مل، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جا مزدور
ڪبير اس دنيا کي الٽي ديکي ريت،
پاپي پاکنڊي راڄ ڪري، سادهو مانگي بيک.
ڪاڙهن ۾ ڪڙهي هن ڪائنات کي پنهنجي پگهر جي پورهيي سان ڪمائي کارائيندڙ مسڪين پورهيت جو نصيب بک ئي بڻي آهي. انهن جو مقدر سورن جي آس پاس گردش ڪري ٿو. ڪائنات جا ڪروڙين پورهيت ماڻهو نسل در نسل لاتعداد زمانن کان محنتن سان جبل ڏاريندا رهيا آهن، کارو کيڙيندا رهيا آهن، ڌرتيءَ جو سينو چيري اناج پيدا ڪندا رهيا آهن، ڌرتيءَ جي پاتال مان معدنيات ڳولي انساني زندگي جي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي اسان بڻائي ڇڏيو. يعني دنيا جي پورهيت انسان مسلسل سخت محنت ۽ جفاڪشي سان دنيا کي ترقين جي بلندين تي پهچايو. هن ڪائنات کي حسين بڻائي ڇڏيو، هن ڪائنات مان بک ۽ بدحالي خلاف پيٽ تي پٿر ٻڌي سخت پورهيو ڪيو. پر ان جي نتيجي ۾ کيس پرٿوي تي موجود ظالم سرمائدار قوتن سندن بدترين استحصال ڪيو، پورهيت جي پُرامن حياتي زهر بڻائي ڇڏي، محنت ڪش مزدور کي بک ماريو، انهن جي نسلن کي غلامي جي سنگهرن ۾ قيد ڪيو ويو، انهن جي آزادي ڇني وئي، انهن جي پگهر جي پورهيي تي امير لوڪن عياشيون ڪيون، انهن جي بيوسي تي چٿرون ڪيون ويون، انهن جي غربت جو مذاق اڏايو ويو، پورهيتن جي ٻڌي، اتحاد، يڪجهتي کي ٽوڙڻ ۽ سندن طاقت کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ خاطر سازشن جا ڄار وڇايا ويا. مزدورن جي يونين ۾ سرمائدار سامراج پنهنجا ڇاڙتا ڀرتي ڪري پورهيت جدوجهدن کي لئي مٽي ڪيو ويو. پورهيتن جو رڳو پگھر ڪونه وهيو پر انسان جي سک ۽ آسائشن لاءِ انهن جو رت به ريلا ڪري وهيو. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ ايترا ماڻهو ڪونه مُئا اهن جيترا ماڻهو بک ۾ مُئا آهن. سرمائدارن جون ملون، فيڪٽريون ۽ ڪارخانا انشورنس ٿيل آهن پر پورهيتن جي حياتي جي ڪا ويما پاليسي ناهي، سرمائدارن جي ڪاروباري مفادن ۽ فسادن سبب ڪراچي ۾ ٿيل فيڪٽري سانحه ۾ پورهيت فيڪٽري ۾ باهه ڏئي ساڙيا ويا. صبح سويل پکين سان گڏ ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ ويل پورهيتن کي روزي ته نه ملي پر موت سندن آجيان ڪئي. ايمبولينس جا هينئان ڏاريندڙ سائرن فضائن ۾ گونجيا، انهن جا شناخت کان چڙهيل سڙيل لاش وارثن وصول ڪيا. اهو هن ڪائنات جو خطرناڪ الميو آهي. پنهنجن حقن کان محروم ۽ بي خبر بڻيل محنت ڪش ماڻهن تي ضرور سک جو سج اڀرندو جڏهن هو هن دنيا جي ڏاڍن ماڻهن کان پنهنجو حق گهرندا ۽ جدوجهد ڪندا. انساني ضرورت جون سموريون بنيادي شيون ڪپڙا، برتن، بسڪيٽ، دوائون، گاڏيون، پُرزا، سيمنٽ، ٽائل، کنڊ، اٽو، گيهه، صابڻ، شمپو، ٽي وي، موبائل سميت ٻيون لاتعداد شيون پورهيت هٿن مان ٺهي دنيا جي هٿن تائين پهچن ٿيون. انهن شين جي ٺهڻ دوران پورهيتن جي جسم مان ڪيترو پگهر وهيو هوندو؟ پورهيت ڪيترو رت ولوڙيو هوندو؟ مزدور اکين ڪيڏا اوجاگا ڪيا هوندا؟ ڪيتريون ننڊون ڦِٽيون هونديون؟ ڪيترا خواب چڪناچور ٿيا هوندا؟ بک ۽ بيوسي جي اها ڊگهي ڏکوئيندڙ تاريخ لکجي ته ڪيئي ڪتاب لکي وڃن. پر تاريخ جي درٻاري ليکارين کي قصيده لکڻ مان فرست ئي ڪٿي آهي؟ جو هو ويهي غريب پورهيتن جي سورن تي قلم کڻن. ڪائنات جي اوائلي زمانن کان انسان ذات بنيادي طرح ٻن طبقن ڏاڍو طبقو ۽ ٻيو هيڻو آهي. ڏاڍن ماڻهن جي محدود طبقي پنهنجي قبضاگير سوچ، حوس، ڏاڍ، جبر، انياءُ، هٺ ڌرمي، ظلم، بربريت، ناانصافي جي قهر، لاقانونيت ۽ انڌيرنگري جي راڄ سان سڄي دنيا جي مظلومن مزدور کي پنهنجي سامراجي سوچ جي گھري ڄار ۾ ڦاسائي اڻ اعلانيل طور ڪُل وقتي “آزاد” غلام بڻائي رکيو آهي. خود هي ڪائنات هُن لاءِ اڻسدي طرح کليو جيل بڻجي چڪي آهي. سرمائدار سيٺين جي وڏي ڪوشش اها هوندي آهي ته ڪيئن به ڪري مزدورن جو ڪو مضبوط اتحاد نه جُڙي، انهن جي ڪا يونين نه ٺهي، انهن جي جدوجهد نه ٿئي، بس پورهيت رات ڏينهن ڪم ڪن. سندن ڪارخانن جي چمني جو دونهون نه رُڪجي! ملڪ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، فيصل آباد، لاهور ۽ گجرانوالا، صادق آباد، ملتان وغيره سميت ڪيترائي شهر آهن جتي مختلف شين جون فيڪٽريون، ملون ۽ ڪارخانه لڳل آهن. انهن ۾ لکن جي تعداد ۾ پورهيت مزدور ڪم ڪري پنهنجي پيٽ جي باهه ٿڌي ڪندي پنهنجي مالڪن جي ملڪيت ۾ به اضافو ڪن ٿا. ڏهاڙي يا پگهار تي ڪم ڪندڙ انهن مل جي پورهيتن سان لاڳاپيل لاتعداد ڌيان طلب مسئلا آهن. شايد دنيا جا ڪي مسئلا حل ٿيڻ لاءِ پيدا ئي نه ٿيا آهن؟ شايد انهن مسئلن جو حل سرمائدارن جي پاليسي ۾ شامل ئي ناهي؟ جيڪڏهن پورهيت مزدور زندگي جي معاشي مسئلن کان آجا ٿي ويا ته سرمائدار جي ڪاڻ ڪير ڪڍندو؟ سرمائدار ته پنهنجي قبر کوٽڻ جي صلاحيت به نٿا رکن، عالمي سرمائدار سامراج کي پورهيتن جي طاقت جو پتو آهي ان ڪري ئي سرمائدارن جي عالمي فارمولي تحت مزدورن جا مسئلا حل ڪرڻ جي عمل کي سرمائدار ڄڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي پير ۾ ڪهاڙو هڻڻ سمجهن ٿا. اٽي، لٽي، اجھي ۽ تحفظ کان محروم پورهيت طبقي جي محنت ۽ جفاڪشي سان هي ڪائنات خوبصورت ۽ حسين بڻيل آهي، دنيا جا هي سرسبز کيت، باغ بهاريون ۽ ساڍا ست ارب آدم ذات لاءِ فصل، ڀاڄيون، ميوا، اناج پيدا ڪندڙ هٿ گرهه جي ڇهاءُ کان رهجي ويندا آهن، سفر کي مختصر ڪرڻ لاءِ ٺاهيل روڊن جي ڏامر سان گڏ جن ماڻهن جو پگھر شامل آهي انهن کي ته ڍوءُ تي ماني به ميسر ناهي. جنتن جو ڏيک ڏيندڙ خوبصورت محلاتون جوڙيندڙ انسانن جو انهن وڏين عمارتن جي پاڇي ۾ ٺهيل جھوپڙيون به ناجائز قبضا ڄاڻائي ڊاهيون وينديون آهن. هو پنهنجو آشيانو اڏين ته ڪٿي اڏين؟ شگرملز ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي يونين تي اڻ اعلانيل پابندي عائد ٿيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن مزدور يونين سازي لاءِ سرگرمي ڪئي ته ٻي ڏينهن کيس انتظاميه پاران ڊسچارج ليٽر هٿ ۾ ملندو آهي. گھوٽڪي، حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ نوريا آباد ۾ سنڌي مزدور تحريڪ ۽ ڪجهه ٻيون پورهيت پارٽيون مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪنديون رهيون آهن. ڪراچي ۾ قائم فيڪٽرين، ڪارخانن ۽ ملن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت مزدورن جي اڪثريت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن سان لاڳاپيل آهي. سنڌ ۾ معاشي بحران ۽ بيروزگاري سبب سنڌ جي نوجوان نسل مزدوري خاطر فيڪٽرين جو رخ ڪيو. انهن فيڪٽرين ۾ به ليبر اڳواڻ مزدورن جي تعداد ۽ ڪم تي ڪميشن (جمعداري) وٺن ٿا. انهن جمعدارن جا مختلف ڪارخانن جي انتظاميه ۽ بيروزگار پورهيتن سان رابطا هوندا آهن. ٻهراڙي جا اٻوجهه بيروزگار نوجوان جيڪي پنهنجن ٻهراڙي جي شهرن ۾ به پاڻ کي پرديسي پيا سمجهندا آهن. انهن کي بک جڏهن روشنين جي شهر ۾ گهلي ايندي آهي ته انهن جي شروعاتي ڪيفيت رحم لائق هوندي آهي. نج ٻهراڙي جا فقير منش پورهيت ماڻهو وڏن شهرن جي ٽرئفڪ، گوڙ ۽ شور ۾ پاڻ کي صفا اوپرو محسوس ڪندا آهن. غربت جو عذاب، پيٽ جي مجبوري ۽ ٻچن کان دوري جي دردن ۾ هو لوڪ کان لڪي لڙڪ وهائيندا آهن. ڪم مان واندڪائي ملندي ئي هو گھر فون ڪري ڪراچي جي وڏين وڏين ماڙين، بنگلن، اور فلاءِ رستن جا احوال ٻُڌائي حيران پيا ٿيندا آهن. ۽ اهو به ضرور ٻڌائيندا آهن ته هتي جهاز سارو ڏينهن سندن ڪرائي واري ڪواٽر جي بلڪل مٿان گذرن ٿا. هنن لاءِ روڊ پار ڪرڻ ته عالمي ليول جو مسئلو هوندو آهي رڳو ان مسئلي جي ڪري ڳوٺاڻو امريش ڀيل ڪراچي ڇڏي واپس وري آيو. هنن پورهيتن کي ڪارخانن، ملن ۽ فيڪٽرين جا سرمائدار سيٺ مزدورن جي حقن مطابق وهنوار ڪن ٿا؟ سندن فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندي زخمي يا فوت ٿيل پورهيت لاءِ ڪهڙي پاليسي آهي؟ مزدورن جي ووٽن تي اعلى ايوانن ۾ پهتل نمائيندا ۽ سرڪار سڳوري ڪڏهن انهن ايوانن ۾ مزدورن جي مسئلن بابت سنجيدگي سان سوچ، ويچار، غور ۽ فڪر ڪري ڪو مزدور دوست پروگرام جوڙيو آهي؟ سرڪار ڪڏهن سوچيو آهي ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو واعدو ڪري وسارڻ غيرجمهوري عمل آهي؟ ملز مالڪ به اهي آهن جيڪي ايوانن ۾ پڌاريا آهن. انهن ڪڏهن سوچيو آهي ته سندن مل جيڪا پگهار پورهيتن کي ڏي ٿي تنهن مان رڳو “اٽو” جي پورائي ٿئي ٿي؟ سندن چلهو ڌکي ٿو؟ انهن جا ٻچا علم حاصل ڪري سگهن ٿا؟ بيمارين ۾ علاج ٿي سگهي ٿو؟ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارا ۽ خاص طور مزدورن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ عالمي سطح جون يونين ۽ ادارا مزدورن جي مسئلن ۽ مستقبل لاءِ ڪهڙو سنجيده پروگرام رکن ٿا؟ ۽ هيستائين انهن ڇا ڪيو آهي؟ انهن جي ڪوشش سان پورهيتن جي زندگي ۾ ڪا بهتري واري تبديلي آئي آهي؟ سرمائدار جي اها سوچ هئي ته مزدور مشينن جيئن ڪم ڪن وٽائن ڪجھ گھرن نه سندن اهڙي خواهش اجگر روبوٽ مشينن ذري گھٽ پوري ڪري ڇڏي آهي. غريب پورهيتن جي پيٽ تي لت هڻندڙ ظالم عالمي سامراج جي سرمائدارانا نظام پاران هر وقت پورهيتن جي حق تلفي جون پاليسيون جوڙڻ، انهن جي عالمي اتحاد ۽ يونين ۾ ٽوڙ ڦوڙ جون سازشون ڪرڻ، پورهيتن جي مزدوري جا من پسند اگھ مقرر ڪرڻ، کين پيڙهين تائين هڏ خريد غلام رکڻ خاطر ڪوڙن قرضن جي ڄار ۾ چوکُنڀو ڦاسائي رکڻ، سندن غربت، هيڻائي، مجبوري، بيوسي ۽ لاچاري مان ناجائز فائدو حاصل ڪري پنهنجا واپاري، مالي ۽ ڪاروباري مفاد ماڻيا وڃن ٿا. انهن سبب ڪري پورهيت طبقو هزارين سالن جا عذاب ڀوڳي رهيو آهي. ڇا پورهيتن جا مسئلا حل طلب ناهن؟ دنيا جي انساني حقن جا عالمي ادارا، پورهيتن جون عالمي تنظيمون، اعلى عدليه قانون ۽ انصاف جا بين القوامي ادارا، سول سوسائٽي، صحافتي ادارا ۽ جمهوريت پسند سياسي ڌريون پورهيتن جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ، زندگي جي سمورن مسئلن جي حل، صحت سميت روزگار جهڙن اهم مسئلن تي سنجيدگي اختيار ڪري پورهيتن کي مڪمل حق، انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
روبوٽ ورڪر
عالمي سرمائيدار سامراج جڏهن ڏٺو ته مزدورن کي پورهئي عيوض پگهار يا ڏهاڙي ڏيڻي ٿي پوي ته هن جديد سائينس ۽ ٽيڪنالوجي جو غلط فائدو وٺندي مزدور انسانن جي جاءِ تي مشيني روبوٽ لڳائي ڇڏيا، جيڪي بيٽري ۽ سيلن تي مفت ۾ ڪم ڪن ٿا، جنهن ڪري هيستائين لکين پورهيت بيروزگار به بڻجي چڪا آهن پر مستقبل ۾ اڃان به وڌيڪ بيروزگاري جو خدشو آهي. سرمائيدار پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻي غريب جو پيٽ ڦاڙي رهيو آهي. جنهنڪري سڄي دنيا ۾ پورهيتن جي حق تلفي ۽ استحصال ٿي رهيو آهي. روزگار جي ذريعا مشينن حوالي ٿيڻ ڪري مزدور طبقي ۾ ڏينهون ڏينهن بي روزگاري ۽ بدحالي وڌي رهي آهي. هڪ مشين ڪري سرمائيدار کي ڪروڙين روپين جو فائدو ڏيئي سگھي ٿي پر ان سان لاتعداد مزدورن جي چلهه اُجھي ويندي. زندگي جي عام ڪارهنوار ۾ جديد مشينن جيتوڻيڪ وقت ۽ ناڻو بچائي اُپت به ٻيڻي ڏي ٿي. پر ان جو مجموعي فائدو هڪ سرمائيدار کي ئي آهي ۽ جيڪڏهن ان جديد مشينري جو سڌي طرح نقصان آهي ته فقط جسماني پورهيو ڪندڙ مزدور ۽ هاري کي آهي. جيڪو ان مشين سبب بيروزگار بڻجي پيو. هاڻ ان جو رخ ڪارخانن، ملن، فيڪٽرين، کاڻين، هوٽلن، هوائي توڙي پاڻي جي جهازن، ايئرپورٽن، بندرگاهن، ريلوي پليٽ فارم، سپر اسٽورن، مارڪيٽن، گيريج، ورڪشاپن، ڪمپنين طرف آهي جتي هاڻ ٻچن جي روزي روٽي خاطر مزدوري ڪندڙ پورهيتن کي فارغ ڪري سندن جاءِ تي مشيني روبوٽ رکيا ويا آهن. بندرگاهن تي ڪم ڪندڙ هزارين مزدورن جو روزگار جهازن مان مال لاهڻ جي ڪم سان وابسطا هو. اهي مزدور مهينن جا مهينا جهازن مان سامان لاهي پيٽ گذر ڪندا هئا ۽ هاڻ انهن پورهيتن جو ڪم مشينن کان ورتو وڃي ٿو. جنهن سان سرمائدار کي ته ٻيڻو فائدو آهي پر وري به ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت بيروزگار ٿئي ٿو.