سنڌي ساهتيه جي محقق : ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
ڊاڪٽر سنڌيا جو ننڍپڻ کان ادب سان لڳاءُ رهيو آهي، سندس پهرين لکڻي ’نياڻين جو جنم هڪ پاراتو آهي‘ جي عنوان سان نظم آهي، جيڪو 1995ع ۾ ’هندواسي‘ اخبار ۽ ’انجلي‘ مخزن ۾ ڇپيو. ان بعد هن جون ڪيتريون ئي لکڻيون الڳ الڳ مئگزين ۽ ڪاليج جي مئگزين ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هن شاهڪار مقالا پڻ لکيا آهن، مضمون ۽ شاعريءَ سان به سندس تعلق گهرو رهيو آهي. هن وٽ لکڻ جو سُٺو ڏانءُ آهي، سندس لکڻين ۾ هند جي مٽيءَ جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ آهي، اُن سان گڏ سندس تخليقن ۾ سنڌ جي مٽيءَ جو واس به ازخود شامل ٿي ويو آهي، جيڪو شايد سنڌي ٻوليءَ سان بيپناهه عشق هُئڻ ڪري آهي، هن جي لکڻين ۾ جيتوڻيڪ سادگي آهي، پر سندس تشبيهه جي چُونڊ شاهڪار آهي، سندس لکڻين کي جڏهن پڙهجي ٿو ته ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هن ڪنهن درياهه جي ڪناري تي ويهي منظرنگاري ڪئي آهي، يا هُن وڻجاريءَ بڻجي هند جي گهٽين ۾ رولاڪيون ڪيون آهن، سندس لکڻين مان مطالعي سان گڏ مشاهدي جي به شاهدي ملي ٿي. ان جا ٻيا به سبب ٿي سگهن ٿا، پر هڪڙو اهم سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ استاد آهي ۽ هڪ استاد جي نگاهه سان جڏهن سماج کي ڏسي ٿي ته هن جي انهيءَ نگاهه ۾ فقط تعميري سوچ ئي هُجي ٿي، ۽ هن انهيءَ تعميري سوچ کي کڻي شايد سماج جي واهڻين وستين جا پنڌ به ڪيا آهن. هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي 10 اپريل 1967 تي ٻين ٻولين سان گڏ ’قومي ٻوليءَ‘ طور تسليم ڪيو ويو، ۽ ڀارت جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو ڏينهن اڄ تائين ملهايو ويندو آهي، پر سنڌونگر، ممبئيء ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ هن ڏينهن کي ملهائڻ جو پايو 2006ع ۾ ’سنڌيا‘ وڌو، ۽ اڄ تائين ان ڏهاڙي کي وڏي جوش سان ملهائيندي اچي ٿي، سندس اهڙي جذبي کي ڏسي، ڪجهه سالن کان ڪيترن ئي شهرن جي سنسٿائن به اهو ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو آهي، پر اهو اعزاز فقط سنڌيا کي ئي حاصل آهي، جنهن لاءِ هوءَ جس لهڻي. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق جو اندازو سنڌيا جي هنن جملن مان ئي ڪري سگهجي ٿو:
”سڀ کان پهرين جيڪو ضروري، وقتائتو ۽ بنيادي اُپاءُ آهي، ته اسين سنڌي پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪريون ته اسين 5 هزار سال اڳ جي قديم سُڌريل سڀيتا جا وارث آهيون، ۽ اُن ورثي کي، ريتن رسمن کي قائم رکڻ اسان سنڌين جو فرض آهي. جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ کي قائم نٿا رکون ته پوءِ اسين سنڌي ڪيئن سڏباسين، ڇاڪاڻ جو قوم جي سُڃاڻپ ٻولي آهي.“
(سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ همعصر موضوع، ص:22)
سندس مٿيون پيراگراف پڙهي حيرت به ٿئي ٿي ته هُن سنڌ کي ڏٺو ئي ناهي، سنڌ جي ڌرتيءَ جو واس ورتو ئي ناهي، پوءِ به هن وٽ سنڌ لاءِ ايتري محبت آهي، ۽ هن جي دل ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ايتري تڙپ آهي! سندس ٻوليءَ سان ايتري ڪمنٽمنٽ مان اهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته هُن ڪنهن نه ڪنهن جنم ۾ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي سُرڪي پيتي ضرور آهي. سنڌيت جي اهڙي جذبي هيٺ هن سنڌي ادب ۾ ڪيترو ئي لکيو آهي، پوءِ اُهي مقالا هجن يا مضمون، شاعري هُجي يا ناٽڪ، پر هن هر صنف ۾ پاڻ موکيو آهي ۽ پاڻ ولوڙيو آهي.آءٌ چاهيان ٿو ته هن جي شاعريءَ مان ڪي گُلاب جا رنگ پنهنجي پڙهندڙن تي به هارجن ته هُو به هوليءَ جي رنگن وانگر انهن ۾ رنگجي وڃن:
پنهنجا جڏهن خود فيصلا ڪرڻ لڳي آهيان،
وهنوار زندگيءَ جو سمجهڻ لڳي آهيان.
ڌُنڌلا لڳڻ لڳا ها عڪس زندگيءَ جا،
پر هاڻي اکين چٽا مان به ڏسڻ لڳي آهيان.
سندس غزل جا هي ٻه بند ئي سندس وسيع سوچ جو ادراڪ ڪن ٿا، ماڻهو جڏهن خود فيصلا ڪرڻ لڳندو آهي، تڏهن ئي زندگيءَ جي وهنوار کي سمجهڻ لڳندو آهي، سندس هي ڪيفيت خودداريءَ واري آهي، جنهن ۾ هوءَ ٻئي ڪنهن تي بوجهه بنجڻ نه ٿي چاهي، بلڪه زندگيءَ جو بار پاڻ پنهنجي ڪُلهن تي کڻڻ ٿي چاهي، ۽ هُوءَ اکيون کولي وِکون کڻڻ شروع ٿي ڪري ته ڌُنڌلا عڪس به چِٽا پسڻ لڳي ٿي. سنڌيا جي غزل ۾ پُختگيءَ سان گڏ خوبصورت احساس به شامل آهن. هُوءَ ڪٿي به جذباتي وَهڪري ۾ وَهي نٿي وڃي، جنهن ڪري سندس تخليق اڃا وڌيڪ سگهاري ٿي پئي آهي.
ساڳيءَ طرح هن جو هڪ ٻيو غزل ’آءٌ ته ڪا سُورمي ناهيان‘ پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊ ڪريان ٿو، جنهن ۾ هوءَ شاهه جي سُورمين کان الڳ ٿلڳ بيٺل ڏسجي ٿي، هُوءَ نه مارئي سان پاڻ کي ڀيٽي ٿي ۽ نه سسئي، سُهڻي، ليلا، مومل، نوري ۽ سورٺ سان، پر هُوءَ سنڌيت جي جذبي سان سرشار آهي، ۽ سندس عشق انفرادي نه پر اجتماعي آهي، جيڪو لطيف جي سنڌڙيءَ جو عشق آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو عشق آهي.
آءٌ ته ڪا مارئي به نه آهيان،
بِن ماروئڙن جي مان گهاريان.
آءٌ ته ڪا ليلا به نه آهيان،
تو بِن ’هار تي هرک‘ مان هاريان.
آءٌ ته ڪا سُهڻي به نه آهيان،
ڪچو مٽڪو تو لاءِ تاريان.
آءٌ ته ڪا نوري به نه آهيان،
بڻي نماڻي دل ڪيئن ٺاريان.
آءٌ ته ڪا مومل به نه آهيان،
جو توکي سُومل ڏيکاريان.
آءٌ ته سسئي جهڙي به نه آهيان،
جو تُنهنجي لئه ڏونگر ڏاريان.
آءٌ ته ڪا سورٺ به نه آهيان،
جو تُنهنجي لئه پاڻ کي ماريان.
آءٌ ته بس سنڌي سيکاريندڙ، ’سنڌيا‘
سنڌيءَ تان سڀ ڪُجهه واريان.
هن شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هوءَ هندستان جي پهرين عورت شاعره آهي، جنهن 100 کان مٿي شاهڪار دوها لکيا آهن، جيڪي دوها سنڌي ٻولي، سنڌيت، ليکڪن، قدرتي نظارن، خوشي، غم، ڏڻ وارن، شهيدن، ايڪتا ۽ ڀائيچاري تي هر موضوع تي دوها رچيا آهن، جيڪو ڪم پڻ هن کان اول نه ٿيل آهن. هن ٻارن لاءِ به خوبصورت رچنائون رچيون آهن. اهڙيءَ طرح هن فلئش ڪهاڻين تي پڻ قلم آرائي ڪئي آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته سندس ٻه ٽي دوها اوهان سان ونڊ ڪندو هلان:
ٻاجهارا مون ٻار کي، ڏي ڪا اهڙي ڏات،
’سنڌيا‘ شل سرهي رهي، منهنجي ’سنڌي‘ ذات.
هر وڏڙي جي وات ۾، هڪ ئي وائي آهه،
او جوانڙا! تون، سنڌي ٻوليءَ ساڻ نباهه.
سنڌيا جي هن دوهي ۾ نه رُڳو سنڌين جي سلامتيءَ جي دُعا آهي، پر هُوءَ نئين ٽهيءَ جي لاءِ اونو به رکي ٿي ته شال هُو سنڌي ٻوليءَ سان نباهه ڪن. سنڌيا ٿوري وقت ۾ گهڻو لکيو آهي، جيتوڻيڪ سندس گهڻو ڪم تحقيقي رهيو آهي، پر ان سان گڏ هن تخليق کي به ٽائم ڏنو آهي ته ترجمي لاءِ به وقت ڪڍيو آهي. سندس پهريون ڪتاب 2008ع ۾ ڇپيو، جيڪو سندس شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت سندس ٻين طبعزاد ڪتابن ۾: ’مدن جماڻي جي شخصيت‘ (سنڌي: 2008ع)، ’سنڌي ساهتيه جا محقق‘ (سنڌي ۽ ديوناگري:2009ع)، هيءُ ڪتاب موضوع جي لحاظ کان منفرد آهي، ڇاڪاڻ جو هن ڪتاب ۾ هندستان ۾ رهندڙ جن به سنڌين، سنڌيءَ ۾ پي.ايڇ ڊي ڪئي آهي، ان جو تفصيل ڏنو ويو آهي ۽ انهن اسڪالرن جو مختصر تعارف پڻ شامل ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي، پر هن وقت ٻئي ڀاڱا گڏائي 2017ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب ايتري ته مقبوليت ماڻي آهي، جو هن جو وري نئون ڇاپو پبلش ٿي رهيو آهي. هيءُ ڪم نهايت ئي محنت طلب آهي، ڇاڪاڻ جو هن ۾ سڀني اسڪالرن جي ٿيسز کي هٿ ڪري ان جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي ان کي حتمي شڪل ڏني ويئي آهي. ان قسم جو محنت طلب ڪم اهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جنهن جي اندر ۾ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ مانُ هوندو آهي.
’سنڌي ناٽڪ جي ارتقا‘ (سنڌي ۽ ديوناگري: 2010ع)، ’سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ همعصر موضوع‘ (سنڌي ۽ ديوناگري: 2011ع)، ’گُرديو ٽئگور جي لکڻين جا سنڌي ادب ۾ ترجما‘ (هندي: 2013ع) شامل آهن. اُن کان علاوه هن ڪيترن ڪتابن کي ترجمو پڻ ڪيو آهي، جن جو وچور هن ريت آهي: ’هاشيه گواه‘ (ڀڳوان اٽلاڻي: هنديءَ مان سنڌي ترجمو: 2011ع)، ’سج لهڻ کان پوءِ‘ (ڀڳوان اٽلاڻي: هنديءَ مان سنڌي ترجمو: 2012ع)، ’مُڪتي (ڊراما: سنڌيءَ مان هندي ترجمو:2012ع)، ’سنڌي اڌيڪار ڇا آهن‘ (سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو:2014ع)، ’ايڪ ڀياڀيت ويڪتي‘ (شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ مان هندي ترجمو: 2015ع) شامل آهن. هن ٽي ڪتاب ترتيب پڻ ڏنا آهن، جن ۾ ’سنڌي ساهتيه سيمينار‘ (2011ع)، ’ادبي مقالا‘ (سنڌي قومي سيمينار)، ’کوئي هوئي پرڇائي‘ (2017ع)، ’سنڌ هند جون عظيم شخصيتون‘ (جولاءِ 2017ع) شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٽن سدا بهار عالمن شوڪت حسين شوري، هيري شيوڪاڻيءَ ۽ واسديو موهي بابت اُهي مقالا شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ’اَنتر راشتريه سنڌي سيمينار‘ ۾ پڙهيا ويا هُئا، ڇاڪاڻ جو پروفيسر سنڌيا، سنڌي ٻوليءَ جي هنن ٽنهيءَ عالمن بابت هڪ سيمينار ڪرايو هو، جنهن ۾ هنن جي ادبي خدمتن ۽ شخصيتن تي مقالا پيش ڪيا ويا هُئا. آءٌ سمجهان ٿو ته حياتيءَ ۾ مڃتا ڏيڻ جو بنياد سنڌيا ئي وڌو آهي، ٻئي کي مڃتا اُهو ماڻهو ڏئي سگهي ٿو، جنهن جي اندر ۾ پنهنجي هم قوم لاءِ عزت ۽ مانُ هوندو آهي.
سندس مٿين ڪتابن مان مون سندس 4 ڪتاب ’سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ همعصر موضوع‘، ’سنڌي ناٽڪ جي ارتقا‘ ’سنڌي ساهتيه جا محقق‘ ۽ ’سنڌ هند جون عظيم شخصيتون‘ پڙهيا آهن، هي ڪتاب موضوع جي لحاظ کان بهترين ڪتاب آهن، چئني ڪتابن ۾ ٻوليءَ جي شائستگي، رواني، سادو اسلوب ۽ تحقيق شامل آهي. سنڌي ليکڪائن واري ڪتاب ۾ عورت بابت هوءَ هن ريت ويچار ونڊي ٿي ته:
”انساني سُونهن، اُن ۾ به عورت جو حُسن، خوبصورتيءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي. عورت جي جلويدار من موهڪ خوبصورتيءَ اڳيان رشين- منين به سجدو ڪيو آهي. استري ڪائنات جي پاڪ پويتر رچنا آهي.“
(سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ همعصر موضوع ، ص:32)
عورت بابت سندس هي ويچار، عورت جي عظمت کي اُجاڳر ڪن ٿا، ۽ واقعي عورت ڪائنات جي سُندرتا جو هڪ سُنهري روپ آهي، ۽ عورت هر رُوپ ۾ وڻندڙ، پيار ڪندڙ آهي ۽ عورت ئي ڪائنات کي رنگيني بخشي ٿي. سنڌيا جون لکڻيون هر لحاظ کان اهميت رکندڙ آهن ۽ سندس موضوع به منفرد آهن. سندس ادبي پورهيي بابت هند جي خوبصورت ڪهاڻيڪاره مايا راهيءَ جا هي لفظ سندس پورهيي سان انصاف ڪندڙ آهن:
”سنڌياجي، جنهن ڳالهه لاءِ کيرون لهڻي سا آهي ناٽڪ جي سفر جي، جا آهي اسڪرپٽ کان شروع ٿي درشڪن جي سامهون اچڻ جي. مطلب ته ناٽڪ سان وابسطه اُن جي هر پهلوءَ، هر رُوپ کي ڳولهي ڦولهي، ڇنڊي ڦوڪي، چمڪائي هن اسان سامهون پيش ڪيو آهي. ناٽڪ جي آد کان وٺي اڄ تائين جو مُڪمل خاڪو اسان سامهون رکيو آهي، ۽ مون کي لڳي ٿو ته سمورو ناٽڪ پنهنجين سمورين خاصيتن سان هتي چمڪي پيو آهي.“ (سنڌي ناٽڪ جي ارتقا، ص: 5)
اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ جو عالمي پايي جو نقاد هيرو شيوڪاڻي سندس محنت، جفاڪشي، لگن ۽ سنڌيت سان چاهه جي حوالي سان لکي ٿو ته:
” هن جو نالو سنڌيا آهي، پر آءٌ پنهنجي زندگيءَ جي سنڌيا جي وقت اهو محسوس ڪيو آهي، ته ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي شريمتي چاندي ٻائي ڪاليج جي سنڌي وڀاڳ جي پرمک، پنهنجي عهدي سان جوابداريون بخوبي نباهيندي، ساهتڪ سرگرمين ۾ ڀاڳ وٺي رهي آهي. اڄ شايد هوءَ سڀ کان اڪيلي، کُلئي من ۽ کُليءَ دل سان سڀني ساهتڪارن کي نينڍ ڏيئي، پنهنجي ڪاليج جي وديارٿين سان ملاقات ڪرائيندي آهي. شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ ساهتيه ۽ سنسڪرتيءَ کان نه فقط روبرو ڪرائيندي آهي، پر انهن ۾ لڳاءُ، اُتساهه ۽ جاڳرتي به وڌائيندي آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي بناوڪار، صاف دل رکندڙ آدرش پروفيسر ڪونه ڏٺي آهي. ڀارت جي پاٺڪن سامهون اسان جي ساهتيه جي سڃاڻپ ڪرائڻ جو ڪم، سنڌيا واقعي ۾ ساراه جوڳو ڪيو آهي. هندستان ۾ پهريون دفعو سنڌ هند جي ٽن حيات شخصيتن تي انتر راشتريه سيمينار جو آيوجن ڪندي، سنڌ هند جي ساهتڪارن جي وچ ۾ پُل جوڙڻ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندي رهي آهي. سنڌيا کي منهنجون دلي شڀ ڪامنائون آهن ته هوءَ هميشه اڳتي وڌندي رهي ۽ شل ڪاميابيءَ سان منزل ماڻي.“
سنڌ هند جي سرموڙ نقاد پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جي راءِ کانپوءِ آءٌ نه ٿو سمجهان ته اسان جي هن ليکڪا کي ٻئي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت هُجي. هونئن به ماڻهوءَ جي سُڃاڻپ سندس ڪم ئي هوندو آهي ۽ سنڌيا جي ڪم ئي هن کي بُلنديءَ تي پهچائي ڇڏيو آهي. سنڌيا سنڌي ٻوليءَ کي مڃتا ڏيندي 30 کن تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي سنڌ-هند جي مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجي چُڪا آهن ۽ هن وقت هوءَ انهن کي ڪتابي صورت ۾ به آڻي رهي آهي، يقيناً سندس هيءُ ڪتاب به ٻين ڪتابن جيان مڃتا ماڻيندو. کيس فوٽو گرافي ۽ چترڪاريءَ جو به شوق رهيو آهي ۽ هن ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ خوبصورت تصويرون ٺاهيون آهن. ان کان علاوه هوءَ شاگردن کي به اُتساهيندي رهي آهي ته ٻيون سرگرميون به ڪندي رهي ٿي. جن ۾: شهيدن جا ڏينهن ملهائڻ، گيسٽ ليڪچرس رکڻ، ٻين ڪاليجن جي چٽاڀيٽين ۾ شاگردن کي اُتساهي وٺي وڃڻ، سنڌي پروفيسرن لاءِ هر سال ڪهاڻي ۽ شاعريءَ جي پروگرامن ۾، خاص پروفيسرن جون رچيل ڪهاڻيون ۽ شاعري انهن جي زباني پيش ڪري، انهن کي انعام ڏيڻ، هر سال ’اَنتر راشتريه سنڌي سيمينار‘ منعقد ڪرائڻ اهم آهن.
هن کي علمي، ادبي خدمتن جي اعتراف طور ڪيترائي اوارڊ ملي چُڪا آهن، جن ۾: ’هسٽري آف سنڌي ڊراما‘ تي هيومن ريسورسز کاتي جي وزارت طرفان ڪيش اوارڊ 50 هزار رپيا ۽ تعليمي خدمتن عيوض کيس ’راڌا ڪرشن گولڊ ميڊل‘ اهم جاءِ والارين ٿا. ان کانسواءِ هن 45 کان وڌيڪ ڪريڪيوليم پروگرام منعقد ڪرايا آهن، ۽ ڪيترن علمي، ادبي، ثقافتي پروگرامن ۾ انتظامي حيثيت سان حصو وٺي چُڪي آهي. اهڙيءَ طرح هوءَ سنڌي ساهتيه سنگت، اُلهاس نگر ڪاليج جي چيئرپرسن ۽ مهاراشٽر ساهتيه اڪيڊميءَ جي ميمبر پڻ آهي. هُوءَ هن وقت ممبئي ۾ رهائش پذير آهي.