شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

هي ڪتاب هند جي 19 سنڌي ليکڪائن ۽ شاعرائن تي لکيل تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي. اندرا پوناوالا مهاڳ ۾ لکي ٿي:
”ڀاءُ علي نواز آريسر تمام گهڻي محنت ڪري هند جي سنڌي ليکڪائن جو تعارف ڪرايو آهي ۽ سندن لکڻين جو به نمونو پيش ڪيو آهي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري، تفصيل ڪٺا ڪري 19 ليکڪائن تي لکي هڪ سنڌيءَ جو فرض نڀايو آهي، ان پورهيي جو اسين سڀ ليکڪائون ٿورائتيون آهيون، جن هن ڪتاب ۾ شامل آهن به يا نه سي به هن ۾ سمايل آهن جو هو وري به سنڌي ليکڪائن جو ادبي ڪم پڙهي رهيون آهن.“
Title Cover of book سنڌ هِتي، سنڌ هُتي

سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ : پارو چاولا

ناليواري ليکڪا، شاعره، سماج سڌارڪ ۽ ڳائڻي پارو چاولا 19 جولاءِ 1932ع تي، سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ڏيپچند لالواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائي. سندس والد سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ ريلوي ۾ ملازم هو، ان ڪري پارو جو ننڍپڻ سيوهڻ ۾ گذريو، پر جهڙي ريت ٻين ڪيترن سنڌين کي ماترڀوميءَ ڇڏڻي پئي هئي، تيئن پاروءَ به 15 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان جدا ٿي وڃي ڀارت وسايو، ۽ ٻن سالن کانپوءِ 1949ع ۾ ناليواري اديب ٺاڪر چاولا سان سندس شادي ٿي.
پارو چاولا مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. هن 15 سالن تائين انڊيا ريلوي ۾ هيڊ ڪلارڪ طور ملازمت ڪئي، ۽ هندي ٻوليءَ جي انسٽرڪٽر پڻ رهي. پارو جو شاعري ۽ راڳ سان گهرو سنٻنڌ رهيو. هن جو پهرين ته شاعريءَ سان لڳاءُ ٿيو ۽ پوءِ راڳ جي دنيا هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ته هوءَ ان ۾ گم ٿي وئي. هن جي شاعريءَ ۾ انتهائي معصوم خيالن جي اُڻت ۽ ورهاڱي جي درد ڪٿا آهي. پارو کي جيئن ته راڳ جي سُٺي ڄاڻ آهي، ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ به موسيقيت آهي. سنڌ جي ناليواري فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي چيو آهي ته: ”شاعري ان کي چئبو آهي، جيڪا ڳائي سگهجي.“ قاضي صاحب جي راءِ جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته پاروءَ جي سڄي شاعري موسيقيت جي رِڌم تي جوڙيل آهي، سندس ڪجهه شعرن جو ڀڳوان اٽلاڻيءَ هنديءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. هن شاعريءَ کان علاوه مضمون به لکيا آهن ۽ ڪجهه صوفي شاعرن جي ڪلام جي اڀياس تي نثري ڪتاب سهيڙيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ساهڙ لَهج سنڀار‘ (1968ع)، ’جيئري لاهه زنجير‘، ’پوءِ پروڙيم پنڌ‘، ’رک جهولڻ تي‘ (1988ع)، ’آءٌ اڪيلي‘، (1992ع)، ’چونڊ سنڌي ڪلام ۽ ڏوهيڙا‘ (1992ع)، ’ستر مڻڪا‘ (2000ع)، ’درشٽانت درشٽانت‘، ’365 ڏينهن‘ ۽ ’ڳالهه ۾ ڳالهه‘ (2008ع) شامل آهن. هي سڀيئي ڪتاب پنهنجي پر ۾ وڏو اتهاس آهن، هنن ۾ ڪيترائي ڳوڙها ويچار سمايل آهن، سندس ڪتاب ’365 ڏينهن‘ جي اهميت بابت ڊاڪٽر گورڌن تنواڻيءَ جي هي راءِ گهڻي اهميت رکي ٿي:
”365 ڏينهن‘ يعني درويشن ۽ فقيرن جون رهاڻيون، پاروءَ جي من کي ۽ هن ڪتاب کي جي پڙهبو ته، ظاهر ٿيندو ته هن جي پٺيان ڪيترا اوجاڳا آهن، ڪيتريون راتيون ڦٽل آهن، اوجاڳن ۾ گذاريل آهن، اُهي به پنهنجي امڙ سنڌي ٻوليءَ جي صدقي، ساهت، ڪلا، سنگيت جي صدقي. ڪتاب پڙهندي مون کي لڳو، مان زندگيءَ کي وري کولي ڦولي رهيو آهيان، ٽالسٽاءِ، سارتر، ڊيل ڪارنيگي يا خليل جبران، سڪرات، گيتا، ونوبا، ڪنور رام سڀ جا سڀ منهنجي سامهون آهن، ڳالهائن پيا.“
ڊاڪٽر گورڌن جي مٿين راءِ نه رُڳو هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي ظاهر ڪري ٿي، پر ان مان ليکڪا جي ڪمينٽمنٽ، سچائي، سنڌي ٻولي ۽ سنگيت سان گهري وابستگيءَ جو به پتو پئي ٿو، مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته هيءُ ڪتاب ننڍن ننڍن مضمونن تي مشتمل آهي، پر هن کي جنهن نموني سميٽيو ويو آهي، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن ۾ سندس جيون جا ڪيترائي پل محفوظ ٿيل آهن ۽ زندگيءَ گذارڻ جو سليقو به سيکاريو ويو آهي، ڪتاب ۾ ٻولي به سُٺي استعمال ڪئي ويئي آهي، البته هنديءَ جو ڪجهه اثر ضرور آهي، پر ايتري مشڪل به ڪونهي جو مقصد کي سمجهي نه سگهجي. ساڳيءَ طرح سندس ڪتاب ’ڳالهه ۾ ڳالهه‘ به شاهڪار ڪتاب آهي، هن ڪتاب بابت رام لعلچنداڻيءَ لکي ٿو ته:
”ٻولي اها هلي، جا عام جي مٿي کي به سمجهه ۾ اچي، ته دل جي آرپار به ٿئي، رس واري به هجي ته سار واري به هجي، ’ڳالهه ۾ ڳالهه‘ هي هڪ دفعو جي پڙهڻ شروع ڪيو ته پورو ڪرڻ کان پهرين نه ڇڏيندا، اهڙي لکڻيءَ جي لکندڙ کي ئي ليکڪا ۽ اديب ليکبو آهي.“
سندس ڪتاب ’آءٌ اڪيلي‘ تي ’سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ‘ طرفان انعام پڻ ملي چُڪو آهي. هن جي سنگيت سان ايتري دلچسپي آهي، جو هن ممبئيءَ ۾ باقاعدي سنگيت جي سکيا ورتي ۽ سندس گائيڪيءَ جو انداز پڻ وڻندڙ آهي، هوءَ ’سيتا سنڌو ڀون‘ ممبئيءَ ۾ پنهنجي وَر ٺاڪر چاولا سان گڏجي هر پندرهين ڏينهن سنڌي ثقافتي شو ڪرائيندي رهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ دنيا جا ناليوارا فنڪار سنڌي ڪلام ڳائي چُڪا آهن. اهڙيءَ طرح پارو چاولا جا ڪيترا سنڌي ڪلام ڀارت ’ريڊيو‘ ۽ ’دُور درشن‘ ٽي. وي تان نشر ٿيندا رهيا آهن. هن شاهه لطيف، سچل سرمست، بلهي شاهه، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، موتي پرڪاش، پرڀو وفا، تاجل بيوس ۽ ٻين شاعرن کي ڳايو آهي. پارو چاولا فيبروري 2001ع ۾ پنهنجي وَر ٺاڪر چاولا سان گڏ سنڌ پڻ آئي هُئي، جتي هنن ٻنهي زال مڙس ڌرتيءَ کي سجدو ڪيو هو، ۽ ٺاڪر چاولا سنڌ جو سفرنامو ’تون سنڌ ۾ رهي پئو‘ لکيو، جنهن ۾ ٻنهي زال مڙس 15 ڏينهن سنڌ ۾ رهي، جيڪو پيار پاتو هو، ان جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. ٺاڪر چاولا پاران جاري ڪيل ادبي مخزن ’سپون‘ ۾ پارو چاولا به سندس سهڪاري رهي. پارو چاولا کي ’رام پنجواڻي‘ آشرم جي سيوا جي خدمت طور سائين جي.ايم سيد ميموريل ڪميٽيءَ پاران ’جي.ايم سيد‘ اوارڊ پڻ ملي چُڪو آهي. هفتيوار اخبار ’هندواسي‘ جي ايڊيٽر شوڀا لعلچنداڻي سندس نياڻي آهي، جا پڻ سنڌيت جي جذبي سان سرشار آهي. سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪندڙ هي سدا بهار جوڙو هن وقت اسان جي وچ ۾ موجود ناهي رهيو، پر سندن لکڻيون سدائين اسان جي رهنمائي ڪنديون رهنديون.