محنت ڪش معصوم ٻار
ٿر ۾ قالين ٺاهڻ لاءِ قائم ڪيل سرمائدارن جي کڏين تي ڪم ڪندڙ معصوم پورهيت ٻارن کي سندن والدين غربت سبب “ايڊوانس” پئسن جي کڻت عيوض کڏي مالڪن جي حوالي ڪري ايندا آهن. اهي ٻار والدين جي نظرن کان اوجهل، محبت جي روين کان ڏور، داٻن ۽ دڙڪن وارو جيون روئي، رڙي سڏڪي گذارين ٿا. جتي ڪير به سندن مٿي تي هٿ رکڻ وارو نه هوندو آهي، جتي ڪير به کين پرچائڻ وارو نه هوندو آهي، جتي تيز بخار ۾ سندن مٿي تي پاڻي جي پٽي رکڻ وارا هٿ نه هوندا آهن. اتي ته فقط اهي پٿرن جهڙا هٿ هوندا آهن جيڪي معصومن جي ڳلن تي ڳاڙها نشان ڇاپيندا آهن، انهن سرمائدارن کي ته بس ڪم کپي، انهن سيڙپڪارن کي ته فقط رنگين قالين وقت تي تيار گھرجن، انهن سيٺن کي خبر آهي ته هن ملڪ جي قانون ۾ معصوم ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرائڻ ملڪي قانون جي خلاف ورزي آهي، پر علائقائي انتظاميه جي آشيرواد سان قانون جي خلاف اهو سڀ ڪم لڪ ڇپ ۾ هلي پيو. قانون جا وڏا هٿ انهن سيٺن جي گريبان تائين ڪڏهن به ڪونه پهتا آهن. جيڪي ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرائي انهن کي ساهه، دم ۽ الرجي جي خطرناڪ بيمارين ۾ سموري حياتي لاءِ مبتلا ڪري رهيا آهن. ٿر ۾ قائم قالين جي کڏين تي معصوم بار اڻسڌي ريت ناحق قيد و بند ۾ باندي بڻايل آهن. انهن کڏين تان هن ڪائنات جو حسين ۽ خوبصورت مستقبل ڪڏهن بازياب ٿيندو؟ انهن گيريجن تان معصوم ٽهڪ ڪڏهن آزاد ٿيندا؟ انهن هوٽلن ۽ بيڪرين تان ڪائنات جو حُسن ڪڏهن جند آجي ڪرائيندو؟ انهن بس اڏن تان معصومن جون باندي نهارون ڪڏهن پوپٽن کي پسنديون؟ کٿا اڻڻ واريون پتڪڙيون آڱريون ڪڏهن رنگين بلورن سان کيڏنديون؟
انهن پورهيت ٻارن جون تڪليفون هن سماج جي مهذبپڻي تي ٽِڪو آهن. ٻارن جا اهي سور هن سماج لاءِ ناسور آهن، انهن معصومن جا درد هن دنيا ۾ “انسانيت” تي ٺٺولي ۽ مذاق آهن، انهن جا ڏک هن پرٿوي تي ڏوراپو آهن. انهن ننڍڙن جا وڏا عذاب هن ڪائنات ۾ ماڻهپي تي چٿر لڳن ٿا. انهن معصوم پورهيت ٻارڙن سان ٿيل عصمت دري جا واقعا تهذيب يافته سماج جي پت پڌري ڪن ٿا. پيٽ گذر خاطر پورهيو ڪندڙ انهن مزدور ٻارڙن سان ٿيل جنسي ڏاڍاين جهڙيون عقوبتون انساني حقن جي علمبردار ادارن کي به وائکو ڪن ٿيون. امداد حُسيني جو هي شعر هن سماج ۾ ٻارن جي زندگي جي حالاتن جي چٽي عڪاسي ڪري ٿو.
اڻڀا اڻڀا وار انهن جا، سڻڀا سڻڀا ڳل
رستي رستي بيٺا هوندا، تنها تنها ٻار
هرڪا مُند هتي جي آهي، نسل ڪُشي جي مُند
سولا سولا وڪجي ويندا، سستا سستا ٻار
ڀاڳ نه ڪوئي ماڳ انهن جو، واٽن جو ويراڳ
ڇورا ڇورا پنندا پنندا، رُلندا رُلندا ٻار
تون ته چوين ٿو تون سپنو آن، ٻار نسورو سچ
موٽر جي ڦيٿن جي هيٺان، چٿجي ويندا ٻار
واقعي اها ڳالهه وزن رکي ٿي ته “هن سماج جا ڇوٽو ئي حقيقت ۾ پنهنجي گھر جا وڏا آهن” “ڇوٽو يا ڇورا” جي نالي سان معاشري ۾ مشهور اهي پورهيت ٻار لڪ لڪوٽي کيڏڻ جي عمر ۾ هوٽلن تي بيراگيري ڪن ٿا، اهي ابهم پورهيت بلور کيڏڻ جي عمر ۾ ننڍڙن هٿن سان وڏين گاڏين جا نٽ بُلٽ ڇڪين ٿا، هو بال سان کيڏڻ واري ڄمار ۾ گتا ۽ لوهه چونڊين ٿا، هو رنگ برنگي لغڙ اڏائڻ جي عمر ۾ جوس، چڻا، مڪئي جا سنگ، ڦلا، چپس، فروٽ، اخبارون کپائن ٿا، هن معاشري جا معصوم مزدور لاٽون ڦيرائي دل وندرائڻ جي سمي ۾ سرمائدارن جي گھرن ۾ ٻهاريون، پونچا ڏين ٿا گاريون، ڀونڊا ۽ دڙڪا سهن ٿا، هو ٿيلهو ڪلهي ۾ ٽنگي درسگاهن ڏانهن وڃڻ بجاءِ ڪپڙي جي ميرڙي ٿيلهي ۾ بُرش ۽ پالش جون دٻيون کڻي جوتا پالش ڪن ٿا. اهي پورهيت ٻار رانديڪن سان کيڏڻ جي ڄمار ۾ رانديڪا وڪڻي اٽو وٺن ٿا. هو پورهيت پوپٽ جهلڻ ۽ ڀنڀورين پويان ڊوڙڻ جي عمر ۾ گل وڪڻن ٿا، هو نرم نفيس ۽ نازڪ ٻارڙا بستري ۾ پيشاب ڪرڻ واري ڄمار ۾ ويلڊنگ ڪن ٿا، هو ماءُ جي هنج ۾ سمهي مٿي مان جونءَ ڪڍائڻ واري ڄمار ۾ کڏين ۾ خوبصورت قالين ٺاهين ٿا. هو سليٽ تي لکڻ واري عمر ۾ بٺن تي سرن سان سٿيل گڏهه هڪلين ٿا، “گيت ڌڻي جا گڏجي ڳايون، جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي” وڏي آواز ۾ ياد ڪرڻ جي ڄمار ۾ شيون کپائڻ لاءِ ذوردار هوڪا ڏين ٿا. پنجن ڏڪارن کانپوءِ آيل سُڪار جي مند ۾ هو پورهيت ڦِر ڦِر سونٽو، ڍٻلي ڇڻڪي، ترائي ۾ ترڻ، وڻن تي ڏاڪ کيڏڻ بجاءِ رستن تي اُڀي پير بيهه للر، مريڙو، کنڀيون، پپون، مورن جي خوبصورت کنڀن مان ٺهيل ونجهڻيون وڪڻڻ لاءِ صاحب لوڪن جي گاڏين کي تڪين ٿا. پورهيت ٻارڙن جا هي درد هن ڪائنات لاءِ ڪنهن سانحي کان گھٽ ناهن. اهي عذاب ڪنهن الميي کان گھٽ ناهن. معصوم ٻارڙن جي دردن تي ڪنهن ڏات ڌڻي جون سٽون آهن:
ٿڪيل آهيان،
سمهڻ ٿو چاهيان،
صدين جي غلامي جو سفر،
طئي ڪندي ٿڪجي،
پيو آهيان.
لڱن تي پاتل
لٽڙا به ڦاٽل،
تاريخ جي ڌوڙ،
بدن تي چهٽل
غلام قوم جو
ٻار آهيان،
مستقبل جو
معمار آهيان.
سنڌ ۾ ٻارڙن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ٻارڙن جي نمائينده تنظيم سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪبير ڀيل جو موقف آهي ته “پورهيو فقط غريب مائٽن جا معصوم ٻار ئي ڪن ٿا، عدم توجهه وارو رويو ٻار کي هن سماج ۾ ويڳاڻو ڪري ڇڏيندو آهي، اهو ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻيل ٻار هن معاشري جو روشن مستقبل ٿيڻ بجاءِ هن سماج تي اڳتي هلي بار ٿابت ٿيندا آهن، ٻار ته معصوم هوندو آهي ۽ ٻين جي وس هجڻ ڪري هن جي تعليم، تربيت ۽ پروش وڏن جي ذميواري آهي. پوءِ وڏا به جهڙو فصل پوکيندا اهڙو لڻندا، هن جو چوڻ آهي ته سرڪار جون ٻار دشمن پاليسيون ۽ عدم دلچسپي وارو رويو به افسوسناڪ عمل آهي، 1973 جي آئين جي آرٽيڪل 11 تحت معصوم ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ سخت غير قانوني عمل آهي” پورهيت ٻارڙن جي انهن سورن تي هن سماج جا ذميوار ۽ باشعور فرد ڇا ٿا سوچين؟ مزدور معصومن جي پيڙائن تي وقت جا اعلى اختيارن ڪهڙي قانون سازي ڪئي آهي؟ ٻارڙن جي حقن تي ڪم ڪندڙ سماجي ادارا ۽ اين جي اوز جو فيوچر پلان پروجيڪٽ حاصل ڪرڻ کان ڀلا ڪجهه اڳتي وڌي سگهندو؟ جهڳين ۾ جيئندڙ معصوم وجودن جي حقن لاءِ فايئو اسٽار هوٽلن ۾ سيمينار ۽ ورڪشاپ کانسواءِ ڪجهه حقيقي ڪم به ڪري سگهجي ٿو؟ اعلى عدليه جي قانوني ڪتابن ۾ ڪو “چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ” به آهي؟ جناب اعلى ! اهو ايڪٽ ڪٿي عمل ۾ به آهي يا رڳو قانون جي ڪتابن ۾ قيد آهي؟ سرڪار سڳوري جو واڳون سنڀاليندڙ اعلى اختيارن جا به معصوم ٻار هوندا، انهن جي صدقي ڪڏهن مجبور غريبن جي پورهيت ٻارڙن لاءِ ڪو فنڊ مقرر ڪيو ويو آهي؟ انهن جي جبري پورهيي واري قانون تي سختي سان عمل به ڪرائي سگهجي ٿو؟ ٻارڙن جي پورهيي تي پابندي هڻي انهن کي فوري طور تعليم ڏيڻ لاءِ اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ سان گڏ انهن جو ماهوار وظيفو پڻ مقرر ڪيو وڃي.