ڪالم / مضمون

جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)

. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نگار محب ڀيل جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو موضوع گهڻو ڪري پورهيت ئي آهن.
هي ڪتاب ”جنين لوهه لڱن ۾“ ڪائنات ۾ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مسڪين محنت ڪش مزدورن جي ڏکن، سورن، دردن، عذابن، مصيبتن، انياءَ، ناانصافين جي وارتائن جو ڏکوئيندڙ داستان آهي. ليکڪ محب ڀيل جي اکر اکر ۾ مزدورن جي سورن جي عڪاسي ٿيل آهي. پورهيتن سان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ استحصال ڪندڙ بدمست عالمي سرمائيدار سامراج جي مزدور دشمن پاليسين، منصوبابندين ۽ سازشن تان پڻ پردو کنيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2870
  • 559
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)

پگهاردار گاهيو ۽ ڌراڙ

انسان پنهنجي جيون جي مشڪلاتن کي آسان بڻائڻ، پنهنجي حياتي جي سلامتي ۽ انساني نسل کي برقرار رکڻ خاطر خوراڪ جي ذريعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي ڏونگر ڏوريا آهن سي پڻ هن دنيا جي ڏکوئيندڙ تاريخ جو ڊگھو رئاڙيندڙ داستان بڻيل آهن. انسان جو پيٽ ڀرڻ لاءِ جتي زراعت سان لاڳاپيل خوراڪ جا ٻيا ذريعا آهن پر انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهارو کيس چوپائي مال جو به رهيو آهي. جنهنڪري اوائلي زماني کان انسان پاڻ سان گڏ چوپائي مال کي پڻ سانڍيندو رهيو آهي. چوپائي مال جو کير، مکڻ، گيهه، گوشت سندن توانائي جو وڏو سهارو بڻيل رهيو آهي، اُن ۽ کل ماڻهو کي سخت موسمن جي سردين ۽ گرمين کان کيس محفوظ بڻايو آهي. جنهن سبب انساني نسل سلامتي سان هيستائين برقرار رهي سگهيو آهي. ٻي دنيا سميت سنڌ ۾ زراعت سان گڏ چوپايو مال انسان جي گذر جو سبب بڻيل رهيو آهي. سنڌو سڀيتا جي عظيم تهذيب موئن جي دڙي مان پڻ چوپائي مال ڌارڻ جا ڪيترائي مثال مليا آهن جنهن مان اهو پتو پوي ٿو ته سنڌ جا ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙ لوڪ مالوند ڀاڳيا پڻ هئا. دنيا ۾ هيستائين آيل خطرناڪ ڪارن ڇپني جهڙن ڏڪارن وارين صورتحالن ۾ به انسان پنهنجي نسل جي بقاءُ جي جنگ ۾ چوپائي مال کي ڪتب آندو آهي. جنهن لاءِ کيس هر وقت پاڻ سان گڏ پنهنجن جانور جي نسلي افزائش لاءِ پڻ سخت جسماني جاکوڙ ڪرڻي پئي آهي. جنهن لاءِ مالدار ۽ سرمائدار ماڻهو جانورن جا ولر پنهنجي ذاتي ملڪيت طور رکي به پنهنجي ناڻي، نقد، مال، ڌن ۽ دولت ۾ بي انداز واڌارو ڪندا رهيا آهن. ان ڪم ۾ سندن ناڻي جي سيڙپ ۽ پورهيت گاهيي ۽ ڌراڙ جي سخت محنت جي نتيجي ۾ اهو چوپايو مال پنهنجي نسلي واڌ ويجهه ڪرڻ سان گڏ انسان جي پيٽ جي دوزخي باهه کي اجهائيندو رهيو آهي. اوائلي دؤر ۾ ڏاڍن ۽ هيڻن جي وچ ۾ ٻين ڪيترن سارن معاملن سان گڏ چوپايي مال جي ڦرلٽ ۽ قبضي تان پڻ ويڙهون ٿينديون رهيون آهن. ان زماني ۾ به ڏاڍا ماڻهو هيڻن تي هلائون ڪري سندن چوپائي مال کي زبردستي ڪاهي ويندا هئا. مال چارڻ لاءِ ويل ڌراڙ پڻ ڪڏهن ڪڏهن جهنگ مان ڦرجي، لُٽجي خالي هٿين پنهنجي گھر پهچندا هئا. ارتقا جي ان اوائلي جُڳن کان اڄ تائين چوپائي مال جي سار سنڀال ڪندڙ پورهيت مزدور ئي رهيا آهن جيڪي پنهنجي مقرر ماهوار پگهار تي چوپائي کي چارين ٿا ڪي وري پنهنجو ولر وڙڪائن ٿا.

ڌراڙ
توڙي جو چوپائي مال کي جهنگ ۾ چاريندڙ پورهيت مزدور کي “ڌراڙ” (دنار) چيو ويندو آهي. پر پوءِ به چوپائي جي هر قسم جي ڌراڙ جي سڃاڻپ سندس مال جي قسم پويان به ٿيندي آهي، جيئن ٻڪريون چاريندڙ پورهيت مزدور کي ٻڪرار، اُٺ چاريندڙ کي اوٺار، رڍون چاريندڙ کي ريڍار، مينهون چاريندڙ کي ميهار، ڳئون چاريندڙ کي ڳنوار چيو ويندو آهي. ڪي ڌراڙ ٻاڪرو ۽ ريڍو مال گڏ به چاريندا آهن. اهي پورهيت ڌراڙ لڱ ساڙيندڙ گرمين توڙي هڏ ڏڪائيندڙ سردين، لڪون، بارشون، ٻوڏن ۽ طوفانن ۾ به دنياداري جي ٻين ڪم ڪارن کان بلڪل ڪٽجي فقط پنهنجي ڌڻ تي ڌيان ڏيندا آهن. ٻين ڌندن سان لاڳاپيل پورهيتن کان جتي هاڻ ڏهه کان ٻارهن ڪلاڪ پورهيو ڪرايو ويندو آهي اُتي ڌراڙ کي سج اُڀرڻ کان سج لهڻ تائين سڄو ڏينهن وڏي ڦڙتي سان پنهنجا جانور سنڀالڻا آهن ته رات جو مال جي واڙ تي پهرو به ڏيڻو پوندو آهي. ڌراڙ جو ڪم چويهه ڪلاڪ هجڻ ڪري سندس جيون ۾ آرام جا پل تمام گھٽ هوندا آهن. ان پورهيي عيوض ڪو وڏو ناڻو نٿو ملي پر پنج کان ست هزار پگهار، هر عيد تي ڪپڙن جو وڳو، “وِري” (اٽي لاءِ مليل اناج) طور مڻ ڏيڊ داڻن جو ملندو اٿس. ميلي ۽ ملاکڙي ۾ “قرض طور “خرچي” ملندي اٿس. ڌاراڙ جي ڪل ڪائنات سندس سيم، واڙ ۽ ڌڻ آهي. سڄو ڏينهن پورهيت ڌراڙ کي اُڀي پير گھاٽن جهگلن، ڀيلاڙ فصلن، گئوچرن ۾ پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. هڪ ڌراڙ پنهنجي مال پويان سراسري طور روز ويهه ڪلوميٽر پيدل سفرڪري ٿو. مسلسل ڊگها پنڌ ڪرڻ ڪري اڪثر ڌراڙ اجائي جسماني ٿولهه کان بچيل رهن ٿا. سندن خوراڪ ۾ کير جو گھڻو استعمال ۽ جانورن پويان ڊوڙڻ ۽ ڊڪڻ ڪري ٿيل ورزش سندن تندرستي جو راز آهي. اهي پورهيت ڌراڙ توڙي جو گھٽ بيمارٿين ٿا ۽ گھڻين بيماري جو علاج به پاڻ ڪن ٿا پر جيڪڏهن کين ڪا بيماري ٿي به وئي ته وقت ۽ مالي تنگدستي سميت سهي علاج نه ٿيڻ ڪري پورهيت ڌراڙ لاتعداد تڪليفن کي منهن ڏيندي ڏيندي موت جو شڪار به ٿيو وڃن ٿا. دنيا جي ترقي سان گڏ چوپائي جا وٽنري سينٽر ۽ ڊاڪٽر پڻ هر جاءِ تي موجود هوندي به چوپائي مال جا تجربيگار ڌراڙ پنهنجي مال جو علاج پنهنجي ديسي طريقن سان ڪن ٿا. مال جي بيمارين جي کين وڏي ڄاڻ آهي. چوپائي مال جي بيمارين ڀرتي، زڪام، ساماڙهو، ڦيري، تير، ماتا، ڳنڍ جي درست شناخت ڪرڻ ان جي علاج سميت انهن جي ويم ڪرائڻ يا ڪنهن ڍور جي پيٽ ۾ ڪنهن سبب جي ڪري ڦر مري وڃي ته ان مئل ڦر کي پيٽ مان ڪڍڻ جهڙا مشڪل ڪم پڻ هتي جا مقامي ڌراڙ پنهنجي تجربي جي آڌار تي نهايت ئي آساني سان ڪري سگهندا آهن. پنهنجي وڳ جي جانورن سان سندن اهڙي پريت هوندي آهي جو ڪيترائي ڌراڙ پنهنجن جانورن تي پنهنجي پسند جا نالا رکندا آهن. ان ئي نالي سان پڪاريندا آهن ته اهو جانور وٽن ڊوڙي ايندو آهي. هن دنيا لاءِ خوراڪ لاءِ کير، مکڻ، گيهه ۽ گوشت جو بندوبست ڪرڻ خاطر پنهنجي سموري حياتي جهنگ ۾ گھاري ڇڏڻ وارن هنن پورهيتن جا پير ڪنڊن سان ڇنل هوندا آهن. ڪنڊن کان بچڻ لاءِ ڌراڙ اڪثر ٽائرن مان جُڙيل جُتي پائيندا آهن. ٽائر جي جُتي گرمين ۾ تپي باهه ٿيڻ ڪري سندن نظر پڻ جهڪي ٿي ويندي آهي. ڌراڙ سومجي ڀيل به پير ۾ ڪنڊو لڳڻ ڪري سموري حياتي هڪ ڄنگهه کان معذور ٿيڻ ڪري منڊڪائي هلندو آهي. پنهنجي جان کان وڌ پنهنجي مُجيرين جي جانورن کي ڀائڻ وارا هي پورهيت هن ڪائنات ۾ سماجي حيثت سميت ڪيترن ئي انساني حقن کان پڻ محروم بڻيل آهن. اتفاق سان ڪنهن جانور ڪنهن جاگيردار جي فصل ۾ ڪو چڪ هنيو يا ڪا معمولي ڀيل ڀرڙي ٿي ته ان ڌراڙ کي بنا پڇا ڳاڇا جي سخت مارڪٽ جو نشانو بڻايو ويندو آهي. جنهن جو هن دنيا ۾ ڪوبه داد فرياد نٿو ٿئي. نه ئي هنن پورهيت ڌراڙن جي ڪا يونين آهي. جنهن ذريعي هو پنهنجا ڏک سور حل ڪن ۽ نه ئي هنن پورهيت مزدورن لاءِ ڪنهن سياسي تنظيم ڪڏهن آواز بُلند ڪيو آهي
ڌراڙ پنهنجي وڳ جا وصب ته سڃاڻن ٿا پر سندن پير، وک ۽ لوڏ به سڃاڻن ٿا. جانور پنهنجن ڌراڙن جون سينڊون، هڪلون، ڳٽڪار، ڪوڪار ۽ سڏ وراڻيون سڃاڻن ٿا. هڪ هنڌ تي ڏهن ڌراڙن جا ولر پيا چرن پر شام ويلي جنهن به ڌارڙ ڪوڪ ڪئي ته ان جو ڌڻ ان جي ئي پويان ڪانواءِ ۾ هوندو، پر ڪڏهن ڪڏهن اتفاق سان ڪو نئون خريد ڪيل جانور يا ننڍڙو ڦر ٻي ڪنهن جي ولر ۾ به ڀُلجي ويندو آهي پر ٻي ڏينهن کين اهو جانور هٿو هٿ ملي ويندو آهي. هو ڄاڻو پيري به آهن. اڪثر ڌراڙ پنهنجين علائقائي راندين ۾ وڏا ڄاڻو هوندا آهن. سنڌ جا ڌارڙ ڌرتيءَ جي ثقافتي راندين ملهه، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، پاڻي ۾ ترڻ جا ماهر هوندا آهن. ڪيترائي ڌراڙ ثقافتي سازن وڄائڻ جا پڻ وڏا هوشيار هوندا آهن. جنهن ۾ خاص طور چنگ، بانسري، پاوا، بوڙينڊو ته اڪثر سندن کيسن ۾ پيل هوندا آهن. پر ڪانسيا، دنڀورو، ستار، ڍولڪ، سرندو به ڀلوڙ انداز سان وڄائڻ جي ڪلا رکندا آهن. سنڌ جا اهي ڌراڙ پنهنجي مڌر آواز ۾ ڳائيندا به آهن. جڏهن هو ڪنهن وڻ جي ڇانءَ ۾ يا دڙي ۽ ڀٽ تان سُر ڇيڙيندا آهن. اهي سُر ڪنهن جي دلين جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ جو سبب پڻ بڻجندا آهن. سهڻي جو جنهن ميهار سان نينهن اٽڪيو سو اصل ۾ عزت بيگ بنيادي طور هڪ شاهوڪار منک مرزا عاليءَ جو پٽ هو پر عشق ۾ درياءُ جي ٻي پاسي مينهون پيو چاريندو هو. جنهن ڌراڙ جي “چُکي” جي چاهت سهڻي کي وچ سير ۾ آڻي بيهاريو هو. جنهن تي ڀٽائي سرڪار پورو سُر سرجيو آهي.
ساهڙ ڌاران سهڻي، نسوري ناپاڪ،
نجاست ناه ڪري، اُنين جي اوطاق،
هو جي کير پياڪ، پاسي تنهين پاڪ ٿئي.
(ساهڙ کان سواءِ سهڻي ناپاڪ آهي، هوءِ هن (ميهار) جي آستان تي ئي پنهنجي ناپاڪائي وڃائيندي. هو کير پئندڙ معصوم ۽ پاڪ آهن، تن جي ڀر ۾ ئي هوءِ پاڪ ٿيندي )
شاهه سائين جي رسالي ۾ سُر سسئي ۾ به ڌراڙ جو ذڪر اچي ٿو. جيڪو بلوچستان جي ماباڙ ندين جي ڀر ۾ مال چاريندو هو. ان ڌراڙ سسئي جهڙي خوبصورت عورت کي جهنگ ۾ اڪيلي ڏسي صفا موهجي پيو. کيس حاصل ڪرڻ لاءِ کير ڏُهي پياريائين. پر سسئي کيس چيو ته هو پنهنجي پنهون جي پويان آهي.
مال ۾ مگن اهي ڌراڙ لوڪ ڏاهپ جي فن جا پڻ ڄاڻو هوندا آهن. ڳجهارتون، پروليون، ڏور، نڙبيت آکاڻيون، شعر و شاعري ڪرڻ سميت کين لطيف، سچل. ميران ٻائي، بلي شاهه سميت ٻين مقامي شاعرن جي شاعري برزبان ياد هوندي آهي. ملڪاڻي شريف جو ڌراڙ سگهڙ الهه بخش ملڪاڻي به سموري حياتي جهنگ ۾ گذاريندي شاعري جو هڪ ڪتاب “جنهن ڪُون عشق لڳا هي جهنگ دا” لکي ويو. جنهن ۾ ان ڌراڙ شاعر جي سرائڪي ڪافي جا چند بند هن ريت آهن.
عشق ڏکاليا جام، عبرت وڏي اسرار ڏٺوسي،
عشق عقل دا، جهيڙا جهنگ وچ،
تابش وڏا، تڪرار ڏٺوسي،
عشق ڏکاليا جام، عبرت وڏي اسرار ڏٺوسي.

ملڪ وڻيوسي ماڳ جهنگل دا،
تڏهن روح ڳايا هي راڳ جهنگل دا،
ڀلا بهاري، اهو باغ جهنگل دا،
جٿان پکئين والي پچار ڏٺوسي،
عشق ڏکاليا جام، عبرت وڏي اسرار ڏٺوسي.
ڪلهي تي رُڪ جي چمڪندڙ ڪهاڙي ڌراڙ جي هٿ جو هٿيار آهي، جنهن سان ٻٻرن توڙي ٻين وڻن جي ڇانگ ڪري پنهنجن ولرن کي چاريندڙ ڌراڙ ڪپهه مان رسيون ٺاهڻ، مال جي وارن (ان) مان رسا ٺاهڻ، پنهنجي مال لاءِ خوبصورت ڳانيون، مورا، مينڍ به ٺاهيندا آهن. سندن هٿ جو هُنر تمام شاندار ۽ وڻندڙ آهي. ڌراڙن جي ڪاڙهيل چانهه جو ذائقو فائيو اسٽار هوٽل جي مهانگي چانهه کان ڪنهن به ريت گھٽ ناهي. ڌراڙ خوبصورت سنڌي ٽوپيون، جهوڙن وارا اڳٺ، ڪاري قميص ۽ اڇي شلوار شوق سان پائيندا آهن، ڀلا رومال يا اجرڪون سندن ڪلهن تي هونديون آهن. سندن کيسي ۾ ٽڪ، ڦڻي، مساڳ، سُرمو ۽ صابڻ ذري به هر حال ۾ هوندي آهي. ماضي ۾ ريڊيو ۽ ڪئسٽ وارو ٽيپ به سندن شوق ۾ شمار هو هاڻ اهو وري ايم پي ٿري ۽ موبائل جي جديد شڪل ۾ سندن هٿن ۾ ڏٺو ويو آهي. هاڻ هو هڪٻي سان موبائلن تي پڻ رابطي ۾ رهندا آهن. ڪيترائي ڌراڙ موبائل چارج ڪرڻ لاءِ ننڍڙيون سولر پليٽون پڻ پٺن تي ٻڌيو پيا هلن. راقم الحروف ڌراڙن کي نيٽ هلائيندي، گانا ڊائون لوڊ ڪندي به پنهنجي اکين سان پسيو آهي. اڄڪلهه جانورن جي فارمنگ سسٽم ڪري سندن گھرج گھٽجي وئي آهي پر ان هوندي سندن ڪرت جو زوال ناهي.

گاهيو
گاهيو ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ قائم جانورن جي واڙن تي ڪم ڪندڙ پگهاردار کي چئبو آهي. جيڪو مال لاءِ گاهه ڪُتر ڪرڻ، بوهه پُسائڻ، بُسو، کڙ، چُنو وقت سر مال کي ڏيڻ، ڏهائي ڪرڻ، مال جي سارسنڀال ڪرڻ ان پورهيت جي ذميواري ۾ شامل آهي. ڪنري جو پورهيت سونو ڪولهي به زميندار جي مال جي واڙي تي ڪم ڪندو هو. مائٽن جو هي اڪيلو ٻچڙو ٽي مهينا اڳ لاڏ ڪوڏ سان پرڻيو هو. بجلي جي موٽر واري مشين تي مال لاءِ گاهه ڪتر ڪندي سندس ٻئي هٿ مشين ڇڪي وئي، سيڪنڊن ۾ سندس مهندي لڳل لال هٿ رت سان ڳاڙها ٿي گاهه ۾ گڏجي ويا. هو هٿن کان خالي ٻانهون کڻي رت ڳاڙيندو ڀڄندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو، اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندو غش ٿي ڪري پيو. سندس گھرڀاتي قيامت جهڙو منظر پسي اڌ مئا ٿي ويا. هُنن کي سمجهه ۾نه اچي ته هاڻ هو ڇا ڪن؟ ڳوٺاڻن سواري جو بندوبست ڪري پورهيت سوني ڪولهي کي ڪنري جي اسپتال ۾ پهچايو.
پورهيت سوني جي هٿن ڪٽجڻ وارو واقعو سوني جي سمورن گھرڀاتين تي وڄ بڻجي ڪڙڪيو هو. ٿورو عرصو اڳ سوني جي هٿن تي مهندي هڻي راسوڙا ڳائڻ واري امڙ پار ڪڍي روئي رهي هئي. هنن جا مستقبل سان واڳيل سمورا خواب کن پل ۾ چڪناچور ٿي ويا. جڏهن سونو هوش ۾ آيو ته سندس ٻانهن سان اهي پورهيت هٿ جُڙيل نه هئا، هن ڏٺو ته هن جي هٿ جي واچ ۽ ڪجهه مهينا اڳ شادي ۾ ورتل منڊي ۽ سندس ڪنوار جا ڏنل ڇلا به ڪونه هئا، پورهيت سونو ڪجهه لمحن لاءِ اکين کان ڄڻ انڌو ٿي ويو، جڏهن سوني هوش سنڀاليو ته هن کي سڀن ماڻهن جا هٿ ڪپيل پئي نظر آيا. هن ڊاڪٽر کي اوڇنگار ڏيندي آخري عرض ڪيو ته “مارا هاٿ مُني واپس لڳاوي ڏي، هون ٻاڪري ويسي توني پيسا ڏيس” پر اهو ناممڪن هو.
جن هٿن سان هن پورهيو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي مُجيرين جو پيٽ ڀريو هو، جن هٿن سان هُن گاهه جون ڳريون ڀريون سٽ ڏيئي کنيون هيون، جن هٿن سان هو پنهنجي پوڙهي پيءَ جا پيرن تي ڀيڻان (ذور) ڏيندو هو، جن هٿن سان هن ڏانڊيا رقص ڪيو هو. جن هٿن سان هٿڙيا ڏيئي ٽي مهينا اڳ هو چونري جا ڦيرا ڦريو هو، جن هٿن تي هن جي ڀيڻ هُن کي راکڙي ٻڌندي هئي، جن هٿن جي لڦن تي هن پٽيون ٻڌيون هيون، اهي هٿ گاهه جي مشين ۾ ڪپجي ويا هئا، بلڪه هڪ پورهيت جا چمڻ لائق هٿ ڪپجي ويا، ڪائنات جا هٿ ڪپجي ويا، ڀڳوان جي خاص دوست پورهيت جا هٿ ڪپجي ويا، پرٿوي جو پيٽ ڀرڻ لاءِ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مزدور جا هٿ ڪپجي ويا، شڪاگو جي شهيدن جي غريب ڀاءُ جا هٿ ڪپجي ويا، ٻن پورهيت هٿن جو موت جو سانحو ٿي ويو، پورهيت سوني ڪولهي جي گھر ۾ پورهيت هٿن جي معذوري جي صدمي سبب سوڳواري ڇانيل آهي.
پورهيت مزدورن جي نالي تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز، سياسي سماجي پارٽيون، سول سوسائٽي سوني جي تڏي تي لڙي ڪونه آيا. پينچائتون هلائڻ وارن نام نهاد پٽيلن کي ڄڻ نانگ سونگي ويو هجي، انسانيت ايڏي بيحس ٿي سگهي ٿي؟