هنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سفير : وينا شرنگي
وينا شرنگي ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو، هن شروعاتي طور ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، اُن بعد هن جو رُخ شاعريءَ ڏانهن ٿيو، ۽ هي مُسلسل لکندي رهي، ايئن لکندي لکندي ادب جي ميدان ۾ هڪ پُختي شاعره ۽ نثر نويس بڻجي وئي، اُن وچ ۾ سندس خاندان 1971ع ۾ ڀارت لڏي ويو، 71ع واري جنگ ۾ بنگلاديش جي حصي ۾ آزادي آئي، ۽ وينا جي حصي ۾ سنڌ بدري آئي، پر سندس هڪ ڀاءُ پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ رهي پيو، جتي هو اڄ به پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي سنڀاليندو اچي پيو، هن پنهنجي گهر ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي غريب ٻار مفت ۾ پڙهن ٿا، پاڻ ۽ سندس گهر واري ان اسڪول جي نگراني ڪن ٿا. هي شهدادڪوٽ جو هڪ بهترين فلاحي ادارو آهي، جنهن ۾ ٻارن کي پڙهائيءَ سان گڏ ڪپڙا به ڏنا وڃن ٿا. وينا جڏهن ڀارت پهتي هئي ته هن پنهنجي لکڻين کي منطر عام تي آندو ۽ اُن ئي دور ۾ آل انڊِيا ريڊيو جي سنڌي نشريات شروع ٿي ته پاڻ اُن سان لاڳاپجي وئي. ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ آل انڊيا ريڊيو کي وينا شرنگيءَ جو ئي انتظار هو، آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نشريات جي پهرين خوشخبري اها هئي، جو اُن تان سڀ کان پهرين هندستان جي عظيم اڳواڻ اندرا گانڌي پاران بنگلاديش کي ملڪ جي حيثيت سان قبول ڪرڻ جي خبر نشر ٿي هئي، اُن وقت شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي سکر جيل ۾ قيد هئا، ۽ جڏهن اياز جي ڪنن اندرا گانڌيءَ جو اهو اعلان ٻڌو هو ته اياز تبصرو ڪندي چيو هو ته: ’اندرا پنهنجي پيءُ کان گوءِ کڻي وئي‘. اهڙيءَ طرح وينا شرنگي ان چينل سان لاڳاپجي وئي، جنهن چينل تان پهرين خبر هڪ ملڪ جي آزاديءَ جي گُونجي هئي. وينا آل انڊيا ريڊيو تان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ ڪيترائي پروگرام نشر ڪيا، جيتوڻيڪ ان دور ۾ هن ملڪ ۾ به سنڌي نشريات ايتري نه هلندي هئي، جيتري آل انڊيا ريڊيو تان هلندي هئي، جنهن ڪري سنڌ جي ٻهراڙين جا ماڻهو خاص طور تي آل انڊيا جي سنڌي نشريات جو ئي انتظار ڪندا هئا، هڪ ته سنڌي ٻول ٻُڌڻ لاءِ ملندا هئا، ٻيو ته وينا جي آواز ۾ به رِڌم هوندو هو، ۽ سندس اندازِ بيان به وڻندڙ هوندو هو. وينا آل انڊيا ريڊيو تي انائونسر، پروڊيوسر، براڊڪاسٽر ۽ ترجمي نگار جي حيثيت سان وڏي عرصي تائين سلهاڙيل رهي، هن ڪيترن ئي عالمي پايي جي اڳواڻن جا انٽرويو پڻ ڪيا، جن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو به خصوصي انٽرويو شامل آهي.
ريڊيو جي دنيا کان علاوه وينا، ادبي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو آهي، ۽ هن ادب جي دنيا جو باقاعدي آغاز 1984ع کان ڪيو، هن وقت تائين سندس ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جيڪي شاعري، سفرنامن، ڪهاڻين، مقالن ۽ يادگيرين تي مشتمل آهن، هن ادب جي هر صنف سان ڀرپور نباه ڪيو آهي. هُوءَ هڪ ئي وقت شاعره به آهي ته نثرنويس به آهي، سندس نثر به نظماڻو آهي، سندس ٻولي نهايت ئي وڻندڙ ۽ سادي آهي، جهڙي ريت سندس سڀاءُ وڻندڙ آهي، تهڙي ريت سندس لکڻيون به دل کي ڇُهندڙ آهن، ۽ سندس لکڻين جا موضوع به عام آهن، هن ڪهاڻين ۾ جتي عورت کي مهان ڪوٺيو آهي، اُتي هن سماج جي ٻين مسئلن کي به اوتري ئي جاءِ ڏني آهي. هُوءَ ادبي حوالي سان نه عورت آهي، نه مرد آهي، هوءَ هڪ تخليقڪار آهي ۽ تخليق سان هوءَ نباه ڪرڻ به ڄاڻي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڪن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو. سندس پهريون ڪتاب ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘ 1984ع ۾ ڇپيو، جيڪو سندس يادگيرين تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ وينا پنهنجي زندگيءَ سان لاڳاپيل اهڙيون ساروڻيون ساريون آهن، جيڪي پڙهندڙ کي معلومات ڏيڻ سان گڏ، لُطف اندوز به ڪن ٿيون. ٻيو ڪتاب ’منهنجي پيشي جا گُل و خار‘ 1986ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن ريڊيو واري نوڪريءَ جي يادگيرين کي قلمبند ڪيو آهي، ۽ نوڪريءَ دوران ٿيندڙ تجربن، پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ روين کي نهايت ئي بيباڪيءَ سان چٽيو آهي. ’پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا‘ (سفرنامو 1987ع، ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ 2014ع) هي سنڌ جو سفرنامو آهي، جنهن ۾ هُن نه صرف سنڌ جون ساروڻيون سَليون آهن، پر هن اهڙا ته اُجرا احساس چِٽيا آهن، جن ۾ سنڌ جي حقيقي منظر نگاري ٿيل ڏسجي ٿي، ۽ سنڌ مان مليل پيار کي هن جنهن پويترتا سان سمايو آهي، تنهن جو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگهجي. وينا جي سنڌ پرستيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته؛ جڏهن هوءَ ٽوڙهيءَ ڦاٽڪ وٽان گذري ٿي ۽ جڏهن هوءَ ٽوڙهيءَ تي بيگناه مارجي ويل ڪونڌرن جا احساس چٽي ٿي ته؛ هوءَ پاڻ ته رُني هوندي، پر آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته؛ هر پڙهندڙ جون اکيون اڻ مندائتي مينهن جيان وسي پيون هونديون. ڪٿي ڪٿي ته هوءَ صفا ٻار بڻجي ٿي پئي، اُن وقت ايئن محسوس ٿو ٿئي، ڄڻ ڪنهن اُبهم ٻار کي پنهنجي ماءُ جي ڇاتيءَ کان ڌار ڪيو ويو هجي، ۽ ورهين کان پوءِ اُهو ٻار جڏهن پنهنجي اُن ماءُ جي ڀاڪُرن ۾ ڀرجي ٿو ته اُن جي اندر ۾ سمايل سمورو درد سنڌوءَ جي پالوٽ جيان پلٽجي پيو هجي. پاڻ ئي هڪ جاءِ تي لکي ٿي ته:
”آسي زميني مليو، جنهن چيو ته اوهان جي ترتيب ڏنل پروگرام جون، مون هڪ سال جون ڪئسيٽس رڪارڊ ڪري رکيون آهن. منهنجو ته حيرت وچان وات ئي ڦاٽي پيو. مون اڄ تائين پنهنجي آواز جي هڪ ڪئسٽ به ڪانه ڀري آهي، جڏهنڪه هن سڄي سال جون ڪئسيٽون محفوط ڪيون آهن. آسي فرمائش ڪئي ته هن کي تصوير ڪڍڻي آهي، مون کي انڪار ڪرڻ جي جُرئت ڪانه ٿي. آسي چيو؛ ادي مان اوهان جي تصوير سنڌ جي نقشي جي وچ ۾ ڪڍڻ ٿو چاهيان، اوهين ڀلي پنهنجو سفر مڪمل ڪري ڀارت هليا وڃو، پر مان اوهان کي سنڌ جي دل ۾ وِهارڻ چاهيان ٿو. هُن جي جذبن کي ڏسي، منهنجي زبان کي تالا لڳي ويا. مان نقشي اڳيان خاموشيءَ سان امڙ سنڌ جي سيني ۾ سمائجي ويس، اُن وقت اندر مان آواز اُڀريو. ’منهنجي زندگيءَ جو حسين حادثو‘ آسيءَ جي ڪئمرا اُن حسين حادثي کي محفوظ ڪري ورتو. بعد ۾ اُن تصوير تي زميني لکي ڏنو ’سنڌ جي هنج ۾ ڀيڻ وينا.“
سنڌ جي سيني ۾ سمائجڻ جي حسرت، ۽ اُن حسرت جي پورائي کي زندگيءَ جو حسين حادثو سمجهندڙ وينا، جنهن جي اندر ۾ سنڌ ئي سنڌ سمايل آهي. هُن سنڌ جي انچ انچ سان ڪيئن محبت ڪئي آهي، اُن جو اندازو هن سفرنامي مان لڳائي سگهجي ٿو، هي سفرنامو نه پر سنڌ جي عشق جو ازلي داستان آهي، جيڪو وينا جي قلم مان وهنجي نڪتو آهي. ساڳئي سفرنامي ۾ پنهنجي پاران ۾ هو لکي ٿي ته:
”جڏهن سنڌ جي سفر تان موٽي ريڊيو جي ڊيوٽي جائن ڪئي، ۽ پگهار وٺڻ ويس ته مئي مهيني ۾ جيڪا انڪريمنٽ ملڻ واري هُئي، اُها جون واري پگهار ۾ شامل نه هُئي. پُڇا ڪرڻ تي ڪيشيئر چيو؛ موڪل دوران انڪريمنٽ نه ملندي آهي، توکي هن سال نه، ٻئي سال ملندي! منهنجي واتان دانهن نڪري وئي الله ڙي انڪريمنٽ نه ملي! ڪيشيئر چهري طرف نهارڻ لڳو. دل ۾ چيم: جيجل سنڌ تنهنجو اڃا به قرض ادا ڪرڻو آهي ڇا؟ ٻي ساعت لبن تي مُسڪراهٽ اچي وئي ۽ دل مان آواز اُڀريو ’ڀلا امڙ جو به ڪو قرض ادا ڪري سگهندو؟“
وينا جي سنڌ سان محبت يا ڪمينٽمنٽ جو اندازو انهيءَ سِٽ مان لڳائي سگهجي ٿو، ’ڀلا امڙ جو به ڪو قرض ادا ڪري سگهندو؟‘
’زندگي هڪ ناٽڪ‘ (ڪهاڻيون 1988ع) ’منهنجا معصوم سڄڻ‘ (ناول 1989ع) سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ’واسنا جو واسينگ‘ 1996ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ڪُل ڏهه ڪهاڻيون آهن، جيڪي سماج جي سڀني چڱاين کي نروار ڪن ٿيون، ته سڀني براين تان پردو کڻن ٿيون. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’اجنتا جي مورت‘ 1997ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي مُهاڳ ۾ پاڻ پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان لکي ٿي ته:
”1989ع ۾ شمشيرالحيدري اديب، ’مارئي‘ تنظيم جي لطيف ڪانفرنس دوران ٿيل مشاعري ۾ سندس ڪوِتائون ٻڌي صلاح ڏني ته خيال سٺو اٿئي، بحر وزن تي شاعري ڪر. وينا شرنگيءَ جو مونجهارو اهو ئي.
وقت ۽ حالتن طرفان رنڊڪ پوندي رهي،
زندگي ڀاڱا ڀاڱا، ڇا ڪريان ڇا نه ڪريان....؟“
ساڳئي سال هڪ ٻيو شاندار ڪتاب’گيسٽ ايڊيٽر‘ ڇپيو، جيڪو سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، دهليءَ پاران مشهور ناٽڪ نويس ۽ سنڌي ادب جي ناليواري اديب منگهارام ملڪاڻي ۽ سنڌ ۽ هند جي مڃيل شاعر ليکراج عزيز جي سئو ساله جشن جي موقعي تي پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي. ٻين ڪتابن ۾ ’ريکا جي ريکا‘ (ڪهاڻيون)’ڪڇان تان ڪافر‘، ’اڌ کُليون اکيون‘ (ڪهاڻيون) ’پاڻ سُڃاڻج سپرين‘ (مقالا) ’غيرت بي غيرت‘ (ڪهاڻيون) ’بختاور‘ (ڪهاڻيون) ’بدلو‘ (ڪهاڻيون) پُٽ سوچڻو پيو‘ (ڪهاڻيون) ’پڇتاءُ‘ (ڪهاڻيون) ’ڏاهيون ڏُک ڏسن‘ (ڪهاڻيون) ’وارث لا وارث‘ (ڪهاڻيون) آهه غريبان قهر خدائي‘ (ڪهاڻيون) ’رن ذاتيون‘ (ڪهاڻيون) ’بهشت جي بهار‘ (ڪهاڻيون) ’مهاتما گانڌيءَ جي جيون جون ڪهاڻيون‘ ’بابو جي جيون مان‘ (آکاڻي ترجمو ڪيل) ’سنڌو جوت‘ ايڊٽ ڪيل شامل آهن. سندس هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. اهڙيءَ طرح سندس هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو شاه لطيف متعلق دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، سو آهي، ’ڪيچان آيو قافلو‘ هيءُ هند ۾ عورتن جي تنظيم ’مارئي‘ پاران شاه لطيف تي منعقد ٿيل چئن بين الاقوامي سيمينارن، 1987ع، 1989ع، 1991ع، 2001ع ۾ پڙهيل مقالن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي عالمن، اديبن جا شاه سائين جي شاعري، فڪر، فلسفي، ۽ حُب الوطنيءَ متعلق ڪُل 25 مقالا شامل آهن، جن ۾ 22 سنڌي، هڪ اُردو ۽ ٻه انگريزيءَ ۾ آهن. هي ڪتاب ’مارئي‘ پبلڪيشن پاران 2005ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ به هُن سنڌ ۽ لطيف جي نگريءَ سان سندس اُنسيت جا احساس نهايت سُهڻي نموني چِٽيا آهن، جنهن جو هڪ پيراگراف هتي ڏجي ٿو:
”مان پاڻ کي خوش قسمت ڀانئيان ٿي، جو مان شاهه لطيف جي درگاهه تي ٻه ڀيرا سجدو ڪري آئي آهيان. هڪ ڀيرو ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري جو منظر ماڻي آئي آهيان. هر ڀيري سيني ۾ وري ورڻ جي تمنا جاڳندي آهي. رات جي پهر ڀٽ شاهه تي فقيرن ۽ ڳائڻن طرفان شروع ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفل ۾ هر پهر جي ڪلام جو لُطف ماڻيو آهي.“
شاهه لطيف سڀني سنڌين جو رُوحاني رهبر آهي، لطيف جو فڪر جيتوڻيڪ عالمِ انسانيت جو فڪر آهي، پر اسين سنڌي، پوءِ سنڌ جي ڪهڙي به ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ رهندا هجن، انهن جي ته دلين ۾ لطيف مينهن جي ڪَڻين جيان وَسندو ئي رهي ٿو. وينا لطيف جا هي جيڪي احساس چِٽيا آهن، انهن ۾ نه رُڳو لطيف، پر پوري سنڌ جي محبت سمائي پئي آهي.
وينا جو شاعري، نثر ۽ تحقيق جو سفر نه کُٽڻو آهي، پر اُنهيءَ سفر ۾ هن ٻارن کي به وساريو نه آهي، هن ٻارن لاءِ به خوبصورت ڪهاڻيون لکيون آهن. ’مٺڙي مُرڪ‘ (ٻال ڪهاڻيون) سندس هي ڪتاب 2011ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪُل اٺ ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ٻاراڻي ادب تي پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ نامور محقق ۽ نقاد هوندراج بلواڻي لکيو آهي. هي بنيادي ڪهاڻيون آهن، جيڪي ٻارن جي اوسٿا لاءِ رهنمائي پيدا ڪنديون. وينا شرنگيءَ کي سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ خدمتن جي اعتراف طور ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن، جن ۾:
ايشوري ٻائي بخشاڻي اوارڊ 1994ع، وومين آف دي ايئر اوارڊ 1994ع، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي گولڊ ميڊل 1995ع، آل انڊياسنڌي ڪلچر سوسائٽي، جئپور ۽ پروفيسر رام پنجواڻي ڪلچر سينٽر بمبئي پاران گولڊ ميڊل، سندس ڪتاب ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘کي تعليم کاتي انڊيا پاران بهترين ڪتاب جو اوارڊ، سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ، منسٽري آف H.R.D گورنمينٽ آف انڊيا پاران اوارڊ، نئين دنيا پبليڪيشن بمبئي پاران اوارڊ اهم آهن. اُن کان علاوه پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ سماجي ادارن جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري واري قومي ڪائونسل جي ميمبر، دهلي سنڌي اڪيڊميءَ جي ايگزيڪيوٽو ميمبر، عورتن جي سماجي تنظيم ’مارئي‘ جي جنرل سيڪريٽري نمايان آهن. پاڻ هن وقت ’سينٽر ساهتيه اڪيڊمي، سنڌي ايڊوائيزري بورڊ جي مرڪزي ڪائونسل جي ميمبر آهي. هيءَ تمام وڏي تنظيم آهي. هن ۾ ڪُل 50 ٻولين جي نمائندگي هوندي آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي.
وينا شرنگيءَ جو نالو سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان سگهارو آهي، هن سنڌي ادب جي ترقيءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي پروگرامن، ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري سنڌي قوم جي نمائندگي پڻ ڪئي آهي. هوءَ بين الاقوامي سنڌي ڪانگريس جي سيمينارن لنڊن ۽ آمريڪا ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. پاڪستان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪري، هن سنڌ ۽ سنڌيت جو پيغام پهچايو آهي.
هن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو آل انڊيا ريڊيو، نئين دهليءَ تي سنڌي پروگرامن کي ڏنو آهي، جتي وينا جو آواز سنڌ جو آواز بڻجي گُونجندو رهيو آهي، ۽ سندس سنڌ سان بي لوث محبت جو ڪاٿو ته هرگز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جو پاڻ هند ۽ سنڌ جي سرحد جي وچ ۾، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. اُن کان علاوه هوءَ هڪ سٺي سماج سڌارڪ به آهي ته صحافت ۾ به سندس خدمتون نمايان آهن. پاڻ هن وقت اندراپوري نئين دهليءَ ۾ رهائش پذير آهي.