مڇي ماريندڙ مهاڻا، سامونڊي پورهيت
“ميلو لڳو ئي کٿو چوري ٿيڻ لاءِ هو” سو هي انساني تاريخ جي سموري جاکوڙ پيٽ کي چتيون لڳائڻ لاءِ ڪئي وئي. پر هيڏي جاکوڙ، جستجو ۽ جدوجهد کانپوءِ به اهو “معمولي” ڪم اڄ به اڻ مڪمل رهجي ويو آهي. انسان اڄ به پيٽ جي خفي مان آجو نه ٿي سگهيو آهي. انساني جيون ۾ پيٽ جي آگ اجهائڻ خاطر اناج، ڀاڄين ۽ ڦلن کانسواءِ شڪار به اهم حيثيت رکي ٿو. جهنگلي جانور جي شڪار کان ويندي مڇي جي شڪار تائين پورهيت انسان پيٽ ڀرڻ جا پاپرا ڪندو رهيو آهي. اوائلي انسان به شڪاري هو ته اها ڪرت جديد انداز سان اڄ به جاري آهي. جن جانورن ۽ پکين کي ساڪر ڪري خوارڪ بڻايو ويندو هو اڄ انهن جا فارم کولي خوارڪ پيدا ڪئي وڃي ٿي. پاڻي جي ڍنڍن، ڍورن، تلائن، درياهن سمنڊن ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ مهاڻو (مڇي ماريندڙ) هن ڪائنات جو محنت ڪش مزدور آهي. مڇي جي صنعت به فارمنگ سسٽم جي ڪري سرمائدار جي ذاتي ملڪيت بڻجي وئي آهي. جتي پورهيت هاڻ رڳو هڪ مزدور جي حيثيت ۾ ڪمائي ٿو، باقي مڇي جي شڪار تان پورهيت مهاڻي جا مالڪاڻا حق ته گھڻو اڳ غصب ٿي چڪا آهن. پورهيت مهاڻو پاڻي مان رڳو مڇي نٿو ماري پر پاڻي جون سموريون سوغاتون قُم، ڪوڻيون، پٻڻ، ٻوراني، بهه سميت پاڻي جا پکي چيخلو، ڊگوش، نيرڳي، آڙين سان گڏ مڇي جا ڪيترائي لذيذ قسم ڏنڀرا، کڳا، ڄرڪا،گندڻ، سينگاريون، موراکي، پوپري، ٿيري، پلو، ڪرڙو، گلفام، سلور، گراس، ديا، رڙو، بهڻ، منڍو ۽ لوڙ مڇي شڪار ڪري انسان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ آڻي ڏي ٿو. مڇي جا ٺيڪا کڻڻ جو ڪم ان پورهيت جي وس جي ڳالهه ناهي پر مڇي ماريندڙ پورهيت انهن ٺيڪيدارن وٽ مزدوري تي پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪري ٿو. سندس مزدوري مڇي جي في مڻ جي حساب سان به هوندي آهي ته ڏهاڙي به مقرر ٿيل هوندي آهي. في مڻ ٽي سئو ۽ ڏهاڙي ٽي کان پنج سئو تائين آهي. جيترو ڪم هوندو اوتري مزدوري ملندي آهي. مهاڻن جي حياتي جي عڪاسي لطيف سرڪار سُر ڪاموڏ ۾ ڪري ويو آهي. ان سُر ۾ مهاڻن جي زندگي جا ڏک، سور ۽ خوشيون پسي سگهجن ٿيون.
ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ،
سمو ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.
مڇي ماريندڙ اهي پورهيت پيٽ گذر خاطر سيارن توڙي انهارن ۾ پاڻي جي اٿاهه گهرائن ۾ رڇ پکيڙين ٿا. هنن جون راتيون ۽ ٻيڙين ۾ گذرن ٿا. هنن جا گھر، گھاٽ ۽ ڳوٺ به ٻيڙين ۾ آهن. هو پيدا به ٻيڙين ۾ ٿيا آهن، بچپن جون رانديون به ٻيڙين ۾ ڪيون، هنن تي جواني به ٻيڙين ۾ جڙي آهي. ته هو جهور پوڙها به ان محدود ٻيڙي جي وسيع عميق ۾ ٿين ٿا.
ٻيڙي جي ڀڻن، نيهن نه ڪجي تن سين،
اڀيون ڏنڀ ڏسن، جُه سڙهه ڏيئي سير ٿيا.
هنن کي پاڻي جي لهڻ ۽ چڙهڻ، شڪار جو سمو سامهون اچڻ يا مندي جو به تجربو آهي. هو الله توهار ڪري ٻيڙي جا ونجهه جهلين ٿا ۽ رڇ اڇلائن ٿا. مڇي ماريندڙ پورهيت مهاڻن جا مرڻا ۽ پرڻا به ٻيڙين ۽ ٻيٽن تي ٿين. هو رڳو لاش دفنائڻ لاءِ سُڪي تي اچن. سندن ڄڃون ٻيڙين ۾ ئي قطاريون وڃن ٿيون. ان جيون کي انسان جي آب حياتي چئي سگهجي ٿو.
هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي پرين سندا م،
ڪوڙيين ڪاڄ سڌام، اڻ سڌو ڪونه رهيو.
هيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪونر ترن،
ورئي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ٿئي.
پورهيت مهاڻن ۾ تعليم جي شرح تمام گھٽ هجڻ ڪري انهن جا نسل اڻپڙهيل ۽ اٻوجهه آهن. هنن پورهيتن جي سماجي زندگي تمام پرامن آهي. ڳالهه رڳو سنڌ جي پورهيت ملاحن جي ناهي پر سڄي دنيا جي مزدورن جئين دنيا جي مهاڻن جا به ساڳيا ڏک، سور ۽ مسئلا آهن. انهن ماهيگيرن جي مامرن کي حل ڪرڻ لاءِ فشر فوڪ فورم جهڙيون مضبوط تنظيمون پڻ آهن. جتي محمد علي شاهه جهڙا کاهوڙي ماڻهو به آهن. پر سرڪار پاران ماهيگيرن جي مسئلن بابت عدم دلچسپي، ٻيت نيلام ڪرڻ، شڪار جي مختلف رڇن تي پابندي، مهانگا ٺيڪا ۽ ڳرا ٽيڪس هن ڪاروبار لاءِ جيئن پوءِ تيئن مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهن. تنهنڪري هي ڪرت به پورهيت مهاڻن جي پيٽ گذر لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي وڃي آخري پساهن تي پهتي آهي. مهاڻن جي گذر جا اهم ذريعا منڇر ڍنڍ، ڪينجهر ڍنڍ، سونهري ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، سومري ڍنڍ، مکي ڍنڍ سميت سنڌ جون ٻيون ڪيتريون ئي اهم ڍنڍون پاڻي جي کوٽ سبب تباهي ڪناري پهچي چڪيون آهن. جنهنڪري انهن ڍنڍن ۾ مڇي ماري پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت مهاڻا پڻ فاقاڪشي واري حياتي گذارڻ تي مجبور آهن.
سامونڊي
هن ڌرتيءَ جي چوطرف وسيع سمنڊ آهي. انسان پنهنجي عقل سان ان سمنڊ سان سينو ساهيو آهي. توڙي جو ان عمل ۾ انسانن جا ڪيترائي ٽائٽانڪ لکن ماڻهن کي ٻوڙي ويا آهن. جنهن سمنڊ کي ڏسندي ئي دل دهلجي وڃي ٿي ان سمنڊ کي انسان پار ڪيو آهي. سمنڊ جي ڌار دنيا آهي. ان دنيا ۾ ٻيڙا، لانچون ۽ جهاز پورهيتن مزدورن سان سٿجي مهينن جا مهينا روزي جي آسري تي سمنڊ منهن ڪن ٿا. وسيع دنيا جي گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيئن ٿا. انهن ساموندي پورهيتن ۽ سندن گھرڀاتين جي ڏکن، سورن، درد ۽ وڇوڙن جي ڪرڀناڪ ڪيفيتن کي لطيف سرڪار جي سُر سامونڊي ۾ پسي هينئڙو لوڻ ڪري سگهجي ٿو. سامونڊي جهازن ۾ پورهيو ڪندڙ پورهيت اڄ جي جديد دؤر ۾ انجڻن وارن جهازن جي ڪري ونجهه هلائڻ واري عذاب کان آجا ٿي پيا آهن. نه ته زمانا اڳ خريد ڪيل غلامن کان ڏينهن رات ونجهه هلرايا ويندا هئا.گھڻا پورهيت ته رات ڏينهن ونجهه هلائي ٿڪي، ٽٽي اتي ئي دم ڏيندا هئا. سندن نسل ونجهه هلائيندي هلائيندي موت جو شڪار ٿي ويا. سامونڊي جهازن تي پورهيو ڪندڙ مزدور رڳو مڇي جو ڪم ڪونه ٿا ڪن پر اهي پورهيت ته “قر ڦل، ڦوٽا،پارچا، پاڻيت پاتائون” جيئن ماضي ۾ سندن ڪم بابت لطيف سرڪار فرمائي ٿو
سي پوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندئون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.
پورهيت سامونڊين جي جيون جي اڻانگي سفر، مشڪلاتن، سمنڊ جي خطرناڪ ويرن کي لطيف سائين جي سُر سامونڊي ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
اونهي ۾ اوهري، جڏهن ويا جي،
موٽي ماڳ نه آيا، ماءِ! سامونڊي سي،
کارو تنين کي، جيڪس وه وري ويو!
سامونڊي پورهيتن جي غربت، هيڻائي، نئين پرڻيل لاڏين جا پنهنجي سامونڊي گھوٽن کان ڊگهين جداين جا اندر ساڙيندڙ درد فراق، وڇوڙن جا وڍ به پاڻي جي هنن پورهيتن جو نصيب بڻيل رهيا آهن. سمنڊ اندر پنهنجن پيارن جي ياد انهن پورهيتن کي ڪيڏو ستائيندي هوندي. وڇوڙي جي ان ڪيفيت جو تصور به نازڪ مزاج ماڻهن جي نير وهائڻ لاءِ گھڻو آهي.
سيئي جوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر هليا،
رئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن؟
مونکي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري!
سر نسريا پانڌ، اتر لڳا آءُ پرين!
مون تو ڪارڻ ڪانڌ! سهسين سُکائون ڪيون.
سمنڊ ۾ پورهيو ڪندڙ پورهيت حادثن جو شڪار ٿين ٿا، بيمار ٿين ٿا، زخمي ٿين ٿا. پر سندن لانچ ۾ صحت جون جيڪي سهولتون هونديون آهن سي ئي کين ملنديون. کين ايمرجينسي بنيادن تي علاج جون سهولتون نٿيون ملن جنهن ڪري اهي پورهيت زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي سيٺن جي رحم ڪرم تي هوندا آهن. ٺيڪيداري سسٽم سبب سندن مزدوري جا اگهه به پورهيت پاڻ نٿا مقرر ڪري سگهن. سندن پورهيي جو ناڻو سرمائيدارن جي هٿن ۾ آهي. انهن پورهيتن جا ڀاتي ته فقط سندن خير سک سان موٽي اچڻ جون دعائون گھرن ٿا.
اڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون،
آڻيو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي.
کاري جا کيڙائو پورهيت رڳو پيٽ گذر خاطر زندگي جا بدترين عذاب ڀوڳيندي اهي پورهيت ڪڏهن ڪڏهن غيرملڪي حدون ڀُلجي اورانگڻ جي ڏوهه ۾ پاڙيسري ملڪن جا قيدي بڻجي جوانيون جيلن ۾ گھارين ٿا. پاڙيسري ملڪن جا تعلقات بهتر هجن ته سندن آزادي ممڪن بڻبي آهي نه ته ٻنهي پاسن جا مهاڻا قيد و بند جا عذاب ڀوڳين ٿا. هيستائين به سنڌ جي لاڙ پٽي جا لاتعداد سامونڊي پورهيت ڀارت ۾ قيد آهن. مُئي (موت) جو هڪڙو سور هوندو آهي پر پنهنجن پيارن جو جيئري وڇوڙي روز ماري ۽ جياري ٿو. وس وارا ادارا ۽ سرڪار سڳوري کي سامونڊي پورهيتن سان منسلڪ مسئلن بابت سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي ۽ سندن مسئلن کي تڪڙن بنيادن تي حل ڪرڻ گھرجي ته ماهيگيري جي ڪرت ذوال کان بچي سگهي. پورهيتن جي روزگار جو هي شاندار وسيلو تباهي کان بچي سگهي.
چمڪيو چوڌار، ڌڄون ڌاڙيچن جون،
ماءِ! سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار،
انين جي پچار، ڪالهو نڪر ڪانگ ڪري.