ڪهڙو نانءُ ڏيانءِ او سياست
نظريه ضرورت جو شڪار ته جسقم جي مقامي قيادت به بڻجي وئي آهي جنهن موجوده اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوار جي حمايت ڪري ۽ ان تي اعتماد ڪري ووٽ ڏئي رهي آهي پوءِ هيءَ ڳالهه به ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته نظرياتي سياست کي زندگيون ڏئي ڇڏيندڙ به پنهنجي سياست جو اختتام وري به ووٽ واري سياست؟ ۽ سنڌ کي وڌ ۾ وڌ نقصان رسائيندڙ پارٽي کي ئي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ آهي ته پوءِ اها ڳالهه 16 آنا سچ آهي ته سنڌ جو نظرياتي قومي ورڪر ٽپهري تي روزو کوليندو آهي ۽ سج لهڻ جو به انتظار نه ڪندو آهي ۽ هو پنهنجي سڄي سياسي ڪيريئر کي منڌيئڙو ڏئي نظريه ضرورت تحت ڪنهن ڀوتار جي بنگلي جو سهارو وٺندو آهي!! ائين ئي ايس يو پي نظريه ضرورت تحت سيهوڻ جي تڪ تي هاڻوڪي سي ايم مراد علي شاهه جي حمايت ڪئي هئي ۽ پنهنجي سموري سياسي جدوجهد کي پٺي ڏئي ويٺي جنهن ۾ جلال محمود شاهه سنڌ جي تباهي جو سنئون سڌو ذميوار پ پ پ کي قرار ڏئي احتجاج ڪندو رهيو آهي جڏهن ته شڪارپور ۾ ايس يو پي وري پ پ پ مخالف ڪئمپ جي يو آءِ جي حمايت ڪري نظريه ضرورت تحت ايس يو پي جا مقامي اڳواڻ ڪهڙي سياسي ڀوتار سان سڪ جو سڳو نڀائين پيا اهو سياسي رمزن کي سمجهڻ وارا اندازو لڳائي سگهن ٿا. هن سياسي رمز کي ڪئين سمجهجي ته غوث بخش مهر ۽ سندس پٽ شهريار مهر پارٽي ته فنڪشنل ليگ ۾ ويٺا آهن ۽ وري حمايت فنڪشنل ليگ ڇڏي تازو پ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اميدوار امتياز شيخ جي ڪري رهيا آهن، ڇا اهڙي سياست نظريه ضرورت کان به هيٺين سطح تي ناهي؟ اها ڪهڙي سياسي اخلاقيات آهي ته پنهنجي ئي پارٽي کي ڇڏي ويندڙ ۽ مخالف پارٽي ۾ ويهندڙ جي ورڪ ڪجي ۽ ان جو همنوا بڻجي سياسي اخلاقيات جون ڌڄيون اڏارجن. اسيمبلي اجلاسن کان ويندي عوامي اجلاسن ۽ پريس ڪانفرنس ۾ پ پ جي حڪومتي ڪارڪردگي جو ڪارو چٺو بيان ڪندڙ غوث بخش خان ۽ شهريار مهر لاءِ اڄ اها پ پ پ ڪئين سٺي ٿي جو ان جي اميدوار کي کٽرائڻ لاءِ برادري تي لٺ ۽ همدردن کي چٺ ڏئي کٽائڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. ڪالهه تائين سائيڪل جي سياست ڪندڙ ۽ پوءِ گاڏين تي گل سجائي ويٺا ۽ اڄڪلهه اها سس پس آهي ته هي اجهو ٿا تير هٿ ۾ کڻن ۽ اسان جو اٻوجهه ماڻهو اهڙي سياستن جا نشان ياد ڪري ٿڪجي پيو آهي پر هتي ته سياسي وفاداريون حڪمراني هوائن جي رخ تحت بدلبيون رهن ٿيون ۽ هنن جي شخصي ڄار ۾ ڦاٿل اٻوجهه عوام پنهنجي گهرن جي ڪوٺن تي چڙهي رڳو جهنڊا بدلائڻ ۾ پورو آهي، اڃان ته هنن جي پارٽي جي جهنڊي جو رنگ اس ۾ ئي ناهي تبديل ٿيندو ته نظريه ضرورت تحت ڀوتارن جي جهنڊي جو رنگ تبديل ٿي وڃي ٿو. جهنڊي جو رنگ ته فنڪشنل ليگ ڇڏي پ پ پ جوائن ڪندڙ امتياز شيخ جو به مٽجندو رهي ٿو، ڪالهه تائين بجلي جي ٿنڀن، شهر جي ڀتين تي ڀيڄ پاڳارا جا نعرا ۽ امتياز شيخ جو مرڪندڙ، فاتحه چهرو شڪارپور شهر جي هرچوڪ جي ديوارن تي پينٽ ٿيل هوندو هو، اڃان ان جي مس به ناهي سڪي ته پارٽي بدلجي وئي ۽ هن جي ساڍن 3 سالن جي ايم پي اي جي عرصي ۾ شڪارپور شهر جي ترقي اهڙي ٿي ته شهر جي ٽٽل روڊن تي گندي پاڻي جا تلاءَ نظر آيا، ڪا سٺي ۽ معياري اسپتال شهر کي نه ملي، جي ايم سي سان ايفيليشن باوجود پروفيسر ڊاڪٽر هڪ ڏينهن به شڪارپور ۾ نه آيا ۽ نه وري ڪا ننڍي پئماني تي انڊسٽري قائم ٿي، شهر جي اسڪولن ۾ ٻارڙين جي ويهڻ لاءِ بئنچون ناهن، پيئڻ جي لاءِ پاڻي جي ٽانڪي ناهي ۽ ڇت ۾ پکو نه آهي، نساسڪ ۽ ميونسپل جي جهيڙي ۾ شهر ڪچري جي پيتي بڻجي ويو، 36 ڪروڙن ۾ ٺهيل نالو ابتو وهڻ لڳو، باغن ۾ ويهڻ لاءِ بئنچ ناهي، شهر اندر سون جي تعداد ۾ مينهن جا واڙا آهن، سبزي منڊي جو ڪم اڃان پورو ناهي ٿيو ۽ بس اسٽان اڃان وچ شهر ۾ آهي. انهن ساڍي 3 سالن جي عرصي اندر شهر جي مسئلن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي ۽ امتياز شيخ پنهنجي اليڪشن مهم ۾ اڻسڌي طرح اهو چوندو رهي ٿو ته شهر جي ساڍن 3 سالن جي تباهي جو ذميوار مان ناهيان، پ پ وارن منهنجا فنڊ ئي بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ آءُ پنهنجو سياسي مستقبل اوندهائو ڏسي نظريه ضرورت تحت پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، اتي خود سوال اٿي ٿو ته پ پ پنهنجي مخالفن کي پارٽي ۾ زوري شامل ڪرڻ لاءِ ان قسم جا هٿڪنڊا پوري سنڌ ۾ استعمال ڪري پئي ۽ پ پ جا مخالف نظريه ضرورت تحت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي پنهنجو سياسي ڪيريئر بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪن پيا ته ٻئي طرف پ پ پ جي ايم پي اي جي اڪائونٽن ۾ تڪن جي ترقياتي ڪمن جا ڪروڙين روپين جا فنڊ پيا آهن پر هو شايد ان ڪري استعمال نه پيا ڪن ته نيب ۽ ايف آءِ اي سرگرم هجڻ ڪري هنن کي اهو حصو نه ملندو جيڪو ماضي ۾ هي ترقياتي بجيٽن تي هٿ صفائي ڪندا رهيا آهن ۽ شايد ان ڪري ئي دلچسپي نه آهي، ترقياتي ڪمن لاءِ سندن بنگلن تي ويندڙ ووٽرن کي فنڊ نه هجڻ جو چئي هي واپس ڪندا رهيا آهن جئين اسپيڪر آغا سراج دراني جي تڪ جي ووٽر جو ان وقت وات پٽجي ويو جڏهن هن ايم پي اي جي اڪائونٽ ۾ ترقياتي بجيٽ جي ڪروڙن جي تعداد ۾ رقم موجود هجڻ جي خبر اخبار ۾ پڙهي هئي ۽ سندس حمايتي کان خبر پڙهڻ تي بي ساخته رڙ نڪري وئي ته ڪالهه ئي آغا صاحب ترقياتي اسڪيم جي باري ۾ فنڊ نه هجڻ جو چئي لاچاري ڏيکاري آهي ۽ پوءِ ان وقت نظريه ضرورت تحت ووٽ ڏيندڙ ان همراهه جو حال به ڏسڻ وٽان هيو!! نظريه ضرورت تحت سياست جو ٻج ڇٽيندڙن پنهنجي شهرن جو ڇا حال ڪيو آهي اهو عوام جي موجوده نفسيات مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ذاتي ڪم ڪارين ۽ نوڪري جي ٺلهن آسرن تي نظريه ضرورت تحت ووٽ ڏئي ٿو جيڪڏهن اهي آسرا به ووٽرن جا پورا نه ٿا ٿين ته گهڻي ڀاڱي اڪثريت انهن ووٽرن جي آهي جن کي صرف اها لڳل هوندي آهي ته صاحب مون کي نالي سان سڃاڻي ۽ ڳاڙهي ٻوڙ جي ميز تي سڏ ڪري پاڻ سان گڏ ويهاري پر هو پنهنجي شهرن ۽ ادارن جي بربادي تي مڪمل خاموش آهي ۽ بنگلن جي ڪنٽرول مان نڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هڪ طرف سياست نظريه ضرورت تحت کسيس مفادن جي گس تي هلي پنهنجي معاشري مان پختگي ختم ڪري رهي آهي ته ان جي جاءِ انتهاپسند سوچ ولاري رهي آهي، جي يو آءِ جيڪا ڪافي عرصي کان ووٽ واري سياست ڪري پئي پر ان جي ماضي بعيد ۽ ماضي قريب يا حال واري سوچ ۾ ڪافي فرق آهي. پاڻ ماضي بعيد کي ڇڏي حال ۽ ماضي قريب جي سياست تي نظر ڦيرايون ته سڄو شهر هنن جي فتوائن جي گهيري هيٺ رهيو آهي، شڪارپور شهر ۾ هنن جو ڏنڊا بردار فورس ثقافتي ۽ تفريحي سرگرمين پٺيان فتوائون جاري ڪري ڏنڊا کڻي گهمندو رهيو آهي، شڪارپور شهر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفل يا ميلي کي ڦٽائڻ لاءِ هنن وسان ناهي گهٽايو ڪنهن به مسئلي کي سياسي بنيادن تي پرکڻ بجاءِ هيءَ جماعت تشدد تي لهي پوري شهر کي يرغمال بڻائيندي رهي آهي. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي مذهبي سياست جو چيپٽر سنڌ جي ساڃاهه وندن وٽ اعتراض جوڳو آهي پر هن جي قوم پرستي سياست جو هڪڙو باب اهڙو ضرور آهي جنهن کي سنڌ جو ماڻهو فراموش نه ٿو ڪري سگهي. هن جو پٽ ناصر محمود والد جي تصوير کڻي پنهنجي اجنبيئيت کي پنهنجائپ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور اليڪشن مهم جي ڪوششن ۾ رڌل آهي پر هن کي شڪارپور شهر جي ماڻهن سان ايتري هجت ڪرڻ کپي جيتري هنن جي مقامي قيادت جي شهر جي عوام سان ڪيل ڪار گذاريون آهن، پهرين هن کي ان تي سوچڻ کپي ڇو ته شڪارپور شهر واسين کي اهو شديد ڊپ آهي ته ڪٿي هي تاريخي شهر قابل ۽ ڪنڌار نه بڻجي وڃي!! پهرين هو پنهنجي پارٽي جي اهڙن حرڪتن تي ضابطو آڻي ۽ پنهنجي انتهاپسند سوچ کي شڪارپور شهر مٿان مڙهڻ کان پنهنجي پارٽي کي آجو ڪري، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ جي يو آءِ جو نظريه ضرورت تحت اتحاد شهر جي ماڻهن کي اڃان سمجهه ناهي آيو ڇو ته مذهبي عقيدن جي حوالي سان هنن ٻنهي جي سوچ ۾ ٻن کنڊن جيترو مفاصلو آهي ۽ ان مفاصلي کي ايترو جلدي مفادي سياست ئي ڳنڍي سگهي ٿي. سياستن ۾ ان قسم جا اتحاد نوان ناهن، شهر جو ساڃاهه وند ماڻهو گهڻي ڀاڱي ان خوش فهمي جو شڪار ناهي ته اهڙن اتحادن سان ڪا رواداري کي هٿي ملندي ۽ فتوائن جا سلسلا ختم ٿي ويندا. نظريه ضرورت تحت ٿيندڙ سياست جو ڪوئي ٺوس تجزيو ته نه ٿو ڪري سگهجي پر عوام جي خصيص لالچن ۽ برادري بنيادن تي ٿيندڙ سياست کي سامهون رکي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شهر جو ماڻهو بهتر متبادل نه هجڻ ۽ انتهاپسند سياست کان خائف ٿي وري ٻيهر ڀوتارڪي سياست جي دولاب ۾ ڦاسي حڪمران جماعت پ پ پ کي ئي کٽائيندو ۽ اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ڀيري بهتر آپشن نه هجڻ ڪري شڪارپور شهر جو ماڻهو بيوسي جي ڪني ۾ ڪڙهي رهيو آهي، پاور پالٽيڪس سازشجن جو ڳڙهه ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ انتهائي پيچيده هوندي آهي پر شهر ۾ اهي سرگوشيون به عام آهن ته سازشن جا ڄار تيار ٿي ويا آهن، 20 آڪٽوبر جا اليڪشني نتيجا ڇرڪائيندڙ به ٿي سگهن ٿا ۽ اهي نتيجا پ پ لاءِ ته حيران ڪندڙ هوندا ئي پر امتياز شيخ جي سياست کي به سواليه بڻائي سگهن ٿا اهڙا نتيجا وري به هن شهر جو ماڻهو ڀوڳيندو، بحرالحال 20 آڪٽوبر رڳو ڪن خاندانن جي مستقبل جي سياست جو تعين نه ڪندو پر ان سان کوڙ سارا چهرا پ پ پ ۾ چٽا ٿي سامهون اچڻ کان پوءِ هميشه لاءِ غائب ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙي صورتحال ۾ هن شهر جو درد رکندڙ شهري اهو ضرور چوندا ته ڪهڙو نانءُ ڏيانءِ او سياست ...!!