موسيقي سان لاڳاپيل فنڪار پورهيت
جيئن سمورا ذهني ۽ جسماني پورهيا سخت محنت کانپوءِ ئي انسان کي “استادي” نصيب ڪن ٿا. بلڪل ائين ئي آرٽسٽ پاڻ ۾ موجود فن کي جيستائين ڪنهن ماهر استاد جي آڏو پيش نه ڪندا، سکيا حاصل نه ڪندا، سخت محنت سان رات ڏينهن رياض نه ڪندا ته ڪنهن به ريت ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهندا. سندن اهو فن اڌورو رهجي ويندو آهي. ڇو ته ڏات جي ڏيهه ۽ فن جي دنيا جو هي پورهيو به جسماني پورهيي جهڙو ئي سخت آهي. هن پورهيي سان پيٽ جي غذا به ملي ٿي ته روح جي غذا به ميسر ٿئي ٿي. موسيقي مڪمل اڻکٽ علم آهي. راڳ، راڳڻي، رنگ، سُر، تار، لئي، وڄت، ٽڪا، ماترائون، وقت جي پابندي کان سواءِ اڃان به لاتعداد طور، طريقا، ضابطا، قانون آهن. جنهن کانسواءِ موسيقي جو علم اڻپورو آهي. فن جي انهن سمورن ڳالهين کان واقف ۽ ڄاڻو ماڻهو ئي مڪمل فنڪار چئي سگهجي ٿو.
فنڪار
راڳ رنگ جي دنيا ۾ راڳي گھراڻن جي ڪِرت گائيڪي آهي. يعني انهن جي گذر جو ذريعو فقط “موسيقي” آهي. ميلن، محفلن، شادين ۽ درٻارن ۾ راڳ ڳائي انهن محنت ڪش فنڪارن نسل در نسل پنهنجو پيٽ گذر ڪيو آهي. پر ان کان علاوه هن فن سان لاتعداد اهي فنڪار به لاڳاپيل رهيا آهن به جن جو “ڳائڻ” موروثي پيشو نه هوندي به انهن ڪلاڪارن هن فن کي حياتيون ارپيون آهن. ۽ انهن آرٽسٽن پنهنجي گلي ۾ موجود سوز کي سُڃاڻي اڳتي هلي وڏو نالو ڪمايو ۽ اهو فن سندن روزگار جو وسيلو بڻيو. فن، فنڪاري، راڳ ۽ رنگ جو وسيع علم دنيا ۾ ڦهلجي ويو. موسيقي جي فن جي گھرائي سمنڊ کان به گھري آهي. جنهنڪري هي فن تمام محنت طلب آهي. جيڪي فنڪار گائڪي جي فن کي پنهنجي روزي روٽي سان گڏ عبادت ۽ خدمت سمجهن ٿا اهي هن فن کي نهايت ئي سنجيدگي جي اک سان ڏسن ٿا. راڳ جي رياضت ۾ انهن جون حياتيون گذري ويون.
هڪ پيشيور فنڪار جي گھر جو گاڏو سندس ڳائڻ سان هلي ٿو. وڏن فنڪارن جا ته وڏا اگهه آهن. پر انهن کانسواءِ ننڍا فنڪار جن کي ريڊيو، ٽي وي چينل تي گھٽ موقعو ملي ٿو. اهي فقط پنهنجن علائقن تائين يا ٿورو پري ٻي ضلعي تائين ڳائڻ جي دعوتن تي ويندا آهن. جتي محفلن ۾ ملندڙ گھور مان گاڏي جو خرچ، ايڪوسائونڊ جو خرچ (ڪٿي ڪٿي پارٽي پاران سائونڊ جو بندوبست نه ٿيل هوندو آهي ته فنڪار پاڻ سان گڏ سائونڊ کڻائي ويندا آهن) سازيندڙ ۽ ڊانسرن جو حصو ڪڍڻو پوي ٿو. محفل ۾ مليل گھور مان خود ڳائڻي جون ٻه پتيون هونديون آهن. محفل چڱي لڳي ته کين روزي به چڱي ملي ويندي آهي. ٻي صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن گاڏي جو ڪرايو به گھران ڏيڻو پوي ٿو. فنڪار پاران پارٽي سان ڪنهن به محفل جي پروگرام جي اڳواٽ زبان ڏيڻ يا سوٿي طور ڀاڙو وصول ڪرڻ بعد ڪهڙا به حالات ٿي وڃن پر اڳواٽ سوٿيل فنڪار پارٽي کي دوکو ناهي ڏيندو. مقرر تاريخ تي پوءِ ڇونه سندن طبعيت خراب ٿي وڃي، ڪا ڏک جي گھڙي به اچي وڃي، موسمن جا رخ مٽجي وڃن پر انهن کي هر حال ۾ روزي لاءِ ڳائڻو آهي. مون هڪ فنڪار کي محفل ۾ خوشي جي گيت جي فرمائش تي روئيندي به ڏٺو. پوءِ خبر پئي ته ويهه ڏينهن اڳ سندس معصوم پٽ مالي تنگدستي سبب گھربل علاج نه ٿيڻ ڪري موت جو شڪار ٿيو هو. هو پنهنجا درد لڪائي ڳائن ٿا. هو ماڻهن جي خوشين اڳيان پنهنجي خوشين جي ٻلي چاڙهين ٿا. هو اندر اڌ هوندي به ٻين جون خوشيون ملهائن ٿا. هو راتيون جاڳي اسٽيج سجائن ٿا، محفلون مچائن ٿا. جهنگل ۾ منگل ڪن ٿا.
هن خطي ۾ ناميارا راڳي پرلوڪ پڌارڻ کانپوءِ موسيقي جي محفلن مان رونق موڪلائي وئي آهي. مشهور راڳي استاد منظورعلي خان، استاد محمد جمن، ماسٽر محمد ابراهيم، محمد يوسف، وحيد علي، ڪڇي برادر، قاسم علي شاهه، ڍول فقير، موهن ڀڳت، استاد وڪيو ڀيل، جمعو ڀيل ۽ صالو ڀيل، جيوڻي ٻائي، مائي الهوسائي، مائي ڀاڳي، اسحاق ڪارو، حيدرکوسو، خان محمد شيخ سميت لاتعداد عظيم فنڪار هن فن جي عروج جو سبب بڻيل رهيا. پر هاڻ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کانسواءِ نه اهي فنڪار رهيا نه راڳ جا عاشق ۽ ڄاڻو ماڻهو رهيا آهن. فن جو قدر ذوال پذير ٿيندو وڃي. ڪلاسيڪل راڳ جو قدر گھٽجي ويو آهي.
ڳائڻ سان جسم جون نسون ڇڪجن ٿيون، گلي مان ذوردار آواز نڪرڻ ڪري نڙي جي تڪليف سميت گڙدن ۽ ڦڦڙن جي بيمارين ۾ فنڪار تڳي تڳي موت جي ور چڙهي ويندا آهن. ناميارا فنڪار پيرسني ۾ غربت جا عذاب ڀوڳين ٿا. ان حياتي ۾ سندن پرستار ۽ مداح به منهن مٽي ويندا آهن. نه ته تاريخ ۾ جهوناڳڙهه جي بادشاهه سخي راءِ ڏياچ جهڙا قدردان پيدا ٿيا آهن جنهن ٻيجل کي سُرن تي سر گھوري ڏنو.
محلين آيو مڱڻو، کڻي ساز سِري،
لڳي تند تنبير جي، پيا ڪوٽ ڪري،
هنڌين ماڳين هوءِ ٿي، تنهنجي ٻيجل! دانهن ٻري،
سسي تنهن سلطان کان، اچي گھوٽ گُھري،
جهوناگڙهه جُهري، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.
پورهيت سازيندا ۽ ساز
يڪتاري، چپڙي، سرندي سان گڏ بينجي تي ڳائڻ ٿيندو رهيو آهي. استاد منظورعلي خان ۽ استاد فتح علي خان ڳائڻ سان گڏ تانپورو پڻ وڄائيندا هئا. يڪتارو ۽ چپڙي ۾ فقير عبدالغفور، ڍول فقير، جلال چانڊيو، عرس چانڊيو، سهراب فقير، منجي ڀيل، حسين بخش خادم ماهر سمجهيا وڃن ٿا. ماضي ۾ هارمونيم (باجو) وڄائيندڙ تمام گھٽ هئا.اهي سازيندا فقط وڏن ڳائڻن سان ئي سنگت ڪندا هئا. گھڻا فنڪار خود ڳائڻ سان گڏ هارمونيم پڻ پاڻ وڄائن. پر ان کانسواءِ خاص طور به ڪي ماڻهو هارمونيم جي سکيا حاصل ڪري شوق سان گڏ روزي جي پورائي ڪن ٿا. سنڌ ۾ استاد شاهه محمد عرف شاهو ڪلوئي پڻ ڪمال جو باجي ماسٽر هو. استاد محمد جمن، فيروزگل، استاد امانت علي هنڌ سنڌ ۾ مشهور رهيا آهن. باجي ماسٽر سُرن جي سکيا بعد فنڪارن سان محفلن ۾ سنگت ڪندا آهن. محفلن ۾ فنڪار سان گڏ سندن پتي مقرر ٿيل هوندي آهي. مختلف ڌنون ٺاهي موسيقي ترتيب ڏيڻ سان گڏ گھڻا باجي ماسٽر فنڪارن سان وارڙيا ٿي ڳائيندا به آهن. گھڻا اهڙا سازندا مختلف پروگرامن ۾ ساز وڄائن پر عمومن سندن روزي شادين جي سيزن سان لاڳاپيل آهي. سيزن بعد جنهن بعد محفلون اتفاقي ملن ٿيون. جتان سندن اٽي جو بندوبست ٿئي ٿو. عام طور تي سندن ٻي ڪا ڪمائي ۽ روزگار جو وسيلو نه هئڻ ڪري غربت ۽ فاقاڪشي سندن ويڙهن ۾ وڙڪندي آهي. راتين جون راتون محفلن ۾ اسٽيجن تي ويهڪ ڪرڻ ڪري کين ڪيتريون بيماريون ٿيو وڃن.
موسيقي جي دنيا ۾ هي ٻه اهم ساز آهن. جن سان محفلن ۾ جان اچي ٿي. هن سازن سان گڏ ڊڦلي، جانجهر ۽ ڪانسيا پڻ وڄايا ويندا آهن. پر ڍولڪ ۽ طبلي جو پنهنجو رنگ آهي. هي فن موروثي طور به هلندو اچي پر گھڻا سازندا شوق ۾ پڻ ڍولڪ ۽ طبلو وڄائي هن فن ۾ ايندا آهن. ماضي ۾ استاد بچل، خميسو خان، محمد هاشم عرف هاشوڙو، لونگ فقير، احمد نواز، سومار فقير،محمد طاهر، انتظار حسين، استاد غلام محمد، بشيرخان، استاد نظير خان ۽ ٻيا ماهر ڍولڪ نواز رهيا آهن. هن وقت سنڌ ۾ استاد ڍوليو ڀيل، انب جوڳي، استاد عمر پڻ هن فن سان نڀائي رهيا آهن. هن فن ۾ اڪثريت مگھڻارن جي آهي. جنهن ۾ عمرڪوٽ، مٺي، بدين، ماتلي، ٽنڊومحمد خان، حيدرآباد ۽ اُتر سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن جا فقير شامل آهن. ڪيترائي ناليوارا راڳي سندن فن اڳيان مجبور بڻيل هوندا آهن. انهن جي لئي جهلڻ هر پڪوازي جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي. تنهنڪري “جوڙ” جا سازندا جوڙ سان ٺهن ٿا. هي پورهيت ٽي وي چينل، ريڊيو ۽ ڪئسٽ ڪمپنين ۾ پڻ پگهار تي ڪم ڪندا آهن. فنڪارن سان پتي تي وڄائيندا آهن. محفلن کانسواءِ هي پورهيت آرٽسٽ بي روزگار هوندا آهن. سندن ٻچا پڻ مستقبل جا معمار ٿيڻ بجاءِ دربدرين جي بار جهڙي حياتي لاءِ پيدا ٿين ٿا. هن فن ۾ ڏات سان گڏ سخت جسماني پورهيو پڻ شامل آهي. سياري جي سرد راتين ۾ طبلو ۽ پڪواز وڄائڻ لاءِ پڻ تمام گھڻي جسماني سگهه ۽ ٻنهي هٿن سان وڏو ذور لڳائڻو پوي ٿو. جنهن ڪري اڪثر هي سازيندا سياري ۾ به پگهر ۾ شل ٿيل هوندا آهن. سندن آڱريون زخمي هونديون آهن. دهل آهي ئي خوشي جو ساز، تنهنڪري دهلاري هر وقت وسي راڄ جون دعائون پيو ڪندو آهي. دهلاري شادي مُرادي، ميلن، ملاکڙن جي سونهن سمجهيا وڃن ٿا. گھڙو وڄائڻ لاءِ مٺو خان زرداري ۽ استاد احمد جو فن جس لائق آهي. جهڏي جي امڙو فقير کي ماڻهو اڄ به ياد ڪن ٿا. سندس وڄت جو نرالو انداز اڄ به ڪنن جي سماعتن ۾ گونجي پيو. وانول، شيدڪو، مٽڪو وڄائي ماڻهن کي نچائڻ وارا دهلاري پاڻ غمن جي جيون ۾ غرطان هوندا آهن. هاڻي ته ايڪوسائونڊ هن فن کي ذري گھٽ تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. دهل کانسواءِ وهان کي گونگي شادي چيو ويندو هو. شادين ۾ دهلارين جي اهميت وڌي ويندي آهي. پر دهلارين جا راڄ ورهايل آهن. اهي پنهنجي راڄ جي خوشين ۾ ئي وڄائن. روزي ڪمائن. راڄ جي فقير کي ماڻهو هون به ڀائين ٿا. ڏکي سُکي ۾ کيس ساٿ ڏيڻ جي روايت اڄ به موجود آهي. بٽئي جي وقت به سندس حصو جُدا ڪڍيو ويندو آهي. پر هاڻ هي فن گھڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندو.
موسيقي جي دنيا جا لاتعداد ساز آهن. پر ان ۾ خاص طور شهنائي، بين، پاوا، بانسري، الغوزو، بوڙينڊو ۽ چنگ اهم حيثيت رکن ٿا. هنن سازن جا مٺا سُر موسيقي کي وڌيڪ وڻندڙ بڻائن ٿا. هنن سازن جي مٺاس روح کي راحت ڏيندڙ آهي. هنن سازن بانسري سڀ کان ڏکيو ساز سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هنن سازن جا ماهر سازندا پيدا ٿيا آهن. انهن فنڪارن هنن سازن کي عالمي سطح تائين معتارف ڪرايو. بوڙينڊو دنيا جو اهو واحد ساز آهي جيڪو فقط سنڌ ۾ وڄايو وڃي ٿو. استاد ميرمحمد لُنڊ کانپوءِ سندس پٽ ذوالفقار لُنڊ وڄائي ٿو. مرلي ۾ اقبال جوڳي، بانسري ۾ استاد محمد جمن، غوث بخش بروهي، استاد علي محمد وڏا ماهر ليکيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ الغوزي جا شاهه ڪاريگر سمجهيا ويندڙ استاد مصري خان جمالي، خميسو خان رونجهو، الهبچايو کوسو، اڪبر خميسو خان آهن. نڙ وڄائڻ ۾ استاد شاهه محمد نابينا، سارنگي ۾ استاد مجيد خان، شهنائي ۾ عبدالله فقير ڪوٽڙي وارو، سُرندي ۾ استاد محمد مهاڻو، علي محمد ۽ الهنو، بينجي نواز بلاول بيلجم ۽ غلام محمد غلامو، چنگ ۾ عبدالڪريم بلوچ، تنبوري ۾ استاد عارب خان ماياناز فنڪار ليکيا وڃن ٿا. پر افسوس جي ڳالهه هي آهي ته هي سڀ پورهيت سازيندا پنهنجي حياتي ۾ غربت ۽ مفلسي سان مقابلو ڪندي به فن سان نڀائن ٿا. فن جي دنيا جا امير ماڻهو ڌن جي دنيا جا فقير بڻيل هوندا آهن. سندن حياتي ۾ واهه واهه ۽ شابس جي بک ڪونه هوندي آهي پر سندن پيٽ جي بک کي چتي نٿي لڳي.
ناچو
بنيادي طرح پيشيور رقاصائون ۽ ناچو ڇوڪرا به پيٽ جي آگ کي وسائڻ جي نهايت ئي وڏي مجبوري سبب رقص ڪن ٿا. ان سفر ۾ “رقص” جي پنهنجي منفرد تاريخ آهي رقص جي هڪڙي ڪيفيت آهي پيٽ جي پوجا، اها ڪا باقاعدي ذهني ڪيفيت ناهي پر اها آهي غربت جي مجبوري جيڪا آدم ذات کي آڱرين تي نچائي ٿي. سنڌ ۾ پڻ ناچو ڇوڪرا راڳ رنگ جي محفلن، ميلن، سرگس، موت جا کوهه، ميجڪ شو، شادين ۽ ٻين خوشي جي ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي نظر اچن ٿا. رقص ته هوندو ئي خوشي جو سبب آهي پر هنن ناچوئن جو نچڻ پويان پيٽ جي باهه ڀڙڪي ٿي. هو ڄڻ ٽانڊن تي نچن ٿا. هُنن جو رقص ڄڻ ماني لاءِ احتجاج آهي. هو ڄڻ ماني جي رٺل ديوتا کي پرچائڻ لاءِ نچن ٿا سنڌ جي ماضي ۾ مشهور ناچو بهادر اُترادي، بچو شيخ، وڪيو ڀيل، سليمان شاهه، غفور شيخ پنهنجي دور جا ماياناز ناچو رهيا آهن. انهن مان اڳتي هلي استاد وڪيو ڀيل ۽ سليمان شاهه ڀلوڙ راڳي طور پاڻ ملهايو. سنڌي موسيقي ۾ سندن اهم ڪردار رهيو آهي. ان کانسواءِ ڪيترائي صوفي فنڪار ڳائڻ سان گڏ ڇير هڻندي رقص به ڪن ٿا. پيٽ خاطر نچي نچي هيڻا ٿي پون ٿا. پر غربت، بک ۽ بدحالي سندن پيڇو نٿي ڇڏي.
مزاحيه فنڪار
انسان پنهنجي جبلت ۾ خوشي جو طالبو هوندو آهي. سنڌ سميت سڄي دنيا جي مزاج ۾ کل، ڀوڳ، چرچو ۽ مزاق شامل آهي. جنهن ڪري پيشور مزاحيه فنڪارن جي گھر جو گاڏو به هن فن مان رڙهندو رهيو آهي. عالمي سطح جا مزاحيه آرٽسٽ چارلي، مسٽر بين ۽ ٿري اسٽوڊيو جا ٽنهي فنڪار، سميت پاڪ و هنڌ به مزاح جي فن سان مالا مال آهي. سنڌ ۾ نٿو ڪهيري، لونگ چارلي، بيگو مشخري پڻ پاڻ ملهايو. موجوده وقت ۾ وري قادر بخش مٺو، ذُلفي شاهه عرف بصر بادشاهه، سهراب سومرو ۽ ٻيا آهن. محفلن ۾ موجود ماڻهن کي پنهنجي فن سان کلائي کلائي کيرو ڪندڙ هي عظيم فنڪار پنهنجا ڏک رات جي اونڌاهي ۾ روئي هلڪا ڪندا آهن. نٿو ڪهيري اسٽيج تي پنهنجو فن پيش ڪندي اوچتو ڇتي کنگهه ۾ ٻڏي ويو. ماڻهن جون تاڙيون هجن. “استاد واهه جو مشخري ڪئي آهي” پر ان غريب فنڪار اسٽيج جي پويان رت پئي ٿڪيو ۽ دم جون گوريون پئي کاڌيون. حاضرين مان ان جي درد کي ڪنهن به نه پئي سمجهيو. ثقافت کاتو هنن فنڪارن لاءِ ڇا ڪري سگهيو آهي؟ ان موضوع تي لکڻ جي ضرورت ان ڪري به نه آهي جو سرڪار جي ڪارنامن جي عڪاسي فنڪارن جا حالت ٻڌائن ٿا.