ڪالم / مضمون

جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)

. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نگار محب ڀيل جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو موضوع گهڻو ڪري پورهيت ئي آهن.
هي ڪتاب ”جنين لوهه لڱن ۾“ ڪائنات ۾ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مسڪين محنت ڪش مزدورن جي ڏکن، سورن، دردن، عذابن، مصيبتن، انياءَ، ناانصافين جي وارتائن جو ڏکوئيندڙ داستان آهي. ليکڪ محب ڀيل جي اکر اکر ۾ مزدورن جي سورن جي عڪاسي ٿيل آهي. پورهيتن سان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ استحصال ڪندڙ بدمست عالمي سرمائيدار سامراج جي مزدور دشمن پاليسين، منصوبابندين ۽ سازشن تان پڻ پردو کنيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2873
  • 567
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)

بٺا مزدور ۽ ڪنڀار

هن ڪائنات ۾ انسان جي ارتقائي زمانن کان وٺي هيستائين فقط اها ڪوشش ئي سندس نسل جي بقاءُ ۽ بحالي جو مکيه سبب بڻيل آهي ته محفوظ ڪيئن رهجي؟ ساهه ڪيئن بچائجي؟ گرمين، سردين، لڪن، جهولن، ٻوڏن، طوفانن، بارشن سميت ٻين قدرتي آفتن ۾ زندگي جو تحفظ ڪيئن ممڪن آهي؟ خونخوار خطرناڪ جهنگلي جانورن جي حملن کان ڪهڙي ريت بچي سگهجي ٿو؟ باهه ۽ پاڻي زندگي لاءِ اهم به آهن ته خطرناڪ به آهن، انهن جي فائدن ۽ نقصانن بابت مڪمل معلومات ئي انسان کي جيون ڏئي سگهي. ٻيلن کي اوچتيون لڳل باهيون، تيز بارشون ۽ ٻوڏون گھڻو وقت تائين آڳاٽي انسان لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل رهيون. ارتقائي ماڻهو ته اوچتو آيل طوفانن، ٻوڏن، باهن سميت ٻين قدرتي آفتن جي فطري رازن جي اڻڄاڻائي سبب ڪروڙن جي تعداد ۾ موت جي ور چڙهندو رهيو. پر انهن مصيبتن، تڪليفن، ڏکن، ڏوجهرن مان جيڪو انسان پنهنجي جان بچائي محفوظ هندن تي پهتو تنهن ماڻهو انهن مسئلن تي واندڪائي ۾ ويهي سنجيدگي سان سوچيندي غور ۽ ويچار ڪرڻ شروع ڪيو ته آخر ٻوڏون، سيءَ ۽ گرميون ڪڏهن اينديون آهن، ڇو اينديون آهن؟ ڪٿان اينديون آهن؟ ٻيلن کي آگ ڪيئن ٿي وڪوڙي؟ طوفانن جا سبب ڪهڙا آهن؟ ۽ انهن سمورين قدرتي آفتن کان بچڻ جا طريقا ۽ اپاءُ ڪهڙا آهن؟
انهن سوالن جي جوابن جي کوجنا، ڳولا، تجربن ۽ جستجو انسان کي باهه لڳڻ جي صورت ۾ ان کان دور رهڻ، ٻوڏن جي وقت ۾ انسان کي هيٺيائين وارن علائقن مان ڪڍي مٿائين وارا دڙا، ڀٽن ۽ جبلن تي آندو، جهنگلي جانورن جي اوچتن حملن کان بچاءُ لاءِ انسان جي دماغ ۾ هٿيار جو تصور آيو جنهن لٺ، ڌڪو، پٿر سندس ارتقائي هٿيار بڻيا. شديد گرمين جي صورت ۾ انسان ٿڌن علائقن، وڻن جا پاڇا، هوادار ميدان ۽ پوٺا وسايا، جسم ٺاريندڙ سياري ۽ تيز طوفانن کان بچڻ خاطر اوائلي انسان جبلن جي غارن، چُرن ۽ گھاٽن جهنگلن جي اوٽ ۾ پناهه ورتي، موسمياتي اثرن کان محفوظ رهڻ خاطر ان زماني جي انسان پنهنجي تن کي وڻن جي پنن، ڪکن ۽ جانورن جي کلن ۾ ويڙهي رکيو. گھاٽن جهنگلن ۾ لڪڙين ۽ ڪکن پنن جون عارضي جهوپڙيون پڻ انسان جا ارتقائي گهر هئا. اهي گهر اڃان تائين به هن جديد دؤر جي ڪروڙين خانه بدوش انسانن لاءِ ڇپر ۽ ڇانءَ آهن. پر جڏهن انسان صدين جا سفر طئه ڪندو اچي تهذيب يافته ٿيو. ته هُن پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي طور طريقن کي پڻ تبديل ڪيو. هُن اتي رهڻ کي ترجيع ڏني جتي سندس حياتي محفوظ هئي، جتي قدرتي آفتن جي نقصان جو خطرو گھٽ هو.
دنيا قدامت جي زمانن کان نڪري جديد ترقي جا پير تڏهن کنيا جڏهن هن ڪائنات ۾ تهذيبون اسرڻ لڳيون. ماڻهو “ماڻهپي” ۾ اچڻ شروع ٿيو ۽ يعني تهذيبن جو جُڙڻ ئي مهذبپڻي جي سفر جي شروعات هئي. هن دؤر ۾ ئي انسان کي رهڻ لاءِ محفوظ آشيانو اڏڻ جو خيال آيو. مٽي جا ڪچا گهر، جبلن جي پٿرن کي هڪٻي مٿان سٿي آڏا، ابتا، اڻ سڌا ۽ بي ترتيب ڪوٽ ۽ ديوارون اڀيون ڪري گهر ٺاهڻ جو شروعاتي تصور ڏنو ويو، اڄ جي دؤر جون محلاتون، بنگلا، فليٽ، محل، ننڍا توڙي وڏا، پڪا ۽ ڪچا گھر اوائلي ماڻهو جي ذهن ۾ “محفوظ گھر” ٺاهڻ واري سرجيل خيال جو خاص نتيجو آهن.
دنيا جون آڳاٽيون تهذيبون موئن جو دڙو، مهر ڳڙهه، لاکين جو ڀِڙو، ڍولا ويرا، سميري تهذيب، بابل جي تهذيب، گنڌارا تهذيب، مصر جي تهذيب، گنگا جمنا ۽ سنڌو ماٿري جي ڪنارن تي پڻ تهذيبن جي اوسر ٿي جنهن قدامت کي جدت ۾ بدلائيندي دنيا کي ترقين جا قراقرم پار ڪرايا. ڪيترن ئي تهذيبن ۾ ڪچي ۽ پڪي سر جو رواج پئجي چڪو هو. غريب ماڻهو ته ڪچين ديوارن جا گهرن ۽ ڪارب ۾ ٺهيل ڪچين سرن جي گھرن گذارو ڪيو پئي. پر سرندي وارن ماڻهن بٺي جي پچايل سرن جا پڪا گھر ٺهرايا هئا. موئن جي دڙي سميت ٻين ڪيترين ئي شاهڪار تهذيبن مان کوٽائي دوارن پڪا گھر مليا آهن.

سرون ٺاهيندڙ پورهيت بٺا مزدور
ماضي جي تهذيبن مان سرن جي ماپ پڻ جدا جدا ملي آهي. ڪجهه سرون تمام سنهي سائز جون ۽ ننڍڙيون آهن، جيڪي سرون پراڻن ڪوٽن ۽ قلعن ۾ لڳل نظر اينديون ۽ جڏهن ته پنج ڪلو ۽ ان کان وڌيڪ ڳريون سرون به مليون آهن. اڌ گولائي واريون سرون جيڪي پڪن کوهن ۾ لڳنديون آهن سي ريگستاني علائقن کي لڳندڙ بئراجي علائقن ۾ قائم بٺن تي ئي ٺهن ٿيون. هن دؤر جا بٺا مزدور به مختلف ماپن جي سر ٺاهن ٿا جنهن ۾ نئون انچي، ڇاس، چونڪو (ڇت وارو ٽائل) ۽ سيمنٽ واري بلاڪ جي ڪاپي جي سر پڻ ٺاهي اٿن پر اها سِر ناڪام وئي آهي.
هر قسم جي سر ٺاهڻ جي مزدوري ۽ وڪري جو اگهه به جدا جدا آهي. پورهيت ڪاربي هڪ هزار نئون انچي سِر پنج سئو روپين ۾ ٺاهي ٿو پر اها سِر پچڻ بعد اول ساڍا چار هزار، دوم ٻٽيهه سئو روپيا ۽ کنگهر (گھڻي پڪل سِر) چار هزار تائين في هزار سِر وڪامي ٿي. مزدور ڪاربي ڇاس (ڇهه انچي سِر) ساڍا ست سئو روپين ۾ هڪ هزار سِر ٺاهي ڏي ٿو پر ها سِر پچڻ بعد اول اٺ هزار دوم ست هزار ۾ وڪجي ٿي، محنت ڪش مزدور ڇت وارو چونڪو ساڍا نئون سئو روپيا في هزار ڪڍي ٿو پر اهو چونڪو بٺا مالڪ ڏهه کان ساڍا يارهن هزار ۾ وڪڻي ٿو. بٺن تي ڪم ڪندڙ به گھڻو ڪري سنڌ جون خانه بدوش جاتيون آهن جنهن ۾ اڪثريت ٿر جي ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي ۽ اوڏ جاتين جي آهي. ان کان علاوه ٻيون مسڪين برادريون به بٺن تي پيٽ گذر ڪن ٿيون جن ۾ ڀٽي، چوهاڻ ۽ بجير گھڻائي ۾ آهي. سنڌ جي بٺا مزدورن جي روزي کي افغاني پٺاڻ مزدورن پاران گھٽ ريٽ وٺڻ ڪري نقصان پهتو آهي، ان سبب بٺا پورهيتن جي اهميت پڻ گھٽجي وئي آهي. سنڌ جو بٺا مزدور هڪ سِر وارو ڪارب استعمال ڪري ٿو پر سر جي ميار کي بهتر رکي ٿو. جڏهن ته پٺاڻ پورهيت هڪ ئي وقت چار سِرون ڪڍڻ وارا ڪارب استعمال ڪن ٿا. جنهن ۾ سِر جو اهو ميار ۽ صفائي نٿي رهي ۽ نه ئي پٺاڻ مزدور مٽي کي مارين(چڱي ريت مٽي ڳوهين) ٿا چار سِرن جي ڪارب سبب سِرن جو تعداد ته وڌي ٿو پر اهي سِرون ايتريون مضبوط نه هونديون آهن. بٺا مزدور پڻ ليبر جي صورت ۾ ڪم ڪندا آهن، ان ليبر کان ڪم وٺڻ وارو جمعدار هوندو آهي. اهو جمعدار بٺا مالڪ توڙي مزدورن کان سِرن جي في هزار پويان ڪميشن وٺندو آهي. بٺا مزدورن ۾ به هارين جيئن گھڻي وقت کان ناحق قيد و بند جا قلم 491 وارا ڪيس ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن ڪيسن سبب هاري، زميندار، مزدور ۽ بٺا مالڪن جو هڪٻي تان اعتماد وارو رشتو مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي. جنهن ڪري پورهيت کي ملندڙ ايڊوانس رقم (تڪاوي، پيشگي، کڻت) وغيره جو رواج هاڻ سماپت ٿيندو وڃي. ڏهاڙي (ڊيلي ويجس) جو رواج عام جام آهي. اهڙي ريت بٺا مزدورن جي پورهيي جو حساب به هفتي تي ڪيو ويندو آهي. اڻسڌي طرح هڪ بٺي کان ٻي بٺي تائين پورهيت ڳري کڻت عيوض وڪرو ٿين ٿا. حيدرآباد ۽ آسپاس ۾ قائم ڪيل هاري ڪيمپن ۾ رڳو هاري ڪونه آهن انهن ڪيمپن ۾ بٺن تان آزاد ٿيل بٺا مزدور به رهن ٿا. ڪيمپن جي ڪامريڊن پاران مزدورن کي قلم 491 تحت آزاد ڪرائڻ واري رجحان سبب بٺن جي صنعت مستقبل ۾ ذوال پذير ٿيڻ جو انديشو آهي. بٺا مزدور فيڊريشن جي صدر ڪامريڊ پنهون ڀيل جو چوڻ آهي ته رات ڏينهن پورهيو ڪرڻ جي باوجود اٽو،لٽو، اجهو، علاج نه ملي، مزدور بک مرندي ڪيس نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟
دنيا کي پڪن گهرن، ماڙين، محلن، بنگلن، رستن، مندرن، مسجدن، ڪليسا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين، آفيسن، قبرن، درگاهن، قيدن، جيلن، قلعن، چادر ۽ چوديوارين لاءِ پڪيون سرون ٺاهي ڏيڻ وارا مسڪين پورهيت پاڻ ڪکاڻين جهڳين ۾ رهن ٿا. انهن پورهيتن جون ته قبرون به ڪچيون هونديون آهن. ڪائنات کي محفوظ آرامده ۽ آسائشن سان ڀرپور رهائشگاهن لاءِ مضبوط پڪيون سرون ٺاهيندڙن جا سر تتل سج هيٺ سڙن ٿا. انهن جا ٻار ٻري ۾ ٻرن ٿا. هنن جو عورتون به ڪوڏرون هڻن ٿيون. هنن جي مستقبل جي هٿن ۾ ڪتابن بجاءِ ڪارب آهن. سندن آئيندو بٺي جي دونهين ۾ ڪاراٽيل آهي. هو رات جو ٽي وڳي اٿي پُسايل مٽي کي اوٿلا ڏين ٿا. پڙ صاف ڪن ٿا، واري وڇائن ٿا، مٽي جا پيڙا قطارين ٿا ۽ پوءِ سياري توڙي گرمي ۾ اُڀڪڻي ويهي سِرون ٺاهن ٿا، ٻي ڏينهن سِر سڪائڻ لاءِ اٿلائن ٿا. ترتيب سان سٿين ٿا. جتان ڳڻپ بعد گڏهن يا ريڙهن تي بٺِي يا چمني واري بٺيءَ تائين سرون خرڪار پورهيت پهچائن ٿا. انهن کي في هزار جي پويان هڪ سئو ڏهه روپيا ڀرائي ملي ٿي. جنهن بعد ڪيري ڇاري پکيڙڻ وارن پورهيتن جو ڪم شروع ٿئي ٿو جيڪي فقط اڍائي روپيه في هزار سِر تي مزدوري وصول ڪن ٿا. ان کانپوءِ نهايت ئي خطري وارو ڪم جلائي وارا مزدور سرانجام ڏين ٿا. جيڪي بٺي ۾ ضرورت موجب باهه جلائي رکڻ جا ذميوار آهن. بٺي جي ڪم ۾ اصل ڪم ته جلائي (باهه واري) پورهيت ڪاريگرن جو آهي. سنڌ ۾ جڏهن هيٽ اسٽروڪ جهڙيون دوزخي گرميون ٿين ٿيون تڏهن اهي ڪاريگر بٺي جي باهه جي مٿان پيا هلندا آهن. باهه جون ناليون برابر ڪرڻ خاطر ڪاٺيون، توريي جي ڪڏ، سارين جو توهه، مال جو ڀاڻ، ڪمند جي ٻوري سان باهه ڏئي سرون پچائيندا آهن. بٺي جي باهه ۾ ڪيتري تيز هوندي آهي؟ ان سوال جو جواب ڏيندي پورهيت پنهون ڀيل ٻڌايون ته “اگر مزدور جو پير ٿڙي وڃي ۽ مزدور باهه ۾ ڪري پوي ته چند سيڪنڊن ۾ ڪجهه به هٿ ڪونه ايندو، ٽنڊي حيدر لڳ هڪ بٺي تي پورهيت الهه بخش کوسو ۽ جمن ڊومڪي جو پير ٿڙي ويو کن پل ۾ رک بڻجي ويا ” هي ڪم تمام حوصلي، همت ۽ نهايت ئي هوشياري جو آهي. غلطي جي گنجائش بلڪل ناهي. هن ڪم ۾ هر غلطي کي زندگي جي آخري غلطي سمجهيو ويندو آهي. بٺي جي هڪ چڪر ۾ ساڍا ڇهه لک سِرون پچائي ڏيندڙ انهن پورهيتن کي فقط پنجونجاهه هزار مزدوري ملي ٿي، جنهن ۾ مستري سان گڏ پنج يا ڇهه پورهيت ٻيا به شامل هوندا آهن. جلائي وارا مزدور سخت ڪم سبب ٽي بي، دم، چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري عذاب جهڙو جيون گذارين ٿا. بٺي مان روز پنجاهه هزار جي لڳ ڀڳ سرون ٻاهر وڪرو لاءِ ڪڍيون وڃن ٿيون.
هاري ته سماجي زندگي ۾ آزاد هوندا آهن پر بٺا مزدورن جي حياتي ان کان ڪجهه مختلف آهي. يعني بٺي جي ايريا ۾ اوپرو ماڻهو نظر آيو ته بٺي مالڪ جا گماشتا ان کان بار بار پڇاڻو ڪندا ته ڪنهن سان ڪم آهي؟ انهن کي وهم هوندو آهي ته سندن مزدور ڪنهن “ڪيمپي ڪامريڊ” جي ور ته ڪونه چڙهي ويا آهن؟ يا شايد ٻي بٺي واري سندن مزدور ڀڄائڻ لاءِ ڪو ماڻهو موڪليو هجي؟ تنهنڪري بٺي مزدورن تي بٺي مالڪن جي ڪڙي نظر هوندي آهي. سنڌ ۾ گھڻا بٺي مالڪ پٺاڻ آهن. جن ۾ ڪجهه ملڪي ۽ ڪجهه غير ملڪي افغاني آهن. تنهنڪري انهن جو مقامي پورهيتن سان رويو تمام ڏکوئيندڙ هوندو آهي.
سِرن جو اگهه ڏينهون ڏينهن آسمان تي چڙهندو وڃي پر سِرون ٺاهيندڙن ڪاربين جي پورهيي جو اگهه چُري ئي نٿو. سياري ۾ ٿڌي مٽي ۾ ڪم ڪرڻ سبب نمونيا ٿيڻ، ضرورت موجب کاڌو نه ملڻ، بيمارين جو سهي علاج نه ٿيڻ ڪري بٺا مزدور وقت کان اڳ پوڙاهپ ڏانهن وڌن ٿا. سندن ڏٻرا ڏيل ۽ ڏرا ڏنل اکيون ٻڌائن ٿيون ته سندن جيون ڪيڏو سکيو آهي؟ بٺا مزدورن جون سنڌ ۾ يونين به آهن. جيڪي پڻ وقت به وقت سندن لاءِ جدوجهدون ڪنديون آهن. سنڌي مزدور تحريڪ پڻ بٺا مزدورن جي مزدوري وڌائڻ لاءِ ماضي ۾ شاندار جدوجهد ڪئي آهي. پر بٺا مزدور يونين ۾ به بٺا مالڪن جا ڇاڙتا آل نال بڻيل آهن. جيڪي مزدورن جي حقن بجاءِ مالڪن جي مالڪي ڪن ٿا. اهو پورهيت جدوجهد جو وڏو الميو آهي. عالمي سطح تي پڻ ماضي جي پورهيت جدوجهدن کي ختم ڪرڻ خاطر انهن تحريڪن ۾ سرمائدار سامراج جا بڇيل ماڻهو مزدور اڳواڻن جي روپ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. اهرا کوڙ مثال موجود آهن.

ڪنڀار
مٽي جا ٿانءَ ٺاهي انهن کي پچائڻ جي ڪرت پڻ صديون پراڻي آهي. موئن جي دڙي سميت ٻين ڪيترين ئي تهذيبن مان ثابت ٿانءَ ۽ ٺڪريون پڻ مليو آهن. جن تهذيبن مان پڪيون سِرون ڪونه مليون آهن تن مان به مٽي جي برتنن جون ٺڪريون مليون آهن. ان مان ثابت ٿيو ته هي ڪرت سرن واري دؤر کان به جھوني آهي. هن وقت مٽي جي ٿانءَ جو ڪم ذوال پذير آهي پر ان ڪم جو ماضي تمام شاندار رهيو آهي. هي ڪم جو ڳوٺاڻين آبادين ۾ وڏو مرڪز هوندو هو. مٽي جا ٿانءَ ٺاهيندڙ ڪنڀر پنهنجن گھرن اڳيان آويون جوڙيندا آهن. لطيف سرڪار فرمايو آهي ته
نهائين کان نينهن سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
ماضي ۾ سنڌ جي پارڪر جهڙن علائقن ۾ گهرن جي ڇت جا نريا پڻ ڪنڀر پچائي ڏيندا هئا. اهي نريا ڇت تي اهڙي ته ترتيب سان رکيا ويندا آهن جڏهن بارش وسندي آهي ته ان مان ايئرڪنڊيشن جهڙي ٿڌي هوا لڳندي آهي، پر برسات جي ڦڙي به اندر ناهي ايندي. اهڙيون جايون هاڻ فقط ننگرپارڪر ۽ ويراواهه ۾ وڃي چند بچيون آهن. شادي مُرادي ۽ مرڻي ۾ تر جا ڪنڀر ٺڪر جا ٿانءَ ٺاهي ڏيندا هئا. گھڙا، دِلا، مَٽ، ناديون، تس، ڦيليون، پاٽون، جنڊين جا پڙ، ڪوئنرا ۽ گلاس پڻ شامل آهن. جنهن جو معاوضو فصل لهڻ تي ساليانو ڏنو ويندو هو. اهو ڪيش جي صورت ۾ به هوندو هو ته اناج جي صورت ۾ به هوندو هو. هاڻ ڪنڀارڪو ڪم ٽامون، پتل، اسٽيل، پلاسٽڪ ۽ جست جا برتن ٺهڻ بعد ذري گھٽ پڄاڻي تي پهتو آهي. تڏهن ته ڪنڀار به اها ڪرت ڇڏي وڃي ٻين ڌندن کي لڳا آهن. سنڌ جي ڪنڀارن جي هنر کي سڄي دنيا ۾ نهايت ئي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. ٽنڊوباگو جي ماياناز ڪاريگر پورهيت محمد آچار ڪنڀار کي پڻ محترمه بينظير ڀٽو وڏي مڃتا ڏني. مٽي جي ٿانءَ ۾ کائڻ ۽ پيئڻ سان انسان ڪيترين ئي بيمارين کي بچي سگهي ٿو. هن ذوال پذير ڪم کي هٿي وٺائڻ لاءِ سرڪار پاران ڪنهن به قسم جو اپاءُ ناهي ورتو ويو. جنهن ڪري مستقبل م هي ڪم ناياب ٿي ويندو.