ليکڪ پاران
پورهيتن سان هن سماج جو رويو ڪهڙو آهي؟ مزدورن جو استحصال ڪندڙ ظالم سامراجي سرمائيدار قوتون هن انساني حقن جي آزادي واري دؤر ۾ به پگهر جو پورهيو ڪندڙ محنت ڪش ماڻهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪن ٿيون؟ ڪهڙو ويل وهائن ٿيون؟ ڏک ڏسي پرٿوي کي سک، آسائشون ۽ آرام ارپيندڙ پورهيتن سان ظلم، ڏاڍ، انياءُ، ناانصافي، جبر، قهر ۽ ڪلور ڇو آهن؟ پورهيتن جي سورن، مصيبتن ۽ عذابن جا ذميوار ڪير آهن؟ اهي ڪير آهن جيڪي پورهيت جو پگهر سُڪڻ کانپوءِ به اجورو نٿا ڏين؟ اهي ڪير آهن جيڪي پروردگار جي خاص دوست “پورهيت” سان دشمني لڳايو اچن؟ اهي ڪير آهن جيڪي انهن کي نسل در نسل دربدر ڪندا اچن؟ اهي ڪير آهن جيڪي مارڪس جي صلاح “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو” جي ابتڙ “دنيا جي پورهيتن کي پاڻ ۾ گڏجڻ نٿا ڏين؟” اهي ڪير آهن جيڪي هنن هيڻن انسانن، پورهيتن جي ڳاڙهي جهنڊي، مزدور يونين ۽ داس ڪيپيٽل کان ڊنل آهن؟ سرمائيدارن جي گُدامن ۾ پيل اناج کي اڏوهي پئي کائي ٻي پاسي پورهيت جو پيٽ ۽ پُٺي هڪ ٿي ويا آهن. ڪيترائي سوال آهن جيڪي ننڊ ڦٽڻ جو سبب بڻجن ٿا، ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اندر ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائن ٿيون، واقعي ٻه اکر پڙهيل ماڻهو وڏي عذاب ۾ هوندو آهي. اسان جي آسپاس ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي کايو، پيو اوڳرايون ڏيو وڏي اطمنان سان پيا هلندا آهن. انهن لاءِ ڪڏهن پورهيتن جا ڏک سک ڦٽڻ جو سبب نٿا بڻجن. ڇو ته انهن ئي ته پورهيتن جا سک ڦٽايا آهن. مون ڪنري جي پورهيت سوني ڪولهي کي اکين ڪونه ڏٺو پر گاهه ڪُتر ڪندي ان جا وڍجي ويل هٿ مسلسل ٻن مهينن تائين منهنجي اکين اڳيان ڦرندا رهيا. يڪجهتي طور ٻن مهينن تائين منهنجي آڱريون لکڻ تان هٿ کڻي ويون، اهو واقعو الئه ڇو مون لاءِ ذهني عذاب جو سبب بڻجي ويو. کوهه کوٽيندي زمين ۾ دٻجي فوت ٿيل پورهيت مزدور جڏهن به ياد اچن ٿا ته من ۾ عجيب سوڳواري وار کولي واسو ڪري ٿي، مزدور پورهيو ڪندي حادثن ۾ فوت ٿي وڃن ٿا، زخمي ٿين ٿا، ڪارخانن مان ڪڍي بيروزگار ڪيا وڃن ٿا. يعني انهن پورهيتن سان هزار مسئلا آهن پر هن وسيع ڪائنات ۾ مزدورن جي مسئلن جو ڪو هڪ به حل موجود ناهي. دنيا ۾ “بک” جو مسئلو حل ڪندڙ بک جو شڪار ٿين ٿا. آئون پورهيت پيءَ جو پٽ آهيان، بابا سڄي حياتي چوپائي مال جي پڙين ۾ منشيگيري ڪري اسان کي پاليو ۽ پڙهايو آهي، آئون به ساڻس گڏ تيرهن سال مال پڙي ۾ منشي رهيو آهيان، جتي اسان کي وقت به وقت مارڻين ڍڳين، مينهن، پاڏن ۽ ٽيهاڻن لتون ۽ ٽڪرون هنيون، هاڻ ماڻهن جي روپ ۾ به اهو ڪم جاري آهي. اسان ٻين مزدورن جيئن پيٽ جي باهه اُجهائڻ جا جتن ڪيا آهن. مون جن اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيو آهي انهن ۾ سرمائيدارن جي ثناخواني به ڇپجي ٿي، اُتي به “مجوري” ٿئي پئي. وڏن لوڪن جا پڇ لٽڪائو لکاري ماڻهو درٻاري بڻجي ماني ۽ ڳاڙهو ٻوڙ ڇڏائن پيا. وڏا وڏا نالا پئسن تي لکن ٿا پر اسان جنهن لڏي سان پنڌ ڪيا آهن اُتي بک مرڻ کي ترجيع ڏني ويندي رهي آهي.
آئون وري به اهو ڳالهه ورجايان ٿو ته مون وٽ لکڻ جو فن ڪونهي، مڙئي رنڊا روڙيان ٿو. ڪنهن به اعزاز، سرٽيفڪيٽ ۽ مال پاڻي لاءِ ڪونه ٿو لکان، جي سرمائيدارن جي شان ۾ لکان ته ڏوڪڙن جا کوڙ لڳي وڃن، پر يار! ضمير ماري ٿو، ان ڪري پاڻ پنهنجي پورهيت ڀائرن جو گس وٺيو پيا هلون، منزل ملي يا نه ملي پر اهو يقين آهي ته گس منزل وارو ئي ورتو آهي. ايندڙ نسلن کي انقلاب جي منزل ضرور ملندي، سو اسان واري انقلاب جون ڳالهين کي هضم ٿيڻ ۾ زمانو لڳندو، پورهيت ۽ پورهيت دوستن کي اهي ڳالهيون وڻنديون باقي سرمائيدار ۽ سندن ڇاڙتن کي هي ڳالهيون ۽ ڳاڙها ڪتاب اکين نٿا وڻن، انهن جي اکين ۾ صنم مرچ ڀرجن ٿا.
مون جيڪو ڏٺو ڀوڳيو، لوڙيو، لوچيو ۽ محسوس ڪيو آهي اهو ئي لکيو آهي. سوال اهو آهي ته لکجي ڪهڙو؟ اهو ته ڪو مها، ماهر اديب، مها دانشور، ڏاهو ۽ ڄاڻو تاريخدان لکاري ئي ڄاڻي، انهن سمورين خاصيتن کان اسان مڙئي آجا آهيون. نه پاڻ کي لفاظي جي لٻاڙ اچي، مون کان هٿ جا قصا نٿا گھڙجن، جيڪي رومال ۾ ويڙهي سماج ۾ اڇلايون، سو ڪم پاڻ کان ڪونه پڄي، جيڪو آيو جيءَ ۾ سو ڦهڪاءِ ڇڏبو. اصل نقاد مهربان پڙهندڙن آهن. انهن جي راءِ احترام لائق آهي. انهن جي راءِ ئي همت افزائي جو سبب بڻجي ٿي، هڪ ٻي ڳالهه به واضع ڪندو هلان ته اسان جي سماج جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي ذهني سطح، سوچ، سمجهه، عقل اڃان بالغپڻي جي پنڌ تي آهي. تنهنڪري شايد ڪتابي اسٽالن تي آغا قيوم جا اگهاڙا ڪتاب ته بليڪ تي وڪامن ٿا پر شاهه جو رسالو ڪاڙهن ۾ زرد ٿيل ملندو. اگهاڙپ ۽ فحاشي وڪامي ٿي، سچ لاءِ بيقدرائي جو رويو پُراڻي ڳالهه آهي. منهنجو هي ڪتاب “جنين لوهه لڱن ۾” سنڌايڪسپريس جي سنڊي ميگزين ۾ قسطوار شايع ٿيڻ کانپوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي توهان تائين پهتو آهي. توهان جي مانائتي راءِ جو انتظار رهندو. ڪتاب ڇپائڻ لاءِ سدائين همٿائيندڙ دوستن ۽ ساٿين استاد فتح محمد ٿيٻو، حفيظ ڪنڀر، سائين عطامحمد ڀنڀرو، فقير سليمان لغاري، مدد جروار، ڊاڪٽر منظور جروار، اخترحفيظ، خوشحال ميگهواڙ، رب ڏنو خاصخيلي، سنتوش گوماڻي، قيوم بلوچ، جي ايم هوت، محمد خان ملڪاڻي، ماما پونجو مل ڀيل، ڪانجي راڻو ڀيل، ڊاڪٽر رميش ڀيل، هرجي مل، نارو ڀيل، ميون ڪمار سُندر، عمر احمداڻي، اشفاق احمداڻي، علي جان لغاري، شبيرلغاري، نصرالله جروار، قادر سيال جهڏائي، عثمان راهوڪڙو، اصغر پتافي، ايوب کوسو، صوفي اصغر کوسو، فقير غلام حيدرلغاري، فقيربشيراحمدلغاري، ڪامريڊ راڌا ڀيل، ادي پشپاڪماري، شيرمحمدسولنگي، ڏامرو مل ميگهواڙ، ديال ميگهواڙ، امرسنڌو، مصطفى شر، اشفاق احمداڻي، ڀلجي ڀيل، گينو ڪولهي، پهلاج ڪولهي، جئي شنڪر ڪولهي، ديدار ڀيل ۽ ٻين دوستن جو شڪرگذار آهيان.
محب ڀيل
03002682036
muhibbheel@gmail.com