ڪالم / مضمون

جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)

. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نگار محب ڀيل جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو موضوع گهڻو ڪري پورهيت ئي آهن.
هي ڪتاب ”جنين لوهه لڱن ۾“ ڪائنات ۾ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مسڪين محنت ڪش مزدورن جي ڏکن، سورن، دردن، عذابن، مصيبتن، انياءَ، ناانصافين جي وارتائن جو ڏکوئيندڙ داستان آهي. ليکڪ محب ڀيل جي اکر اکر ۾ مزدورن جي سورن جي عڪاسي ٿيل آهي. پورهيتن سان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ استحصال ڪندڙ بدمست عالمي سرمائيدار سامراج جي مزدور دشمن پاليسين، منصوبابندين ۽ سازشن تان پڻ پردو کنيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2870
  • 559
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)

نائي، موچي، درزي، ڌوٻي، واڍو، ويلڊر، مالش ڪندڙ ۽ ريڙن تي شيون وڪڻندڙ پورهيت

هن ڪائنات ۾ ڪجهه اهڙا پورهيا آهن جن ۾ مزدور آزاد هوندو آهي. انهن دنڌن ۾ پورهيت محنت سان گڏ هٿ جي هنر ذريعي روزي ڪمائي حياتي جي ڳري گاڏي کي گهلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هنر بادشاهه ضرور آهي پر هنر جي بادشاهي به اتي آهي جتي قدر هجي. جتي پورهيت سڄو ڏينهن فٽ پاٿ تي روزي جي انتظار ۾ ويٺو هجي ۽ ڪير حال پُڇڻ وارو به نه هجي انهن خطِن ۾ مزدور جي ڪهڙو قدر هوندو؟ اتي مزدور جو ڪهڙو جيون هوندو؟ نائي، موچي، مالش وارو ۽ ريڙهن تي ڪتاب، رانديڪا، گل، شيون، ڀاڄيون، ميوا وڪڻڻ وارا، ڪاٻاڙي، واڍا، ويلڊر، درزي ۽ ڌوٻي ڪهڙي خوشحالي واري حياتي گھاري سگهندا؟
پنهنجي پگھر جو پورهيو وڪڻڻ جي باوجود پورهيت طبقو محنت جي خريدارن جو محتاج بڻيل هوندو آهي. ائين ڇو آهي؟ روزگار جي انتظاري انهن جي ذهنن ۾ بي قراري جو سبب بڻجي ويندي آهي. روزگار نه ملڻ جي مايوسي ۽ خالي هٿين ڳرن قدمن سان گھر واپسي جو سفر پورهيت لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل شڪسته ٿي خودڪشين جو سبب پڻ بڻجي ٿو، ۽ پويان رهجي ويندا آهن مزدور جا يتيم ٻار جيڪي زماني جي اڻکٽ ستمن، ڌڪن، ٿاٻن واري سورن جي حياتي گھاري نيٺ وڏا ٿي ويندا آهن. ڪي بک ۽ بيمارين ۾ چُڙي چُڙي مري ويندا آهن. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب اهڙا حالات پيدا ٿي چڪا آهن جو هن وقت مزدور ڏينهن رات پورهيو ڪرڻ جي باوجود پنهنجن بکين ٻچڙن لاءِ اٽي جو سير وٺڻ جي سگهه به نٿو رکي. ڪڏهن ڪڏهن ته مزدوري لاءِ انتظار ڪندڙ پورهيتن جون اميدون نراس به بڻجي وينديون آهن جڏهن سندن اکين کي سڄو ڏينهن روزگار جي راهه تڪڻ جي باوجود به مزدوري جو ڪو ذريعو نٿو ملي. مايوسين جي ان درد جي ماپ ڪهڙي آلات سان ڪري سگهبي؟ مزدور جي ان درد کي ڪهڙي دل سان محسوس ڪري سگھبو؟ مزدور جي جهوپڙي ۾ ماني لاءِ ٻاڪاريندڙ ٻارڙن جون ڪيهون، پيرسن بيمار امڙ جي آخري هڏڪي ۽ پوءِ ان عظيم رشتي جي ڪفن دفن لاءِ مزدور جي دل جو بي وسي مان ٻرڻ، سڙڻ، پڄرڻ ۽ التجائي اکين سان نهارڻ جو تاب ڪو اهل دل ماڻهو جھلي سگھندو؟ سموري ڪائنات جي مزدورن جون ڳالهايون ويندڙ ٻوليون چاهي ڪهڙيون به هجن پر آفريڪا کان سعودي عرب، آمريڪا کان پاڪستان، ۽ ايران کان اٽلي تائين سموري ڌرتي تي محنت ڪش پورهيت مزدورن جا درد، تڪليفون ۽ سور به ساڳيا آهن. انهن جي هٿن ۾ پيل لڦن جي آڪيڙ ساڳي آهي. انهن سان ستم به ساڳيا آهن ته ستم ڪندڙ قوتون به ساڳيون آهن.

نائي
پورهيت نائي (حجام) جي ضرورت انساني زندگي ۾ مهذب سماج جي اڏجڻ کان شروع ٿي. انسان جا وڌيل وار ڪٽي خوبصورت بڻائڻ ۾ هن پورهيت جو اهم ڪردار آهي. هن جو دنڌو ڏسڻ ۾ آسان اچي ٿو پر حقيقت ۾ نهايت ئي مشڪل ڪِرت آهي. هر وقت “بيهڪ” (بيهڻ) جي ڪم سبب پورهيت جي حجام جي ڄنگن ۽ چيلهه ۾ سور، وقت کان اڳ نظر جي گھٽتائي سميت وارن مان الرجي، دم، ڦڦڙن جون بيماريون ٿين ٿيون. هن مهنگائي جي دؤر ۾ سندس گذارو نهايت ئي مشڪل ٿي ويو آهي. شهرن ۾ ڪرائي جي دڪانن جون چوٽ چڙهيل مسواڙون، بجلي جا ڳرا بل ۽ ٻين لاتعداد خرچن سبب سندن ڪمائي هاڻ گھٽجي وئي آهي. زمانا اڳ سنڌ جي ٻهراڙين آهت جو رواج هو. سڄي سال پورهيت حجام پيا ماڻهن جي سنوارت ڪندا هئا. بٽئي مهل کين داڻا ڏنا ويندا هئا. پر هن وقت اهو رواج ختم ٿي چڪو آهي.

موچي
انسان جي اگهاڙن پيرن کي ڍڪي محفوظ ڪرڻ وارو موچي آهي. انسان شروعاتي زماني ۾ وڻن جا ڇوڏا پيرن تي ٻڌي ڌرتيءَ جي تپش، سردي ۽ ڪنڊن کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي اڳتي هلي جُتي ڪاٺ جي چاکڙي طور معتارف ٿي. ڪاٺ جي اها اوائلي جُتي هاڻ توهان کي ڪنهن ميوزم ۾ نظر ايندي. ان کان پوءِ چمڙي جو زمانو آيو. موچي جانورن جي چمڙي کي لاتعداد مرحلن مان گذاري جتي جوڙي جنهن انسان جي پنڌ کي آسان بڻايو. دنيا ترقي جي بُلندين تي وڃي پهتي پر مسڪين پورهيت موچي جا حالات نه بدليا، سُئي، آر، داڳو، ميڻ، بُرش، پالش، چمڙو، ڪليون ڪوڪا پورهيت موچي جي نصيب کي چتي لڳائي نه سگهيا. وڏا ماڻهو ته جُتين جي مرمت ڪرائن ئي ڪونه، پالش ۽ برش به گھڻن ماڻهن جي ته گھرن ۾ موجود هئڻ ڪري اهي پالش به پاڻ ڪن. جُتين جي مرمت فقط غريب ماڻهو ڪرائن. وڏن ماڻهن جون لاهي اُڇلايل جتيون نيلامي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿين ٿيون. جنهن بعد اهي جتيون مسڪينن جا پير ڍڪين ٿيون. رٻڙ، ريگزين، ليلون جون جتيون پڻ سرمائدار سيٺين جي فيڪٽرين ۾ ٺهن. جنهن ڪري اهي پڻ موچين جي روزي تي لت آهن. هي ڪِرت پڻ ذوال پذير ٿيڻ ڪري موچي فاقاڪشي واري حياتي گھاري رهيا آهن.

درزي
جيستائين انسان “ماڻهپي”جي خفي کان آجو هو تيستائين ڪپڙن لٽن کان به آجو هو، پر جڏهن شعور سنڀاليائن ته حيا ۽ شرم سندس اکين ۾ ڇلڪڻ لڳو، ڪيلن جا پن ۽ ڪک پن بدن تي ويڙهي ڇڏيائين. (ڌرتيءَ جي گولي تي اڃان به ڪي اهڙا ملڪ آهن جتي ماڻهو اڃان جهنگلي آهي، جيڪي بدن تي پن ٻڌيو پيا زندگي گذارين). تاريخ جي اها گواهي گھڻي قدر درست لڳي ٿي ته “ڪپهه جي پيداوار جي شروعات سنڌ مان ٿي” ان مان ثابت ٿيو ته ڪپڙو سڀ کان اڳ سنڌ ۾ استعمال ڪيو ويو. سلائي مشينون ته ڪلهه جي ڳالهه آهن پر ان کان اڳ ڪپڙو بدن تي ويڙهيو ويو هوندو يا سئي داڳي سان سبيو ويو هوندو. سلائي مشينن جي زماني ۾ درزي جي ڪِرت عروج طرف وڌڻ شروع ٿي. هن وقت سلائي جا لاتعداد قسم آهن. سلائي جا اگهه پڻ مختلف آهن. ڪراچي جهڙن وڏن شهرن ۾ پينٽ شرٽ ۽ ريڊي ميٽ ڪپڙن جا لاتعداد ڪارخانا آهن. جن تي سڄي سنڌ جا بيروزگار نوجوان بک کي ٽانڪا هڻن ٿا. ڪپڙن جي وڳي جي سلائي هن وقت چار سئو کان مٿي آهي. پر درزي کي اهو جوڙو سئو روپين ۾ سبڻو پوندو آهي. هڪ درزي روز چار کان پنج وڳا سبي سگهي ٿو. مهانگائي جي زماني ۾ هن سيزنل دنڌي جو دارومدار عيد جي موقعن تي آهي. عام طور تي درزي به موڙي ۾ هوندا آهن.

ڌوٻي
پورهيت ڌوٻي ماڻهن جا ڪپڙا ڌوئي استري ڪري پيٽ گذر ڪري ٿو. هي ڪِرت به تمام پُراڻي آهي. ماضي ۾ ڪوئلي واري استري تي ڪپڙا استري ٿيندا هئا. جنهن بعد بجلي ۽ ايل پي جي گيس تي استري اچي وئي. توڙي جو ڌلائي ۽ استري جو اگهه به وڌيو آهي پر شهرن ۾ دڪانن جون ڳريون مسواڙون، بجلي ۽ گيس جا خرچ، پاڻي جي کوٽ سبب ڪڏهن ڪڏهن پاڻي به پئسن سان خريد ڪرڻو پوي ٿو. ان کان علاوه صابڻ، صرف ۽ ڪپڙن تان داغ لاهڻ وارا ڪيميڪل پڻ مهانگا ٿي ويا آهن. جنهنڪري هن دنڌي ۾ سيڙپ سان گڏ سخت محنت هوندي به ڌوٻين جو گذارو مشڪل سان ٿئي ٿو.
واڍو ۽ آرا مشين تي ڪم ڪندڙ پورهيت
ڪائنات ۾ ڪاٺ جو استعمال تمام گھڻو آڳاٽو آهي. پر ان ڪم کي ترقي تڏهن ملي جڏهن دنيا ۾ تهذيدون جڙڻ لڳيون، اڏاوتون ٿيڻ لڳيون، ڪاٺ مان گھر جي استعمال جون ضروري شيون ٺهڻ لڳيون. کٽ، ٽيبل، ڪرسي، الماڙيون، شوڪيس، پينگها، در، دريون، ڪاٺ جا گھر ٺهڻ لڳا. جيئن پوءِ تيئن وڻ ۽ واڍي جي ضرورت وڌي وئي. ڪاٺ ۾ اچي ڪرٽ پيو، ڌرتيءَ روڏي ٿيڻ لڳي. پر ڪاٺ جي واپاري سرمائدار جو روح نه ڍاپيو، واڍو ته ڏهاڙي يا ٺيڪي تي ڪم ڪندڙ پورهيت آهي. جيڪو وڏن سيڙپڪار سيٺن جي دڪانن تي ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پالي ٿو. سموري زندگي ٻين جي گھر جي سينگار ۽ سهولتن لاءِ ڪاٺ جون شيون ٺاهيندڙ هن پورهيت جي گھر ۾ سڄي کٽ مشڪل سان ملندي آهي.
آرا مشينن تي ڪاٺ جي چيرائي جو ڪم ڪندڙ پورهيت روزي خاطر ڏينهن رات موت جي منهن ۾ هوندا آهن. ڪيترائي دفعا ڪرٽ ٽُٽي پوڻ ڪري اهي پورهيت سخت زخمي پڻ ٿيندا آهن. ڪي پورهيت ته وڍجي موت جي ور به چڙهي ويندا آهن. گھڻن جا هٿ به ڪاٺ سان گڏ ڪپجي وڃي پري ڪِرندا آهن. آرا مشينن جا پورهيت ڪاٺ جو ٻورو، دز، لٽ سبب الرجي، دم ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ جڪڙجي عذاب جهڙو جيون گذارين ٿا. هي سڄو ڏينهن اُڀي پير وڏي ڦڙتي سان ڪم ڪندا آهن. ان ڪم ۾ ذري به ڪوتاهي جي جان تان هٿ کڻڻو پوي ٿو. پر نتيجي ۾ انهن پورهيتن جا معاشي حالات ڏاڍا رحم لائق هوندا آهن.

ويلڊر ۽ لوهار
برابر جڪي لوهه ڪُٽين لوهار تن کي ڪهڙو قدر سون جو به جيڪي لوهه کي ڳاري هن ڪائنات جي پورهيتن لاءِ اوزار ٺاهين ٿا ڪهاڙو، ڏانٽو، رنڀو، هر، ڏاندار ٺاهڻ واري پورهيت دنيا جي مشڪل ڪمن کي آسان ۽ تيزترين بڻائي ترقي جي هزارين رستا کولي ڇڏيا. ان پورهيت جي جوڙيل اوزارن جي ڪري زرعي طور وڏي ترقي جو زمانو شروع ٿيو. جديد مشينري جي ڪري توڙي جو انهن جي ڪِرت گھٽجي وئي آهي پر اڀري حال سان به هلندڙ آهي. جڏهن جديد زرعي آلات ٺهڻ جا وڏا ڪارخانا لڳا، تڏهن سندن ڪم مشينن حوالي ٿيڻ جي شروعات ٿي آهي. جنهنڪري هن ڪم مان پيٽ ڀرڻ جو ذريعو مستقبل ۾ نه رهندو.
بجلي تي هلندڙ مشين تي ٽٽل شيون ڳنڍڻ جو ڪم ويلڊنگ ذريعي ٿئي ٿو. ويلڊنگ ڪندڙ ويلڊر بجلي جي تيز ترين شعاعن جي ويجهو هجڻ ڪري اکين جي بيمارين ۾ وچڙجڻ، نظر جو خطرناڪ حد تائين گھٽجي وڃڻ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري اهو پورهيت آخري حياتي ڏکن، تڪليفن ۽ عذابن ۾ گھاري ٿو. ويلڊنگ ڪندڙ پورهيتن کي تمام گھڻي محنت ڪرڻ جي باوجود سيٺين پاران تمام گھٽ اجورو ملي ٿو. جنهن مان سندن گذارو پڻ مشڪل سان ٿئي ٿو. چڻگن جي گھيري ۾ گھاريل حياتي جا ڏک، درد ۽ سورن کي ڪو سندو نٿو لڳي، غربت ۽ بي وسي ڪو ٽُچ نٿو لڳي.

مالش وارو
پُراڻي زماني ۾ وڏين بادشاهن جي جسماني فٽنس لاءِ درٻارن ۾ مالشي مقرر ٿيل هوندا هئا. اهي جسم کي اهڙي ته آڍ مک ڪندا هئا جو بدن جا سمورا سور کن پل ۾ لهي ويندا هئا. پر دنيا مان جڏهن بادشاهتن جا ڀاري بُرج ڪري پيا ته بادشاهن به وڃي ٻيا دنڌا ڪيا. انڪري مالشين جو روزگار به درٻارن مان نڪري بازارن ۾ اچي ويو. جتي غريب غربو به ناڻو ڏيو مالش ڪرائيندو آهي. هي دنڌو وڏن شهرن ۾ اڪثر رات جي ٽائيم بس اڏن، هوٽلن، ڪلبن ۽ ٻين عوامي جاين تي هلندو آهي. پورهيت مالشي تيل جو شيشيون ڇڻڪائيندا هوڪا ڏيندا وتندا آهن. هاڻ ته وڏن شهرن ۾ آڍ مک جا سينٽر به کُلي ويا آهن. جنهنڪري هنن پورهيتن جي روزي تي لت اچي وئي آهي. هن ڌندي جي آڙ ۾ ڪجهه نقلي مالشي به آهن جيڪي ماڻهن کي مالش ڪندي کيسا صاف ڪيو وڃن. انڪري هنن پورهيتن کي ماڻهو اڪثر شڪ جي نگاهه سان ڏسندا آهن. هي رولاڪين جي ڪِرت آهي. پر هي پورهيت پنهنجي ۽ محنت جي باوجود به ذوال پذير آهي.
شيون وڪڻندڙ پورهيت
پيٽ گذر لاءِ انسان ڪيترا وس ۽ حيلا ڪندو آهي. پر ڄمڻ کان وٺي مرڻ گھڙي تائين پيٽ نٿو ڀرجي. پيٽ جي آگ ڪائنات جي اربين انسانن کي ٻاري، ساڙي راک بڻائي ڇڏيو آهي. محنت مزدوريون، پورهيا ڪرڻ جي باوجود به هن ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪو جيوت عذاب ۾ آهي ته اهو پورهيت آهي. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ريڙهن، سائڪلن، موٽر سائڪل، گڏهن تي هڙون ٻڌي ۽ گڏهه گاڏين تي شيون وڪڻندڙ پورهيت سج اُڀرڻ کان لهڻ تائين گرمين توڙي سردين ۾ گھر کان ٻاهر هوندا آهن. اهي گھورڙيا در در تي هوڪا ۽ هارن ڏيئي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏيندا آهن. هلڪي ڪوالٽي جا فروٽ گدرا، ٻير، ڪيلا، صوف، کجور ۽ ڳڙداڻي، چپس، لاهوري گجر، ڪلفيون، ڀاڄيون، رانديڪا، ٽڪ، ڦڻي، هار سينگار، چوڙيون، سرخي، ميڪپ جون شيون وڪڻي پنهنجي ٻچن جي ماني جو بندوبست ڪندا آهن. اهي پورهيت شيون رڳو پئسن عيوض ڪونه ڏين پر مرچ، ڦٽي، لوهه، ڪڻڪ جي مٽا سٽا تي به شيون ڏين. سيڪرين واريون ڪلفيون وڪڻڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهن پورهيتن جي نوانٽري هوندي آهي. ٻهراڙي جا ماڻهو کائين اوڌر تي پڻ شيون خريد ڪن.

سور انهن جا ساڳيان
جيئن هن ڪائنات سمورن سرمائدارن جا معاشي مفاد ساڳيا آهن. بلڪل ائين ئي سموري ڪائنات جي پورهيتن جا مسئلا به ساڳيا آهن. انهن جا سور به ساڳيا آهن. انهن جي درد جي تڪيلف به ساڳي آهي، انهن جي بک جو احساس به هڪجهڙو آهي. سڄي دنيا جي پورهيتن جي عظيم پگهر جي خوشبوءَ ساڳي آهي. انهن جي هٿن جون لڦون ۽ پيرن جا ڇالا به ساڳيا آهن. انهن جا ڪوماڻيل چهرا ۽ لڙڪ به ساڳيا آهن. تڏهن ته شايد استاد ڪارل مارڪس چيو آهي “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو”