مان هڪ سِنڌڻ : رشمي راماڻي
”هڪ ادبي سيمينار دوران ڪنهن طنز ڪئي ته ’سنڌين جو به ڪوئي لٽريچر آهي ڇا؟‘ ته منهنجي اندر ۾ ڇپيل ’سنڌڻ‘ جاڳي پئي ۽ مون جواب ڏنو: ڇو نه آهي سنڌين جو لٽريچر؟ سنڌي هڪ مهذب قوم آهي، جنهن جي عظمت جا نشان آهن موهن جو دڙو ۽ سنڌوندي! جنهن عظيم سنڌوءَ، نالو ۽ سڃاڻپ بخشي آهي ’انڊيا‘ کي“
اهڙي ريت سنڌيت جي جذبي هن جو لاڙو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن ڪرايو، ۽ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي هن پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو ته وسيع پسمنظر رکندڙ هن ٻوليءَ ۾ هُن کي ڪيتريون ئي تشبيهون ٺهيل ٺُڪيل مليون، جن جي خوبصورتي، هن ڪائنات جيتري وُسعت رکندڙ آهي ۽ پوءِ هن سنڌي ڪوِتا سان اهڙو ته ناتو ڳنڍيو، جنهن جي تڪميل نه هُن پئي چاهي ۽ نه سنڌي ٻوليءَ جي وسيع دامن هُن کي پاڻ کان پري ٿيڻ ڏنو، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ شاعريءَ جا ٽي ڪتاب: ”پڃريو“ (1991ع)، ”ڪڏهن ڪڏهن“ (1991ع) ۽ ”مان هڪ سنڌڻ“ (05-2004ع) وجهي، سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ جُدا حيثيت قائم ڪري ورتي. هن نه رُڳو سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، پر هن هنديءَ ۾ ماهر هئڻ ناتي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪيترن ڪتابن جو هنديءَ ۾ ترجمو پڻ ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي ۽ ٻهڳڻي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر، ڪرشن کٽواڻيءَ جا ٽي ناول ۽ در جنين ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن، وٽس ترجمي جو سهڻو ڏانءُ آهي ۽ ٻنهيءَ ٻولين تي عبور هئڻ ڪري ترجمي جي ٻولي/اسلوب وڻندڙ آهي. رشمي جڏهن اڃا سنڌ کي صرف سپنن ۾ ڏٺو هو، هُن تڏهن ئي سنڌ کي شاعريءَ ۾ سُندرتا بخشي هئي، پر جڏهن هوءَ 2004ع ۾ سنڌ ياترا تي آئي هئي ۽ سنڌ جي مقدس مٽيءَ جو واس وٺي جڏهن هوءَ واپس وري هئي ته هوءَ هندستان جي اُها رشمي ڪٿي رهي هئي، جنهن کي هندي ڪوِتائن جي مڃتا طور ڪيترائي مانُ سمان مليا هئا، پر هوءَ ته سرزمين سنڌ جي اهڙي سٻاجهي ڌيءَ بڻجي واپس وري هئي، جو هُن جي دل جي هر ڌڙڪن سنڌ بڻجي وئي هئي، هُن تنبوري جي تار تي لطيف جون وايون ٻُڌيون هيون ته هُن جي اندر جي حقيقي سنڌڻ جاڳي پئي هئي، جنهن سنڌڻ ڪيترو ئي عرصو سنڌ جا سپنا پنهنجي اندر ۾ سرجيا هئا ۽ پوءِ انهن سپنن کي ساڀيان تڏهن ئي ملي هئي، جڏهن هُن سکر ۽ ساڌ ٻيلي کان گُذري موهن جي دڙي جي مٽيءَ کي سجدو ڪيو هو. هُن اهو سجدو موهن جي دڙي کي ڪيو هو يا سنڌو سڀيتا جي انهيءَ تهذيب کي ڪيو هو، جنهن تهذيب کي امن جي تهذيب سڏيو وڃي ٿو ۽ پوءِ هُن جيڪا شاعري ڪئي، انهيءَ شاعريءَ ۾ ڪيئن سنڌ سمايل آهي، يا هوءَ سنڌ ۾ سمائجي وئي آهي، سندس هيءُ ڪوِتا آءٌ پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊيان ٿو، جنهن ۾ پوري سنڌ رقص ڪندي نظر اچي ٿي.
توکي ڏسڻ کان پوءِ،
ڌرتي
اننت ٿي ويئي آهي منهنجي لاءِ
بس ڇُهڻ جيتري پري آهين تون،
ڪينجهر جي چانڊوڪي رات ۾ نوريءُ کي
ياد ڪندي،
ملير جا اداس ميدان ڏسندي،
خاموش ريگستان ۾،
موري جي ٻنين ۾ سکر جي گهٽين ۾،
زنده پير جي غيبي آسمان ڏانهن نهاريندي،
ڀٽ شاهه ۾ وائي ٻڌندي،
سنڌ جي پيچرن ۾ ڀٽڪي ٿو،
منهنجو من،
پنهنجي وطن ۾ واپس اچڻ کان پوءِ،
سچ پچ
هاڻي ٿو محسوس ٿئي،
مان به آهيان،
هڪ جلاوطن،
جلاوطن،
جلاوطن،
ورهاڱي جو ناسُور.
مُڪتي
تاريخ جو هيءُ ڪهڙو مقام آهي؟
جتي اسان وري مليا آهيون،
موهن جي دڙي جي هنن کنڊرن ۾،
دفن آهي اُها مهان سنسڪرتي،
جنهن جي نمائندگي ڪندي،
خوشيءَ سان سدائين مرڪندا هئا تنهنجا چپ،
سنڌوءَ جي ڇولين جي لُڇ هئي،
تنهنجي بدن ۾،
ننڊ ۾ ٿڙڪندا هئا تنهنجا پير
موهن جي دڙي جي گم شده نرتڪي!
هزارن سالن کان پوءِ
اڄ تون اوچتو مون سان ملي آهين،
سسي ويئي آهي سنڌو،
الائي ڪهڙيءَ اڻتڻ ۾ محو آهي مهراڻ؟
ميرانجهڙي آڪاس جي اداسي،
اسٽوپا جي خاموشي،
سمائجي ويئي آهي هوا ۾
بيچئن ٿي رهيو آهي منهنجو من،
سياري جي ٻيهريءَ ۾،
ويران گهٽين ۾ ڀٽڪندي، ٿاٻڙجندي،
ٿڪجي پيا آهن، منهنجا پير،
رتو رت آتما ۽ ٽٽل هِردو،
هراسجي ويا آهن.
گذريل ڏينهن جي ڳولا ۾،
ياد ٿو اچي،
زندگي جڏهن ٻڏي ويئي هئي موت جي نديءَ
۾،
وڇڙ جي وياسين اسان به،
شايد هميشه، هميشه لاءِ !
پر،
تنهنجيءَ تلاش ۾ مون ورتا ڪيئي جنم،
سڄي سنسار ۾ ڀٽڪندي رهيس،
صدين تائين،
اچ!
مون سان ڀاڪر پاءِ!
اڄ مڪت ٿي وڃان مان،
هر ٻنڌن کان!
هيءُ شاعريءَ ناهي، هيءُ سنڌ سان لازوال محبت جي اهڙي ڪٿا آهي، جنهن ۾ سمايل آهي، سنڌوءَ جو امرت! سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ شاعر تاج جويو رشميءَ جي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:
”رشمي راماڻي پنهنجي شاعريءِ جي سفر ۾ سنجيدگيءَ پختگيءَ ۽ گنڀيرتا سان اڳتي وڌي رهي آهي، هن جي شاعريءَ ۾ خيال جي اصليت، اظهار جي تخليقيت، احساسن جي سچائي ۽ صبح جي ڪرڻن واري تازگي موجود آهي، هن وٽ مٺا مٺا، سهڻا ۽ سرها لفظ گهڻا آهن ۽ وٽس هڪ خاص لفظيات (شبداولي-Vocabuloury ) به آهي، جنهن ۾ خوبصورت خواب/سپنا، گل، شبنم، لڙڪن جي آلاڻ، خاموش سڏڪا، ستارا، چنڊ، رات، اُفق، شفق، سج، سج جا نرم ۽ ملائم ڪرڻا، سرءُ پکي، لاتيون، پيار، مرڪ، انتظار، وڇوڙو، ننڊ، بادل، سمنڊ، سنگيت، ڪروڻا، اڇا، وشواس، روشني، انڌيرو، زندگي، موت خاموشي، برسات، اتهاس، تاريخ، جاگرافي، ورهاڱو، ناسور، اڪيلائي، رستا ۽ ٻيا لفظ شامل آهن، جن جو ورجاءُ ڪٿي ته ڏاڍو وڻندڙ ۽ موهيندڙ لڳي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي اُنهن جو لڳاتار استعمال ۽ تفصيلي اظهار ساڳيائپ جو احساس اُڀاري ٿو، جنهن کان کيس پاسو ڪرڻ گهرجي“.
اهڙيون ڪيتريون ڪوِتائون سندس ڪتاب ’مان هڪ سنڌڻ‘ ۾ ڇپيل آهن، جنهن ۾ سنڌ سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ پهريون ڀيرو هندستان ۾ 2005ع ۾ ڇپيو هو، پر هوءَ جڏهن ڊسمبر 2004ع ۾ سنڌ آئي هئي ته هن ڪتاب جون 20 ڪاپيون تيار ڪرائي کڻي آئي هئي، جنهن جو مهورت 17 ڊسمبر 2004ع تي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سگهاري شاعر ارجن حاسد هٿان ٿيو هو. اهو سنڌ جو سڀاڳ چئجي يا رشمي جو عقيدو، جو هن ڪتاب جو مهورت سنڌ جي حصي ۾ آيو. ان کانسواءِ سندس ڪيتري شاعري ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجي چُڪي آهي. کيس هند ۾ مڃتاطور ڪيترائي اعزاز ۽ اوارڊ ملي چُڪا آهن جن ۾: سنمان: ورڻ مالا، اُڙيسا طرفان اُديه ڀارتي راشٽريه ڪويتا پرسڪار، 1994ع، سنڌُوتن، يُوا سنڌي ليکڪ سنمان، هرومل ريجهواڻي حير، سنڌي ليکڪ سنمان 1998ع، ڪيندريه هندي نديشاليه جو غير هندي ليکڪ جو راشترپتيءَ طرفان سنمان، راشتريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد، ڀارت سرڪار جو اَوارڊ اهم آهن. ان کانسواءِ هوءَ ڪيترن ادارن جي ميمبر پڻ رهي چُڪي آهي، جن ۾: مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ جي ميمبر، ساهتيه اڪيڊمي نئين دهليءَ جي سنڌي ائڊوائيزري بورڊ جي ميمبر شامل آهن.
هوءَ هن وقت سرورديه نگر، انڊور (مڌيه پرديش) ۾ رهائش پذير آهي.