ڪالم / مضمون

اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.
Title Cover of book اداس شهر جي  لُٽيل تاريخ

مهاڳ

زندگيءَ جي اها فطرت آهي ته اها ٻن رشتن سان پنهنجي لڳاءَ جي شروعات ڪري ٿي، پهريون جنم ڏيندڙ وجود ۽ ٻيو اهو هنڌ، جتي جنم وٺي ٿي، اهي ٻئي رشتا هر زندگيءَ کي تمام پيارا ٿين ٿا، اها زندگي ڀلي ڪهڙي به شڪل ۽ وجودي ساخت آهي، اسان جيڪڏهن انهيءَ لڳاءَ کي جبلت حيات چئون ته انهيءَ جي شدت کي آسانيءَ سان سمجھي سگھون ٿا، جياپي جي سمجھ ته نه نظر ايندڙ جيوَ کان هاٿيءَ تائين آهي، پر شعور ۽ شعوري تخليق جي طاقت وڌ کان وڌ انسان ۾ پيدا ٿي سگھي آهي ۽ انسان جي اطهار جي قوت ڳالهائڻ کان لکڻ تائين جي سفر ايتري پختگي حاصل ڪئي آهي، جو هُو پنهنجي پسند يا ناپسند جو عام اظهار ڪندي باريڪ ڪيفيتون به ٻئي انسان تائين پهچائي ٿو، ۽ جڏهن اهو آرٽ هن کي اچي ٿو وڃي، تڏهن هن جي اندر جو رشتو ٻئي انسان جي اندر جي رشتي سان جُڙي ٿو وڃي، بقول اياز جي “شاعر، موسيقار، مصور انهيءَ تخليقي طاقت جا مالڪ آهن”. هر اديب ۽ ليکڪ ساڳي ئي صفت ۾ اچن ٿا، هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. همير لکڻ جي شروعات 1999ع کان ڪئي، 2003ع تائين هن سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ لکيو ۽ پوءِ 2012ع تائين لکڻ جي عمل کان پاسيرو رهيو، 2013ع کان 2017ع تائين مضمون ته وڌيڪ اٿس پر هن مجموعي ۾ شڪارپور تي لکيل مضمون شامل آهن. همير هي مضمون ڪتاب جي اشاعت لاءِ نه لکيا هئا، تنهن ڪري انهن ۾ موضوع جي ترتيب انهيءَ انداز سان ناهي. هن ڪوشش اخبار ۾ جيڪي ڪجهه لکيو، اهو هن پنهنجو فرض سمجهي لکيو. پنهنجي شهر ۽ ضلعي جي درد جي دانهن کي لکيو اٿائين، پڙهندڙن کي ممڪن آهي ته مسئلن جي ورجاءَ جو انداز محسوس ٿئي، انهيءَ لاءِ منهنجي پنهنجي راءِ هي آهي ته هڪڙي شهر جي آزاد فطري ارتقا جا پر ڪتري ۽ انهيءَ جي چيلهه ۾ رسو وجهي، بنگلن جي درن سان ٻَڌو وڃي، رڳو هن فرق سان ڪڏهن ڪهڙو بنگلو ته ڪڏهن ڪهڙو! پر قيدي شهر جو درد ۽ دانهون ته ساڳيون ئي هونديون، انهيءَ جا درد به ساڳيا ئي هوندا ته اظهار به ساڳيو هوندو.
اسان اهڙي ڪُن ۾ ڦاٿل آهيون، جنهن جا ڦيرا ۽ ڦيراٽيون ساڳيون آهن، وڏيرڪي ۽ ڪامورا شاهي جي ڪرپشن جو مضبوط اتحاد ڏوهارين ۽ ڀوتارن جو اتحاد، مذهبي جنونيت ۽ دهشتگرديءَ جو اتحاد، بنگلن جا نام نهاد اختلاف ۽ مفادن جي بنيادن تي پارٽين ۾ رهندي به راڄوڻا اتحاد، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي بنگلن تي جرڳا، ڏوهارين جا ٽولا، ڪن تي چوڪيدار ۽ ڪنهن تي باڊي گارڊ جو نالو، گٽرن ۽ نالن جي صفائي جي عملي کان رپيئرنگ جي ڪرپشن تائين، ڪِريل حد تائين ڪرپشن، همير وڏيرن جي بنگلن ۽ انهن جي نالن سان لکيو آهي ۽ ميونسپل چيئرمين تي سڌي تنقيد ڪندي به ڊنو ناهي. هُن مُلن جي وڌندڙ سياسي اثر تي تنقيد ڪئي آهي.
همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي. هو لوڪل باڊيءَ جي اليڪشن 2015ع ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ بيٺو ۽ هن جي بيهڻ سان ايم پي اي امتياز شيخ جي بيهاريل ماڻهو، اڳوڻي تعلقي ناظم ظفر علي شيخ کي نقصان ٿيو پر هن رُولنگ ڪلاس جي سياسي ڪلاس ۽ فائدي کان الڳ ٿي پنهنجو رستو اختيار ڪيو، هن انهيءَ جي پرواهه نه ڪئي. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي.
هن جو شڪارپور سان فطري لڳاءُ هي رهيو آهي ته هي هُن جو شهر آهي ۽ هن شهر جي ماضيءَ سان انهيءَ ڪري پيار نٿو ڪري ته ماضيءَ ۾ هي شهر تمام گهڻو صاف ۽ خوبصورت هو، جنهن سبب هن شهر کي هيريٽيج جو درجو مليو آهي پر هن شهر جي هڪ خاص مزاجي حس انهيءَ جي رهواسيءَ تي اثر ٿي ڪري، جيڪو هن شهر کي ڪيفيتي محسوس ڪندو، تڏهن شيخ اياز چيو هو ته ”ڪارپور هڪ شهر نه پر هڪ ڪيفيت جو نالو آهي“، اها ڪيفيت جنهن راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند کي اسپتال ٺهرائڻ لاءِ رڳو جهولي نه کڻائي پر سيوا جي درويشي حد تائين پهچائي ڇڏيو، جو هُن پنهنجو نالو ماڻهن ۽ مريضن جي داخلا واري گيٽ تي پيرن ۾ لکرايو ۽ چندو ڪندي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو، اها ڪيفيت هر چندو ڏيندڙ جي اکين ۾ انهن جي تصويرن ۾ محسوس ٿيندي، اها ڪيفيت ڪاٺ تي اُڪريل مورتين، گلن ۽ وَلين ۾ محسوس ٿيندي. اڄ به شڪارپور جي گهٽين ۾ جڏهن رش کان خالي ٿيل رات جا رولاڪ، تاريخ جا شاگرد گهمندا آهن ته هنن جي تصوراتي حس بالڪونين ۾ مڌر شوخ ۽ چنچل ادائن جا عڪس محسوس ٿيندا، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي چُرندڙ چڳ ۽ کُليل آلن وارن جي خوشبوءِ مدهوش ڪندي، ڪا پوڙهي مقدس ماتا ڏيئن جي ٿالهي کڻي امن جي ديويءَ جيان محسوس ٿيندي. شعور انهيءَ ڪيفيت کي پاڻ مان ڪڍي نٿو سگهي ۽ اهائي ڪيفيت شڪارپور سان عشق جو نالو آهي، اهو عشق تاريخ جي مدهوشيءَ ۾ رهي ٿو ته مجذوبيت آهي پر جي بقا جي حاصلات لاءِ اڳتي وڌي ٿو ته انقلابي ٿي ٿو وڃي. مان سمجهان ٿو ۽ منهنجي نظريي جو هي بنيادي اصول آهي ته شروعات پنهنجي ذات، پنهنجي گهر، پنهنجي گهٽي، پنهنجي پاڙي ۽ پنهنجي شهر کان ئي ٿيڻ گهرجي.
اسان انقلاب جو رومانس ماسڪو کان شروع ڪيو ۽ پنهنجو شهر وساري ڇڏيو، جڏهن شهر اهم نٿو رهي ته پوءِ سنڌ ڪيتري اهم هوندي؟ پر ماسڪو کان تعارف ڪرائيندڙ شاعر رسول حمزه توف پنهنجي ڪتاب “منهنجو داغستان” ۾ فخر سان لکي ٿو ته: “ڪجهه ماڻهن جي دنيا ماسڪو کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪجهه ماڻهن جي دنيا وائيٽ هائوس کان شروع ٿئي ٿي، پر منهنجي دنيا منهنجي گهر، ڳوٺ کان ۽ داغستان کان ٿيندي ماسڪو تائين پهچي ٿي ۽ پوءِ پوري دنيا جي طرف وڌي ٿي”. اسان جتي آهيون تبديليءَ جو سفر ۽ جدوجهد اتان شروع ڪنداسين ته اسان حقيقي ڪاميابي تائين پهچي سگهون ٿا. پري جو عشق امتحان مان نٿو گذاري، موجوده عشق جو لمحو لمحوامتحان آهي. اسلام آباد جي وفاقي حڪومت يا سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ آسان آهي پر شهر مٿان لٺ کڻي ڦِرندڙ ڀوتارن ۽ ڪُڌن ڪامورن، لوفرن تي سڌي آڱر کڻي تنقيد ڪرڻ ايترو سولو ناهي، مون اهڙا ليکڪ ڏٺا آهن، جيڪي هڪ تنقيدي لکڻيءَ کانپوءِ ٻي ڏينهن بنگلن تي پهچي معافي وٺندا آهن ۽ بنگلا اهڙن ليکڪن جي نفسيات پنهنجي هجڻ جي ڀونڪ سمجهي معافي ڏئي ڇڏيندا آهن يا شايد ڪو ٽُڪر ڳڀو به ڏيندا هُجن پر اسان کي پنهنجي دوستن تي فخر آهي:
اسان جيئن جيئي ڪوئي ڀلا هن جهان ۾.
ســــــدائين نشان تــــي، ســـــدا امــتحــان ۾.
انسان جو سفر مرڻ تائين امتحانن مان گذري پيو، اڄ هو جيڪو ڪجهه آهي، سڀاڻي اهڙوئي رهندو يا نه رهندو ۽ اهو به ممڪن آهي ته وڌيڪ پچي ڪندن ٿئي، اسان کي هي سمجهڻ گهرجي ته اسان بهتر کي بهتر تڏهن چونداسين جڏهن اهو بهتر هوندو ۽ هي ٺيڪ طرح سان سمجهڻ ضروري آهي ته اڄ يا موجود جيڪو بهتر آهي ۽ سڀاڻي اهو ايئن نٿو رهي ته ماضيءَ جي بهتريءَ کي خراب نه چوڻ گهرجي. اسان جو هي به الميو رهيو آهي ته اسين موجود بُرائي ۾ جڏهن بهتري ايندي آهي يعني ڪو فرد بُري مان سٺو ٿئي ٿو ته اسين انهيءَ کي گهڻي ڀاڱي ساراهيندا آهيون ۽ انهيءَ جي بُري ماضيءَ کي وساري ڇڏيندا آهيون، پر جي ڪو چڱو بُرو ٿي وڃي ٿو ته اسين انهيءَ جي بُري ٿيڻ سان انهيءَ جي ماضيءَ کي منافقت جي طعنن سان تنقيد ڪري چڱائيءَ جي پوري ڪردار ۽ دوکي حقارت سان ياد ڪندا آهيون، اهو رويو جذباتي هجڻ ۽ اسان جي سادي هجڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. اصول پرستي ۽ ترقي پسنديءَ جو پهريون بنياد هي آهي ته جيڪا تاريخ، حال، ڪردار جيترو رهيو ۽ جيترو آهي، انهيءَ کي اوترو بيان ڪجي ۽ انهيءَ کي اوتري پوري خلوص سان موٽ ڏجي، ائين ڪرڻ سان اسان پنهنجي سماجي ۽ قومي فرض جي ادائگيءَ جو حق ادا ڪري سگهنداسين.
همير چانڊئي جا هن ڪتاب ۾ شامل مضمون شڪارپور جي موجوده صورتحال جو بيان آهي، اڄ شڪارپور سياسي، سماجي، اخلاقي ۽ انتظامي طور تي ڪهڙي دور مان گذري ٿي، انهيءَ ڪري هي ڪتاب اسان جي ايندڙ نسل لاءِ هڪ تاريخ جي باب جي حيثيت والاريندو ۽ شڪارپور جي موجود ضمير کي هي اتساهه ڏيندو.
آڌي رات اروڙَ، سوچــيو ٿــڌو ساهه ڀــري،
موڳا هاڻي موڙ، پنهنجي واڳ وجود جي.


ممتاز منگي
شڪارپور
06 نومبر 2017ع