قبرون کوٽيندڙ مزدور ”گورکن“
انساني احساسن جون خوشي ۽ غم واريون محسوساتي ڪيفيتون ئي اظهار جو ذريعو آهن. اشارن ۾ ڳالهائڻ ۽ ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ آوازن تي ذور ڏيڻ، خوشي جي موقعن تي زوردار هڪلون ۽ آواز ڪڍڻ، غم ۽ تڪليف واري گھڙين ۾ وڏي دردناڪ آواز سان رڙيون ڪري مدد لاءِ ٻين کي متوجه ڪرڻ پڪارڻ جهڙن آوازن ۽ راغب ڪندڙ روين مان ڏکن ۽ سکن جي ڪيفيتن جو اندازو ٿيو. ماڻهو خوشي ۽ غم جو اظهار ڪهڙن اندازن ۾ ڪري ٿو؟ ان کي ڪيئن محسوس ڪري ٿو؟ ڪائنات ۾ وقت، حالتون، لقاءُ، تجربا ۽ واقعا انساني جيون ۾ تبديلين جو ڪارڻ آهن. اوائلي دؤر ۾ تهذبي زمانن کان به اڳ ماڻهو رت جي رشتن جي فطري لڳاءُ، ويجهڙائپ وارن ماڻهن سان محبت ۽ قرب جي قدرن سميت سڄڻ ۽ دشمن جي سڃاڻپ ڪرڻ لڳو هو. تهذيبي دنيا، مهذب معاشرو، سماجي قانون، قائدا، ضابطا، مذهبن جا اصول ٺهڻ کان اڳ ماڻهو ته مڪمل “ماڻهپي” ۾ قطئه ڪونه هو. جنهنڪري اڃان کيس اهو به يقين نه هو ته موت (فزيڪل ڊيٿ) ڇا آهي؟ موت کان پوءِ ان انسان جي جسد خاڪي کي ڪٿي رکجي؟ ڪيڏانهن ڪجي؟ اهو سوال لکين سالن تائين منجهيل رهيو هوندو. شايد ان اوائلي انسان کي اهو آسرو هوندو ته هي ماڻهو (جيڪو مري چڪو هو) شايد وري، گھمي، هلي، فري سگهندو؟ ڇو ته مختلف بيمارين ۽ حادثن ۾ ماڻهن جو بيهوش ٿيڻ يا ڪوما ۾ وڃڻ کانپوءِ ڊگهي بيهوشي جي عرصي بعد ٻيهر هوش ۾ اچڻ، ٺيڪ ٺاڪ ۽ نوبنو ٿيڻ جي واقعن ۽ تجربن بعد حقيقت ۾ مري ويل ماڻهو جي لاش کي به ٻيهر زنده ٿيڻ جي آسري تي اوائلي دؤر جا ماڻهو پنهنجي گھر ۾ رکيو ويٺا هوندا. پر جڏهن ماڻهو جو اهو لاش پراڻو ٿيڻ بعد پنهنجي اصل حالت بدلائي خراب ٿيڻ شروع ٿيو هوندو ته اها حالت ماڻهو جي سوچ ۽ ويچار جو سبب بڻي هوندي. اوائلي انسان سوچيو هوندو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ماضي جي تاريخ ۾ بادشاهي گھراڻن جا لاش ٻيهر زنده ٿيڻ جي آسري ۾ محفوظ ڪري رکيا ويا آهن. آفريڪا جي عجائب گهرن ۾ اهي مميون اڃان به موجود آهن. انساني تاريخ جو وڏو الميو ته اهو هو جو انهن لاشن سان گڏ بادشاهي زندگي جي ضرورت جون سموريون شيون، سون، چاندي، ڪپڙا، کاڌي پيتي جون شيون ۽ خدمت چاڪري لاءِ نوڪرن کي به ماري سندن لاشن کي ڪيميڪل ۽ مسالا هڻي انهن سان گڏ محفوظ ڪيو ويندو هو. دنيا جي ڪيترن ئي هندن تي اهي محفوظ ڪيل مميون مليون آهن جيڪي هن وقت به موجود ۽ محفوظ آهن. روس جي انقلابي اڳواڻ ولادمير اوليانوف لينن جو لاش پڻ شيشي ۾ محفوظ ڪيل آهي. جنهن کي اڃان تائين دفنايو ناهي ويو.
ماڻهو پنهنجيون حالتون تڏهن بدلائيندو آهي يا بدلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جڏهن ساڻس لاڳاپيل حالتون سندس مفادن جي ابتڙ بڻجي کيس نقصان ڏينديون آهن. ان نقصان کان بچڻ لاءِ ماڻهو “تبديلي” چاهيندو آهي. ان تبديلي ۾ سموريون سماجي حالتون لڏپلاڻ، سفر، شادي، جنگون وغيره اچي وڃن ٿيون. اوائلي زماني جي قديم انسان لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو هو موت ۽ زندگي جي شناخت ڪرڻ ۽ بيهوش ۽ حقيقي مري ويل ماڻهو جي فرق کي سمجهڻ، يعني ٻنهي حالتن کيس منجهائي ڇڏيو. پر جڏهن زمانن کانپوءِ کيس پتو پيو ته ماڻهو کي موت ايندو آهي ۽ ماڻهو مري ويندو آهي، پر ان مري ويل ماڻهو جي لاش کي ڪيڏانهن ڪجي؟ زمين ۾ پورجي، باهه ۾ ساڙجي، پاڻي ۾ لوڙجي، وڻ تي ٽنگجي، جهنگ ۾ ڇڏي اچجي، يا گھر ۾ رکجي؟ اوائلي ماڻهو اهي سمورا تجربا ڪيا. ڪنهن به هڪ ڳالهه تي متفق نه ٿيو. سمورا طريقا استعمال ڪيا ويا. ۽ اڃان تائين هلندڙ به آهن. پر سڀ کان مهذب طريقو لاش زمين ۾ دفنائڻ جو آهي. يعني مٽي وڃي مٽي سان ملي. لطيف سرڪار فرمائي ٿو
جا ڀونءَ پيرين مون، سا ڀونءَ مٿي سڄڻين،
دڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
( جيڪا مٽي اڄ منهنجي پيرن جي هيٺ آهي، اها ئي مڻين مٽي (قبر جي مٽي) منهنجي سڄڻ جي مٿان آهي. هن ڪائنات جا مٿير مڙس قبر جي ڌوڙ ۾ لٽجندين اسان پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن. تنهن ڪري ڏينهن ڏون آهن، معني ته ٻه ڏينهن آهن هڪ ڏينهن هن ڪائنات ۾ اچڻ جو ۽ ٻيو ڏينهن هن دنيا مان وڃڻ جو ڏينهن، زندگي ٻن ڏينهن جي آهي تنهنڪري انهن ٻن ڏينهن ۾ لطيف سائين لوچڻ ۽ جاکوڙڻ جو درس ڏي ٿو)
مزدوري تي قبرون کوٽيندڙ پورهيت
سنڌ ۾ صدين کان وٺي لاش کڻي ويندڙ ڪانڌين جو ڪانڌپو جهلڻ، تدفين جا بندوبست گھڻي قدر مُقام جي آسپاس جا سخي ماڻهو سرانجام ڏيندا آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هر قبرستان جي ڀر ۾ هڪ ٻه سخي ڏاتار ضرور هوندا آهن جيڪي بنان ڪنهن رشتيداري ۽ سڃاڻپ جي ڪانڌين کي ماني، چانهه سميت قبر جي کوٽائي لاءِ پڻ مدد ڪن ٿا. پر ملڪ جي وڏن شهرن سميت سڄي دنيا ۾ قبرون کوٽيندڙ پورهيت پڻ آهن جيڪي امير ماڻهن جي رشتيدارن جون قبرون سار سنڀال لهڻ عيوض پگهار وٺڻ سان گڏ انهن ۾ ڪا فوتگي ٿي وڃي ته پئسن عيوض قبر به کوٽي ڏيندا آهن. حيدآباد، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، ملتان، فيصل آباد سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ موجود وڏن قبرستان ۾ اهڙا ڪيترائي قبرون کوٽيندڙ پورهيت نظر ايندا جيڪي ڪوڏرون ۽ رنبا رکيو جنازن جو انتظار ڪندا آهن. روزي ۽ موت ته گھرڻ جي شئي ئي ناهي، اهي شيون ملڻيون آهن. گھڙيا گھاٽ ڊهڻ ڪائنات جو فطري عمل آهي. زندگي سان گڏ موت جو ذائقو هر جيوت کي چکڻو آهي. پر هن ڪائنات ۾ ڪجهه پورهيت ماڻهن جي روزي جا ذريعا واقعي ئي عجيب آهن! جيئن قبرون کوٽيندڙ پورهيت گورکن آهن. انهن پورهيتن جي روزي ڪنهن جي موت سان منسلڪ آهي، انهن مزدورن جي روزي وڇوڙن سان واڳيل آهي، انهن محنت ڪش مزدورن جي وات جو گرهه روڄ راڙن سان لاڳاپيل آهي، انهن جون روزي لاءِ دعا به اڻسڌي طرح موت جي دعا آهن. هنن پورهيتن جي روزي سڏڪن ۽ اوڇنگارن سان ڳنڊيل آهي. قبرستانن ۾ ويٺل اهي پورهيت مزدور ڪڏهن ته خالي هٿين به واپس ويندا هوندا؟ تڏهن سندن ڪفيت ڪهڙي هوندي؟ تڏهن سندن دماغ ۾ ڪهڙيون سوچون ۽ ڳالهيون گردش ڪنديون هونديون؟ “مولا ! هن هيڏي ساري جهان ۾ هي پورهيت اڄ خالي هٿ پيو گهر وڃي” پر دنيا ۾ وڌي ويل بيمارين ۽ حادثن سبب گھڻو ڪري ڪو ڏينهن خالي ته ڪونه ويندو هوندو! قبر کوٽڻ جو اگهه ٻن هزارن کان مڙئي مٿي آهي. ڪو سرندي واري ماڻهو جو جنازو قبرستان تي کڄي ايندو آهي ته کين بنان گھرڻ جي چڱي مزدوري مليو وڃي ٿي. پر ننڍڙن ٻارڙن جون قبرون هو گھٽ پئسن تي کوٽي تيار ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته پورهيتن سان اهڙا واقعا به ٿيندا آهن وڏي محنت سان قبر کوٽي مڪمل مس ڪندا آهن ته ان ۾ ٻي قبر نڪري پوندي آهي يا کوٽيل قبر زمين جي سيلاب سبب ڊهي پوندي آهي. ان صورت ۾ کين ٻيڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. هڪ ئي قبرستان ۾ قبرون کوٽيندڙ پورهيت گھڻا هئڻ ڪري ڪاپيٽيشن سبب اگهه گھٽجي وڌ به ٿي ويندو آهي. پر ان دنڌي ۾ به گھڻو ڪري سماجي واسطو وڏو ڪم ڏيندو آهي. موت جو اطلاع ملندي ئي قبرون کوٽيندڙ مزدور قضيي واري گھر پهچي ويندا آهن. اتان قبر کوٽڻ جي منظوري وٺي، فوتي جي ڪنهن گھرڀاتي کي ساڻ ڪري قبرستان تي پهچي قبر جي جاءِ جي نشاندهي ڪرائي قبر کوٽڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو آهي. انهن ئي گورکن ۾ قبرون پڪيون ٺاهي ڏيڻ وارا ڪاريگر رازا به موجود هوندا آهن.
پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پئسن تي قبرون کوٽڻ وارو رواج ڪٿي به ناهي، هي دنڌو فقط وڏن شهرن ۾ آهي، ٻهراڙين جا هاري پورهيت اهو ڪم خدا ڪارڻ ثواب خاطر ئي ڪري ڏيندا آهن. جهڏي ٽائون ڪميٽي جو وائس چيئرمين حاجي عمر دراز قائمخاني به پنهنجي جواني جي ڏينهن کان اڄ تائين جهڏو شهر جي قبرستانن ۾ خدمت خلق جي جذبي سان خدا ڪارڻ قبرون کوٽي ڏيندو آهي. حاجي عمر دراز قائم خاني شهر ۾ فوتگي جو اطلاع ملڻ بعد پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي سڌو قضيي واري گهر پهچي وارثن سان ملي قبر کوٽڻ لاءِ اوزار کڻي قبرستان ڏانهن روانو ٿيندو آهي. گذريل پنجويهه سالن ۾ جهڏو جي قبرستانن ۾ گھڻيون قبرون هن سماج سڌارڪ جون کوٽيل آهن. هي فقير منش ماڻهو هن ڪم کان سواءِ جهڏو ۾ رت جي عطيي لاءِ پڻ سرگرم رهيو آهي. هو ضرورتمند مجبور ماڻهن کي رت جا مشڪل گروپ به هٿ ڪري ڏيندو آهي. هن کي جهڏو جي ماڻهن جا بلڊ گروپ به ائين ياد آهن جيئن هن کي قبرستانن ۾ قبرون ياد آهن. شايد وارثن کي پنهنجن پيارن جون قبرون وسري وڃن پر حاجي عمر دراز کي قبرون ياد هونديون آهن ته ڪهڙي ذات ۽ ڪهڙي خاندان جي ماڻهن جون آخري آرامگاهون ڪٿي آهن؟ هن جو چوڻ آهي ته عهدا ۽ اقتدار اچڻيون وڃڻيون ۽ عارضي شيون آهن. پر انسان جو ڪردار ياد رهندو. خلق خدمت فقط “انسانيت” جي ناتي ڪرڻ گھرجي. قبر کوٽڻ دوران پورهيت گورکن جي جان جوکي ۾ هوندي آهي. قبر ڪِرڻ جو خطرو، سخت گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ، هيٽ اسٽروڪ رات جي اونڌاهي ٻاٽ ۾ ڪوڏر ۽ رنبن سان سندن هٿ پير به سخت زخمي ٿين ٿا. هي پورهيت ته هر موسم ۾ حاضر هوندا آهن. مينهن، واه، طوفانن، گرمين ۽ سردين سميت ڏينهن توڙي راتين جو کين جڏهن به حڪم ٿئي ته هي مزدور پنهنجي پگهر جي پورهيي سان قبرون کوٽي پيٽ گذر ڪن ٿا. مهانگائي جي زماني ۾ سندن گذران مشڪلاتن سان ٿئي ٿو. هنن جا معصوم ٻار (روشن مستقبل) به قبرن جي قطبن ڀر ۾ رانديون ڪن ٿا. هي پورهيت ته عيد جي ڏينهن تي به ڪو جنازو آيو ته قبر کوٽي ڏيندا آهن. پگهر جو پورهيي سان قبرون کوٽي پيٽ گذر ڪندڙ هڪ پورهيت جو چوڻ هو ته “ڪڏهن ڪڏهن گھڻا جنازا اچڻ ڪري چڱي روزي ملي ويندي آهي، پر ڪڏهن ته موڙي به هوندي آهي، گذريل هفتي جا سڄا ٽي ڏينهن خالي ويا ” سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪه ميڊم نورالهدى شاهه جي ڪهاڻي “گورکن” ۾ به هن ڪِرت سان سلهاڙيل درد دل سان محسوس ڪري سگهجن ٿا. مهذب سماجن ۾ هنن پورهيتن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. پر گھڻو ڪري هنن پورهيتن سان هن سماج جو رويو افسوسناڪ هوندو آهي. هنن پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪنهن پورهيتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پارٽي جي پروگرام ۾ شامل؟ هنن جي مسئلن بابت پورهيتن جي نالي تي اربين روپين جا فنڊ ۽ پروجيڪٽ وٺندڙ اين جي اوز يا ادارو ڪجهه ڪري سگهندو؟ هي پورهيت ڪنهن کي ياد آهن؟ هنن لاءِ ڪير آواز بُلند ڪندو؟ خود سرڪار سڳوري وٽ هنن پورهيتن لاءِ ڪهڙي سنجيدگي جي سوچ آهي؟