا آهيان (ويدانيت جي سمجهاڻي)، (4) چرڻ چڻڪن چت ۾ (مضمون:1971ع)، (5) زنده سا قوم رهندي (سنڌي مضمون: 1976ع)، (6) ٻولي منهنجي ماءُ (1977ع)، (7) روح سندي رڃ، (8) ڀاشا شاستر (1962ع)، (9) سنڌي ساهت جي جهلڪ (1974ع)، (10) عزيز- شخص ۽ عالم (1978ع)، (11) سنڌي مسلمان ڪوين جي هنديءَ ۾ ڪوتا (1981ع)، (12). سنڌي ٻولي 1970ع، (13) شاهه: سنڌي تهذيب جو روح (1983ع)، (14). تنقيدي مضمون (1983ع)، (15) سنڌي ڪالهه ۽ اڄ (1985ع)، (16) ڏهن ڏينهن ۾ سنڌي سکو (1977ع، 1982ع، 1984ع، 1985ع، 1991ع؛ پنج ڇاپا)، (17) سنڌي ريتون رسـمـون ۽ رواج (1998ع)، (18) سـنڌي شـادي، نـرتـيه نـاٽـڪ (1988ع)، (19) سنڌي نرتيه ناٽڪائون ۽ ڀڳت (2001ع)، (20) سنڌوءَ کان گنگا جمنا (خط، شعر، مضمون ۽ انٽرويو: 1991ع)، (21) راڻي پدمڻي (ناٽڪ: 1984ع)، (22) سنڌي هستيون (1980ع)، (23) ماڻڪ موتي لال (شخصيتون: 1993ع)، (24) منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق (آتم ڪٿا: 1981ع، 1982ع، 1992ع، 1993ع، چار ڇاپا)، (25)Sindhi’s- The Scattered Treasure (1980)، (26) ڏاهي مَ ٿيان (مضمون: 2001ع)، (27) History of Sindhi Literature (1984ع)، (28) شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون، (29)
سچ ٿا مرد چون (1997ع).
شاعري:
(1). روح سندي رڃ (شاعري: 1976ع)، (2). مان سنڌڻ (1982ع)، (3). دن هيٺان دٻلي، (4).(I Belong to Island (Poetry).
ترجما:
(1) شريمند ڀاڳوت (انگريزيءَ مان ترجمو: 1961ع: پنج ڇاپا)، (2) ڪبير (انگريزيءَ مان ترجمو: 1966ع)، (3) وويڪانند جي جيوني (هنديءَ مان ترجمو: 1963ع) اچي وڃن ٿا. جن ۾ ڪيترائي سنڌ ۾ پڻ ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. خاص ڪري سندس آتم ڪٿا ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.
پوپٽي سڄي زندگي لکڻ کي عبادت سمجهي لکندي رهي، ۽ گڏو گڏ هن اڌ دنيا به گهمي ڏٺي، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند کان علاوه سينگاپور، هانگ ڪانگ، بئنڪاڪ، جاپان، ملائيشيا، انڊونيشيا، انگلنڊ، فرانس ۽ ڪئنري ٻيٽ وغيره اچي وڃن ٿا. هن سنڌي ٻوليءَ جي پرچار پوري هندستان ۾ ڪئي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ ۾ شامل رهي. سنگيت سان سندس گهاٽو سنٻنڌ رهيو ۽ هوءَ هڪ بهترين نقاد پڻ هئي، الهاس ننگر ۽ ممبئيءَ جي ادبي ڪلاسن ۾ توڙي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت دوران بيباڪي سان تنقيد ڪندي هئي. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا سان آخر تائين لاڳاپيل رهي. هن کي ادبي مڃتاطور ڪيترائي اعزاز پڻ مليا. پوپٽيءَ جي زندگيءَ تي ڪونج خاص نمبر (1975) ڪڍيو ۽ جگديش لڇاڻيءَ ۽ منوهر بيديءَ سندس شخصيت تي ريڊيو، ٽي. وي اســڪرپٽ ’پوپٽي، پو- ڦٽي‘ (1990ع) شايع ڪيو. ان کانسواءِ کيس ڪيترن ئي اوارڊن سان نوازيو ويو جن ۾ (1) ساهتيه اڪادمي اوارڊ (1982ع) آتم ڪٿا تي، (2) ادبي خدمتن تي ’گرو پرسڪار‘ (1990ع) مهاراشٽر حڪومت پاران، (3) اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا پاران ’هڪ پشپ ۽ پنج پنکڙيون‘ ڪتاب تي اوارڊ (1998ع)، (5) انٽرنيشنل لطيف اوارڊ (1990ع)، سدائين گڏ سنڌي ايسوسيئيشن پاران، (6) سنڌي نو رتن (1993ع) سنڌي ڪلچرل ايسوسيئيشن ممبئيءَ پاران. شامل آهن.
پوپٽي هيراننداڻيءَ زندگيءَ جو گهڻو عرصو بيمارين سان جهيڙيندي رهي، ۽ آخر 16 ڊسمبر 2005ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺي.
نَه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪَاتارِيُون،
پَسِئو بازاريون، هِينئَڙو مُون لُوڻ ٿِئي.