قربانيءَ جي ديوي : ڊاڪٽر روما پرڪاش جئسنگهاڻي
پکيئڙا او پکيئڙا، پکيئڙا او پکيئڙا!
پکيئڙا تون وڃ اُڏامي سرڳ ڌام ڏي.
اُتي وڃي ڳولهجان منهنجي مٺڙي ماءُ کي.
پکيئڙا او پکيئڙا!
سڀ کان پهرين پَر پَساري هٿڙا جوڙجانءِ،
سِر جُهڪائي مٺي امان جا پير چُمجانءِ.
پکيئڙا او پکيئڙا!
منهنجي زندگيءَ جو حال تون ان سان اورجانءِ،
منهنجي دل جي وڇوڙن جون ڳالهيون، اُن سان تون ڪجانءِ.
پکيئڙا او پکيئڙا!
ٻچڙي تنهنجي پل پل روئي ڳوڙها ٿي ڳاڙهي،
توبِن ڪيئن هُو پنهنجو جيون گذاري.
پکيئڙا او پکيئڙا!
تون ته اهڙي ڪٺور نه هُئين او مٺي!
ڇو ڀلا تون آئين هتي سڀني کان رُسي.
پکيئڙا او پکيئڙا!
عرض ڪري امڙ مٺڙيءَ کي تون مڃائجانءِ،
ضد جي ڪري ته به جيجل مٺڙيءَ کي ريجهائجانءِ.
پکيئڙا او پکيئڙا!
قسم توکي خدا جو اڪيلو نه موٽجانءِ،
پنهنجي ڪومل پرن تي ويهاري تون اچجانءِ.
پکيئڙا او پکيئڙا!
ماءُ هڪ جذبو آهي، اهڙو جذبو، جنهن کان ڪير به انڪار نه ڪري سگهي، پر اسان جي روما ان مٺڙي جذبي کي لفظن ۾ جيئن پِرويو آهي، ايئن شايد ڪو ٻيو پِروئي سگهيو هجي. هي ڪهڙو تصور آهي، جنهن کي روما پنهنجي وسيع ذهانت سان چِٽيو آهي، هي ڪهڙو درد آهي، جيڪو هن جي قلم مان پيار جو جام بڻجي نوش ٿيو آهي، هي ڪهڙي محبت جي ڌارا آهي، جيڪا سنڌو بڻجي وَهي آهي. هر تشبيهه ٻيءَ کان سگهاري، هر تشبيهه ۾ اِلتجا، هر تشبيهه ۾ پيار ۽ پريرڻا، هر لفظ ۾ ماٺيڻائپ، سچ ته سندس هيءُ سٽون پڙهي هر ماڻهوءَ جو اکيون آليون ٿي پونديون، ڇاڪاڻ جو ماءُ جي ممتا جي جذبي اڳيان ته پيار جا به سمورا جذبا مات کائي ويندا آهن. ساڳئي پسمنظر ۾ سندس هيءُ شعر ’راب راضي ڪريان‘ به شاهڪار آهي، هن ۾ هُوءَ خدا سان مخاطب ٿيل ٿي ڏسجي:
واپس ڏي مون کي منهنجي جيجل ماءُ،
موٽائي ڏي مون کي منهنجي پياري ماءُ،
او خدا او خدا!
اَرٿي امڙ جي هُئي، اکڙين ۾ منهنجي هو پاڻي،
ڪيئن توبِن مان رَهان او جيجل مٺڙي منهنجي نماڻي،
ڇَلني ٿيو آ سينو منهنجو ۽ دلڙي ٿي آ منهنجي زخمي،
ڪير اِهي منهنجا زخم ڀريندو؟ او منهنجي مٺڙي ممي،
واپس ڏي مون کي منهنجي جيجل ماءُ،
موٽائي ڏي مون کي منهنجي پياري ماءُ،
او خدا او خدا!
روما جا ڪي گيت سنڌي فلمن ۾ پڻ آيل آهن. هونئن به چيو ويندو آهي ته تخليقڪار خدا کي ويجهو هوندو آهي ۽ اُهو ان ڪري به خدا سان حُجت ڪندو آهي، جو خدا خود تخليقڪار آهي. هن ۾ به ماءُ جي سِڪ، تڙپ، بيچيني ۽ بيقراريءَ جي منظر نگاري ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح روما جي سڄي شاعري درد ۽ محبت جو گڏيل سنگم آهي، جنهن مان نه محبت جي ڪَٿ ڪري ٿي سگهجي، نه درد کي ماپي ٿو سگهجي. وٽس لفظن جو ڀنڊار ۽ تشبيهن جو نه کُٽندڙ سلسلو آهي. اهڙيءَ ريت سندس شاعريءَ جيان سندس مقالا به اهم آهن، انهن ۾ به هن جا موضوع سنڌ، سنڌيت، ورهاڱو ۽ سنڌي ادب ئي رهيا آهن، ان مان واضح ٿئي ٿو ته هوءَ سنڌيت جي جذبي سان سرشار آهي، هن کي سنڌيت ۽ سنڌو تهذيب سان گهرو لڳاءُ آهي. سندس ڇپيل مقالن مان ڪِن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو.
1. سنڌي شاگردن ۾ ڪلا لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ 2. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي شخصيت 3. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ورهاڱي جو درد 4. ورهاڱي کان پوءِ لڏپلاڻ جو اثر ۽ اوسر 5. سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ سنڌي عورتن جا احساس 6. عورت جا الڳ الڳ روپ 7. ڊاڪٽر ديال آشا جي شخصيت 8. سنڌي سنسڪرت جي وڪاس ۾ ناريءَ جي ڀوميڪا اهڙيءَ طرح سندس ٽي ڪتاب، ’نوجوانن کي سنڌي سکڻ لاءِ اُتساهڻ‘ (سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو)، ’ادبي سُرهاڻ‘ (عربيءَ مان ديوناگريءَ ۾ ترجمو)، ’ٻوليءَ جو ڦهلاءُ‘ ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن.
ڊاڪٽر روما پرڪاش هن وقت شريمتي چاندي ٻائي همٿمل منسکاڻي ڪاليج الهاسنگر ۾ پروفيسر طور ذميواريون نڀائي رهي آهي.