پيبلو نرودا جا هي لفظ واقعي پُراثر آهن: “جنهن قلمڪار جي قلم جو واسطو غلام ۽ مظلوم سان ناهي، جنهن قلم جي مس جو ناتو آزادي لاءِ وڙهندڙ جوڌي جي رت ۽ پورهيت جي پگهر سان ناهي اهو قلمڪار ۽ قلم گونگا، لاوارث ۽ اجايا آهن” پورهيتن جا درد سرجيندڙ اديب محب ڀيل برابر محب ماڻهو آهي، ڇو ته سندس لکڻين جو محور معاشري جي ان مظلوم طبقي لاءِ وقف ٿيل آهي. جنهن تي ڪنهن جي نظر مشڪل سان پوندي آهي. جڏهين گرمين توڙي سردين ۾ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مزدورن کي رستي تي پٿر ڍوئيندي، ٻچڙن جي بکئي پيٽ لاءِ روزي ڪمائيندي، سور سهندي ڏسندو به آهي ته ڪوبه ماڻهو ٻه سيڪنڊ اُتي بيهي انهن مظلوم مزدورن جو حال يا همدردي ته پري رهيو پر افسوس ڪرڻ به ان وقت ماڻهن لاءِ نهايت مشڪل هوندو آهي، اُتي هن بهادر، نازڪ مزاج، پورهيت دوست، دردمند دل رکندڙ غريب انسانن جي هڏ ڏوکي محب ڀيل جو من ٻري پوندو آهي ۽ سندس نيڻ امالڪ ڀرجي ايندا آهن. هي فقير ان وقت ڪري ته ڪجهه نه سگهندو آهي، ۽ نه ئي وري سندن حال پڇي ويتر سندن زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ڪوشش ڪري سگهندو آهي. انهن پورهيتن جي ڏکن جا ڏونگر ۽ لڙڪن جو لارن جا درد پنهنجي سيني ۾ سمائي پنهنجي غريباڻي اڀري لئبريري جو رخ ڪندو آهي. جتي قلم کي جنبش ۾ آڻي پورهيت دشمن ظالم سرمائيدار سامراجين جا اڇا ڪارا پڌرا ڪندو آهي. مزدورن جي ڏکن ۽ سورن جون درد ڪٿائون سرجي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو آهي. هن ڏات ڌڻي جي تحريرن، تقريرن ۽ ڪچهرين جا موضوع شروع ئي پورهيتن کان ٿين ٿا ته ختم به انهن تي ٿين ٿا. ان جو خاص سبب هي پاڻ پورهيت آهي. هن جا پورهيتن لاءِ لکيل دردن جا داستان جڏهن اخبارن ۾ ڇپجي عوام جي اکين تائين پهچن ٿا ته حق ۽ سچ ۾ سمايل لفظن جي عقصن جا اولڙا پڙهي نرم دل رکندڙ ته دور پر سخت مزاج ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن به تيز ٿي ويندي آهي. ائين هي راڄ روئاڙي وجهندو آهي، ڇو ته سندس قلم سدائين سچائي سرجيندو رهي ٿو. هن جو قلم صرف ڪنهن طبقي لاءِ نه پر هاري کان مزدور تائين رازي کان واڍي تائين، ڪنڀار کان بٺي مزدور تائين هر ان غريب سورن جي ستايل سان ساٿ ۾ آهي، جيڪو سدائين ڏکيو ۽ بکيو هوندو. ان جو ڪارڻ هي خود به انهيءَ غربت جو ماريل مظلوم طبقي سان تعلق رکي ٿو. آئون اميد ٿو ڪريان ته محب ڀيل اڃان به وڌيڪ محنت ڪري انهن بي سهارا ۽ مظلوم انسانن جي حقن واسطي پنهنجي قلم جي جنبش کي هر وقت گردش روان ۾ رکي غريب پورهيتن جي احساس محرومي کان احساس برتري تائين سندن ڀرجهلو ٿيندو. جيئن ته سندس عمر نوجواني جي جوڀن ۾ آهي تنهنڪري مونکي هن شخص ۾ وڏيون اميدون ۽ آسون آهن، شال هي منهنجي ان اعتماد کي عملي جامو پهرائي.