شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

هي ڪتاب هند جي 19 سنڌي ليکڪائن ۽ شاعرائن تي لکيل تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي. اندرا پوناوالا مهاڳ ۾ لکي ٿي:
”ڀاءُ علي نواز آريسر تمام گهڻي محنت ڪري هند جي سنڌي ليکڪائن جو تعارف ڪرايو آهي ۽ سندن لکڻين جو به نمونو پيش ڪيو آهي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري، تفصيل ڪٺا ڪري 19 ليکڪائن تي لکي هڪ سنڌيءَ جو فرض نڀايو آهي، ان پورهيي جو اسين سڀ ليکڪائون ٿورائتيون آهيون، جن هن ڪتاب ۾ شامل آهن به يا نه سي به هن ۾ سمايل آهن جو هو وري به سنڌي ليکڪائن جو ادبي ڪم پڙهي رهيون آهن.“
Title Cover of book سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي : شالني ساگر

سنڌ ۽ هند جي ناليواري شاعره شالني ساگر جو جنم 22 فيبروريءَ تي سنڌ جي تاريخي شهر شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪو قنبر شهدادڪوٽ) ۾ مهراج گوپي ڪرشن جي گهر ۾ ٿيو، هوءَ ناليواري تخليقڪار وينا شرنگيءَ جي ننڍي ڀيڻ آهي. هن گرئجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. هن جو ٻاروتڻ سنڌ جي سرزمين تي گذريو ۽ هن پنهنجي ذهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي سُنهري خواب محفوظ ڪري رکيا هئا، پر ورهاڱي جي وڍ هن کي پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ڪيو. جيتوڻيڪ: هوءَ سنڌ کان ڌار ته ٿي وئي، پر هن جي من اندر ۾ پلجي وڏي ٿيندڙ ڌرتيءَ جي محبت هڪ پل جي لاءِ به هوءَ وساري نه سگهي. سنڌ هن جي تن من ۾ ايئن سمائجي وئي آهي، جو هوءَ اڄ تائين ٻاروتڻ ۾ قيد ٿيل خوابن جو پاند ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. هن جون سموريون ڪوِتائون سنڌ جي هوائن سان سرگوشيون ڪن ٿيون. ان حوالي سان هوءَ پاڻ ئي لکي ٿي ته:
”منهنجو جنم آسٿان ڀلي ئي ممبئي آهي، پر مون جتي پنهنجو ٻالپڻ گذاريو، سو آهي شهدادڪوٽ، ضلعو لاڙڪاڻو. سنڌ ڇڏي ڀلي ئي هتي هند ۾ رهي آهيان، تنهن هوندي به دل ۾ اهو درد ضرور محسوس ٿيندو آهي ته پنهنجا اباڻا پکا ڇڏي هتي آباد ٿيا آهيون.سنڌين جي دل ۾ اهو احساس رهي ٿو، هيءَ ڪهڙو دستور جو سنڌ ڇڏڻي پئي، مون کي نارائڻ شيام جو شعر ٿو ياد اچي.

گنگا جمنا امرت امرت
ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.“
(شاعريءَ جي مجموعي ’حوصلو‘ تان ورتل)
شالني ساگر نه رڳو بهترين شاعره، ڪهاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ آهي، پر هن جي ٻي سڃاڻپ آل ريڊيو تي مشهور براڊ ڪاسٽر به آهي. هوءَ گذريل 34 سالن کان آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نشريات سان واڳيل آهي، کيس سنڌ جي مٽي، ٻولي، ادب، ثقافت سان وڏو چاهه رهيو آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ لاتعداد تحقيقي مقالا، ڪهاڻيون لکيون ۽ نهايت ئي وڻندڙ شاعري به ڪئي آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’تنهائي‘ جي نالي سان ناليواري اديب ڪمليشور سهيڙي ڇپرايو، جنهن کي سنڌي اڪيڊمي، دهليءَ پاران 2012ع ۾ بهترين افساني جو اوارڊ پڻ مليو. هن ڪتاب کي پڙهندڙن پاران تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. سنڌ توڙي هند جي مختلف رسالن ۾ ڪيترائي تبصرا پڻ ڇپيا. ان کانپوءِ سندس ترجمن تي مشتمل ڪتاب ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘جي عنوان سان ڇپيو، جنهن کي پڻ هاڪاري موٽ ملي. 2012ع ۾ سندس نظمن جو مجموعو ’حوصلو‘ جي نالي سان، وينا شرنگي، دهليءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کان علاوه ڪيتري عرصي کان افسانا، ڪالم، ۽ مقالا لکندي رهي آهي. سندس رچنائون؛ مشهور مخزنن؛ سپون، هند واسي، رهاڻ، سنڌو مشعل، ادبي چمن، سنڌي گلشن، سنڌين جو سنسار، ڪونج ۽ سنڌو ڊائجسٽ ۾ ڇپجي چُڪيون آهن. هن ڏيهي توڙي پرڏيهي سيمينارن، ڪانفرنسن ۾ ڪيترائي پيپر پيش ڪيا آهن، خاص طور ’عورتازاد‘ جي موضوع هيٺ سندس لکيل پيپر توڙي شاعريءَ کي پڙهندڙن/ٻڌندڙن پاران تمام گهڻو مان مليو آهي.
هن جي شاعريءَ ۾ نينهن جو نشو آهي، اڻلکو پيار آهي، جنت جهڙي سرزمين سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي مهڪ آهي، ۽ جڏهن هوءَ انهيءَ مٽيءَ جي مهڪ کي ڪوِتائن جي روپ ۾ اسان جي سامهون ٿي آڻي ته سندس محبتن جي معراج ۾ سِر بسُجود جهڪيو ٿو پوي. شالني سنڌو درياهه کي ڀيٽا ڏيندي چوي ٿي ته:
هيءُ سنڌو درياهه
مُقدس آهي
جنهن ۾ نظر ايندڙ
هر ڌُنڌُلو پاڇو
منهنجي مارُن جي
واقعن جو داستان پيش ڪري ٿو.
سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي گڙگڙاهٽ
ڄڻ ته منهنجي بُزرگن جي
آواز جو پڙاڏو آهي.
اهڙي ئي هڪ ٻي ڪوِتا آءٌ هتي ڏيان ٿو، جنهن ۾ هن جنم ڏيندڙ ماءُ ۽ ڌرتيءَ ماءُ جو پاڻ ۾ ڪيئن نه ڳانڍاپو ڏيکاريو آهي ۽ ڪيڏي تسلسل سان رچنا کي رچيو آهي:
ماءُ
اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته
خدا هن ڌرتيءَ تي
پنهنجو ظهور
ماءُ جي روپ ۾ پيدا ڪيو آهي.
عورت ۽ ڌرتي ٻئي تخليقڪار آهن.
عورت ماءُ جي روپ ۾
جنم ڏيندڙ
ته ڌرتي اسان لاءِ ان اُپجائي ٿي.
اها ٻي ڳالهه آ
جو ڪڏهن ڪڏهن مصرور کي
پنهنجي ئي شاهڪارن هٿان مرڻو پوي ٿو.
اهڙيءَ طرح سندس هر ڪوِتا شاهڪار آهي، جيتوڻيڪ هوءَ مصور ناهي، پر هن جي ڪوِتائن کي پڙهجي ٿو ته ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ جي نگاهه انهن سڀني منظرن کي قيد ڪري ڇڏيو هجي. هن جي ڪوتا باغ جا سمورا گُل مقدس آهن، پويتر آهن ۽ انهيءَ پويترتا ۾ سمايل آهي سنڌ جو تقدس!
ان کان علاوه هن جو ٻيو وڏو ڪم؛ انڌن ٻارڙن لاءِ تربيتي آڊيو ڪيسيٽون تيار ڪرڻ آهي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ اُهي ڪيسيٽون هن ڌيرادون جي ’نيشنل انسٽيٽيوٽ فارويوئلي هينڊيڪيٽ‘ طرفان تيار ڪيون آهن. کيس ڀارت جي راشٽرپتي ڀون ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل سطح جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪرڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي.
اهڙيءَ طرح هن آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي يونٽ ۾ خاص پروگرام رڪارڊ ڪيا آهن. جن ۾؛ شاهه جون ست سورميون، ساجن توکي خبر ڪهڙي، سنڌ جي اخبارن جون رپورٽون ۽ 70 کان وڌيڪ ميوزيڪل فيچر پڻ شامل آهن. انهيءَ سلسلي هيٺ شالني، هوندراج دکايل، شمشير الحيدري، صادق فقير، جا انٽرويو پڻ رڪارڊ ڪيا آهن. هن دُوردرشن جي پهرين سنڌي ناٽڪ ’اپگره ڪينڊرا‘ ۾ اداڪاري پڻ ڪئي آهي.
شالني ساگر اڻ ورچ انسان آهي. هوءَ گهڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ، هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ادارن سان سلهاڙيل آهي. هن جو ادبي ڪارج تمام گهڻو آهي. پاڻ هن وقت دهليءَ ۾ رهائش پذير آهي.