سنڌوءَ جي ميران : ريٽا شهاڻي
”ريٽا شهاڻيءَ جي قلم جي تيزيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن جا 1980ع کان هن وقت تائين 30 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس تخليقون لڳاتار هند ۽ سنڌ جي ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هن سنڌي ادب جي هر صنف: ڪويتا (شاعري)، ناول، ڪهاڻي، مضمون، تنقيد، سوانح، آتم ڪٿا ۽ سفرنامي تي ڪاميابيءَ سان قلم هلايو آهي. هن جي تخليقن ۾ قديم ۽ جديد تهذيب جو بهترين ميلاپ آهي. ريٽا شهاڻيءَ کي ’ڀنڀرڪيءَ جي ڀُڻ ڀُڻ‘ (ناول)، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا) ۽ ٻين ڪتابن تي انعام ۽ اوارڊ به ملي چڪا آهن.
ريٽا شهاڻيءَ جو ناول ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ‘ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ B.A جي پهرئين سال جو ٽيڪسٽ بُڪ ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڪتاب ’گيت رامايڻ‘ پوني يونيورسٽيءَ ۾ B.com جي پهرئين سال لاءِ ٽيڪسٽ بُڪ طور پڙهايو وڃي ٿو.“
ريٽا جي تقريبن سمورين لکڻين ۾ انساني جذبن جي چڱي نموني اُپٽار ٿيل آهي. جيتوڻيڪ سندس خاص موضوع شوخ رهيا آهن، پر پوءِ به هن اُنهن ۾ نهايت ئي وڻندڙ ٻولي استعمال ڪري انهن کي به دلچسپ بڻايو آهي، هن جيڪي به سوانح لکيون آهن، پوءِ ان ۾ ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ هجي، يا ’سُڄاڻ جون سمرتيون‘ منگها رام ملڪاڻيءَ تي هجي. هن ملڪاڻيءَ تي لکيل سوانح ۾ ڪيترائي خط ملڪاڻيءَ جا شامل ڪيا آهن، جيڪي هُن کيس لکيا هئا. ادبي حلقي جو اهو به خيال آهي ته ريٽا کي ادب ۽ شاعري سندس چاچي منگها رام ملڪاڻيءَ کان ورثي ۾ ملي آهي، ۽ سندس لکڻين تي ملڪاڻيءَ جو اثر آهي. ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ کي هن ناول جي روپ ۾ ڪبير جي زندگي، آدرشن ۽ سندس شاعراڻي فڪر کي نرالي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. دادا جشن واسواڻيءَ تي هجي يا يرودا جيل جون ڪهاڻيون هجن، هن انهن کي نهايت ئي گهرائيءَ سان ۽ پنهنجائپ جو ويس پارايو آهي، ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ انهن جي جيون ۾ جهاتي پائي، انهن جي اندر ۾ ڄمي برف ٿيل خيالن کي عام جي اکين اڳيان آندو آهي. ان کانسواءِ ناول تي ته کيس دسترس آهي، هن جهڙي ريت شاعريءَ ۾ سندس اندر جي اُڌمن کي نروار ڪيو آهي، جيڪي اُڌما ورهاڱي جو وڍ به چئي سگهجن ٿا، اهڙي ريت هن ناول ۾ سماج جا ڏُک، سُور، درد، آهون، ريتن رسمن ۽ سئونڻن ساٺن کي نهايت ئي وڻندڙ اسلوب ۾ لکي سچ ته سنڌي ادب جي جهول کي مالامال ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ادبي مضمون توڙي ڪهاڻيون به سندس من اندر جي سچائيءَ جون ساکي آهن. ساڳئي تسلسل سان هن سفرنامن ۾ به ڀرپور مشاهدن کي اوليت ڏني آهي. سندس سنڌ جو سفرنامو ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ سنڌ جي تاريخ جو دستاويز آهي، هن سفرنامي ۾ ريٽا سنڌ سان والهانه محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي، ۽ سنڌ جي ذري ذري کي ننڍين ڪهاڻين ۾ محفوظ ڪيو آهي. هن وٽ لکڻ جو ڏانءُ آهي، فن آهي، فڪشن آهي، يا وري هن کي لکڻ سان عشق آهي ۽ هوءَ انهيءَ عشق سان پنهنجي پوري حياتي نباه ڪندي آئي.
سنڌ ڄائي ريٽا شهاڻي پنهنجي ڌرتيءَ تي پندرهن سورنهن سال سک جا کنيا ته مٿان هند ۽ سنڌ جو ورهاڱو ٿيو هو، ۽ هو پنهنجي خاندان سميت سنڌ ڇڏي هند لڏي وئي، ۽ پوءِ سڄي زندگي سنڌ جي سڪ ۾ مرندي جهرندي رهي. ريٽا جو خاندان جڏهن هند ويو هو ته هنن کي به ٻين هندن وانگر ڪئمپ ۾ ئي رهڻو پيو هو، ۽ سندن اهي ڏينهن نهايت ئي مفلسيءَ وارا هئا، وٽس پائڻ لاءِ سُئيٽر به نه هو، گهر ۾ هڪ ئي سُئيٽر هوندو هو، جيڪو سندس ماءُ سندس ننڍي ڀيڻ کي پارائيندي هئي، ۽ ٻئي ڀينرون گڏجي اسڪول وينديون هيون، ريٽا سخت سيءَ ۾ ڪڇن ۾ ٻانهون وجهي اسڪول ويندي هئي، ان وقت سندس ذهن ۾ اهو ئي خيال هوندو هو ته هوءَ شادي ڪنهن امير ماڻهوءَ سان ڪندي، ڇو ته غربت جي گهاڻي هن کي پيڙي ڇڏيو هو، ۽ پوءِ هن واقعي 20 آڪٽوبر 1957ع تي جيوت رام ٺاڪرداس شهاڻيءَ جي پٽ وشنو شهاڻيءَ سان ممبئيءَ ۾ شادي ڪئي، جيڪو خوشحال هئڻ سان گڏ گُڻوان انسان پڻ هو، جنهن سندس پوري زندگي ڀرپور همت افزائي ڪئي، ۽ ڪڏهن به دل کي ڏکوئيو ڪونه. ريٽا جيتوڻيڪ لکڻ تمام گهڻو دير سان شروع ڪيو هو، پر هن ادب جي هر صنف تي تمام گهڻو ۽ مهعياري لکيو، ان جي باوجود به هندستان جي ادبي حلقي هن جو قدر نه ڪيو، ۽ هُوءَ اهو ڏک پنهنجي دل ۾ ڪيتري عرصي تائين رکيو آئي، بعد ۾ جڏهن هو سنڌ جي سفر تي آئي هئي، ته هن کي سنڌ جيڪا موٽ ڏني هئي، اُن جو ذڪر تاج جويي جي مضمون مان هتي نقل ڪجي ٿو.
”ريٽا سنڌ ۾ سنڌيت جي سفير هري موٽواڻي سان گڏجي آئي هئي، ۽ ماهتاب محبوب جي گهر ’ارم نما‘ ۾ اچي رهي هئي، ۽ پهرين رات آڌيءَ ويلي هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ هيٺيون سِٽون درج ڪيون هيون.
مان ڪهڙي جڳهه تي پهتي آهيان؟ هتي، جتي منهنجون جڙون آهن، منهنجن پُرکن (وڏن) جو شهر! پوين چند سالن کان مون پاڻ کي ڪيڏو نه اڪيلو محسوس ڪيو هو، بلڪه تنها هئس مان ۽ جيئن تيئن جي رهي هئس، ڪنهن کي منهنجو قدر ڪونه هو، منهنجي حياتي وئرٿ هئي. مان جيئان يا مران، ڪهڙو فرق پوڻو هو؟ هرڪو پنهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ بيحد مصروف هو، شهري زندگيءَ جي ڀڄ ڀڄان ڪُجهه اهڙي آهي، پر هتي پهچي مون کي پروڙ پئي آهي ته مان اڪيلي ناهيان. منهنجو قدر ڪرڻ وارا، مون کي چاهڻ وارا هن جهان ۾ موجود آهن. منهنجي زندگي اجائي ناهي، منهنجو به ڪو مُلهه آهي، هتي پارکو ويٺا آهن، هو مون کي سُڃاڻي سگهيا آهن، مون کي سمجهي سگهيا آهن. اسان جي wave length لڳ ڀڳ هڪجهڙي آهي. زندگيءَ ۾ نئون اُتساه جاڳيو آهي، مون کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پُختي جڳهه ملي آهي. مان تنها ناهيان، اڪيچار قدردان، منهنجا خيرخواه، منهنجا متر آهن ۽ منهنجي جيون معنيٰ خيز بڻجي پئي آهي.“
(مدهوش، موهن ‘ريٽا شهاڻي سنڌ هند جي ڪهاڻي‘ ص: 163)
ريٽا سنڌ ڄائي هئي، ۽ هن ڌرتي ماءُ ئي پنهنجي هن نياڻيءَ جو قدر ڪيو هو، ۽ ريٽا به پنهنجي ماءُ جي جهولي موتين جهڙن لفظن سان ڀري هئي، هُن جو سنڌ سان اهڙو ته سنٻنڌ هو، جو تارا ميرچنداڻي لکيو آهي ته:
”هُوءَ جڏهن نئين گهر ۾ منتقل پئي ٿي ته هن وٽ ڪتاب تمام گهڻا هئا، ۽ سندس نئين گهر ۾ ايترا سارا ڪتاب رکڻ جي گُنجائش نه هئي، جنهن ڪري هن انهن ڪتابن مان ڇانٽي ڪري، ڪُجهه ڪتاب لئبريرين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن هن ڪتاب ڇانٽي ڪري، لئبريرين کي ڏيڻ لاءِ الڳ ڪيا هئا، ته انهن ڪتابن مان سنڌ مان آيل هڪ به ڪتاب نه هو.“
اهو ئي ريٽا جو سنڌ سان سنٻنڌ هو، عشق هو، محبت هئي، يا هوءَ سنڌ جي ازلي پاڻياري هئي، ۽ هُن سنڌ جي سِڪ جي اُڃ سنڌ مان آيل انهن ڪتابن مان لاهڻ ٿي گُهري.....
ريٽا شهاڻي، هند جي ڪيترن ئي سنڌي مشاعرن ۾ حصو وٺي، پنهنجي ڪلا جي آڌار ڪيترين ئي دلين کي موهي ڀرپور داد حاصل ڪيو، هن انڊيا جي ٽي. وي چينل ’دُور درشن‘ ۽’آڪاشواڻي‘ ريڊيي تان پنهنجون ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون پيش ڪندي رهي. جنهن کي تام گهڻو پسند ڪيو ويو. ريٽا جي لکڻين تي سنڌ توڙي هند ۾ بحث پڻ ڪيو ويو، ۽ کيس منفرد ليکڪا جو خطاب پڻ مليو. سنڌي ٻوليءَ جو نامور نقاد هيرو ٺڪر لکي ٿو ته:
”ريٽا شهاڻي سنڌي ادب ۾ آئي ڀلي دير سان، پر هوءَ پاڻ سان جيڪا نواڻ، نرالپ ۽ انوکوپڻ کڻي آئي، تنهن سان هن پاڻ لاءِ امتيازي درجو حاصل ڪري ورتو. سندس اها نواڻ ۽ نرالپ هُن جي ويچارن، موضوعن، صنفن، ٻولي ۽ ڪردار نگاريءَ وغيره مان نمودار آهي. هن جي رَچنائن کي نواڻ ۽ نرالپ جو مجسم ڪري سڏجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو“.
(مدهوش، موهن ’ريٽا شهاڻي سنڌ هند جي ڪهاڻي‘ ص: 102)
هيري ٺڪر جي مٿين راءِ سئو سيڪڙو سچ آهي، ريٽا جي لکڻين جا موضوع واقعي نرالا رهيا آهن، ۽ وٽس لهجو ۽ اسلوب به نج پنهنجو ۽ نرالو رهيو آهي، جيتوڻيڪ هن جي ادبي پالنا منگها رام ملڪاڻي جهڙي اعليٰ پايي جي ليکڪ جي ڇانءُ ۾ ٿي آهي، ۽ مٿس اهو الزام به آهي ته هن جي لکڻين تي ملڪاڻيءَ جو اثر آهي، پر آءُ سمجهان ٿو ته هن جي لکڻين کي پڙهي ڏسجي ته هو ڪٿي به ملڪاڻيءَ جو اُلٿو نٿي لڳي، هُن پنهنجي واٽ پاڻ ٺاهي آهي، ۽ اُنهيءَ واٽ تي هلندي هن تسلسل سان مختلف موضوعن تي 43 ڪتاب لکيا آهن.
ريٽا شهاڻيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1) ’پنک وڄائين شنک‘ (شاعري: 1983ع)، (2) ’منهنجي حد آڪـاش‘ (شاعري: 1984ع)، (3) ’ڀنڀرڪي جي ڀُـڻ ڀُـڻ‘ (ناول: 1985ع)، (4) ’کٿوريءَ جي کاڻ‘ (سفرنامو: 1986ع)، (5) ’گيت رامايڻ‘ (مرهٽي گيت-رامائڻ جو سنڌي منظوم ترجمو: 1987ع)، (6) ’سوريه ياترا‘ (شاعري: 1987ع)، (7) ’منع ٿيل ميوو‘ (ڪهاڻيون: 1988ع)، (8) ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول: 1989ع)، (9) ’سڄاڻ جون سمرتيون‘ (منگھارام ملڪاڻيءَ جي سوانح: 1990ع)، سنڌ ۾ به ڇپيل. (10) ’پرهه جا پياڪ‘ (ناول: 1991ع)، (11) ’پچڻ کي پچاءِ‘ (ڪهاڻيون: 1992ع)، (12)’رنگريز وا رنگ دي‘ (هندي ناول: 1992ع)، (13) ’گهنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: 1993ع)، (14) ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا: (ڀاڱو ٻيو: 1994ع)، (15) ’ڇُهي مُئي‘ (ناول: 1995ع)، (16) ’تبصرو‘ (تنقيد: 1996ع)، (17) ’ارٽ جو آواز‘ (شاعري: 1996ع)، (18)، ’لپ ڀر مهراڻ‘ (ادبي مضمون: 1997ع)، (19) ’ببليءَ جون آکاڻيون‘ (ٻاراڻو ادب: 1997ع)، (20) ’سوال ئي سوال‘ (ڪهاڻيون: 1998ع)، (21) ’سنڌي ساهت ۾ ناري‘ (هندي وياکيان: 1998ع)، (22) ’يرودا جيل جون ڪهاڻيون‘ (سوانح: 2000ع)، (23) ’جيون ۽ ساهت‘ (ادبي مضمون: 2001ع)، (24) گونگي گگن سان گفتگو (ناول: 2001ع)، (25) ’ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ‘ (مڪالماتي گفتگو: 2002ع)، (26) ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ (سفرنامو: 2003ع)، (27)، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا ٻئي ڀاڱا سنڌ ۾ ڇپيل: 2004ع)، (28) ’ترڪڻا ترورا‘ (ناول: 2004ع)، (29) ’رشتن جو رقص‘ (ڪهاڻيون: 2005ع سنڌ ۾ به ڇپيل)، (30) ’ست سُر، ست رنگ‘ (ناول: 2006ع)، (31) ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح: 2008ع سنڌ ۾ به ڇپيل)، (32) ’سفر در سفر‘ (سفرنامو: 2010ع سنڌ ۾ به ڇپيل)، (33) ’روبرو‘ (سوانح: 2011ع سنڌ ۾ به ڇپيل)، (34) ’جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ‘ (دادا جشن جي سوانح: 2011ع)، (35) ’بي زبان زبان‘ (ناول: 2011ع)، (36) ’آڪاش گنگا‘ (مضمون: 2012ع)، (37) ’اڪٿ ڪهاني ڪبير‘ (اردو ۾ لاهور پاڪستان مان ڇپيل 2013ع) ان کانسواءِ سندس چار هندي ڪتاب، ۽ هڪ انگريزي ڪتاب ’Tales from yarweda jail‘ ڇپيل آهن، ۽ ’سچل سرمست تي جيون سنٻنڌي ڪٿا‘ اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس پونئيرن وٽ موجود آهي.
کيس ڪيترائي انعام ۽ اوارڊ ملي چڪا آهن: جيڪي ريٽا شهاڻيءَ جي ادبي پورهيي جي مڃتا طور مليا آهن.
ريٽا شهاڻي، هند سنڌ جي ليکڪائن ۾ وڏو مقام رکي ٿي. هوءَ بنيادي طور هڪ حساس طبيعت جي مالڪ هئي، ۽ هُن پنهنجي جيون ۾ عزت ڏني ۽ عزت ماڻي. هُن ۾ انسانيت ۽ ماڻهپي وارا سمورا گُڻ موجود هئا، سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا کيس سنڌوءَ جي ميران ڪوٺيو آهي، ۽ مون پڻ الانا صاحب جو عنوان نقل ڪري سنڌوءَ جي ميران‘ هن مضمون تي عنوان رکيو آهي. هُوءَ واقعي ميران جي سُرندي جو ساز هُئي، ۽ ان کان وڌيڪ مناسب عنوان ريٽا جي لاءِ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟
سنڌ ۽ هند جي هن عظيم ليکڪا 79 سالن جي ڄمار ۾ 15 سيپٽمبر 2013ع تي هند ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس ڀيٽا طور ڪويتا پبليڪيشن پاران موهن مدهوش ’ريٽا شهاڻي سنڌ هند جي ڪهاڻي‘ نالي سان ڪتاب مرتب ڪري ڇپرايو آهي، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي عالمن، اديبن جا تاثراتي ۽ سندس فن تي سانڍڻ جهڙا مضمون شامل آهن.