وزن کڻندڙ همالي، قُلي ۽ ڪاٺ کڻندڙ پورهيت
پر هن ڪائنات ۾ ڪي اهڙا به هنر، دنڌا ۽ فن آهن جيڪي ذاتيات ۽ نسلي مورثيت بجاءِ علم، عقل ۽ ڏاهپ سان ٿين ٿا. ڪهڙي به جاتي، نسل، مذهب ۽ رنگ جو ماڻهو هجي پر ڊاڪٽر، انجنئير، وڪيل، پائليٽ ۽ جج اهو ماڻهو ٿي سگهندو جنهن وٽ شاندار علمي قابليت هوندي. جنهن ماڻهو تعليم جي ميدان ۾ سخت محنت ڪئي هوندي ان جي محنت رائگان نه ويندي آهي. ان سان گڏ ڪجهه ڪم ۽ ڪِرتون اهڙيون به آهن جن ۾ علم ۽ عقل سان گڏ جسماني سگهه وڏي اهميت رکي ٿي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تعليمي طور پي ايڇ ڊي هولڊر هوندو پر جسماني طور ڏٻرو هوندو ته ان کان ڪپهه جو ٻورو نه کڄندو پر جيڪڏهن اڻ پڙهيل همالپو ڪندڙ پورهيت کي سڏبو ته اهو مزدور نئون کان ڏهه مڻ جو وزن رکندڙ ڪپهه جو ٻورو ڪُلهي تي رکي سيڙي چڙهي ٽرڪ مٿي اڇلائي ايندو. تنهنڪري گھڻا جسماني پورهيا ڪاريگري سان ٿين ٿا ۽ ڪي پورهيا وري طاقت سان ٿين ٿا. همالي يا وزن کڻندڙ قُلي پورهيت آهن جيڪي پيٽ گذر خاطر بنا ڪنهن ٽائم ٽيبل ۽ شيڊول جي جڏهن به روزي ملي هڪيا حاضر هوندا، نه ڏينهن ڏسبو نه رات، نه آنڌي ڏسبي نه برسات، هر مند ۾ هو روزي ڳڀي جي ڳولا ۾ هوندا آهن.
حمالي
سنڌ بنيادي طور زرعي خِطو آهي. جتي مرچ، ڪپهه، ڪڻڪ، ساريون، توريو، سورج مکي، ڄانڀو، توئر، چڻا، آساريو ۽ اسپينگر سميت لاتعداد زرعي جنسون ٿين ٿيون. انهن زرعي جنسن جا کوڙا ڪرڻ، انهن کي ٻورين وجهڻ، لوڊ ڪرڻ تائين جو سمورو ڪم حمالي ڪندا آهن. انهن ۾ جهونو حمالي سندن جمعدار هوندو آهي جيڪو سيٺ ۽ پورهيت همالين کان في مڻ پويان ڪميشن طور مزدوري وٺندو آهي. هر شهر ۾ حمالي پورهيتن جا مضبوط اتحاد پڻ آهن. هو بنيادي طور پرامن پورهيت آهن. پر تنهن هوندي به سرمائدار سيٺين پاران مزدوري جا اگهه گھٽ ڏيڻ خلاف ڪڏهن ڪڏهن هنن جي هڙتال جي خبر اخبار ۾ پڙهڻ لاءِ ملندي آهي. سياسي پارٽين هنن پورهيتن کي مڪمل طور نظرانداز ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي. جنهنڪري اهي پورهيت نندڻڪائي واري صورتحال ۾ سيٺن جي رحم ڪرم تي حياتي جا ڏکيا ڏينهن گھاري رهيا آهن. حمالپ جو پورهيو سخت جسماني سگهه جو گھرجائو آهي. هي ڪرت ڪمزور ۽ ڏٻري ڏيل وارن ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. پر افسوس پورهيت حمالي جيترو پورهيو ڪن ٿا اوترو کين معاوضو نٿو ڏنو وڃي جو هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر آساني سان ڪري سگهن. سخت جسماني پورهيي سبب حمالين کي خوراڪ خاطر روزانه هڪ کان ٻه ڪلو نج ماهو کير ۽ ڍئو تي گوشت ملڻ تمام ضروري آهي. غربت سبب خوراڪ جي ڪمي جي ڪري گھڻا حمالي وقت کان اڳ رٽائر ٿي ويندا آهن. پنهنجي وزن کان ستوڻ اٺوڻ تي وڌيڪ وزن کڻندڙ پورهيت حمالي ڪم دوران مختلف حادثن ۾ هٿن، ڄنگن، پيرن ۽ گوڏن کان معذور پڻ ٿي ويندا آهن. ڪڻڪ جي گدامن تي سئو ڪلو جون ٻوريون ڀري اوچين سيڙين تان چڙهي ڇت تي سٿيندڙ پورهيت حمالين جي مزدوري جا اگهه مختلف آهن پر اهي اگهه ايترا به ڪونه آهن جو سندن پيٽ گذر آساني سان ٿي سگهي. رات ڏينهن پورهيو ڪندي به حمالي سخت مالي هٿ مُنجهه جو شڪار هوندا آهن. سندن زندگي جون بنيادي ضرورتون به پوريون نٿيون ٿين. هن دنڌي ۾ ڳالهه رڳو وزن جي ناهي پر هن دنڌي ۾ پنڌ به ماپيو ويندو آهي، يعني گدام کان يا ٻني مان ٽرڪ تائين مفاصلو ڪيترو آهي؟ في ٻوري جو اگهه به ان حساب سان ورتو ويندو آهي. هنن جي ذميواري رڳو بار کڻڻ جي ناهي پر هنن کي تور به ڪرڻي آهي. سوين مڻڻ جي ان حساب ۾ ڪنهن به ڀُل چُڪ جي گنجائش گھٽ هوندي آهي. حمالپ سيزنل دنڌو آهي. زرعي جنسن جي موسم کانسواءِ هي پورهيت بيروزگاري جي عالم ۾ جيون ساگر ۾ غوتا کائين ٿا.
قُلي
هي پورهيت بنيادي طور ريلوي اسٽيشنن ۽ بس ٽرمينلز تي ايندڙ ويندڙ مسافرن جو سامان مزدوري تي کڻندي نظر ايندا آهن. هنن پورهيتن تي فلمون پڻ ٺهيل آهن. جن ۾ سندن حياتي جي منظرڪشي چٽي ڪيل آهي. قُلي پورهيتن جي ٻڌي اتحاد ۽ ايڪو پڻ مثالي هوندو آهي. پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هنن جي جدوجهد احتجاج ۽ هڙتالون انتظاميه سميت مسافرن جي مٿي جو سور بڻجي وينديون آهن. ڪنهن به هڪ قُلي پورهيت سان ڪا ناجائزي ٿي ته ريلوي پليٽ فارم جا سمورا بار کڻندڙ قُلي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري مسئلي جي حل ۽ مطالبن جي مڃتا تائين پنهنجو احتجاج ضرور رڪارڊ ڪرائيندا آهن. هن ليبر جي اڳواڻي به سندن سينئر قُلي ڪندو آهي. هنن جي پورهيي جو معاوضو به بار ۽ پنڌ سان لاڳاپيل آهي. زمانو ترقين جا سفر طئه ڪندو اڳتي وڌندو رهي ٿو، ڪائنات جا قُلي پورهيت ڳاڙهيون پيليون قميصون پايو ان ئي پليٽ فارم تي حياتيون ڳاريو ڇڏين. مسافرن جي ڳري بار سان گڏ کين حياتي جو پهاڙ ڪلهن تي کڻڻو پوندو آهي. گھر ۾ بيماري، غربت جا انيڪ مسئلا خيالن جي صورت ۾ بار بار ذهن ۾ اڀرن ٿا ۽ لهن ٿا. تڏهن هڪ جهونو قلي پورهيت انهن خيالن ۾ وڃائجي ٿڙي ٿاٻڙجي مسافرن جو قيمتي سامان سان ڀريل ٿيلهو ڪيرائي داٻن، دڙڪن ۽ جهڙٻن سان سج لاهي ٿو. اڇي ڏاڙهي ۾ اها تذليل سندن مقدر بڻجي چڪي آهي. اهي غليظ رويا انهن پورهيتن کي روز اڌ مئو ڪن ٿا. هو رت جا ڳوڙها ڳاڙين ٿا. هو هن سماج کان لڪي لڙڪ لاڙين ٿا.
ڪاٺ کڻندڙ پورهيت
ڪاٺ جو دؤر هن ڪائنات ۾ شروعاتي زمانو سمجهڻ گھرجي. انسان جو اوائلي هٿيار به ڪاٺي جي لٺ آهي. جنهن بعد شڪار لاءِ چهنبدار ڊگها ڏڦا پڻ ڪاٺي مان ٺاهي جانور جو شڪار ڪري انسان پنهنجو پيٽ ڀريندو هو. جڏهن دنيا قدامت مان جدت جو سفر ڪيو ته انساني زندگي ۾ ڪاٺ جو ڪم اڃان به جديد انداز سان وڌيو جنهن بعد حضرت انسان ٻيلن ۾ ڪرٽ وڌو ڏسندي ڏسندي سڄي ڌرتيءَ ٺوڙي ٿي وئي، ماحوليات تباهه ٿي وئي. موسم جو مزاج چرپڻ جا پيغام ڏيڻ لڳو آهي.
ڪاٺ جو پورهيو هن ڪائنات جي پورهيت ماڻهو جو پيٽ ڀرڻ لاءِ وڏو وسيلو پڻ بڻيل رهيو آهي. ان ڪم ۾ ڪاٺ وڍيندڙ پورهيت ۽ ڳرن ڪاٺن کي کڻي گاڏين ۾ سٿيندڙ پورهيت ڏهاڙي يا وري في مڻ پويان مقرر مزدوري رقم وصول ڪن ٿا. گرمين توڙي سردين جي موسم ۾ هي ڪم نهايت ئي جوکي وارو آهي. ڳرا ڪاٺ پنهنجي طاقت ۽ ڪاريگري سان کڻي گاڏين ۾ ترتيب سان سٿڻ وارو مرحلو زندگي ۽ موت جي فاصلي کي گھٽائي ڇڏيندو آهي. وڻ جي وڏي ٿڙ يا دوڳي کي ٽريڪٽر ٽالهين ۾ سٿڻ دوران ٿوري به ڪوتاهي ڪاٺ کڻندڙ پورهيت کي موت ڏيئي سگهي ٿي يا هميشه لاءِ معذوري به سندس نصيب بڻجي سگهي ٿي. اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن. جنهن بعد پورهيت سڄي حياتي عذاب ۾ گذاريندا آهن. ڳرا ڪاٺ اٿڙجڻ سان سندن هٿ يا پير هيٺ اچڻ ڪري اهي پورهيت چچرجي پوندا آهن. ان صورت ۾ ايتري سندن ڪمائي به ڪونه هوندي آهي جيترو کين علاج ڪرائڻو پوندو آهي، زندگي جا اهي ڏک، سور، صدما، تڪليفون فقط پيٽ جي دوزخي آگ کي اجهائڻ لاءِ ڪرڻا پون ٿا. پگهر جو پورهيو ڪري هيڏي محنت ڪرڻ باوجود هن جو جيون عذابن کان خالي ناهي. هنن جي جيون ۾ خوشيون اڻ لکيون ۽ درد اڻ ڳڻيا آهن.
هنن مزدورن جو مستقبل ڪهڙو آهي؟
هن سماج ۾ پنهنجي پيٽ گذر خاطر پنهنجي جسم جي سگهه، طاقت، هنر، پگهر جو پورهيو روٽي عيوض وڪرو ڪري نسل در نسل سرمائدارن جو استحصال سهي حياتي گذاريندڙ پورهيتن جا هزارين درد آهن. انهن دردن جو درمان “داس ڪيپيٽل” ضرور آهي. پر اهي پورهيت ان ڳاڙهي ڪتاب جي طاقت کان اڻواقف آهن. انهن کي ڄاڻ ناهي ته هن ڪتاب ۾ سندن جيون جي سمورين ڏکن، تڪليفن، پيڙائن کان نجات جو گس آهي، ان ڪتاب ۾ ظالم سرمائدارن جي بدترين غلامي مان آجپي جو ڏس ڏنل آهي، هي ئي اهو ڳاڙهو ڪتاب آهي جنهن کان اڄ به سرمائدارن جو ساهه منجهندو آهي. پر هنن پورهيتن کي رڳو پنهنجي طاقت جي پروڙ پئجي وڃي، هنن کي پنهنجي ٻڌي، اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت جو اندازو ٿي وڃي ته هن دنيا جو نقشو ٻيو هوندو، هن ڪائنات جا رنگ پورهيت جي خوبصورت تصورن کان حسين هوندا.
جيستائين پورهيت انقلاب جي ڳالهه سنڌ جي هنن پورهيتن کي سمجهه ۾ اچي تيستائين انهن جا سور سوايا آهن، انهن جا درد جهونا آهن، هنن پورهيتن جي روشن مستقبل جي ڏيئي جي وٽ سرمائدارن جي هٿ ۾ آهي، پگهر جو پورهيو ڪرڻ جي باوجود به انهن جو گرهه سرمائدارن جي ٽجوڙين ۾ قيد و بند آهي. انهن جي بيمارين جو علاج به سيٺن جي انڇا سان ٿئي ٿو، انهن پورهيتن جا ٻچا به ان ڪري علم حاصل ڪري نٿا سگهن جو اهو ڪم عالمي سامراج جي ايجنڊا ۾ شامل ئي ناهي، سڄي دنيا جا پورهيت ته اڃان هڪ ڪونه ٿي سگهيا آهن پر سرمائدارن جي عالمي فارمولي تحت سموري سرشٽي جا سرمائدار ذات پات رنگ نسل جي مت ڀيد کان سواءِ پاڻ ۾ ڀائر بڻجي پورهيت مزدورن کي ٻنهي هٿن سان لُٽين ۽ ڦرين ٿا. اهي ظالم سرمائدار سڄي دنيا جي پورهيتن جو استحصال به بنان ڪنهن فرق جي ڪندا آهن. تڏهن ته هن ڪائنات جي سمورن پورهيتن جا درد هڪجهڙا آهن، سڄي دنيا جي مزدورن جا سور ساڳيا آهن، سڄي پرٿوي جي محنت ڪشن جي بک جي محسوسات جو ذائقو ساڳي آهي. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت ۽ جنگ جا پکي زخيرو ڪونه ڪن. هر نئين سج سان گڏ نئين روزي. اڄ کي اڄ ئي نبيربو صبح ڪنهن ڏٺو آ؟
همالي، قُلي توڙي ڪاٺ جو ڪم ڪندڙ پورهيتن جا ٻچا علم، صحت ۽ تحفظ کان ته آجا آهن پر وقت جا وس وارا حڪمران انهن پورهيتن کي هر پنجن سالن بعد روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو ڪوڙو آسرو ڏئي سندن ووٽن تي پنهنجا مفاد ماڻين ٿا. هر سال اٽي جو اگهه وڌي ٿو پر پگهر جي پورهيي جو اگهه نٿو وڌي. وڌي ٿو ته پورهيتن تي قرض ۽ مرض وڌي ٿو پر سندن حالات نٿا بدلجن. سياسي، سماجي پارٽيون، اعلى عدليه ۽ ذميوار ادارا پورهيتن جي مسئلن تي سنجيدگي سان سوچين.