ڪاش اسان کي به پنهنجي سنڌ هجي!
سندري اُتمچنداڻي
سنڌ ۽ هند جي نامور ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ شاعره سندري اُتمچنداڻي 28 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان اڳ هن شهر ٽن غير معمولي ڪهاڻيڪار عورتن کي جنم ڏنو، پوپٽي هيراننداڻي، سُندري اُتمچنداڻي ۽ ريٽا شهاڻي. جن سنڌ ۽ هند ۾ پنهنجو الڳ مقام قائم ڪيو. هن پرائمري تعليم شوقيرام چانڊومل ميونسپل اسڪول حيدرآباد مان ورتي، 1942ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان تولارام گرلس هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. هُوءَ ننڍپڻ کان ئي ذهين هُئي، بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان انٽر سائنس ۾ پاس ڪيائين، اُن دوران هوءَ هاسٽل ۾ رهندي هئي. جيئن ته سندس شوق ميڊيڪل ۾ پڙهڻ جو هو، پر ڪراچيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا نه ملڻ ڪري، پڙهائي اڌ ۾ ڇڏيائين. ڪجهه مهينن بعد سندس مڱڻو، نامور اديب ۽ دانشور اي. جي. اتم سان ٿيو، جنهن کيس پڙهڻ لاءِ همٿايو، پر انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج نه هو، ان ڪري ساڌو واسواڻيءَ جي ميران ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. ان ريت هن بنارس يونيورسٽيءَ مان
بي. اي جو امتحان 1949ع ۾ پاس ڪيو، ورهاڱي بعد ڪيترن سالن پڄاڻان ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾
ايم. اي ڪيائين. اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ جو اثر قبوليائين ۽ ماسترياڻي بنجڻ جو شوق جاڳيس. تعليمي اڀياس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لئبريرين طور ۽ ڪجهه وقت ماسترياڻيءَ طور خدمت سرانجام ڏنائين. هن آفيس ۾ ڪلارڪي به ڪئي ۽ بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرر طور رٽائر ڪيائين.
سُندري گهڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ هُئي، هوءَ هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعره کان علاوه ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج آرٽسٽ ۽ بهترين استاد به رهي آهي. هن هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن سان نباه ڪيو ۽ مڃتا ماڻيائين. سندس لکڻين تي ترقي پسند ادب جو اثر هو ۽ هن جي لکڻين ۾ سماج جي تعميري سوچ جا عڪس پسي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ هوءَ سڀني صنفن تي عبور رکندڙ ليکڪا هئي، پر هن کي به شهرت سندس ناولن جي ڪري مِلي. هن جي ناولن ۾ ڪردارنگاري ۽ منظر نگاري نهايت ئي خوبصورت لفظن ۾ ٿيل آهي ۽ ٻوليءَ جي خوبصورتي سندس ناولن کي اڃا وڌيڪ سونهن بخشي آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
”هن برک ليکڪا ڪهاڻيون به لکيون، پر سندس ٻن ناولن ’پريت پراڻي ريت نرالي‘ ۽ ’ڪرندڙ ديوارون‘ کيس هن ميدان ۾ اهميت ڏياري آهي. انساني من ڪيترو گهرو آهي ۽ عورت جي من جو انت ڪنهن نه لڌو.“
(جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جلد ٽيون، ص؛ 38)
سندريءَ کي ننڍپڻ کان ئي ادبي ڪتابن سان گهري دلچسپي هُئي، ۽ هن ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو، شروعاتي دَور ۾ هوءَ ڪراچيءَ ۾ عورتن جي مخزن ’ساٿي‘ جي ڪجهه وقت ايڊيٽر رهي، ان دوران هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري ان مخزن ۾ ڇپايائين. سندس پهرين تخليق ’منهنجي ڌيءَ‘ هُئي، جيڪا 47-1946ع ڌاري ’ساٿي‘ مخزن ۾ شايع ٿي.
ورهاڱي وقت ٻين هندن وانگر هيءُ خاندان به متاثر ٿيو، ۽ سنڌ جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي وڃي هندستان جا وڻ وسايا، انهيءَ لڏ پلاڻ سبب هنن کي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن هن جي حساس دل ۽ ذهن تي گهرو اثر ڇڏيو، اهڙي محرومي سندس لکڻين مان به محسوس ٿئي ٿي. جڏهن 1949ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) برپا ٿي ته ان جي هفتيوار ڪلاسن ۾ شرڪت ڪيائين. هن ٻاهرئين ادب مان ڪيتريون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ۽ طبعزاد ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيائين. اُتم جي رسالي ’نئين دنيا‘ کان سواءِ هندو واسي، مارئي، سنگيتا، هلچل، الڪا ۽ ٻين رسالن ۾ سندس لکڻيون ۽ ڪهاڻيون ڇپبيون رهيون، ۽ آهستي آهستي مڃتا ملندي رهي. هن لکڻ سان گڏ سنڌ ۽ هند جي ادب کان علاوه يورپي ادب جو به مُطالعو ڪيو، ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريمچند، يشپال، شيڪسپيئر، هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هار ڊي، اوهينري ۽ ٻين ليکڪن جو مٿس گهرو اثر پيو. اهڙيءَ طرح هي ترقي پسند سوچ ڏانهن مائل ٿي ۽ سندس لکڻين ۾ به تعميري سوچ آهستي آهستي داخل ٿيندي وئي، سندس تخليقن جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي چُڪا آهن، جن ۾: ڪهاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ، جيوني، سفرناما، ۽ شاعري شامل آهن. سندس هيٺيان ڪتاب سنڌ ۽ هند ۾ ڇپجي چڪا آهن.
’اڇا وار ڳاڙها گل‘ (1965ع)، ’تو جنين جي تات‘ (1970ع)، ’ڀوري‘ (1979ع)، ’بنڌن‘ (1982ع)،’وڇوڙو‘ (1985ع)، ’يگانتر‘
(1989ع)، ’کيڙيل ڌرتي‘ (1992ع)، ’مرڪ تي منع‘ (1992ع)، ’آتم وشواس‘ (1999ع)، ’نخريليون‘ (2001ع). سندس ٻه اهم ناول ’ڪرندڙ ديوارون‘ (1953ع) ۽ ’پريت پراڻي ريت نرالي‘ (1986ع) ۾ ڇپيا، سندس طبعزاد شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’هڳاءُ‘ (جولاءِ 1993ع) ۽ ’ڏات بڻي لات‘ (مارچ: 2004ع) ڇپيا، هن ڪهاڻي ۽ ناول وانگر شاعريءَ ۾ به نهايت ئي وڻندڙ احساس چِٽيا آهن، ۽ سندس سمورين لکڻين وانگر شاعريءَ ۾ به سنڌ کان جدائيءَ جو درد چٽو محسوس ٿئي ٿو، سندس شاعري تشبيهن، استعارن توڙي خيال جي لحاظ کان پابند شاعري آهي. سندس هن غزل ۾ دُک، درد، پيڙا، اُڌما، آهنگ، سوچون، سپنا ۽ دل درپن جا اڌورا احساس سمايل آهن.
هيءُ دوزخ آ يا ڌرتي آهه؟
سُک جو ڪين کڻي ڪو ساههُ.
ڏک آ ٽپڪيو ڪونه خدا کان،
آدم ٽپڪي ٺاهيو آ ڏاههُ.
سُک جي سج ۾ تاءُ نه ڪوئي،
دُک جو چنڊ سڄوئي آ باهه.
ڪهڙي ڪارڻ ڪُوڪي ٿي ريل،
هوءَ ته ڌيئڙي آدم جي ناهه!
سندس مضمونن جو پهريون مجموعو ’ڀارت روس ٻه ٻانهن ٻيلي‘ (1975ع) ۾ ڇپيو، ۽ سندس ناٽڪن جو مجموعو ’سنڌو‘ (2000ع) ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس ڪُل ڏهه ناٽڪ آهن، جن ۾ ’املهه ماڻڪن جو واپار‘ ۽ ’ساهيڙي‘ وڏي مڃتا ماڻي. ’نئين سڀيتا جو درشن‘ (روس جو سفرنامو: 1980ع) ۾ ڇپجي چڪو آهي. جنهن کي پڻ پسند ڪيو ويو. سُندريءَ جي ٻن ناولن ’پريت پراڻي ۽ ريت نرالي‘ ۽ ڪرندڙ ديوارون‘ کي هند توڙي سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ’ڪرندڙ ديوارون‘ ناول ورهاڱي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ناول جا سمورا پهلو حقيقت کي ويجهو آهن. هيءَ پورو ناول حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل آهي. هن ناول کي پهريون اوارڊ سنڌ مان مليو ۽ پوءِ هندستان مان به ڪيترائي اوارڊ مليا ۽ هن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيا، جنهن جو ڳاڻيٽو شايد ليکڪا ۽ پبلشرن کي به نه هجي!
سُندري جي تخليقي پورهيي سان گڏ ترجمي جو ڪم به نهايت ئي معياري ۽ ڪَٿ ڪرڻ جهڙو آهي. هن اصلوڪن ناولن لکڻ سان گڏ ڪجهه ناول ترجمو به ڪيا. جهڙوڪ: ’ٽٽل ساز‘ (مئڪسم گورڪي: 1956ع)، ’پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون‘ (ڪرشن چندر: 1956ع)، ’هڪ سسئي سئو سُور‘ (امرتا پريتم) ۽ ملايالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول: ’ساگر جي سنتان‘ کان علاوه هن منظوم ترجما به ڪيا آهن. 95 روسي شاعرن جي ترجمو ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ’امن سڏي پيو‘ جي نالي سان (1965ع) ۾ شايع ٿيو، مارڪسوادي ويچار ڌارا هيٺ روسي ادب مان چونڊ ادب ’شولو خوف جي جهلڪ‘ عنوان سان 1975ع ۾ ڇپيو، ان کان سواءِ ليونڊ بريز نيف جون يادگيريون، ٽن ڪتابڙن جي صورت ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين. ’ملايازيمليا‘ (1978ع)، ’نئون جنم‘ (1978ع) ۽ ’ڪنواري ڌرتي‘ (1979ع)۾ ڇپيا.
سندريءَ کي ادبي پورهيي جي مڃتا طور ڪيترائي اورڊ مليا، جن ۾ کيس وڌ کان وڌ اوارڊ سندس تخليقن تي ئي مليا آهن، جنهن مان سندس تخليق جي معيار جي پرک پئي ٿي. سندس ڪتابن تي مليل اوارڊن ۾ ڪهاڻيءَ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ 1952ع ۾ ’ممتا‘ ڪهاڻي، 1954ع ۾ ’ڪوشان‘ ڪهاڻي، 1960ع ۾ ’وڇوڙو‘ ڪهاڻي ۽ 1981ع ۾ ’ڀوري‘ ڪهاڻي، ڪتاب تي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي پاران انعام ۽ ’امن سڏي پيو‘ ڪتاب تي 1966ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ ۽ ڏهه هزار رپيا انعام مليو.
’وڇوڙو‘ ڪتاب ساهت اڪادمي (ڏهه هزار رپيا انعام 1985ع) ۾ ٻولي ۽ ساهت سڀا اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا- مبمئيءَ پاران (ڏهه هزار رپيا انعام) ، سنڌي پنچائت فيڊريشن پاران انعام 1985ع) ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادمي پاران ’گوڙو پراسڪار‘ انعام (هڪ لک رپيا روڪ) مليو. سندس هيءَ ڪتاب سنڌ ۽ هند ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو هندستان ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1988ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو. ’تو جنين تات‘ هن ڪتاب جا ٻه ڇاپا هند ۾ ۽ ٽيون ڇاپو عظمت ادبي اڪيڊميءَ پاران 1983ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو. ’پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون‘ ڪرشن چندر جي ناول جو سنڌي ترجمو، پهريون ڇاپو هند ۾ ۽ ٻيو ڇاپو سنڌ مان 1991ع ۾ سنڌي ساهت گهر پاران ڇپيو.
’ڪنواري ڌرتي‘ ڪتاب تي ٻيو ڀيرو سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ (1979ع) ۽ گڏوگڏ 14 ڏينهن جو روس جو مهماني دورو پڻ ڪيائين.
سندري اتمچنداڻيءَ کي سنڌ سان تمام گهڻي اُنسيت رهي، هن پنهنجي اولاد کي به سنڌي ٻوليءَ ڏانهن راغب ڪيو، سندس ڌيءَ آشا چاند پڻ سنڌي ٻوليءَ جي خدمتن جي حوالي سان پاڻ ملهايو آهي. سنڌ جي نامور ليکڪا گُل ٽالپر جڏهن هندستان علاج لاءِ وئي هئي ته: هن هند جي ڪيترن ئي ليکڪن جا انٽرويو ڪيا هئا، جيڪي اُن وقت خان محمد پنهور جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ’پارس‘ ۾ ڇپيا، بعد ۾ هند جي نامور اديب هري موٽواڻي ڪونج پبليڪيشن پاران 2000ع ۾ ’آڪاش طرف اُڏيل هٿ‘ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي منظر عام تي آندا. گُل ٽالپر ٻين اديبن سان گڏ سُندريءَ کان به انٽرويو ورتو هو، اُن ۾ هن هڪ سوال پڇيو هو، جنهن جو سندريءَ جيڪو جواب ڏنو، اُن جي پيڙا جو پڙلاءُ پڙهندڙن جي ڪن تي وجهڻ ضروري ٿو سمجهان.
گُل: اوهان جي ڪا اڻپوري خواهش؟
سُندري: (کلندي ۽ ڄڻ پاڻهي پاڻ کان پُڇندي) ڪهڙي؟ ها، اسان کي پنهنجي سنڌ هجي، پنهنجي ڌرتي هجي، جتي گڏجي ويهي هڪٻئي سان قرب ونڊيون.
سنڌ ۽ هند جي هن نامور ليکڪا، سندري اتمچنداڻي، 8 جولاءِ 2013ع تي هي جهان ڇڏيو .