کيت مزدور ۽ لاهيارا
خوراڪ جون ڪهڙيون شيون انسان لاءِ فائديمند آهن ۽ ڪهڙيون شيون نقصانڪار آهن؟ جيستائين تجربن سان اهي حقيقتون واضع ٿين تيستائين انهن تجربن ۾ لاتعداد انسان موت جي ور چڙهي ويا هوندا! جن شين سندس صحت کي نقصان نه ڏنو انهن شين کي ئي ماڻهو پنهنجي خوراڪ لاءِ استعمال ڪيو آهي. اوائلي ماڻهو ڪچا، پڪا توڙي سڪل ڦل، فروٽ، وڻن، ٻوٽن جون پاڙون، ڇوڏا، آڙڪ ڀاڄيون، اناج، فروٽ ۽ انهن جانورن جو شڪار ڪيل گوشت کاڌو جيڪو کيس هضم ٿي سگهيو هو. پر زمانن کان پوءِ انسان جو پيٽ وري به اناجي فصلن ڀريو. جنهن ۾ ڪڻڪ، ٻاجهر، جوئر، مڪائي ۽ چانور سميت ٻيا به ڪيترائي اناج شامل آهن. هن ڪائنات ۾ زراعت جي موجد عورت آهي. مرد شڪار تي ويندا هئا ۽ عورت پنهنجي رهائش جي آسپاس مان اناج وارن ٻوٽن مان اناج جو ٻج خوراڪ خاطر گڏ ڪري زمين ۾ مشڪل وقت لاءِ زخيرو ڪري پوري رکيو، جيڪو بارش وسڻ سبب هڪ هند ئي ڄمي پيو. ڪائنات ۾ کيتي ٻاري (زراعت) جو اوائلي شروعات اها ئي آهي. جنهن سان انسان جي خوارڪ جو آسان بندوبست ٿيو. زراعت جو اهو اوائلي تصور ترقين جا قراقرم پار ڪري اڄ جي جديد زرعي سڌارن واري دؤر ۾ داخل ٿيو آهي. زراعت تي موسمي ڦيرڦار جو پڻ خطرناڪ اثر پيو آهي. دنيا ۾ تپش پد وڌڻ ڪري ڪُل ڪائنات ۾ مُندن جو وڏو ڦيرو آيو آهي. جنهنڪري موسم جو توازن بگڙجي ويو آهي. موسم جي عالمي سطح جي تبديلي (گلوبل وارمنگ) جا اثر اسان جي خطي ته به پڌرا ٿيا آهن. جنهنڪري وقتائتا واه نٿا گُھلن نه ئي موسمي مينهن اوڙڪون ڏيئي وسن ٿا. ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ بارشون ٿين ٿيون. ڪڏهن ڏڪار ته ڪڏهن ٻوڏون ٿيون ٻوڙين. زراعت جو دارمدار موسمن جي رحم ڪرم تي آهي ۽ کيت مزدورن جي گذر جو ذريعو وري زراعت سان واڳيل آهي. فصل چڱا ٿيا ته پورهيت جو سال سجايو ويندو. جي فصل موچارا نه ٿيا ته زرعي مزدورن لاءِ فاقاڪشي جا ڏينهن ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته دنيا ٽنڊي باگي ۽ ملڪاڻي جيڏو گلوبل ڳوٺ بڻجي وئي آهي، ڌرتيءَ جو هي گولو دل جي سوڙن ماڻهن لاءِ پورو ڪونه پيو تنهنڪري هاڻ ماڻهو مريخ تي اڳواٽ پلاٽن جي بڪنگ پيا ڪرائن. پر دنيا جا پورهيت انسان اڄ به چون ٿا ته سائنسي ترقي مان اسان کي ٻيو ڪجھ به نه گھرجي فقط جي ٿي سگھي ته “بک” نه لڳائڻ جي ڪا دوا ايجاد ڪئي وڃي، اڃان به جي پورهيتن لاء وڏي همدردي ۽ ڀلائي ٿي سگهي ته ڪا “اينٽي بک ويڪسين” لڳائي وڃي؟ جنهن سان کين هميشه لاءِ بک نه لڳي ۽ پورهيت ويهي صدين جا ٿڪ ڀڃن. کين ماني لاءِ دربدر نه ٿيڻو پوي، ماني لاءِ پگهر جو پورهيو ڪرڻ جي باوجود ظالم سرمائدار وڏيراشاهي جي غلامي نه ڪرڻي پوي. پورهيتن جي سوچ ۾ ايٽم بم ٺاهڻ جو ڪو منصوبو شامل ناهي، پورهيتن جي سوچ ۾ ته معصوم انسانن کي بي دردي سان مارڻ وارا ڊورن جهاز ٺاهڻ جي به ڪا حڪمت عملي شامل ناهي، پورهيتن جي پرامن دنيا کي رت سان وهنجارڻ جهڙي ڪا سوچ دنيا جي پورهيتن جي تصور ۾ به ناهي. پورهيت مزدور ته فقط اٽي لاءِ سوچين ٿا. پورهيت ته هن ڪائنات کي سکيو، ستابو ۽ سرسبز ڏسڻ چاهين ٿا. ڪائنات کي پورهيت جي اک سان ئي ڏسڻ گھرجي جنهن ۾ هن ڪائنات جو ڪوبه آدم بکيو نه سمهندو. پورهيت مزدور ته فقط بڊي جي بخارن کان بچڻ لاءِ سوچين ٿا. اهي اٻوجهه ته ڀڳل هڏ لاءِ به نام نهاد ڀوپن کان سڳا ڦيڻا ڪرائن ٿا. پورهيت لاءِ “ماني” دنيا جو وڏو مسئلو بڻيل رهي آهي. اهو مسئلو اڄ ڏينهن تائين حل نه ٿي سگھيو آهي.
کائنات ۾ ٿورڙا ماڻهو آهن جن وٽ جاگيرون آهن. پر اربين اهي انسان آهن جن وٽ ويهڻ لاءِ هن پرٿوي تي گھر ناهي. کائڻ لاءِ ماني ڳڀو ناهي، رهڻ لاءِ ڇت ناهي، اهي لکين انسان آهن خانه بدوش پورهيت جيڪي روزي روٽي لاءِ دربدري جي حياتي گھارين ٿا.
آڻين ڪي چاڙهين، ڏٿ ڏيهاڻي سومرا،
سٿا ڪيو سيد چئي. سائون سڪائين،
منجهان لنب لطيف چئي، چائر ڪيو چاڙهين،
پُلاءُ نه پاڙين، عمر! آراڙيءَ سين.
کيت مزدور
سنڌ ۾ زميندار وٽ نسلن کان هارپو ڪندڙ هارين کان سواءِ انهن کيتن ۾ پورهيو ڪندڙ هڪ ٻيو پورهيت طبقو به آهي جيڪو زرعي ڪم ڏهاڙي تي ڪندو آهي. فصل جي ويهر، گُڏ، ڦوهارو، چونڊائي، ڪٽائي جو ڪم پڻ مزدوري تي ڪرڻ جو رواج عام آهي. اهي پورهيت مزدور فصلن ۾ زرعي ڪم کيت مزدور طور ڪري پيٽ گذر ڪن ٿا. سنڌ ۾ انهن کيت مزدورن جو انگ به لکن ۾ هوندو. جيڪي فصل هارپ تي ته ڪونه پوکيندا آهن پر هارين جي پوکيل فصل توڙي زميندارن جي نجي فصل (سيري) ۾ کيت مزدور طور مزدوريون ڪري زندگي جو ڳرو گاڏو گهلين ٿا. انهن پورهيتن کي کيت مزدور چيو وڃي ٿو. ڪمند جي ڪٽائي، مرچ ۽ ڪپهه جي چونڊائي مڻ جي حساب سان ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ پڻ مختلف علائقن جا اگهه به مختلف آهن. پر سانگهڙ ۽ نواب شاهه ضلعن ۾ کيت مزدوري جو اگهه ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ گھڻو مٿي آهي. ان جو سبب هي آهي ته انهن علائقن ۾ زميندارن وٽ “هارپ” کان وڌيڪ “سيري” طور فصل پوکايو ويندو آهي. جنهن ڪري اُتي جا زميندار پنهنجي فصلن جي ويهر، گُڏ، ڪٽائي، اسپري ۽ چونڊائي کيت مزدورن کان ڪرائيندا آهن. هن پورهيي ۾ به مزدورن جي ليبر جي اڳواڻي هڪ جمعدار ڪندو آهي. جيڪو زميندار توڙي مزدورن کان بناه پورهيي جي پنهنجي ڪميشن اوڳاڙيندو آهي. هن پورهيي تي پڻ کيت مزدور اڳواٽ کڻت طور کنيل رقم “پيشگي” حاصل ڪندا آهن جيڪا پوءِ مزدوري ڪري جمع ڪرائيندا آهن. هي کيت مزدور سڄي سال فصل جي سيزن جي مناسبت سان لڏپلاڻ ڪندا رهن ٿا. سندن مزدوري تقريبن سڄي سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ آهي. جتي هو لڏي وڃي پنهنجا عارضي جهوپا اڏين ٿا. جيڪي جهوپا جهڙا اندر تهڙا ٻاهر هوندا آهن. هنن وٽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ آرام جو تصور ئي نه هوندو آهي. هو ته سڄو ڏينهن سج جي تپش پنهنجي بدن تي وسائيندا آهن. رات جو جڏهن انهن پورهيتن جي واپسي پنهنجي ڪکن ۾ ٿيندي آهي ته رکي ماني به ڪڏهن سندن نصيب بڻبي آهي ته ڪڏهن کين پنهنجن معصومن سميت لنگهڻ سمهڻو پوي ٿو. مرچ ۽ ڦٽي جي چونڊائي واري مند ۾ پورهيت کيت مزدور جون عورتون پڻ سخت پورهيو ڪن ٿيون. انهن جي معصوم ٻارڙن جو لوڏون پڻ ٻني ۾ موجود وڻن ۾ ٻڌل هونديون آهن. جنهن جي عڪاسي شاعر تاجن ڪلوئي جي هن گيت ۾ ٿيل آهي.
لوڏ گندي جي ٻٻر جي وڻ سان ڪوئي ٻار پڪاري ٿو،
شايد جيجل چونڍي تي وئي؟ آڀ اکين مان هاري ٿو.
ڪاڙهي تتي گرمي ۾ هلڪو ڪو آواز ٻُڌي
هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيري، وريو اوڏانهن ڪنڌ کڻي،
نازڪ نازڪ نيڻن سان هو ڪنهن جي واٽ نهاري ٿو؟
ڪجھه گھڙين لاءِ مجبوري ماءُ کي ٻچڙو ڇڏڻو پيو،
انڌي ڪُتي پيٽ جي خاطر ڦاٽل ڪانبو ڀرڻو پيو،
ڄاڻان ٿو هن نياڻي کي وڙهڻ وقت سيکاري ٿو!
هيڏا صدما سور سهي، لڙڪ به وٺندا جنگ جي صورت،
“تاجن” دوکي بازي جي هاڻي ناهي ڪائي ضرورت،
اهڙو ماڻهو وقت سان وڙهندي واقعي موت کي ماري ٿو.
مزدورين جا مختلف اگهه آهن، بصر جي ويهر في ايڪڙ 3 هزار روپيا، گڏ في ايڪڙ ٻارنهن کان پندرهن سئو روپيا. بصر ڪڍائي في سئو کان سئو ويهه ڪلو واري ٻوري هڪ سئو کان هڪ سئو ويهه روپين تائين آهي. مرچ ۽ ڦٽي جي چونڊائي جو اگهه في مڻ تي 2 سئو کان اڍائي سئو تائين آهي. جڏهن ته اُتر سنڌ ۾ ڦٽي جي چونڊائي جو اگهه گھٽ ۾ گھٽ چار سئو آهي. ڀاڄين جي پٽائي جا به مختلف اگهه آهن. زرعي دوائن جي اسپري جو اگهه في ايڪڙ 3 سئو جي لڳ ڀڳ آهي. گُڏ ۽ اسپري سميت ڪيترائي زرعي ڪم هاڻ جديد مشينن سان ڪيا وڃن ٿا. جنهن ۾ ڪمند ۽ ڦٽي جي گُڏ پڻ شامل آهي. مستقبل ۾ کيت مزدورن ۾ بيروزگاري جي شرح وڌي سگهي ٿي. اهي کيت مزدور پورهيت انب، ليمان، چيڪو، ٻير، زيتون، کجيون، ڄمون، ڦاروا ۽ ٻيا فروٽ پڻ مزدوري تي پٽن ٿا.
لاهيارا
فصل جو لابارو ڪندڙ پورهيتن کي “لاهيارا” چيو ويندو آهي. هر سال سارين ۽ ڪڻڪ لاباري تي هزارين ٿري خاندان لاباري خاطر سنڌ جي بئراجي علائقن جي ڳوٺن ۾ پوٺن تي کُلي آسمان هيٺ ديوين جي ڍينگھرن جا عارضي اجھا ٺاهي پيٽ گذر ڪن ٿا. پنهنجي ککن کان ڏور هجڻ ڪري لاباري تي آيل لکين ٿرواسي لاهيارا پيٽ جي پاپرن سبب پنهنجي مستقبل جي معمارن کي تعليم به نٿا ڏيئي سگھن. هر وقت سخت پگهر جا پورهيا ڪرڻ کانپوءِ به اٽي، لٽي ۽ اجھي کانسواءِ فقط نيري آسمان جي ڇپر ۽ ڇانءَ کانسواءِ هنن پورهيتن وٽ ٻيو ڀلا ڇا آهي؟ هن دنيا ۾ سندن ڪل ملڪيت ڪهڙي آهي؟
سرمائدار ته پورهيتن جي پگهر جي ڪمائي جي نتيجي ۾ هرسال پنهنجا گدام ڀريو ڇڏين ٿا. پر اهي گدام ڀرڻ وارا سدائين بک کي ڀوڳين ٿا. جيڪڏهن ان پورهيي عيوض کين چڱي مزدوري ملي ته سندن معاشي حالات بهتر ٿي سگهن ٿا پر هتي پورهيت لاهياري کي سڄو سارو ڪڻڪ جو ايڪڙ لڻڻ جي مزدوري ڏيڊ کان 2 مڻ ايريو مس ملي ٿي. سارين جي لڻائي في ايڪڙ 3 کان 4 مڻ مقرر ڪيل هوندي آهي يا وري هر پندرهين کان پوءِ سورهون مڻ لاهياري جو هوندو آهي. فصل جو لابارو ڪندڙ لاهيارن جو ليبر به هڪ جمعدار جي هٿ هيٺ هوندو آهي. پورهيت لاهياري ۽ زميندار کان ان عيوض مقرر ٿيل ڪميشن وصول ڪندو آهي. لاباري تي آيل اڪثر مزدور ٿرواسي هوندا آهن. جيڪي پنهنجي پيث گذر خاطر ڏکين پنڌن تي نڪرندا آهن. پورهيت لاهيارن لاءِ اڻ ڏٺل منزلن جو سفر ڪڏهن سجايو ويندو آهي ته ڪڏهن سندن پويتر پگهر جو پورهيو بيمارين تي خرچ ٿي وڃڻ ڪري کين خالي هٿين واپس ورڻو پوندو آهي. پر ڪيترائي دفعا ته الٽي، ڊائريا، مليريا ۽ نمونيا ۾ انهن پورهيت عورتن جون جهوليون خالي ٿي وينديون آهن. ان ڪيڏاري جو تصور نازڪ نفيس دلين جي ماڻهن جي تصور کان ئي ٻاهر آهي. پيٽ پويان دربدرين ۾ انهن جا ٻچا بيمارين ۾ موت جو راڪاس ڳڙڪايو وڃي ٿو. پورهيتن جي انهن معصومن جو تڏو سندن عارضي اجها بڻيل ديوين جي ڍينگهرن جي ڇانءَ ۾ وڇايو وڃي ٿو، ڪجهه پل ڪکاڻين جهوپڙين مان بي وسي جون آهون، دانهون ۽ سڏڪا سڻڻ ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ قيامت خيز خاموشي انهن وستين ۾ ڪاهيو پوي ٿي. قبرستانن ۾ معصوم قبرن جو اضافو ان ڳالهه جي سلطاني گواهي آهي ته “غربت ڪنهن لعنت کان گھٽ ناهي” بک جي رڻ ۾ رليل جنهن لاهيارڻ جي جهولي خالي ٿي هوندي ان جي دل جو حال، ڪيفيت، غم کي دنيا جي ڪهڙي ٻولي ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو؟ غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري موت جي ور چڙهيل ٻچڙي کي ياد ڪندي آڌي ويلي پورهيت جي ڪکن مان آيل اوڇنگار اندر کي اڌ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ريت گھٽ ناهي. توڙي جو سندن ملڪ هيل وٺو آهي پر ايندڙ سال جي خبر ناهي؟ تنهنڪري ٿرواسي لاهيارن سارين جي لاباري تي لاڙ پٽن ۾ پنهنجا لڏا لاٿا آهن. سيپٽمبر کان نومبر تائين سارين جو لابارو مڪمل ڪري وري ڪمند جي وڍائي لاءِ ڪمند وارن علائقن (ڪين ايريا) جو رخ ڪندا آهن. ڪمند جي سيزن کي سماپت ڪري وري ڪڻڪ جي لاباري تائين هي پورهيت يا ته بيروزگاري جي عالم ۾ هوندا آهن يا وري کين ڪڏهن ڪا ڏهاڙي لڳندي آهي ته ڪڏهن خالي هٿين موٽڻو پوندو آهي. پر اهو سلسلو ڪڻڪن ۾ ڏانٽو پوڻ تائين جاري رهندو آهي.
سموري زراعت هاڻ جديد زرعي آلاتن جي ڪري هاري توڙي کيت مزدور لاءِ بيروزگاري جو سبب بڻجي رهي آهي. سمورا زرعي ڪم هاڻ انهن جديد اوزارن ذريعي ڪيا پيا وڃن، جنهنڪري مسقبل ۾ زراعت سان لاڳاپيل دنيا جا ڪروڙين انسان بيروزگار ٿيڻ جو پڻ وڏو انديشو موجود آهي. لاباري جون مشينون پڻ گھڻي وقت کان لاهيارن جو حق ماري رهيون آهن. “کيت مزدور جي مزدوري وڌايو” هنن پورهيت مزدورن جي حقن لاءِ يا هنن جي مزدوري جا اگهه وڌائڻ لاءِ ڪا باقائدي يونين به ناهي، نه ئي ڪنهن سياسي سماجي پارٽي يا هنن پورهيتن جي نالي تي پروجيڪٽ وٺي پنهنجا ڀڀ ڀريندڙ اين جي اوز يا نام نهاد سول سوسائٽي ڪڏهن ڪو آواز بُلند ڪيو آهي. هن ڪائنات کي اناج ميسر ڪري ڏيڻ وارن هنن پورهيتن کي ماني ڪير ميسر ڪري ڏيندو؟ هنن جي تعليم، ترقي ۽ تحفظ جو ذميوار ڪير آهي؟ ان طرف سنجيدگي سان سوچ، ويچار ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.