ڪالم / مضمون

جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)

. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نگار محب ڀيل جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو موضوع گهڻو ڪري پورهيت ئي آهن.
هي ڪتاب ”جنين لوهه لڱن ۾“ ڪائنات ۾ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مسڪين محنت ڪش مزدورن جي ڏکن، سورن، دردن، عذابن، مصيبتن، انياءَ، ناانصافين جي وارتائن جو ڏکوئيندڙ داستان آهي. ليکڪ محب ڀيل جي اکر اکر ۾ مزدورن جي سورن جي عڪاسي ٿيل آهي. پورهيتن سان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ استحصال ڪندڙ بدمست عالمي سرمائيدار سامراج جي مزدور دشمن پاليسين، منصوبابندين ۽ سازشن تان پڻ پردو کنيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2870
  • 559
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)

اوڏ، رازا، رنگساز ، کوهه کوٽيندڙ ۽ سر تغارين جا پورهيت

تهذيب يافته دؤر جي شروعات سان انساني آباديون پهاڙن جي غارن، گھاٽن جهنگلن، پوٺن مان نڪري ڳوٺ ۽ شهر آباد ڪري رهڻ لڳيون. گڏجي رهڻ يعني اجتماعي رهائش جا لاتعداد سبب پڻ هئا، جنهن ۾ موسمي آفتون، ٻوڏون، طوفان، ڏاڍن جا هيڻن تي حملا ۽ خونخوار جانورن جو ڊپ به ٿي سگهي ٿو. ڇڙوڇڙ رهڻ کان گڏجي رهڻ سبب اوائلي ماڻهن جي افرادي قوت وڌي، جنهن سبب اوائلي ماڻهو ڪامياب زندگي ڏانهن تکي وک وڌائي. ترقين جا اڻ ڳڻيا سفر طئه ڪيا. اجتماعي رهائش لاءِ ننڍا ڳوٺ مستقبل جا شهر بڻجي ويا. شهرن جي ترقي خوشحال ٻهراڙين سان منسلڪ آهي. اوائلي آبادين ۾ انسان جي رهڻي ڪهڻي ۾ پڻ وڏو فرق ۽ ڦيرو آيو. سخت سردين ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمين کان بچاءُ خاطر انسان پنهنجو ۽ پنهنجي ڪٽنب جو سر بچائڻ لاءِ محفوظ پناهگائون جوڙڻ جا خيال ۽ خاڪا پچائيندي گھر ٺاهڻ جي ارتقا ڪئي. جهڳيون، ڪکاڻا منهه، پنن سان ڍڪيل جهوپڙيون شروعاتي تهذيب جي پيڙهه هئا. انسان جو گھر ٺاهڻ وارو ابتدائي قدم ۽ ڪوشش هن دؤر جي ماڙين ۽ بنگلن جو اوائلي تصور چئي سگهجي ٿي. هن ڌرتيءَ جي گولي تي مصر جي تهذيب، هڙاپا، اُڙيسا، ٽيڪسيلا، ڍولا ويرا ۽ موهين جي دڙي سميت ٻيون ڪيتريون ئي شاهڪار تهذيبون موجود آهن. جيڪي هن ترقي يافته ڪائنات جون ارتقائي وکون هُيون. يعني انهن تهذيبن جي آثارن مان ئي پتو پوي ٿو ته اُنهن قومن جي ذهانت، ذهني اوسر، محنت ڪشي، سُگھڙپائي، ڪاريگري، علم، ادب، فن، آرٽ، عقل ۽ شعور ڪيترو بُلند هو؟ جيئن تقريبن پنج کان ڏهه هزار سال اڳ سنڌو سڀيتا جي شاهڪار تهذيب موهين جو دڙو جا قديم آثار، مورتيون، ڍڳيءَ گاڏي، سِڪا، مهرون، لکت جون تختيون، مجسماسازي، ڪتب خانه، ڊرينج سسٽم، رڌڻا، ٻه ماڙ پڪا گھر، پڪا کوهه، اوطاقون ان دؤر جي ماڻهن جي حياتي گذارڻ جي نقشي جي منظر کي اکين اڳيان پڌري ريت پساهن ٿيون. يعني اسان پنهنجي اُن شاندار ماضي جي شاهڪار تاريخي آثارن مان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اسان جي سنڌي قوم جو ماضي ڪهڙو هو؟ انسان جو ماضي ئي مستقبل لاءِ بهتر ترقي جون راهون هموار ڪندو آهي. تنهن ڪري دنيا جون سموريون ترقي يافته قومون پنهنجي ماضي مان سِکي مستقبل ۾ پنهنجي نسلي وجود جي بقاءُ جي رٿابندي اڳواٽ ڪنديون آهن. ڪائنات جي ڪامياب قومن جي خوشنصيبي جي ٻين ڪيترن ئي سببن سان گڏ هڪ اهم سبب اهو به آهي ته انهن قومن جي ڪک مان محنت ڪش، پورهيت هنرمند ماڻهو پيدا ٿي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيندا آهن. ڌرتيءَ جي شروعاتي تهذيبن ۾ شاندار ڪچا توڙي پڪا گهر، محل، بورچيخانه، کوهه ۽ چٽسالي جا ڀلوڙ رنگ ملن ٿا. ان مان ثابت ٿيو ته انسان رولاڪيون ۽ خانه بدوشيون ڇڏي هڪ هند ويهي باقاعدي گھر اڏي ويهڻ جي شروعات هزارين سال اڳ ڪري چڪو هو. ان جو مثال انهن تهذيبن جي کوٽائي مان مليو آهي. موئن جي دڙي ۾ پڻ پڪين سرن سان گڏ ڪچا گھر ۽ ڪوٽ پڻ موجود آهن. عطاالله ضيا جو حوالي سان اها ڳالهه هتي لکون ٿا ته “موهين جي دڙي جي موجوده ماڳ کان هيٺ ٽي سئو فوٽ مسلسل شهرن جا آثار موجود آهن، جيئن هيٺ وڃجي ٿو ته اهي مٿين شهرن کان گھڻو سڌريل آهن، ٽي سئو فوٽ هيٺ شهر ايترو سڌريل آهن جنهن بابت هاڻوڪو انسان تصور ئي نٿو ڪري سگھي، جيڪڏهن موهين جو دڙو 5100 سال اڳ جو آهي ۽ اڄ به دنيا لاءِ عجوبه عالم آهي ته پوءِ ٽي سئو فوٽ هيٺ آخري شهر جي قدامت بابت اسين ڪهڙو رايو قائم ڪريون ؟ انهيءِ کان به علاوه موهن جو دڙو، مهر ڳڙهه، هڙوپا وغيره جون بستيون لڌيون ۽ کوٽايون ويون پر جيڪي سنڌ ۾ جتي ڪٿي چاليهه پنجهاهه فوٽ هيٺ زمين دوز شهرآهن، جن تان اڃان مٽي نه هٽائي وئي آهي ته پوءِ انهن جو حقيقتون ڪيتريون قديم هئڻ گھرجن؟ ”

اوڏ
چيڪي مٽي ڪوڏرن سان ولي، پسائي، ملي، اٿلائي مارو ڏئي گڏهن تي کڻي ڪچا ڪوٽ ۽ گھر ٺاهيندڙ پورهيت هن ڪائنات جا شروعاتي اڏيندڙ آهن. جن کي اوڏ سڏيو ويندو آهي. هي ڪِرت مڪمل طور ذوال پذير ٿي چُڪي آهي.
اڏي اڏي اوڏ ڇڏي ڀيڙيون ويا،
ڪوئڙا ۽ ڪوڏ پيا آهن پٽ ۾.
دنيا ۾ اوائلي گهر اڏي انسان کي شديد گرمين، لڪن، جهولن، طوفانن ۽ خطرناڪ سيارن کان بچائڻ خاطر شروعاتي پناهگائون جوڙيندڙ هي پورهيت هڪ بادشاهي کان ٻي بادشاهي تائين لڏپلاڻ ڪري روزي جي ڳولا ڪندا رهندا هئا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڃان شايد ڪٿي سندن ڪم بچيو به هجي. پر گھڻو ڪري هاڻ مٽي جي ڪم جو دؤر پُڄاڻي تي پهچي چڪو آهي. جنهن ڪري اهي پورهيت به حياتي جي گاڏي کي گهلڻ لاءِ ٻيا پورهيا ڪن ٿا. ٻني ٻارو ڇوٽڪ مزدوريون، سرن جي بٺن تي پورهيو ۽ ڪاٺيون وڍي پيٽ گذر پڻ ڪن ٿا. سنڌ جا اصل اڏيندڙ اوڏ توڙي جو سنڌ جي وارثن ۾ شمار ٿين ٿا. پر آرين پاران مسلط ڪيل اڻ اعلانيل غلامي ۽ ظلمتن سبب هن جي حياتي زهر بڻجي وئي هي پورهيت ڌرتيءَ تان مالڪي وارا حق وارا سمورا حق وڃائي ويٺا. اهي حق هاڻ وقت جي عدالت ۾ ڪليم به نٿا ڪري سگهجن. تاريخ جي ڦاٽل پنن کان سواءِ ان حقيقت کي شايد ڪير هاڻ تسليم به مشڪل ڪري؟ نئون نسل ته شايد هنن کي تهذيبن جا اڏيندڙ سمجهڻ بجاءِ ڌرتيءَ تي دربدرين جا عذاب ڀوڳيندڙ ۽ ڀٽڪندڙ خانه بدوش سمجهي ويٺو هجي؟

رازا
پڪا گھر ٺاهيندڙ ڪاريگرن جو هنر به ترقي يافته تهذيبن جي اوسر کان شروع ٿئي ٿو. پڪيون جايون، محل، بنگلا، پلازا، مندر، مسجدون، ڪليسا، عبادتگاهون، مقبرا ۽ علم گاهون جوڙيندڙ پورهيت هٿ نه رڳو ماني ڳڀي لاءِ سڪن ٿا پر اهي پورهيت ته فقط ساهي پٽڻ لاءِ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگن جي پاڇي ۾ ويهي رکا ٽُڪر کائي ٿڌا شوڪارا ڀرين ٿا. بادشاهن جا گھر، اسيمبلين ۽ عدالتن سميت ٻيون اهڙيون ڪيتريون جايون هونديون جيڪي هنن پورهيتن پگهر جي پورهيي سان جوڙيون ضرور آهن پر ڪم مڪمل ٿيڻ بعد انهن پورهيتن لاءِ انهن عمارتن تي لائف ٽائم نو انٽري جو بورڊ لڳي ويندو آهي. جاين جي ڪاريگر مستري جي ڏهاڙي هن وقت ست سئو روپيا ڪراچي ۾ هڪ هزار تائين آهي. اوچين عمارتن جون ديوارون چونڊڻ، پلستر ڪرڻ، ڀيم ۽ ڇت جي ٽيئر گارڊر يا آر سي سي ڇت جي ڀرائي جو ڪم پڻ تمام مشڪل هوندو آهي، گھڻ ماڙ عمارتن جي قواضن تي بيهه ڪم ڪرڻ ڪنهن به ريت خطري کان خالي ناهي، ان ڪم دوران ڪيترائي رازا پير ترڪڻ يا سنبو ديوار مان نڪرڻ جي صورت ۾ زخمي به ٿيندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن اهي پورهيت موت جو شڪار بڻجي ويندا آهن. تاج محل کان بادشاهي مسجد تائين، صاحب محل، حبيب بئنڪ سميت سمورا ڪوٽ قلعا هنن ئي پورهيتن جي هٿن ئي ٺاهيا آهن.

رنگساز
رنگسازي جو فن پڻ تمام قديم آهي. پراڻين عمارتن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ رنگسازي ۽ چٽن جا آثار ان فن جو زنده مثال آهن. وڏي خرچ سان ٺهيل سمورين عمارتن تي جيستائين رنگ نه ٿيندو آهي ته ان ڪم کي مڪمل نه سمجهيو ويندو آهي. دنيا جي گھرن کي خوبصورت رنگن سان سينگاريندڙ هنن پورهيتن جا گھر بي رنگ آهن. “ڀت کانسواءِ چٽ ناهي” سو انهن غريب پورهيتن جي گھرن کي ڀتِ ئي نه هوندي چٽِ ڪٿي نڪرندا؟ انهن رنگساز پورهيتن جا گهر ته ڪکاوان آهن، انهن جا گھر ته گندگي وارين ڳتيل آبادين ۾ آهن. انهن جا گھر ته پنهنجا گھر به ناهن، گھڻو ڪري انهن جا ڪِرائي جا گھر آهن. ڏهاڙي لڳي يا نه پر هر مهيني گھر جي مسواڙ سندن ڪنڌ ۾ ڪلي جيئن لڳل هوندي آهي. هي ڪم ڏهاڙي تي به ٿيندو آهي ته ٺيڪي ۾ ٻولي به کنيو ويندو آهي. ڪچي رنگ (چن وارو رنگ) جو مزدوري گھٽ آهي. پڪو رنگ (آئل پينٽ) جي مزدوري وڌيڪ آهي. پورهيت ڪاريگر جي ڏهاڙي ڇهه سئو کان ست سئو جي لڳ ڀڳ آهي. آئل پينٽ ڊبل هٿ ۾ هڪ ڪمرو ٽن هزارن تائين ۾ رنگ ڪيو ويندو آهي. سندن ڪل ڪائنات اميرن جا بند ڪمرا آهن. جتي هو پنهنجي اندر جا سور پونچي ڪن ٿا.

سر تغاري جا مزدور
مجموعي طور جنهن ماڻهو کان ڪو به هنر نه ٿيندو آهي ته اهو وڃي سر تغاري کان مزدوري جي شروعات ڪندو آهي. سر تغاري جي ڪچي ڪم مزدور کي عمارت جو بڻياد کوٽڻ، مٽي جي لئي جو گارو ٺاهڻ، لئي مستري تائين تغاري ۾ کڻي پهچائڻ، سرون پسائڻ، سر رازي جي هٿ ۾ ڏيڻ، پڪي ڪم لاءِ ريتي سيمينٽ ملائڻ جو فارمولو سمجهڻ، تيشي سان سرن جا ٽڪرا ڪري فرش ٺاهڻ لاءِ ڌمڪ هڻن جو ڪم ڪندڙ پورهيت ئي سر تغاري وارو مزدور سڏجي ٿو. هن پورهيت جو صبح کان شام تائين ماني وقفي کانسواءِ تقريبن يارنهن ڪلاڪ ڪم آهي. پر پگهر جي ان پورهيي جي مزدوري پيٽ ڀرڻ لاءِ ناڪافي آهي. هن وقت به سر تغاري پورهيت جي مزدوري ٽي سئو کان ساڍا ٽي سئو آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ڇهه کان ست سئو تائين ڏهاڙي مقرر ٿيل آهي. هنن پورهيتن جو ڪم به سدائين ڪونه لڳندو آهي، جڏهن تاريخ نه لڳندي آهي ته هنن جي گهر جو گاڏو بيهه ويندو آهي، فاقاڪشي سندن ويڙهن ۾ واڪا ڪندي آهي. هن مهانگائي جو دؤر ۾ سندن پورهيي جو اگهه تمام گهٽ ملي ٿو. جنهن ڪري هي پورهيت به “آڻين ۽ چاڙهين” واري صورتحال کي منهن ڏين ٿا. هو پنهنجا ڏک، سور، درد به تغاري سان گڏ مٿي تي کڻي هلن ٿا. سرن کي فرش لاءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڄڻ بکن جون باهيو ڪڍين ٿا. ڌمڪ هڻي ڄڻ درد دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر هنن جا سور اوچن پلازن جيئن روز به روز وڌن ٿا. هنن جي ڏکن جي پيڙهه وقت به وقت گھري ٿيندي وڃي.

کوهه کوٽيندڙ ڪاريگر
سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ هوندي آهي جنهن ۾ خاص طور سنڌ جا وارياسا علائقا قابل ذڪر آهن. انهن علائقن ۾ کوهه جا ٻاڌارا پورهيت ملن ٿا. مٺي تعلقي ۾ 90 کان 100 فٽ، ڏيپلي ۾ 40 کان 50 فٽ، ننگرپارڪر جو پٿريلو علائقو 40 کان 50 فٽ ۽ وارياسو علائقو 90 کان 100 فٽ آهي. ٿر ۾ سڀ کان وڌيڪ اُنهائي ڇاڇري تعلقي ۾ آهي جتي 300 فٽن کان به اونها کوهه کوٽيا ويندا آهن. آڳاٽي دور جا کوهه ڪنڊي جي ڪاٺ جي سنوت آندل ٽُڪرن مان ۽ ان بعد وچئين دور ۾ پٿر مان ٺاهيا ويندا هئا. اڄ جي هن جديد دور ۾ پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان کوهه جوڙيا وڃن ٿا. وقت ۽ حالتن جي ردوبدل موجب پاڻي جي ڳولا ۾ ٿر جي ماڻهن به کوهه کوٽڻ جي طريقن ۾ تبديليون آنديون آهن. اڇڙي ٿر واري پاسي ڍنڍن جي 10 کان 15 فٽن جي فاصلي تي ننڍڙيون کوهيون، تس ۽ ڀاڏ کوٽيا ويندا آهن. انهن ۾ ڍنڍن جي سيلاب جو پاڻي ايندو آهي. جڏهن خود ڍنڍن جو پاڻي کارو هوندو آهي. کوهه ٺاهڻ واري پورهيت ٻانڌاري جي مزدوري به عام رواج مطابق ملندي آهي، جيڪا پنج کان ست سئو جي لڳ ڀڳ هوندي آهي. کوهه جي کوٽائي دوران واري ڪڍڻ لاءِ ٻورين جون جھوليون استعمال ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته کوهه جي کوٽائي صرف ايتري ڪئي ويندي آهي جيتري چُڻائي ٿي سگھي. ڇو ته کوهه جي چُڻائي مٿائين کان هيٺائين طرف فرمو فٽ ڪري سيمينٽ ۽ سرن سان ڪئي ويندي آهي. روزانه 8 کان 10 سرن جون اوساريون ڏيئي وري ٻي ڏينهن اوساري کي سُڪڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آهي. هڪ کوهه کي کوٽڻ جي ڪم ۾ مهينن جو عرصو لڳندو آهي. کوهن جي کوٽائي دوران واري جون ڀڪون سرڪڻ ڪري ڪيترائي دفعا کوهه کوٽيندڙ پورهيت دٻجي فوت ٿيا هوندا. 21 اپريل 2016ع تي به ٿر جي هڪ ڳوٺ ماڇيائو ۾ نئين کوهه جي کوٽائي دوران کوهه دٻجڻ ڪري ٻانڌارو ٿانو ڀيل فوت ٿي ويو ان پورهيت جي لاش کي ڳوٺاڻن ۽ اننتظاميه وڏي ڪوشش سان 24 ڪلاڪن بعد ڪڍي ورتو. ان کان اڳ تعلقي ننگر پارڪر جي ڳوٺ اونڙو ڀيل ۾ کوهه کوٽيندي 3 پورهيت کوهه ۾ دٻجي فوت ٿيا هئا. انهي سانحي ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي هئي. ان بدنصيب ڳوٺ ۾ چار ڏينهن تائين هڪ عدد مشين سست رفتاري سان لاش ڪڍڻ لاءِ کوٽائي وارو ڪم ڪري رهي هئي ۽ جڏهن ته دٻجي فوت ٿيل 3 غريب پورهتين جا سوين وارث انهي اوسيڙي ۾ کوهه جي چوداري اکيون اٽڪايو ويٺا هئا ته “ڪيڏي محل ٿا سنڌن پيارن جا لاش نڪرن” انتظار جي اهڙي درديلي ڪيفيت کي رڳو محسوس ڪرڻ سان به من اندر ۾ ماتم برپا ٿيو وڃي. انهن ماروئڙن جا نيڻ اڄ به اوهيرا ڪري وسن ٿا جن جا پيارا پنهنجي گام جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ کوهه کوٽيندي هزارين مڻ مٽي هيٺ دٻجي ويا.
هنن پورهيتن جي زندگي جو احوال ۽ آئيندو
ذاتي زندگي ۾ هي سمورا پورهيت مسڪيني واري حياتي گھارين ٿا. هنن پورهيتن جا ننڍڙا حسين خواب به ساڀيان نٿا ٿين، هو روز پنهنجي اندر ۾ پڄرن، پچن ۽ سڙن ٿا. هو روز جيئن ۽ مرن ٿا، هنن جون خواهشون روز قتل ڪيون وڃن ٿيون. ٻيو ته ٺهيو پر رڳو ڪنهن سڀاڳي ڏڻ تي ڪو چڱو ٻوڙ پيٽ ڀري کائڻ، پنهنجي تن تي لنڊي جا نيلامي ڪپڙا پائي پنهنجن معصوم ٻچن لاءِ نوان ڪپڙا وٺڻ، پوڙهي ماءُ جو علاج ڪرائڻ، نياڻي جي شادي جا ڏينهن پڪا ڪرڻ، ڪچي ڪوٽ کي در چاڙهڻ جهڙيون ننڍڙيون خواهشون به روز قتل ٿين ٿيون. هنن کي نسل در نسل مزدور رکڻ خاطر ۽ هنن جو استحصال ڪرڻ خاطر پورهيت دشمن عالمي قوتون روز نوان فارمولا ٺاهن ٿيون، رڳو مزدور طبقي کي ذليل ڪرڻ لاءِ عالمي سامراج جون ننڊون ڦٽل آهن. پگهر جو پورهيو ڪندڙ هنن پورهيتن لاءِ سرڪار وٽ ڪهڙو پيڪيج ۽ پروگرام آهي؟ انهن جون مزدور دوست پاليسيون ڪڏهن پڌريون ٿينديون؟ انهن جا ٻچا ڪڏهن علاج، تحفظ ۽ تعليم جا حقدار ٿيندا؟ هنن پورهيتن کي ڪڏهن ٻن ڪمرن جو “پنهنجو گھر” نصيب ٿيندو؟ هنن جي گهرن تان فاقاڪشي ۽ ويلا ڪاٽڻ جي موسم ڪڏهن ٽرندي؟ هو ڪڏهن خوش ٿي کلي سگهندا؟ هو ڪڏهن مارڪس جي ڳالهه سمجهي “هڪ ٿي ويندا” ؟ هو ڪڏهن ان ڳالهه کي سمجهندا ته هنن جي ڪم ڇڏ هڙتال سان ڪائنات جي اڏاوت رڪجي ويندي، ترقي جي پت وائکي ٿي ويندي؟ هنن احتجاجن رنگ جا دٻا اڇلايا ته سرمائدارن جون عمارتون بدزيب بڻجي وينديون؟ پورهيتن جيڪڏهن هٿوڙو ۽ تيشي رکي ڇڏي ته آسمان ڏانهن اڀيون ٿيندڙ عمارتون اتي ئي بيهه رهنديون؟ هنن کي هنن جي طاقت جو اندازو ئي نه آهي. هو جيڪڏهن چاهين ته پنهنجي مزدوري وڌائڻ لاءِ گڏجي احتجاج ڪري پنهنجا مطالبا مڃائي سگهن ٿا.