بنگلن جا پورهيت : عورتون، ٻار، مالهي، بورچي، ڊرائيور ۽ چوڪيدار
گھرن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت نوڪرياڻيون عورتون
بنگلن ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو ماڻهو هڪجهڙا ناهن، انهن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نيڪ انسان به آهن. پر گھڻائي پورهيتن جو استحصال ڪندڙن جي آهي. دنيا جي امير ماڻهن کان پنهنجي گھر جو ڪم به نٿو پُڄي، گھر جي ڪمن لاءِ کين غريب ماڻهن جو پورهيو خريد ڪرڻو پوي ٿو. معمولي مزدوري تي انهن کان گھر جو سمورو ڪم ڪرايو وڃي ٿو. شهر توڙي ٻهراڙين ۾ وڏن ماڻهن جي حويلين ۽ بنگلن اندر ڪم ڪندڙ پورهيت عورتون آهن جيڪي پنهنجي ذاتي زندگي جا ڏک، سور، خوشيون ۽ غم وساري ٻين جي گھرن ۾ مزدوري ڪن ٿيون. رڌپچاءُ، ڌلائي، صفائي، ٻُهاري، ديوارن تان ڄارا لاهڻ، فرش کي پونچا هڻڻ سميت امير ماڻهن جي ٻارڙن کي سنڀالڻ تائين سمورا ڪم اهي پورهيت عورتون ئي ڪن ٿيون. پر شهر مان ڀاڄي ۽ سامان سيڌي جي خريداري به انهن کي ئي ڪرڻي آهي. هنن پورهيتن جي ڪا موڪل ڪونه هوندي آهي، هي پورهيت عورتون سڀاڳا ڏڻ به پنهنجن مالڪن جي گھرن ۾ ڪم ڪندي گذارنديون آهن.
“ماسي” جي نالي سان سڏجندڙ انهي مزدور عورتن جي ذميواري صرف گھر جي رڌ پچاءُ ۽ صفائي سٿرائي رکڻ ناهي پر اهي پورهيت عورتون ته اڻسڌي طرح انهن بنگلن جي چوڪيداري جو به ڪم ڪن ٿيون. هر شئي جي ذميواري ان ئي پگهار ۾ سندن بلي آهي. ان گھر مان ڪابه شئي گم ٿي ته اهي پورهيت نوڪرياڻيون عذاب ۾ پئجي وينديون آهن. سڀ کان پهرين ان چوري جي جانچ جي شروعات انهن کان ئي ٿيڻي آهي. اها جانچ بنگلي اندر ٿئي يا ڳالهه راڄ نيتي کان ٿيندي ٿاڻي تائين پهچي پر بي گناهه هجڻ جي صورت ۾ به ان پورهيت کي گناهگار ڏوهاري کان به وڌيڪ لوڙهايو ويندو آهي. اميرن جي دسترخوانن تان بچيل اوباري ۽ پاروٿي کاڌي تي نسل در نسل پيٽ گذر ڪندڙ هنن پورهيت عورتن جي تن تي پنهنجين مالڪياڻين جا لاهي اڇلايل ڪپڙا پاتل هوندا آهن. سندن پيرن ۾ پڻ گھر جي ڪٻاڙخانن مان مليل جُتيون پهريل هونديون آهن. جڏهن دنيا جا امير ماڻهو ڊائنگ ٽيبل تي ويهي لاتعداد طعامن سان ڏينهن جي شروعات ڪندا آهن تڏهن اهي پورهيت عورتون پراٺي ۾ دير ٿيڻ سان دنيا جي جديد گارين سان ناشتو ڪنديون آهن. داٻا، دڙڪا ۽ ڇڙٻون انهن جون مقدر بڻيل آهن. ٿورڙي پگهار ۾ گھڻي تذليل جو فارمولو شايد دنيا جي اميرترين موٽن منکن جي معاشيات جو قانون آهي. هنن کي پنهنجي معاشيات بچائڻي آهي؟ هن پرٿوي تي معاشيات ۽ انساني قدر هڪٻي لاءِ زمين ۽ آسمان جيڏو ضد بڻيل آهن. هن دنيا کي سرمائدار پنهنجي اک سان ڏسن ٿا ۽ پورهيتن جي پنهنجي نگاهه آهي. پورهيتن جا خواب به غريباڻا آهن ۽ امير لوڪ سپنن ۾ به مسڪينن جي معاشي قتل عام ۽ استحصال ڪري سڪون حاصل ڪن ٿا. پر امير ۽ پورهيت جي حياتي گذارڻ جي طريقن ۾ هڪڙو فرق آهي، جيڪو اصل ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ شناخت جي لڪير بڻيل آهي. نوٽن جي بستري تي سمهڻ باوجود امير ماڻهن کي ننڊ جي گورين جو ٻڪ کائڻ به ڄڻ معاشيات جي قانون ۾ شامل آهي. انهن جو بلڊ پريشر به اسٽاڪ ايڪسچينج جي ريٽن جيئن هيٺ مٿي ٿئي ٿو. امير ماڻهن جي دل جي دڙڪن به زخيرو ٿيل شين جي اگهن سان واڳيل آهي. هو ڦڪا کاڌا کائن ٿا، لوڻ، مرچ، مٺاڻ کان پرهيز ڪن ٿا. هو بک لڳائڻ جون دوائون کائن ٿا. هو وزن گھٽائڻ لاءِ واڪ ڪن ٿا. پر پورهيت ته بنان بستري جي گھري ننڊ سمهن ٿا، هنن جو بلڊپريشر رڳو بک ۾ گھٽجي ٿو. غريب پورهيت ته هڪ ويلي ۾ ايترا مرچ ماني سان کائن ٿا جيترا امير ماڻهو سڄي هفتي ۾ به مشڪل سان استعمال ڪندا هجن! پورهيتن کي شگر ۽ دل جون بيماريون ٿين ئي ڪونه، هنن کي ته زمانن کان بک ايترو روليو آهي جو هو هاڻ بک لڳائڻ نه پر بک کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي دوا ڳولين ٿا. هنن جو پنڌ وزن گھٽائڻ لاءِ نه پر پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته پورهيت هن ڪائنات جا سمورن لذيذ ذائقن لاءِ فٽ آهن ۽ امير ماڻهو تي فطرت جون پابنديون آهن. چوپائي مال جي وڏن واڙن جا مالڪ ڪاري چانهه پيئن ٿا، گيهه، مکڻ، کير کين طبيبن بند ڪيا آهن. فائيو اسٽار هوٽلن جا مالڪ رڳو پاڻي ۾ اوٻاريل دال واپرائن ٿا.
جاکوڙي ڪردار ڪامريڊ راڌا ڀيل جو موقف آهي ته عورت ذات سان ظلم ۽ زيادتين جي تاريخ ته هون تمام ڊگهي آهي، پر پورهيت عورتن سان هن سماج جو رويو تمام ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ رهيو آهي. امير ماڻهن جي گھرن ۽ بنگلن ۾ ڪم ڪندڙ مسڪين ۽ معصوم نياڻين جي غربت، مفلسي، مالي تنگدستي ۽ مجبوري جو محلاتن ۾ رهندڙ موٽا ماڻهو ناجائز فائدو وٺي ساڻن غيرانساني سلوڪ ۽ رويو رکن ٿا. انهن تي چورين جا ڪوڙا الزام هڻي بليڪ ميل ڪري نه رڳو سخت جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو پر انهن عورتن کي جنسي حوس جو نشانو پڻ بڻايو وڃي ٿو. ويجهي ماضي جي تاريخ اهڙن ڪيترن ئي واقعن سان ڀري پئي آهي. انهن پيڙهيل عورتن سان هتي تمام گهٽ انصاف ٿئي ٿو. عدليا ۽ سرڪار انهن متاثر عورتن کي ڪهڙو اصاف فراهم ڪيو آهي؟ ڪيترائي واقعا تيزترين ميڊيا جي ڪري منظرعام تي اچن ٿا، نه ته گھڻو ڪري اهڙا واقعا ماڙين ۾ ئي دفن ٿيو وڃن، ڪٿان ڪو آواز نٿو بُلند ٿئي. ڪٿان ڪا رڙ نٿي ٿئي. اهو عورت دشمن سسٽم ختم ٿيڻ گهرجي.
ڀرت ڀريندڙ عورتون
نور نچوئي سئي ٽوپي جو ڪم ڪندڙ عورتن جي حياتي پورهيو ڪندي گذري ٿي، هو ڀرت سان گڏ پنهنجا خواب ٽانڪين ٿيون، هو بک کي سيبو ڏين ٿيون، هو بدحالي جا اڊيڙيل بکيا ڳنڍين ٿيون، پر ان جي باوجود بک جي ڦاٽل بگري کي چتي نٿي لڳي، اين جي اوز ۽ ادارا انهن جي ڪم کي ڪيش ڪرائي پنهنجو ڀڀ ڀرين ٿا. هو پنهنجي ڪٽنب سميت فاقاڪشي جي حياتي گذارين ٿيون.
گھرن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت ٻارڙا
ارب پتي ماڻهن جي ڊففينسي بنگلن ۾ معصوم ٻار ان ڪري گھريلو ڪم لاءِ نوڪر طور رکيا وڃن ٿا جو انهن جي پگهار گھٽ ڏيڻي پوي ٿي. مائٽ سخت معاشي مجبوري سبب پنهنجن معصومن کي راند روند ۽ پڙهڻ جي ڄمار ۾ بنگلن تي نوڪر طور ڇڏيو اچن. جتي پٿر دنيا جهڙا برگر ماڻهو انهن ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرائن ٿا. انهن جي مجبوري خريد ڪن ٿا. ڪائنات کي شاندار مستقبل ملڻ کان روڪين ٿا. جتي پنهنجي سک ۽ آسائشن لاءِ ٻين جي زندگين سان کيڏيو وڃي ٿو. جتي ننڍڙن ٻارڙن جا معصوم جذبا رتورت ٿين ٿا. جتي خواهشن جو گلو گھٽيو وڃي ٿو. جتي پورهيتن هٿن مان گلاس ٽٽي پوڻ تي به عالمي جنگ ڇڙڻ جهڙو امڪان موجود هجي. غربت جو عذاب انهن ٻارڙن کي اميرن جي اڳيان محتاجي جو جيون ارپي ٿو. بچپن کان ڌارين جي رحم ڪرم تي گذاريل حياتي مستقبل ۾ هن سماج اندر هڪ ذهني مريض مزدور جو اضافو ئي ڪري سگهي ٿي. انهن خوشحال ۽ ڪُشادن بنگلن کي پنهنجي ٻالڪپڻ کان وٺي سموري حياتي ارپڻ وارن پورهيتن جي گھرن ۾ ڪڏهن خوشي جا لمحا آيا آهن. اهي پورهيت ته پنهنجي زندگي گذارين ئي ڪونه ٿا. هو ته ڄڻ پيدا ئي نيچ نوڪري لاءِ ٿيا آهن. سڄي سال ۾ اهي پورهيت ٻار انهن بنگلن مان ايتري پگهار مس کڻن ٿا جيتري رقم ميڊم جي هڪ دفعي جي ميڪپ جو بل آهي. هي مصعوم پورهيت ٻار نه ڪيل گناهن جي سزا ڀوڳين ٿا.
چوڪيدار، مالهي، ڊرائيور ۽ بورچي
دنيا ۾ موجود وڏن بنگلن جا سُک ۽ آسائشون ماڻڻ وارا منک ٻيا آهن. پر انهن محلن جي رونق، سونهن، تحفظ جا ذميوار ماڻهو اڃان ئي ٻيا آهن. جن جي سڄي حياتي سلام صاب، جي صاب، حاضر صاب جهڙن ٽن جملن تي گردش ڪري ٿي. انهن محلن ۾ لذيذ کاڌا ٺاهڻ وارا پورهيت بورچي، تحفظ ڏيڻ واري چوڪيدار، باغيچا ۽ پارڪن جي سونهن سجائڻ وارا مالهي ۽ انهن صاحب لوڪن جي سفر جا همسفر ڊرائيور پورهيت سموري حياتي پيٽ گذر جي مجبوري ۾ ناچاهيندي به ساٿ نڀائن ٿا. سندن مالڪن جا بنگلا اڀ سان ڳاليهون ڪندا رهن ٿا. پر انهن جي جهوپڙين مان داڳ جي خوشبوءُ به جمعي چنڊائي به مشڪل سان اچي ٿي. هو پنهنجن ٻچن جو علاج فقط صاب جي چٺي تي يا سرڪاري اسپتالن مان ڪرائن ٿا. هو پنهنجن غمن ۽ خوشين ۾ به صاحب جي اجازت کانسواءِ نٿا وڃي سگهن. بنگلن ۾ ڪم ڪندڙ انهن پورهيت مزدور جو ڪهڙو مستقبل آهي؟ انهن جي اونداهي ٻاٽ جهڙي حياتي ۾ روشني جي ڪِرڻي جي ڪا ذري به اميد آهي؟
گھريلو ڪم ڪندڙ پورهيتن سان ٿيندڙ واقعا
تازو سانگهڙ شهر ۾ سيٺ رتن لوهاڻي جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ 16 سالا راڌا ڀيل جو لاش سيٺن جي گھر مان هٿ آيو. 3500 ماهوار پگهار تي گھر ۾ ڪم ڪندڙ ان پورهيت نياڻي جو موت جو سبب ڪهڙو هو؟ واقعي جي پهرين ڏينهن مائٽن سيٺ تي ڪيس داخل ڪيو پر وري رات پيٽ ۾ الئه ته ڪهڙو واه وريو جو ٻي ڏينهن هو ڪيس تان ئي هٿ کڻي ويا. اهڙا واقعا اخبارن ۾ ايندا رهندا آهن. گھڻو ڪري بنگلن مان پورهيتن تي چوري جا الزام ئي لڳندا آهن. جنهن جي جانچ به گھڻو ڪري بنگلن ۾ ٿيندي آهي. پورهيتن کي چوري جي سچي يا ڪوڙي الزام ۾ قيد ڪرڻ، استري سان ساڙڻ، ڏنڀ ڏيڻ، سخت جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي. ڪيترائي معاملا آهن جيڪي ميڊيا م اچڻ کان رهجي ويندا آهن. پر جيڪي ميڊيا جي زينت بڻبا آهن تن کي ڏسي ڏيل ڏڪي ويندو آهي. انسانيت لڄي بڻجي ويندي آهي. پر اعلى اختيار خاموش، انساني حقن جا ادارا خاموش، سول سوسائٽي خاموش، سنجيده ۽ باشعور ماڻهو خاموش، قلم ۽ ڏات خاموش ٿي ويندا آهن. اها خاموشي ئي پورهيتن تي ظلمتن جي اڻسڌي اجازت آهي، اها خاموشي ئي غلامي کي فروغ بخشي ٿي.
دنيا جا ڪيترائي منجھيل سوال جوابن جا منتظر آهن. هن دنيا ۾ پگھر جو پورهيو ڪندڙ محنت ڪش پورهيت طبقا پنهنجي پيٽ گذر خاطر سخت جسماني پورهيو ڪري هن ڪائنات جي تعمير ۽ ترقي لاءِ لکين سالن کان نسل درد نسل پتوڙڻ جي باوجود اڄ به بک ۽ بدحالي جو شڪار ڇو آهي.؟ جيڪي پورهيت پنهنجي زندگين جا خوبصورت لمحا هن ڪائنات لاءِ گرمين توڙي سردين ۾ اناج پيدا ڪرڻ خاطر ڪارين راتين ۾ لنڊيون لتاڙيندي کيتن ۾ گذارين ٿا، ڇا انهن جي ڪکائن جھوپڙين ۾ ان جي ڪا گُندي پيل آهي؟ پورهيت ته ڪائنات لاءِ اناج جا انبار اُپائي به پاڻ سرمائدار اڳيان پنهنجي پگھر جي ڪمائي به جھولي جھليو وٺن ٿا. “منهنجي ڪڻڪ کڻڻ وارا سرمائدارو! مون کي ٿورو اٽو ته ڏجو” اربين ٽن اناج پيدا ڪندڙ پورهيتن جي گھر ٿيلهي ۾ سير اٽو به روز اچي ٿو يا کين ڪڏهن ڪڏهن بکئي پيٽ سمهڻو پوي ٿو؟ لکين ٽن ڦٽي جو فصل پيدا ڪندڙ پورهيتن جي معصوم ٻارن جي انگ تي ڪڏهن ڦاٽل شلوار يا قمص آهي ته ڪڏهن ناهي ۽ اڪثر مزدورن کي پاتل نيلامي ڪپڙن کي پٺن وٽان چتي ڇو لڳل هوندي آهي؟ ڪارخانن ۾ اُچيون ۽ مهنگيون جتيون ٺاهيندڙ پورهيتن جي پيرن ۾ سدائين اڳڙين سان ٻڌل ڇڳل ٺوڳر ڇو هوندا آهن؟ دنيا جون سموريون ماڙيون، محل، بنگلا ۽ پلازا ٺاهيندڙ پورهيتن جا گھر ڪکاوان ڇو آهن؟ آر سي سي ڇتون ٺاهيندڙن جا غريباڻا جھوپا طوفاني هوائن جي پهرين جھونڪي تي ئي پٽ ڇو پئجي ويندا آهن؟ ڪائنات ۾ گھر جوڙي ڏيندڙ ماڻهن جي اڪثريت بي گھر ڇو آهي؟ مزدورن جون جھوپڙيون ماڙين جي پاڇي ۾ الوپ ڇو ٿين ٿيون؟ بنگلا اجگر بلائون بڻجي ڪکن پنن جي انساني آکيرن ڇو کايو وڃن؟ دنيا جا وڏا روڊ ۽ رستا ٺاهيندڙ مزدورن جون گاڏيون ڪڏهن انهن روڊن تي هليون آهن؟